سنڌي ادب ۾ خطن جي اشاعت جي حوالي سان سائين محمد
ابراهيم جويي صاحب جون سرانجام ڏنل خدمتون سنگ ميل
جي حيثيت رکن ٿيون. هن صاحب ادب جي ميدان ۾
ڪيتريون ئي نيون صنفون ۽ نوان لاڙا متعارف ڪرايا
آهن. ويجهي دور ۾ خط نويسيءَ جي صِنف تي سنڌ ۾
جيترو به ڪم ٿيو آهي تنهن ۾ سندن ڪليدي ۽ بنيادي
ڪردار آهي. هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ خطن جا جيڪي به
مجموعا ڇپجي پڌرا ٿيا آهن، تن مان ڪيترن مجموعن کي
سهيڙڻ، ترتيب ڏيڻ، ايڊٽ ڪرڻ ۽ ڇپرائڻ ۾ سندن ڪاوشن
۽ محنتن جو ڪافي عمل دخل رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ
۽ ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ پاران ڇپايل خطن
جي مجموعن، جهڙوڪ (1) ”سير ۽ سفر“ ، (2) ”رهاڻ“،
(3) ”خطَ“، (4) ”ساهڙ جا سينگار“، (5) ”اڄ پڻ
چِڪيم چاڪ“، (6) ”ڪُجهه خطَ“، (7) ”واڄٽ ويراڳين
جا ـــ ٽن جلدن ۾“، (8) ”خط ــ ٻن اديبن جا“،
وغيره وغيره، جي ڇپائيءَ جو سَهرو سائين جويي صاحب
جن جي سِرَ تي آهي. ائين سنڌي ادب جي ٻين صنفن سان
گڏوگڏ هن صِنف ۾ به سائين جويي صاحب جو پنهنجو پاڻ
موکيو آهي. زير نظر مجموعي ”خط ـــ ٻن اُستادن جا“
کان علاوه ”خط دوستن جا“ جي عنوان سان ٻن جلدن ۾
مجموعا وٽن تياريءَ هيٺ آهن، جن ۾ سائين جي. ايم.
سيد، شيخ اياز، جمال صديقيءَ، محمد عثمان
ڏيپلائيءَ، ع. ق. شيخ، يار محمد ابن حيات پنهور ۽
ٻين ساٿين ۽ دوستن جا سائينءَ جن ڏي لکيل خط شامل
آهن.
خطن جو هيءُ مجموعو سندن ۽ غلام علي چني صاحب جي
هڪٻئي ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو آهي. سندن رفاقت ۽
دوستي جيڪب آباد ۾ ٿي، جتي سائين جويي صاحب کي
بدلي ڪري هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر طور رکيو ويو هو،
اهو سن 1968ع جو دؤر هو ۽ ون يونٽ خلاف هلچل سنڌ ۾
زورن تي هئي، جنهن ۾ سنڌي اديبن ڀرپور حصو ورتو.
علمي ۽ ادبي محاذ تان ون يونٽ خلاف هلايل اُنهي
هلچل ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جو ڪردار ڪنهن کان
لڪل ڪونهي، ۽ اُن جي ئي پاداش ۾ کين سنڌ جي ٻئي
ڇيڙي تي موڪليو ويو هو، جتان پوءِ ٿوري ئي وقفي
کان پوءِ ”چوويهن ڪلاڪن ۾“، ”اڄ جو اڄ“ جي تنبيهه
سان پاڪستان جي ٻئي ڇيڙي، پشاور ۽ ڪوهاٽِ، اماڻيو
ويو هو! اُنهن ڏينهن ۾ مٿن آيل ڪَٺن گهڙين جو
اندازو سندن هِن ۽ ٻيءَ تحرير مان پڻ لڳائي سگهجي
ٿو. ”خط ـــ ٻن اديبن جا“ ۾ سائين عبدالقادر
جوڻيجي ڏانهن پاڻ لکن ٿا: ”..... منهنجي بدلي،
اوچتو ئي اوچتو، پشاور ڪئي اٿن.... هونئن به گهڻي
۾ گهڻو کڻي نوڪريءَ مان ڪڍندا ــ ٻيو ڇا ڪندا.
نوڪريءَ مان لاهڻ بعد ٻيو ڪو قدم هو کڻن ته به کڻي
سگهن ٿا. اُن لاءِ به پاڻ تيار آهيون.... جلاوطني
آهي، سا ڪنهن رات گذارڻي آهي... دل کي خوشي ۽ خاري
هن ڳالهه جي آهي ته ڪا ڳالهه آهي، جنهن لاءِ هيءُ
ڪُجهه سهڻو ٿو پوي... ۽ اها تحقيق اهڙي آهي جنهن
تي فڪر ڪري سگهجي ٿو....“
غلام علي چنو جيڪب آباد هاءِ اسڪول ۾ نئون نئون
فارسيءَ جو استاد مقرر ٿي آيو هو ۽ اتي سندس ڏيٺ
ويٺ سائين جويي صاحب سان ٿي، جيڪا اڳتي هلي دوستي
۾ بدلجي ويئي. سندن دوستيءَ جو ناتو خطن رستي پختو
ٿيو ۽ قائم رهيو، ۽ اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ــــ
زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد، پختيءَ دوستيءَ جو
ناتو! خطن جو هيءُ مجموعو سندن اُنهيءَ دوستيءَ جي
دين آهي. هن مجموعي ۾ ڪُل 112 خط شامل آهن جيڪي
پاڻ سن 1968ع کان 1999ع تائين واري عرصي دوران
هڪٻئي کي لکيائون. 31 سالن جي ان طويل عرصي دوران
الائي ڪيترو پاڻي پُل هيٺان گذري چُڪو هوندو، پر
هنن دل گُهرين دوستن جي رسڪ جوڳي دوستي وقت گذرڻ
سان وڌيڪ پڪي ٿيندي آئي آهي ۽ اُن ۾ نکار ۽ پختگي
آئي آهي.
هن مجموعي ۾ شامل خط نمبر 3 مان، جيڪو غلام علي
چني سائين جويي صاحب جن کي جيڪب آباد مان لکيو هو،
اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سندن دل هڪٻئي لاءِ ڪيئن
نه ڌڙڪندي هئي. پنهنجي دلي اُڌمن جو بي ساختگيءَ
سان اظهار ڪندي انهيءَ خط ۾ غلام علي لکي ٿو،
”.... توهان جو خط پهتو، مٿان ئي توهان جا اکر
ڏسي، ازخود اندازو لڳايم ته خط توهان کان آيل آهي!
واري جڏهن پنو ڪڍي پڙهڻ لڳم تڏهن خبر نه آهي ته ڇو
منهنجي دل ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هئي ۽ خوشيءَ سببان چپن
تان مُرڪ بند نه پئي ٿي.... هڪ طرف دل خوش هئي ته
ٻئي طرف کان خوشيءَ سببان اکين مان خوشيءَ جا
ڳوڙها وهي رهيا هئا... خوشيءَ کان سواءِ، مان اُن
وقت جو فخر محسوس ڪري رهيو هوس، ان جي ڳالهه ڪرڻ
کان ٻاهر آهي...“
ساڳيءَ طرح سائين جويو صاحب غلام عليءَ ڏانهن لکيل
خط 27 ۾ پنهنجو نبار دل جي نبار ڳالهه ڪهڙي نه
خوبصورت ۽ دل کي ڇهندڙ انداز ۾ لکي آهي! قربائتن
دوستن لاءِ ۽ سندن دل جي اُڪير جو اندازو ان خط
مان لڳائي سگهجي ٿوـــ ”..... اوهان جا خط پڙهڻ
سان جيڪا دل کي خوشي پئي محسوس ٿي اٿم اها منهنجي
دل ئي ڄاڻي ٿي. آءٌ هي به ڄاڻان ٿو ته ٻين کي به
اهڙن قرب ڀرين خطن ۽ پيغامن ملڻ سان اوتري ئي خوشي
محسوس ٿيندي هوندي. سو جيڪڏهن، ڪم از ڪم موٽ ۾،
آءٌ ڪنهن دل گهرئي ڀاءُ يا دوست عزيز ڏانهن خط نٿو
لکان ته هن کي ڪيڏو نه اوسيئڙو ڪڍڻو پوندو هوندو ۽
ڪيڏيءَ نه خوشيءَ کان محروم رهڻو پوندو هوندو!
ڀيري ڀري سان پاڻ کي ڏاڍي ملامت ڪندو آهيان، پر
وري وري اُنهيءَ پنهنجي فرض کان غفلت جو گناهه ٿي
وڃيم ٿو ۽ ائين سواءِ پنهنجي پاڻ کي لوئڻ ۽ ملامت
ڪندي رهڻ جو ٻيو ڪوبه رستو ڪفاري ادا ڪرڻ جو مون
وٽ باقي ڪونه ٿو رهي...“
مخلص ۽ محبتي دوست هن دنيا ۾ هڪٻئي لاءِ قدرت جي
عظيم نعمت هوندا آهن، ۽ اهڙي نعمت جيڪڏهن ڪنهن کي
ملي ۽ اُن صورت ۾ سندن دل جي ڪيفيت ڪهڙي نه نازڪ ۽
پياري لڳي ٿي! سائين جويو صاحب هڪ خط ۾ اُن جو
اظهار اجهو هيئن ٿو ڪري: ”..... اوهان جي محبتي
توجهه تي آءٌ ناز ڪندو آهيان، جيڪو اوهان مون کي
ڏيو ٿا. ڪڏهن به ائين نه سمجهندا ته آءٌ ان ڳالهه
جو امڪان به ڪو دل ۾ ڪري سگهان ٿو ته اوهين مون کي
رنجائي سگهو ٿا يا رنجائڻ جو سوچي به سگهو ٿا.
اوهان جهڙا سچا، مخلص، نياز ڀريا اُمنگ رکندڙ
پيارا ماڻهو مس مس ته دنيا ۾ ڪنهن کي نصيب سان
ملندا آهن.....“
خطن جي هن مجموعي ۾ شامل سڀئي خط جيتوڻيڪ ذات
نوعيت جا آهن، جيڪي ڇاپي هيٺ آڻڻ لاءِ لکيل نه
هئا، پر پوءِ به اُنهن ۾ عمومي زندگيءَ جي روزمره
واقعن جو ذڪر، ان وقت جي ماحول جي عڪاسي، سياسي،
سماجي ۽ معاشي حالتن جون جهلڪيون دل کي ڇهي وڃڻ
جهڙيون ملن ٿيون. خطن جو هيءُ مجموعو هڪ اهڙو
آئينو آهي جنهن ۾ اسان جي سماج جي مثبت ۽ منفي
لاڙن ۽ رَوين کي ڏسي سگهجي ٿو. هنن خطن ۾ سماجي
براين، معاشي مسئلن، گهريلو پريشانين کان علاوه
نوڪريءَ جا مسئلا، سرڪاري کاتن جون ڪارگذاريون،
آفيسرن ۽ عملدارن جون پنهنجي ماتحت ملازمن سان
رَوَشون، عقوبتون، مطلب ته ڪيترن ئي تاريڪ لقائن
جي عڪاسي ملي ٿي. هنن خطن جا ڪردار اسان جي سماج
جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن، جن سان هر ذِري شعور
ماڻهوءَ جو واسطو پوي ٿو. هنن خطن ۾ ذڪر ڪيل مسئلا
۽ واقعا اسان جي موجوده سماج جي عڪاسي ڪن ٿا.
غلام علي چنو جيڪو هڪ استاد آهي، ۽ ڪامياب استاد
آهي، سو هنن خطن ۾ هڪ بُردبار، باهمت، دورانديش ۽
مڻيادار مانجهي مُڙس نظر اچي ٿو. هو صاحب انتهائي
ناموافق حالتن ۾ به همت، حوصلي، محنت، سچائيءَ،
اورچائيءَ ۽ وڏي ولولي ۽ امنگ سان اڳتي وڌڻ، ترقي
ڪرڻ ۽ سماج ۾ هڪ مانائتو مقام ماڻڻ لاءِ جاکوڙي
ٿو. هُو ڪٿي به پنهنجين ڪوششن مان نااميد نٿو ٿئي.
بلڪ پوري جوش ۽ جذبي سان پنهنجن نيڪ مقصدن جي
حاصلات لاءِ اُدم ڪري ٿو. هُو مختلف امتحان پاس
ڪندو، اڳتي وڌندو، پنهنجين لياقتن ۽ صلاحيتن ۾
مسلسل اضافو ڪندو ٿو رهي. هُو اولاد جي بهتر
مستقبل ۽ نياڻين جي تعليم لاءِ اُپاءَ وٺي ٿو،
انهن لاءِ فڪرمند ٿئي ٿو ۽ پاڻ تي عائد سڀني
ذميوارين کي فرض شناسيءَ سان نڀائي ٿو. هو وقت جي
هر چئلينج کي قبولي ٿو ۽ فيصله ڪُن انداز ۾ اُنهن
چئلينجن کي منهن ڏيندي، ناموافق حالتن جو رخ ڦيري
پنهنجي لاءِ سازگار ماحول جوڙڻ ۾ سوڀارو ٿئي ٿو.
هو پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي به موزون ۽ معقول حدف
مقرر ڪري ٿو، لڳ ڀڳ سڀني کي حاصل ڪري ٿو وٺي.
اهڙيءَ طرح هُو صاحب زندگيءَ ۾ هڪ باعمل ۽ ڪامياب
انسان ثابت ٿئي ٿو ۽ ٻين لاءِ مثال قائم ڪري ٿو.
سائين محمد ابرهيم جويي صاحب جي صحبت کي پنهنجي
لاءِ وڏي نعمت سمجهي ٿو. سندن صحبت مان گهڻي کان
گهڻو لاڀ پرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. محترم جويو صاحب
سندن مَنَ اندر ۾ علم ۽ ادب جون ڏياٽيون روشن ڪري
ٿو، جن جي روشنين کان فيضياب ٿي هو قلم کڻي، لکڻ
جي همت ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت غلام علي چنو ’صاحبُ
قلم‘ بڻجي ٿو. هُو صاحب هن وقت تائين اڌ ڊزن کن
ڪتاب لکي چڪو آهي، جن مان ٽي عدد ڪتاب انگريزي
گرامر جا آهن. سندن وڌيڪ اڌ ڊزن کن ڪتاب اڄ
ڇپائيءَ هيٺ آهن، جن ۾ ٻه ترجمن جا ڪتاب ۽ هڪ سندس
پنهنجي آتم ڪٿا شامل آهي. انهيءَ کان علاوه مختلف
اخبارن ۽ رسالن ۾ سندن ڪيترائي مضمون ڇپيل آهن.
ائين هنن خطن مان غلام علي چني جي شخصيت جي جيڪا
سڃاڻپ ملي ٿي سا هڪ فرض شناس والد، محبتي ۽ عزت
ڪندڙ خاوند، مخلص دوست، مسلسل جاکوڙيندڙ، جفاڪش،
اورچ، باصلاحيت، حوصلي مند ۽ ڪامياب انسان جي
سڃاڻپ آهي.
خطن جي هن مجموعي ۾ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب
جا ڪُل 36 خطَ شامل آهن. انهن خطن ۾ سندن گهڻ
پاسائين شخصيت جي جهلڪ ملي ٿي. هنن خطن ۾ هو صاحب
پنهنجي منفرد ۽ مخصوص انداز ۾ هڪ مهربان ۽ ٻُڌايون
ڏاهي وانگر پنهنجي هڪ زنده دل ۽ ڪشاده ذهن نوجوان
ساٿيءَ کي ڏاهپ جا اوچي آدرش جا ڏس ڏيندي نظر اچي
ٿو. ڪٿي هو کيس ڪامياب، خوشگوار ۽ سُکي ستابي
زندگي گذارڻ جا گُر ڏسي ٿو ته ڪٿي وري ”زندگيءَ ۾
هڪٻئي لاءِ پيار ۽ نيڪ تمنا جي جذبي ۽ باهمي
تعاون“ جهڙن اعليٰ وصفن کان روشناس ڪرائي ٿو.
مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ گهيرايل انسان کي ڇا ڪرڻ
گهرجي؟ هُو صاحب سندن اِن ڏِسَ ۾ رهنمائي به ڪري
ٿو. هُو نوجوانن جي مستقبل لاءِ فڪرمند به ٿئي ٿو
ته ڪٿي وري استادن کي سندن پنهنجو فرض منصبي ياد
ڏياريندي، کين ”پڙهو ۽ پڙهايو، سکو ۽ سکايو“ جهڙا
سڌا سادا ۽ سون جهڙا اصول ڏسي ٿو. هنن خطن ۾ هو
صاحب ، علم ۽ ادب جي شوق ۽ ذوق کي همٿائي ٿو، ته
ون يونٽ واري دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي اديبن خلاف
رجعت پسند حلقن طرفان هلايل مهم تي ڳڻتي ڪندي نظر
اچي ٿو؛ پنهنجي پياري دوست شيخ اياز جي گرفتاريءَ
واري خبر ٻُڌڻ تي پريشان ٿئي ٿو، ته ”روح رهاڻ“
رسالي کي درپيش مالي مشڪلاتن ۽ ان جي مالي اعانت
ڪرڻ لاءِ فڪرمند به رهي ٿو. هڪ همدرد ۽ هڏ ڏوکي
دوست وانگر غلام علي چني جي هر مشڪلات ۽ مسئلي کي
پنهنجو مسئلو سمجهي، حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري ٿو،
ته ناراض دوستن کي پرچائيندي به نظر اچي ٿو. خطن
جي مطالعي مان اهم ڳالهه اها معلوم ٿئي ٿي ته هڏ
ماس جو ٺهيل هيءُ صاف دل منشُ پنهنجي ڪنهن
پريشانيءَ، ڳڻتيءَ، مُشڪل يا ڪنهن مسئلي جو ڪٿي به
ذڪر نٿو ڪري! حالانڪ هُو به هڪ جيئرو جاڳندو انسان
۽ اسان جي هن ئي سماج جو هڪ فرد آهي، جيڪو مسئلن ۽
پريشانين کان آجو ته هرگز نه هوندو. ٻي ڳالهه ته
اُنهن ڏينهن ۾ هو صاحب ”بزم صوفياي سنڌ“، ”سنڌي
ادبي بورڊ“ ۽ ”سنڌي ادبي سنگت“ ۾ سرانجام ڏنل
عملي، ادبي خدمتن ۽ ون يونٽ مخالف ۽ سنڌ دوست
سرگرمين سبب سرڪاري عتاب هيٺ هو ۽ کين انهن
سرگرمين کان باز رکڻ خاطر ئي ”سنڌ بدر“ ڪيو ويو
هو. انهن ڏينهن جي حالتن جو ذڪر آءٌ مٿي پڻ ڪري
آيو آهيان. انهن سڀني ڳالهين مان سائين جويي صاحب
جن جي فولادي ارادي ۽ مستقل مزاج شخصيت جي عڪاسي
ٿئي ٿي.
محترم محمد ابراهيم جويو هنن خطن وسيلي نه فقط
غلام علي چني صاحب بلڪ علامتي انداز ۾ پوري سنڌي
سماج سان مخطت ڏسجي ٿو. سندن مدبرانه ڳالهيون،
اعليٰ انساني آدرش سندن شخصيت جي وڏائيءَ، مڻيا ۽
ڏاهپ جا آئينه دار آهن. هو صاحب هنن خطن معرفت
غلام علي چني جي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ رهنمائي ڪرڻ
سان گڏوگڏ تعليم ۽ تدريس، علمي ۽ ادبي سرگرمين ۽
روزمره جي زندگيءَ جي معاملن ۾ نهايت ئي هڪ شفيق
استاد ۽ رهبر وانگر ائين رهبري ڪندي نظر اچي ٿو
جئين ”ايميلي عرف تعليم“ ڪتاب جو خالق ”روُسو“
پنهنجي مثالي مُتعلم ”ايمليءَ“ جي تعليم ۽ تربيت ۽
سندن شخصيت جي تعمير لاءِ هر وقت فڪرمند رهندي
ڏيکاريل آهي.
خطن جو هيءُ مجموعو پنهنجي انيڪ خوبين سبب سنڌي
ادب ۽ خاص ڪري خط نويسيءَ جي صنف ۾ هڪ گرانقدر
اضافو ٿابت ٿيندو. اها سائين محمد ابراهيم جويي
صاحب جن جي وڏائي ۽ ڪُشاده دلي ئي آهي جو پاڻ
مهربانن جهڙي ناقص العلم ۽ ادبي لحاظ کان اهڙي
ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪتاب تي پيش لفظ لکڻ جو شوق
بخشيائون جنهن کي آءٌ تحقيق پنهنجي لاءِ هڪ وڏو
اعزاز سمجهان ٿو.“
هيءُ ڪتاب ، ”خَطَ ٻن اُستادن جا“ ڊيمي سائيز جي
176 صفحن تي مشتمل آهي. عمدي سفيد ڪاغذ تي ڇپيل هن
ڪتاب جو گيٽ اَپ دلڪش ۽ جاذب نظر آهي. سرورق جي
سادگي، هڪ پرڪشش سونهن جي غماز آهي. ان جي قيمت سٺ
رپيا مناسب آهي. پيپر بئڪ جي صورت ۾ هيءُ پر بهار
ڪتاب، ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ حيدرآباد شايع
ڪيو آهي ۽ سمورن مشهور ڪتب فروشن وٽ دستياب آهي.
ــــ اداره ”مهراڻ“
الطاف آگرو
[تبصرو]
ڪهاڻيون
هي ڪتابُ، ”ڪهاڻيون“، سنڌي ادبي سنگت سنڌ (مرڪز)
جي پبليڪيشن آهي، جنهن جو سهيڙيندڙ ادل سومرو آهي،
۽ سندس ٻانهن ٻيلي آهن: گل ڪونڌر، آزاد انور
ڪانڌڙو ۽ اسد سولنگي. ڪتاب هن سال مارچ مهيني ۾
شايع ٿيو آهي. قيمت اٿس پنجاهه رپيا.
ڪتاب ۾ هيٺين ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون شامل آهن: (1)
رسول ميمڻ، (2) رفيق سومرو، (3) مڪل نديم، (4) شمس
سومرو (5) پرويز، (6) اخلاق انصاري، (7) محمد انور
بلوچ، (8) ڊاڪٽر تهمينه مفتي، (9) يوسف سنڌي، (10)
عزيز ڪنگراڻي، (11) ضراب حيدر، (12) ابراهيم کرل
(13) رزاق سهتو، (14) سائين بخش رند، (15) سليم
چنا، (16) ڊاڪٽر اعجاز سمون، (17) امر اقبال، (18)
نسيم پارس، (19) عباس سارنگ، (20) ساجده جبين.
اد سومري ”ڪجهه ڳالهيون“ سري هيٺ لکيو آهي ته
”هيءَ ڪهاڻيون موضوع جي لحاظ کان مقصد واريون ته
آهن، پر هر ڪهاڻيڪار جي تخليقي سگهه، فني پهچ ۽
ڪاريگري پنهنجي پنهنجي آهي.“
سندس راءِ صحيح آهي. هر گُل کي پنهنجي پنهنجي
خوشبو ٿيندي آهي. تاهم، عطر جو قدر عطار ئي ڪري
سگهندو آهي ۽ جواهرن جي پرک جوهري ڪري سگهندو آهي.
نامور دانشور اديب ۽ شاعر، محترم نصير مرزا ڪتاب
جو جائزو وٺندي، چيو آهي ته:
”هن ڪتاب ۾، سَتر واري ڏهاڪي کان وٺي اڄ تائين
اُڀري آيل سڄاڻ ڪهاڻيڪارن جون ويهه ڪهاڻيون آندل
آهن، ۽ برابر ته اُنهن مان هرهڪ ڪهاڻيڪار پنهنجي
پنهنجي طور تي ڪهاڻيءَ جي پلاٽ ۽ اسلوب سان نڀائڻ
جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي.
ساجده جبين، عباس سارنگ، نسيم پارس گاد، امر
اقبال، ڊاڪٽر اعجاز سمون ۽ اُن کان ٿورو اڳ وارن
مان سليم چنا، سائين بخش رند، رزاق سهتو، ابراهيم
کرل، يا اُن کان ٿورو سينئرس مان ضراب حيدر، عزيز
ڪنگراڻي، يوسف سنڌي، تهمينه مفتي ۽ انهيءَ کان
پوءِ وارن جن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون آهن، تن مان
اڪثر ستر واري ڏهاڪي کان پوءِ اُڀري آيل نشانبر
ٽهيءَ جا نمائنده ڪهاڻيڪار تصور ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن
جا نالا آهن: محمد انور بلوچ، اخلاق انصاري،
پرويز، شمس سومرو، ملڪ نديم، رفيق سومرو ۽ رسول
ميمڻ.
’ڪهاڻين‘ جي هن چونڊ جي خوشگوار ڳالهه هيءُ ته اُن
۾ هر اسلوڪ جي ڪهاڻي موجود آهي: ڪي علامتي ڏانءُ
جون ڪهاڻيون آهن، ته ڪي واقعاتي نوع جون، ڪي
رومانٽڪ فضا ۾ اُڻيل آهن ته ڪي وري شاعراڻي ۽
سينگاريل نثر ۾، مثال طور رسول ميمڻ جي ڪهاڻي کي
علامتي انداز آهي ته محمد انور بلوچ ۽ ملڪ نديم جي
ڪهاڻيءَ کي جمال ابڙي، اياز قادري ۽ غلام رباني
آگري جي ڪهاڻين ’بلو دادا‘، ’بدمعاش‘ ۽ ’شيدو
ڌاڙيل‘ جي
Continuity
آهي.
رفيق سومري، پرويز، تهمينه مفتي، عباس سارنگ، ضراب
حيدر ۽ يوسف سنڌيءَ جي افسانن کي واقعاتي ۽ سماجي
پس منظر آهي.
امر اقبال ۽ نسيم پارس گاد جي ڪهاڻي بيان ڪرڻ جي
ڏانءَ ۽ موضوع جي ٽريٽمينٽ ٻڌائي ٿي، ته اظهار جي
سطح تي، هنن ٻنهي ۾ نئين انداز سان ڪهاڻي لکڻ جي
صلاحيت آهي.
پر، هتي حقيقت هيءَ به آهي ته اسان کي جيڪڏهن
پنهنجي ڪهاڻيءَ کي اڃا اڳيان وٺي وڃڻو آهي ته جمال
ابڙي، غلام رباني آگري، نسيم کرل، ماهتاب محبوب،
عبدالقادر جوڻيجي، ماڻڪ ۽ ايشور چندر وغيره جي
ڪهاڻين جو مطالعو هڪ دفعو ٻيهر ۽ ضرور ڪرڻو پوندو:
۽ ايتروئي نه، ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين ۾ نئين
ٽريٽمينٽ سان لکجندڙ ڪهاڻيءَ کي جيڪڏهن اسان
سنجيدگيءَ سان نه پڙهيو، ته ياد رکو ته سنڌي ڪهاڻي
اُتي ئي بيٺي رهندي، جتان پنجاهه سٺ سال اڳ اُن
پنهنجو سفر شروع ڪيو هو.“
سنڌي ڪهاڻين جي مطالعي ڪرڻ سان هڪ حقيقت، جا فوراً
اُڀري اکين جي اڳيان اچي ٿي، سا هيءَ آهي ته ”سنڌي
ادبي سنگت“ جي پلئٽ فارم تان، سنڌي ادب جي جيڪا
صنف گهڻي کان گهڻي اُڀري آهي سان آهي ”ڪهاڻي“، ـــ
ائين ڇو آهي؟ اُن جو ’پس منظر‘ سمجهڻ ضروري آهي.
مختصر ڪهاڻي (Short-
Story)
جنهن کي عام طرح ”افسانو“ به ڪوٺيو وڃي ٿو، ماڊرن
مفهوم ۾، مغربي لٽريچر جي صنف آهي. سنڌي ٻولي
انهيءَ سان ويهينءَ صديءَ جي ٻئي ۽ ٽئين ڏهاڪي ۾
آشنا ٿي.
اُن کان اڳ، اسان وٽ ’ڳالهين‘ ۽ ’داستانن‘ لکڻ جو
رواج هوندو هو، يا وري ’قصن‘ ٻڌائڻ جو. ڪي قصا
سازن تي ڳائي، برزبان به ٻڌائبا هئا: مثلاً، دودي
چنيسر جو قصو.
ڇپيل قصن ۾ ممتاز دمساز، جان عالم، انجمن آرا، چار
درويش، طوطو مينا، امير حمزي جو داستان، الف ليليٰ
۽ چندر ڪانتا گهڻو مشهور هئا. اهي سڀ قصا شڪارپور
۽ سکر جي مشهور سنڌي هندو ناشرن پوڪرداس ۽
هريسنگهه جا ڇپايل هوندا هئا. بنيادي طور ترجما
هئا: هڪڙا اردوءَ مان، ته ٻيا هنديءَ مان. مڙني ۾
وڏو قصو ’چندر ڪانتا‘ هو، جيڪو اٺاويهن ڀاڱن ۾ هو.
انهيءَ جو ضميمو ”ڀوتناٿ جي جيوني“ نالي سان الڳ
ڇپيو هو. گويا، ”چندر ڪانتا“ جو سڄو قصو جميل
اڻٽيهن جلدن يا ڀاڱن ۾ هو.
’چندر ڪانتا‘ هندي زبان جو قصو هو، جنهن جو ليکڪ
بابو ديوڪي نندن کتري هو. داستان جي مسلمانن
انهيءَ جي مقابلي ۾ اردوءَ ۾ ’داستان امير حمزه‘
لکيو، جنهن جو سنڌي ۾ ترجمو ڇپيو. ’الف ليليٰ‘ وري
عربيءَ جو قصو هو. سر رچرڊ برٽن انهيءَ کي
انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن کي دنيا جي افسانوي
ادب (Fiction)
۾ هاڻي وڏي اهميت آهي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اهي قصا سنڌي زبان ۾ وري
ڪونه ڇپيا. سنڌي ادبي بورڊ، سو، ”چار درويش“ قصو
دوباره ڇپيو ۽ ”جان عالم“ جو قصو به، ڪجهه اختصار
جي صورت ۾ هڪ اڌ دفعو ڇپيو.
’جهڙو راجا تهڙي پرجا“ عام چوڻي آهي. اهڙي چوڻي
عربيءَ ۾ به آهي ته ’ماڻهو حاڪمن جي پويان هلندا
آهن.“ انگريزن جي بادشاهي آئي، ته سندن اُٿيءَ
ويٺيءَ ۽ رسم و رواج جو مجموعي اثر سڄي سنڌي
معاشري تي پيو، سو، سنڌي ادب تي به پيو. انگريزي
زبان جا ناول سنڌي زبان ۾ آيا. شروعات ٿي ترجمن
سان. اُنهن ابتدائي ترجمن ۾، انگريزي ادب سان گڏ،
روسي افسانوي ادب جا ڪي ڪتاب به سنڌيءَ ۾ ترجمو
ٿيا. پر، اها ڳالهه روس ۾ ’اشتراڪي انقلاب‘ کان اڳ
واري لٽريچر جي آهي. روسي انقلاب کان پوءِ خود روس
۾ لٽريچر تي جيڪو اثر پيو، اُن جو ردعمل، گڏيل
هندوستان ۾، ’ترقي پسند ادب جي تحريڪ‘ جي صورت ۾
ظاهر ٿيو.
سنڌ ۾، ’ترقي پسند ادب جي تحريڪ‘ سان وابسته
شروعاتي اديبن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، برڪت علي
آزاد، قادر بخش نظاماڻي، سوڀو گيانچنداڻي، سندري
اُتمچنداڻي، گوبند پنجابي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند
مالهي، اُتم، حشو ڪيولراماڻي، شيخ اياز، شيخ
عبدالرزاق ”راز“ ۽ ٻيا گهڻائي لکندڙ شمار ڪري
سگهبا. انهيءَ ئي دؤر ۾، سنڌ ۾ ’سنڌي ادبي سنگت‘
جو بنياد پيو. سنگت جي اجلاسن ۾ جيئن هاڻي، تيئن
انهيءَ زماني ۾ به ڪهاڻيون ۽ شعر پڙهيا ويندا هئا
۽ مٿن بحث مباحثو ٿيندو هو.
سنڌي ڪهاڻيءَ تي تاريخي طور اڃا صحيح تحقيق ڪانه
ٿي آهي. پر، عام تاثر اهو آهي ته پهرين اصلوڪن
سنڌي ڪهاڻين نويسن ۾ امر لعل هنڱوراڻي، مرزا نادر
بيگ، آسانند ممتوراءِ ۽ عثمان علي انصاريءَ جا
نالا شامل ڪري سگهبا. هونئن ته پير حسام الدين
راشديءَ جهڙي محقق ۽ تاريخ نويس به پنهنجي ’ادبي
سفر‘ جو آغاز افسانه نويسي سان ڪيو هو. سندن
افسانا سکر جي ’لمنار‘ پريس ۾ ڇپبا هئا.
پر، ’ترقي پسند ادب جي تحريڪ‘ جي پيغامَ يعني
”معاشري ۾ سماجي ۽ اقتصادي انصاف“ کي خيال ۾ رکبو،
ته حيدر بخش جتوئيءَ جو ڪتاب ”هارين جون ڪهاڻيون“
سنڌ ۾ ترقي پسند افسانوي ادب جو ’شاهڪار‘ تسليم
ڪيو ويندو. کانئس پوءِ جيڪي برک ترقي پسند اديب
اُڀريا، تن ۾ شيخ اياز، جمال ابڙو ۽ سائينداد
سولنگيءَ جا نالا سرِفهرست ايندا. سائينداد
سولنگيءَ جو افسانو ”انڌِي ۽ جنڊ“ شيخ اياز جو
افسانو ”سفيد وحشي“ ۽ عثمان علي انصاريءَ جو
افسانو ”ململ جو چولو“ ان دؤر جا شاهڪار آهن. اِها
ڳالهه پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جي آهي.
پاڪستان ٺهيو، ته هندو ترقي پسند اديب ڀارت لڏي
ويا. سندن دنيا ئي مَٽجي وئي. هِتِ سنڌ ۾ به سنڌي
ادب ڪجهه عرصو تعطل جو شڪار رهيو. پر، سنه 1951ع
ڌاري، سائين جي. ايم. سيد انهيءَ تعطل کي ختم ڪرڻ
۽ سنڌي ادب کي ترقي ڏيارڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي سنڌي
ادبي بورڊ ٺهرايو. حڪومت پاڪستان مهاجرن کي سنڌ ۾
آباد ڪرڻ لاءِ ”نئين زندگي“ نالي ادبي بورڊ
ٺهرايو. حڪومت پاڪستان مهاجرن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ
لاءِ ”نئين زندگي“ نالي سنڌيءَ ۾ هڪ رسالو ڪڍيو،
جنهن جو ايڊيٽر عبدالواحد سنڌي هو. ماهنامي ”نئين
زندگي“ به سندس ايڊيٽريءَ هيٺ، سنڌي ڪهاڻيءَ جي
اوسر ۾ نمايان رول ادا ڪيو. ليڪن، سنڌي ڪهاڻيءَ
صحيح معنيٰ ۾ اوج تڏهن ماڻيو، جڏهن جويي صاحب سنه
1955ع ۾ ”مهراڻ“ رسالو شايع ڪيو.
انهيءَ کان سال ٻه اڳ، 53 ـــ 1954ع ڌاران،
نورالدين سرڪيءَ ۽ عبدالغفور انصاريءَ جي ڪوشش سان
ڪراچيءَ ۾ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو بنياد پيو. جويو
صاحب ان جو روح روان هو. احسان بدوي به ڪراچي ادبي
سنگت جو نهايت اهم ڪارڪن هو. ’سنڌ سنگت‘ جو بنياد
گهڻو پوءِ پيو. ـــ ـــ تيسين ته سنڌ جي مختلف
شهرن ۾، ادبي سنگت جون ڇٽيهه شاخون قائم ٿي چڪيون
هيون، جيڪي پنهجي ليکي قابل تعريف ڪم ڪنديون هيون،
مثلاً ڪراچي ادبي سنگت وانگر، حيدرآباد ادبي سنگت
به تمام گهڻي سرگرم هئي. هونئن ته ان جا گهڻائي
ڪارڪن هئا، پر، تنوير عباسي ۽ مقبول ڀٽي صحيح
معنيٰ ۾ ان جا سرگرم اڳواڻ هئا.
اڳتي هلي، ’سنڌ سنگت‘ ٺهي، جنهن جو پهريون جنرل
سيڪريٽري اياز قادري چونڊيو. ڪراچي ادبي سنگت جا
شروعاتي اجلاس، سنڌ مدرسي ۾ احسان بدويءَ وٽ ٿيندا
هئا، پوءِ اياز قادريءَ جي گهر ۾ ٿيڻ لڳا. انهن
اجلاسن ۾ غلام رباني آگرو، شيخ حفيظ، رشيد ڀٽي،
رشيد آخوند، خواجه سليم، تاج بلوچ ۽ ٻيا سماجي ۽
اقتصادي انصاف
(Socio-Econonic Justice)
جي عنوانن تي ڪهاڻيون لکندا هئا ۽ ’ادبي سنگت‘ جي
روايت موجب، ادبي اجلاسن ۾ رهندا هئا. رشيد ڀٽيءَ
پنهنجي شاهڪار ڪهاڻي ”بڻ“ پڻ اهڙي ئي هڪ اجلاس ۾
پڙهي هئي. انهن ڪهاڻين تي کليءَ دل سان بحث مباحثو
ٿيندو هو. تاهم، جڏهن سائين محمد ابراهيم جويو
پنهنجي راءِ ڏيندو هو، ته پوءِ ٻيو ڪير به ڳالهائڻ
جي همت ڪونه ڪندو هو. سندس راءِ ’سند‘ ليکي ويندي
هئي.
سنگت جي اجلاس ۾ پڙهيل ڪي ڪهاڻيون اهڙيون معياري
هيون، جو نه رڳو هندستان ۽ پاڪستان جي ٻين زبانن ۾
ڇپيون، پر، ٻاهرين ملڪن ۾ به ترجمو ٿيون. مثلاً،
روس ۾ جمال ابڙي جون ڪهاڻيون ڇپيون، ته چين جي
’شرجئي وڻشئي‘ ’عالمي ادب‘ رسالي غلام رباني آگري
جي ڪهاڻين جا ترجما ڇپيا. اِهي ترجما روسي ۽ چيني
اديبن انگريزيءَ تان ڪيا. ليڪن ممتاز مستشرقہ،
ڊاڪٽر ائنيمري شمل، جمال ابڙي ۽ غلام رباني آگري
جي افسانن جا ترجما سڌو سنئون سنڌي زبان مان جرمن
زبان ۾ ڪيا.
هندستان ۾ حشو ڪيولراماڻي، ڪن سنڌي ڪهاڻين جو
انتخاب، انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇاپيو. اُنهن ۾
اڪثريت هندوستاني سنڌي ڪهاڻيڪارن جي هئي، پر سنڌ
مان غلام رباني آگري، جمال ابڙي ۽ سائين محمد
ابراهيم جويي جي ڪهاڻين کي به ڪتاب ۾ شامل ڪيائين.
ڪراچيءَ جي انگريزي روزنامہ ”ڊان“ جي مبصر (محمد
خان) ڪتاب تي تبصرو ڪندي لکيو ته:
”شاهه عبداللطيف جا هي هم وطن، واقعي وڏا آرٽسٽ
آهن. سؤ سوا صفحن جو هي ڪتابڙو سون ۾ تورڻ جي لائق
آهي.“
آسمان مان من مسلويٰ نازل ٿيڻ وارو دؤر ڪڏهوڪو ختم
ٿي ويو. ڪنهن به اديب ۽ شاعر توڙي ڪهاڻيڪار يا ٻئي
ڪنهن آرٽسٽ کي الهام ڪونه ٿو ٿئي. سندس داخلي
واردات کي خارجي واردات ئي متاثر ڪري ٿي. هيءُ
دنيا عالم اسباب آهي: ”سبب“ (Cause)
۽ ”نتيجي“ (Effect)
جو جهان آهي. اهو قدرت جو ازلي ۽ ابدي قانون آهي.
مٿي ذڪر ڪيل پس منظر ۾ صاف صاف نظر ايندو ته هر
دؤر ۾، سنڌي ڪهاڻيءَ کي زور وٺائڻ جا سباب ’سنڌي
ادبي سنگت‘ ئي پيدا ڪيا.
سنڌي ڪهاڻيءَ هميشه سنڌي معاشري جي حقيقي تصوير
پيش ڪئي آهي. سنڌي ڪهاڻيڪارن قلم جي وسيلي معاشري
۾ سماجي ۽ اقتصادي انصاف لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. هو
ڄاڻن ٿا ته ”انسان فقط مانيءَ جي ڳڀي لاءِ زندگي
ڪونه ٿو گذاري“ ـــ ـــ
“A thing of beauty is Joy for ever”.
پر، هو ان ۾ ايترو اضافو ڪن ٿا ته
“But, it Shoult be Joy for all”
خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌي ادبي سنگت اڄ به ادل
سومري جهڙي وطن دوست ۽ باشعور دانشور جي اڳواڻيءَ
۾ پنهنجو رول موثر نموني ۾ ادا ڪري رهي آهي، جنهن
جو ثبوت هيءُ املههُ ڪتابُ ”ڪهاڻيون“ آهي، جيڪو
بلاشبه، ”سون ۾ تورڻ جي لائق آهي.“
حيدرآباد جي ناظم، مخدوم رفيق الزمان صاحب، اها
تجويز ڏني ته ”ڪراچيءَ ۾ ٻاهرين ملڪن جي قانصل
جنرل صاحبان کي ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت
ڏجي.“
مسٽر غلام رباني آگري ايران جي قانصل جنرل کي دعوت
ڏيڻ جي ذميواري کنئي ۽ چيو ته ’مان ڪوشش ڪندس ته
ايران جو ڪو اسڪالر، اسلامي تصوف جي حوالي سان،
شاهه سائينءَ تي مقالو پڙهي‘. سندس ڪوشش سان،
اسلام آباد مان ايراني سفارتخاني جو ڪلچرل
ڪائونسلر آغا مصطفوي سبزواري، ٽن ايراني عالمن جي
وفد ۾، ڀٽشاهه پهتو، جن ۾ ڪراچيءَ ۾ ايران جو
قانصل جنرل پڻ شامل هو.
حيدرآباد جي ناظم مخدوم رفيق الزمان صاحب، سنڌ
سرڪار جي سيڪريٽري ثقافت مسٽر عاشق حسين ميمڻ، مير
حسن علي، ڊي. سي. او. حيدرآباد، مسٽر عبدالقادر
منگي اي. ڊي. او. فنانس ۽ مسٽر غلام رباني آگري
وفد جي ميزبانيءَ جا فرائض سرانجام ڏنا. مخدوم
صاحب سنڌ جي روايت موجب، ايراني مهمانن جي اجرڪ
پوشي ڪئي، ۽ کين قرآن پاڪ جو حضرت مخدوم نوح رحه
جو فارسي ترجمو تحفي طور ڏنو. جناب عاشق حسين ميمڻ
کين شاهه سائينءَ جي ”گنج“ جو تحفو ڏنو. بعد ۾،
ايراني وفد، شاهه سائينءَ جي مزار تي گلن جي چادر
چاڙهي ۽ فاتح پڙهي.
ادبي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي عالمن مفڪرن، اديبن ۽ شاعرن
شاهه سائينءَ جي حضور ۾ سڪ سان خراج عقيدت پيش
ڪئي. سندن مقالا ڪتابي صورت ۾ دستور موجب ڇپبا.
ايراني اسڪالر، آغا مصطفويٰ ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي
۽ مولانا جلاول الدين رومي“ عنوان هيٺ، ڪانفرنس ۾
مقالو پيش ڪيو، جنهن جو سنڌي ترجمو، شمس العلماء
مرزا قليچ بيگ جي خاندان جي چشم و چراغ، اعجاز بيگ
مرزا صاحب، بروقت، سامعين جي اڳيان پيش ڪيو. هِتِ
اسان انهيءَ مقالي جو اختصار ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن
جي ملاحظي لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون.
(ادارو مهراڻ)
ڊاڪٽر رضا مصطفوي سبزواري
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽
مولانا جلال الدين رومي
سرزمين مشرق جون ڪي خصوصيتون آهن. جن مان هڪ تي
اهل قلم طبقي کي خاص طور فخر آهي: اُها آهي، اُنهن
عارفن جو وجود، جن هن سرزمين تي جنم ورتو. اُنهن
پاڪ سرشت ۽ نيڪ طبع عارفن، عوام جي ذهني تعليم ۽
تربيت ۾ تمام وڏا ڪردار ادا ڪيو. جيڪڏهن اُنهن
نيڪنام عارفن جو وجود نه هجي ها، ته عام ماڻهو علم
۽ ڪمال جي بُلندين تي پهچي ڪونه سگهن ها.
سندن مڪتب فِڪر جي جانشين صاحب ڪمال بزرگن ۾، علي
بن عثمان جويري، خواجه عبدالله انصاري المعروف،
’پيرِ هرات‘ شيخ شهاب الدين سهروردي، بابا فريد
گنج شڪر، خواجه نظام الدين اولياء، مولانا رومي،
فخر الدين عراقي، سنائي، غزنوي ۽ سنڌ جو سدا حيات
شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرفهرست آهن. هنن بزرگن
اسلام معاشري جي تعيمر لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام
ڏنيون، جن ۾ سندن اقوال ۽ ڪتاب شامل آهن. خلقِ خدا
صدين جون صديون اُنهن مان استفادو ڪيو آهي.
هنن بزرگن پنهنجي پنهنجي دور ۾ ملڪي معاشري ۾
اعليٰ انساني افڪار پيش ڪيا. اسان مثال طور حضرت
هجويريءَ جي ”ڪشف المحجوب“ بابا فريد جي ”اسرار
الاولياء“ امام غزاليءَ جي ”ڪيميائ سعادت“، مولانا
روميءَ جي ”مثنوي“، خواجه عبدالله انصاريءَ جي
”مناجات نامه“ ۽ ”فوايد الفوايد“ ۽ ”شاهه جي
رسالي“ ڏانهن اشارو ڪري سگهون ٿا.
گهڻن ماڻهن کي شاعري نثر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڻندڙ آهي.
اها ڳالهه بي بنياد ڪانه آهي. تازو انساني نفسيات
تي شاعريءَ جي اثرن جي سلسلي ۾ تحقيق ڪئي ويئي
آهي. ”استعلاجي شاعري“ جي عنوان سان بعض تحقيقي ڪم
ڪيا ويا آهن. چانچه، شاعريءَ، موسيقيءَ ۽ سماع
هرهنڌ خانقاهن ۽ صوفين ۽ عارفن جي تربيتي مرڪزن ۾
عام طرح مفيد ۽ قابل قدر اثر وڌو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ، اُنهن بزرگ عارفن مان هو،
جن مولانا جلال الدين روميءَ کان گهڻي ۾ گهڻو اثر
ورتو. هن سنڌي زبان ۾، شعري واردات، فراق، وحدت،
رحمت الاهي، آتش عشق ۽ درد کي شهداءِ عشق جي صورت
۾ پيش ڪيو. اهلِ دل انسانن جي اُنهن اعليٰ اقتدار
تي خاص ڌيان هوندو آهي.
رساله ”خلاصة العارفين“ حضرت شيخ بهاءُ الدين
ذڪريا ملتانيءَ جي قولن جو مجموعو آهي. اُن ۾ هڪ
معاملي جي تشريح هن طرح ڪيل آهي:
”عشق اُهو آهي جو انسانُ خدا کان سواءِ ٻيو ڪجهه
به نه ڏسي. هُو جنت، دوزخ، ثواب، و عذاب، اهل عيال
۽ مال جي طرف ڪڏهن ٿو ڏسي سگهي؟“
مٿيون فڪر خدا جي ذات ۾ مڪمل طرح فنا ٿي وڃڻ جو
دليل آهي.
عارفن وٽ حق تعاليٰ عزوجل سان خطاب ۽ اُن جي ذات
اقدس جي متعلق تعميرات ۾ هڪ ڪلمو ”دوست“ آهي، جو
قرب خداونديءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي.
غالباً، قرآني آيت، ”ونحن اقرب اليہ من حبل
الوريد“ جي توجيہ آهي. بقول سعدي ”دوست نزديک تر
از من به من است.“
حافظ شيرازي پڻ پروردگار عالم جي باري ۾ اهوئي
تعبير ’اصطلاح دوست‘ جي طور تي استعمال ڪيو آهي
شيخ بهاءُ الدين ذڪراي پڻ الله تعاليٰ سان خطاب ۾
انهيءَ ئي خوبصورت ترڪيب کي استعمال ڪيو آهي.
شيخ بهاءُ الدين بغداد جي مسجد ڪهف ۾ تشريف فرما
هو. اُتي موجود حاضرين جي وچ ۾ ’عشق’ جي موضوع تي
گفتگو ٿي رهي هئي. اوچتو ٻه شعر سندس زبان تي جاري
ٿي ويا ۽ اُتي موجود سمورن حاضرين ۾ هيجان ۽ جوش و
خروش پيدا ٿي ويو.
حضرت شيخ بهاءُ الدين زڪريا جا ڪي شعر، جيڪي خدا
جي ذات پاڪ سان عشق ۽ عالم شوق ۽ سندس وجود ۾ محو
۽ گُم ٿيڻ جي حوالي سان سرشاري ۽ وفور جذبات ۾ چيا
ويا آهن، تن ۾ هڪ ”خاص قسم“ جو اثر آهي.
ذڪريا مٿين شعرن کي انتهائي شوق جي عالم ۾ چوندو
هو. هڪ ڀيري ته ست ڏينهن سانده، حق تعاليٰ سان عشق
۽ شوق جي عالم ۾ مستغرق هو. دنيا ۾ وما فيها کان
بيخبر هو. شيخ بهاءُ الدين زڪريا جي فارسي ڪلام کي
تمام مٺو، دلچسپ ۽ مفيد سمجهيو ويندو آهي. سندس
عقيدو هو ته اگر ڪوئي موحد، نماز جي حالت ۾ حق
تعاليٰ کان سواءِ ڪنهن ٻي شيءِ جي فڪر ۾ هجي، يا
الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنهن ٻي شيءِ تي ڌيان ڏئي،
ته اهڙي نماز موحدن جي نماز نه، پر ٻارن جو مشغلو
هوندي آهي.
شيخ
بهاءُ الدين ذڪري ملتانيؒ جهڙو عارف، جو برصغير
پاڪ و هند ۾ سهروردي سلسلي جو بانيڪار هو، ايران
جي عارفن مان، اُنهن جي هم ملڪ ثقافت جي ڪڙين مان
هڪ سمجهڻ کپي، جن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي آثارن
جي تخليق ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. انهن جي باهمي
اثرن، خود ٻن برادر، دوست ۽ هم ثقافت ملڪن (ايران
۽ پاڪستان) جي رشتن جي ڪڙين کي مضبوط ڪيو آهي،
اسان اِنهيءَ قديم ۽ پائدار دوستيءَ جي استحڪام
لاءِ اڄ ڀٽ شاهه ۾، هن پاڪ محفل ۾ ڌڻيءَ جي در
دعُا گهرون ٿا.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پير حسام الدين راشدي سيمينار
پير حسام الدين راشدي سنڌ جي باغ و بهار شخصيت
آهي، جنهن جي خوشبو سنڌ ۾ چوڏس پکڙيل آهي. عيسوي
ويهينءَ صديءَ کي اهو شرف حاصل آهي ته پير صاحب
منجهس ئي اکيون کوليون ۽ ٻاهتر ورهين جي ڀرپور
ڄمار ماڻي، پنهنجي جانِ ’جان آفرين‘ جي سپرد ڪئي.
سنڌ جي تاريخ نويسن ۾، هو ’يڪتا‘ آهي، جنهن سنڌ جي
ماڻهن کي پنهنجيءَ ڌرتيءَ سان پيار ڪرڻ سيکاريو.
سنڌ جو پهريون عالم ۽ محقق آهي، جنهن نوجوان نسل
جي ذهن ۾ ’شعوري طرح‘ قومپرستيءَ جو ٻج وڌو.
انهيءَ پس منظر ۾ ڏسبو، ته ڳالهه سولائيءَ سان
سمجهه ۾ اچي ويندي، ته سنڌ جو نوجوان نَسُلُ اڄ
پير صاحب جو پرستار ڇو آهي؟
پر، ايڏي عروج تي پهڇڻ ۽ اعليٰ آدرش ماڻڻ لاءِ
ماڻهو کي نيڪنيتيءَ ۽ اڻٿڪ محنت سان گڏ، مالي
وسيلا به کپن. پير صاحب کي اهي وسيلا سنڌي ادبي
بورڊ مهيا ڪيا. پاڪستان جي اندر توڙي ٻاهر، ٻيو
ڪوبه ادارو ڪونه آهي، جو اهڙي دعويٰ ڪري سگهي.
اهو وري پير صاحب جو ”اعليٰ ظرف“ هو، جو پاڻ
انهيءَ ڳالهه جو کليل لفظن ۾ نه فقط اعتراف ڪندو
هو، پر، اعلانيه چوندو هو ته ”اسان اڄ جيڪي به
آهيون، اهو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪري آهيون.“
ڪوبه ڪتاب لکڻ سولو ڪونهي. پر، تحقيقي ڪتاب ته
الائي ڪيتريءَ محنت کان پوءِ تيار ٿئي ٿو. ماڻهوءَ
کي صحيح معنيٰ ۾ ’نور نچوئڻو پوي ٿو.‘ هر هنڌان،
قلمي ڪتاب جا نسخا هٿ ڪرڻا پون ٿا. انهن جي ڀيٽا
لاءِ، مئڪرو فلمون ۽ مئڪرو فلم ريڊر ڪم آڻڻا پون
ٿا. جڏهن ڪتاب جو متن تيار ٿئي ٿو، ته ان کي صاف
ڪرڻ لاءِ نقل نويس کپن. ان کان پوءِ ڪاغذ ۽ مس
کپي. ڇپائيءَ جون مشينون کپن. جلد بنديءَ جو سامان
کپي. لکن رپين جو خرچ کپي. تڏهن وڃي ”معياري
تحقيقي ڪتاب“ تيار ٿين ٿا.
پير صاحب کي اهي سڀ اسبابَ، گهر ويٺي، سنڌي ادبي
بورڊ مهيا ڪندو هو. نه فقط ايترو، پر، ڪنهن زماني
۾، کيس گهر ويٺي، سالن جا سالَ، هر ماه هڪ هزار
رپين جو نذرانو پڻ پيش ڪندو هو، (جيڪو، اڄوڪي ملهه
۾، ڏهن هزارن رپين کان گهٽ ڪونه ٿيندو). پاڻ جيڪي
به ڪتاب لکندو هو، تن لاءِ کيس مڪمل آزادي هئي.
ڪنهن به منظوريءَ جي ضرورت ڪانه هئي. ڪتاب سنڌيءَ
۾ لکي يا فارسيءَ ۾ لکي، بورڊ سندس مرضيءَ موجب،
ڇاپيندو هو، اهوئي سبب آهي جو سندس لکيل ڪتابن ۾
گهڻي کان گهڻا ۽ زخيم ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ جا
ڇپايل آهي. وفات کان پوءِ به سندس ياد ۾، جيڪي
”شاندار نمبر“ نڪتا آهن، سي به سنڌي ادبي بورڊ جي
”مهراڻ“ رسالي ڪڍيا آهن. توڙي جو پاڻ ٻين بيشمار
ادارن جو ميمبر هو، بلڪ ڪن جو ته باني به هو.
خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته تازو سنڌ يونيورسٽيءَ جي
اداري ”پاڪستان اسٽڊيز“ سندس ياد ۾ 16 ــ مئي تي
سيمينار ڪيو، جنهن ۾ سنڌي ۽ اردو زبان جي نامور
اديبن ۽ دانشورن، سنڌ جي هن برگزيده عالم کي سڪ
سان خراج عقيدت پيش ڪئي.
اداري جي سربراهه، محترمہ چاند بيبيءَ جلسي جي
ڪارروائيءَ ”مهراڻ“ ۾ اشاعت لاءِ اسان کي عنايت
ڪئي. ان سان گڏ، محترم حميد سنڌيءَ پڻ ان جلسي
لاءِ لکيل پنهنجي تقرير، اڳواٽ اداري ”مهراڻ“ کي
موڪلي ڏني. ’مهراڻ‘ جي پرچو ذري گهٽ ڇپجي چڪو هو.
سو، ٻنهي جي فقط ”اختصار“ مهربان پڙهندڙن جي
ملاحظي لاءِ هيٺ پيش ڪجي ٿو.
ـــ ادارو ’مهراڻ‘
سيمينار جي صدارت نامور دانشور، پروفيسر قوي احمد
ڪئي سيمينار جي ميزبان ۽ پاڪستان اسٽڊي سيينٽر جي
چيئرپسن، محترمہ چاند بيبيءَ گفتگوءَ جو آغاز
ڪندي، پنهنجيءَ مرحبائي تقرير ۾ چيو ته ”پير صاحب
جي شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج ناهي. پر، هن
سيمينار ۾ اسان جا معزز مقرر، سنڌ جي عظيم شخصيت،
پير حسام الدين راشديءَ جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي
روشني وجهندا ۽ کين عقيدت جا گل پيش ڪندا.“
جناب غلام محمد لاکي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، ”مان
وڏو بدقسمت آهيان، جو سنڌ جون ٻه عظيم شخصيتون نه
ڏٺيم: هڪ علامه آءِ. آءِ. قاضي ۽ ٻيو ڪامريڊ حيدر
بخش جتوئي صاحب. ليڪن، پير صاحب جهڙي شخصيت ڏٺم،
ساڻس ڪچهريون ڪيم ۽ خط و ڪتابت پڻ ٿي. پير صاحب ٽن
ٻولين سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ ۾ چاليهن کان وڌيڪ
ڪتاب لکيا آهن.“ محترم لاکي صاحب انهن ڪتابن جا
نالا به ٻڌايا. سندس تقرير مختصر پر جامع هئي.
محترمه مهتاب محبوب ’ڪسر نفسيءَ‘ کان ڪم وٺندي چيو
ته، ”پير صاحب لاءِ ٻه لفظ لکي پنهنجي لاءِ وڏي
عزت افزائي ٿئي ها. پر، هتي وڏا وڏا دانشور ويٺا
آهن، جن جي مقابلي ۾ آءُ ڇا ٿي ڳالهائي سگهان،
اسان دنيا جي تاريخ ۾ جو زنده آهيون، اهي پير صاحب
جي حوالي سان آهيون.“
مسٽر نصرت حسين ابڙي پير صاحب کي ’خراج عقيدت’ پيش
ڪندي چيو ته ”پير صاحب هڪ وڏي شخصيت آهي، جنهن جي
ڪابه حد نه آهي. پير صاحب لاءِ به چار ڪلاڪ نه پر
هڪ هفتو ويهي تقرير ڪجي، ته به گهٽ آهي.“
ڊاڪٽر بعقوب مغل پنهنجي علمي تقرير ۾ چيو ته ”پير
صاحب فارسي زبان ۽ ادب ۽ ايران جي تاريخ تي هڪ بين
الاقوامي اسڪالر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
سندس ادبي خدمتن جي مڃتا ۾، ”حڪومت ايران“ کيس
ادبي ايوارڊ ”نشان سپاس“ ۽ ”ڊاڪٽوريٽ جي اعزازدي
ڊگري“ ڏني. حڪومت پاڪستان پڻ کيس ”ستاره امتياز“
ڏنو هو.
هن چيو ته، ”پير صاحب سنڌجي تاريخ ۽ ثقافت جي
بنيادي ماخذن کي شايع ڪرائي، سنڌ جي علمي ۽ تهذيبي
سرمائي کي هميشه لاءِ محفوظ ڪيو آهي. سندن اها
خدمت هميشه لاءِ تاريخ ۾ ياد رهندي.“
مسٽر نواز علي شوق پنهنجي دلپذير تقرير ۾ چيو ته
”پير صاحب اهو ڏسندو هو، ته جنهن ۾ ڪجهه داڻا ڪڻا
آهن، انهيءَ کي اڳتي وڌائجي. پير صاحب جو هڪ
اسٽئنڊرڊ هو، ته ’معياري شي تيار ڪرڻ کپي.‘ شوق
صاحب افسوس جو اظهار ڪيو ته ”اسان پير صاحب کي
پڙهيو ئي ڪونهي. ڏاڍي ڏک جهڙي ڳالهه آهي.“
شوق صاحب چيو ته، ”هڪڙي ڏينهن مون کانئن پڇيو ته
”سائين، توهان سڄي زندگي تاريخ تي ڪم ڪيو. ڇا
توهان مطمئن آهيو، ته سنڌ جي تاريخ تي خاطر خواه
ڪم ٿيو آهي؟“
چيائين ته ”ڪم ٿيو ڪٿي آهي؟ مون ته رڳو ’سورس
مٽيريل‘ (Source
Material)
جو ڪجهه حصو ايڊٽ ڪري ڏنو آهي.“
جناب حميد سنڌيءَ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”سنڌ ۾ هن
وقت، هر هنڌ، دانهن آهي ته اسان جو نوجوان نسل
ڪتاب ڪونه ٿو پڙهي. اسان جو نوجوان نسل پنهنجن
ڏاهن جي باري ۾ بي خبر آهي. پير صاحب سنڌ جي تاريخ
تي لکيو آهي، جيڪا تمام وڏي ڳالهه آهي. پر سوال
اهو آهي ته انهيءَ مان اسان جي نوجوان اديبن ڪيترو
پرايو آهي؟ ڪو نوجوان ڪتاب ڪونه ٿو وٺي. ڪو رسالو
ڪونه ٿو وٺي. عظيم انسانن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ
جو وڏي ۾ وڏو طريقه ڪار اهو آهي، ته سندن ڪارنامن
مان ڪجهه پرايو وڃي.“ حميد صاحب چيو ته ”پير صاحب
جي ڪتابن مان گهڻا سنڌي ادبي بورڊ جا ڇپايل آهن،
جيڪي هٿ ڪرڻ ۽ پڙهڻ ڏکي ڳالهه ڪانهي.“
حميد صاحب، پنهنجيءَ تقرير ۾، پير صاحب جي ياد ۾
اڳ ۾ ڪوٺايل جلسن جو دوستانه لهجي ۾ ڪجهه شڪريو به
ڪيو ۽ چيو ته ”ٽيو ورهيه، مسٽر حسين شاهه راشديءَ
جي چوڻ تي، اديبن ۽ ادارن پير صاحب جي تربت تي،
يارهين بجي صبح جو مڪليءَ ۾ گلن جو چادرون
چاڙهيون. پر، حسين شاهه پاڻ ٻارهين بجي پهتو. ان
کانپوءِ، ان موقعي تي مڪليءَ ۾، ڪوٺايل ميڙاڪي ۾
اڪثر سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ سخت
گرميءَ ۾ هڪ کليل شامياني ۾ ويهاري واپس روانو
ڪيائين. تاج بلوچ صاحب، ”سوجهري“ رسالي جو ”پير
صاحب نمبر“ ڪڍيو هو. کيس به تقرير جو موقعو ڪونه
ڏنائين.
ٻئي ڀيري مسٽر حسين شاهه جي چوڻ تي مون پاڻ پنهجي
گهر ۾، ”بزم روح رهاڻ“ طرفان،
Curtain Raiser
جي نموني تي، چاليهارو کن دوستن جو ميڙاڪو ڪوٺايو.
حسين شاهه ”خاص مهمان“ هو. منهنجيءَ نماڻيءَ ڪوشش
جي مڃتا پنهنجيءَ تقرير ۾ بلند بانگ دعوائن سان
ڏنائين. پر، ان کان پوءِ، جڏهن ”آواري هوٽل“ ۾
جلسو ڪوٺايائين، ته وري به، اتي ٺٽي وانگر، مون
سان جٺ ڪيائين. ڪن کي ٻه چار منٽ ڳالهائڻ ڏنائين،
ته ڪن کي اڌ ڪلاڪ ڏنائين ـــ توڙي جو پاڻ ئي سڄيءَ
ڳالهه جو منتظم هو.
حميد صاحب چيو ته، ”اڄ شاباس آهي، محترمہ چاند
بيبيءَ کي، جنهن ڪنهن به مقرر تي پابندي کانسواءِ
هيءُ سيمينار ڪوٺايو آهي.“
حميد صاحب چيو ته ”سنڌ يونيورسٽي جي فاضل وائيس
چانسيلر، محترم جناب مظهر الحق صديقيءَ، گذريل سال
واري ”آواري ٽاور“ هوٽل جي جلسي ۾، منهنجي ڳالهه
جي تائيد ڪئي هئي، ۽ چيو هو ته ’سيمينار طئي ٿيل
پروگرام مطابق ٿيڻ گهرجي.‘
محترم صديقي صاحب، مسٽر حسين شاهه جي انهيءَ بي
بنياد شڪايت جي به صفائي ڪري ڇڏي هئي ته
’سنڌالاجيءَ مان پير صاحب جا نوادرات گم ٿي ويا
آهن.‘
مومن صاحب پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”پير صاحب جا
ڪتاب پڙهو، علامه آءِ. آءِ. قاضي کي پڙهو، مرزا
قليچ بيگ کي پڙهو. ڪنهن به تاريخي فرد کي ياد ڪرڻ
يا خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سندس ڪتابن جو مطالعو
ڪرڻ تمام ضروري آهي.“ هن چيو ته ”نوجوانن کي پير
صاحب جا ڪتاب پڙهڻ گهرجن، ته جيئن تاريخ کان واقف
ٿين.“
مسٽر حسين شاهه راشديءَ پنهنجيءَ تقرير ۾ چيو ته،
”پير صاحب سنڌي قوم جو سرمايو آهي، جنهن جي ڪيل ڪم
مان اسان جو نوجوان نسل تحقيق ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي
ڪوشش ڪري.“ هن چيو ته ”علمي ادارا، هاڻي، جديد
ٽيڪنالاجيءَ سان گڏ، تاريخ جي شعبن ڏانهن به
نوجوانن کي راغب ڪن.“
مسٽر حسين شاهه راشديءَ اعلان ڪيو ته ”پير صاحب جو
مون وٽ ڪافي اڻ ڇپيل مواد موجود آهي، جيڪو جلد
ڇپرائي عوام تائين پهچائبو.“
ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجيءَ تقرير ۾ چيو ته
”پير صاحب مخلص ماڻهو ۽ سچو عالم هو. بلڪ هڪ ادارو
هو، جنهن جو واضح ثبوت هي آهي، ته گهڻن ئي اسڪالرن
کانئس رهنمائي حاصل ڪري، پنهنجي علمي تحقيقات کي
ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪيو ۽ پي. ايڇ. ڊي جون اعليٰ
ڊگريون حاصل ڪيون. حقيقت اها آهي، ته اسان پير
صاحب مان گهڻو پرايو آهي.“
پروفيسر قوي احمد پنهنجيءَ صدارتي تقرير ۾ چيو ته
”الله سائين علم کي ڪڏهن به پابند ڪونه ڪيو آهي.
اهوئي سبب آهي جو پير حسام الدين راشدي تحقيق جي
علم ۾ وڏو مقام ۽ شهرت حاصل ڪئي آهي. درحقيقت، اها
ڳالهه پير صاحب جي ذاتي ڪاوشن جو نتيجو آهي. مٿس
خدا جو فضل هو. بيشڪ، هو عظيم انسان هو. اسان سڀني
کي پير حسام الدين راشديءَ جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي
فخر آهي.“ هن چيو ته ”سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي
پنهنجي وطن جي تاريخ کي سمجهڻ گهرجي.“
آخر ۾، پروفيسر چاند بيبي سلطانه، سمورن مقررن ۽
مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ”سنڌ جي ماڻهن کي
پير حسام الدين راشدي جي لکيل تاريخ جي ڪتابن کي
پڙهڻ گهرجي.
ن. ا. ش
غلام رباني آگرو ــــ سنڌي ادبي بورڊ جو نئون
چيئرمين
13 ـــ جولاءِ 2002ع تي، سنڌ سرڪار، مسٽر غلام
رباني آگري کي، ٽن سالن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جو
چيئرمين مقرر ڪيو آهي. هُو ملڪ جو مشهور سنڌي ادبي
۽ دانشور آهي. سندس ڪن تحريرن جا ترجما، اردوءَ ۽
هنديءَ کان علاوه، چيني، جرمن ۽ انگريزي زبانن ۾
ٿيا آهن. هن پنهنجي ادبي سفر جو آغاز، سنڌي زبان ۾
افسانه نويسيءَ سان ڪيو هو، اڳتي هلي، سنڌ جي
تاريخ ۽ ثقافت تي ’اسلامي اثرن‘ جي پس منظر ۾،
مختلف عنوانن تي ’تحقيقي مضمون‘ پڻ لکيائين. سندس
تخليقي تحيررن جو خاص موضوع معاشري ۾ ”سماجي ۽
اقتصادي انصاف“ آهي. پر، تحقيقي ادب ۾، ”برصغير جي
تاريخ“، ”سنڌي ثقافت“ ۽ ”سيرت رسول ﷺ“ سندس دلپسند
موضوع آهن.
پاڻ به سال ماهنامي ”نئين زندگي“ ۾، مولانا
عبدالواحد سنڌيءَ سان گڏجي ڪم ڪيائين. ان زماني ۾،
ڪجهه عرصو روزانه ”الوحيد“، روزانه ”نواءِ سنڌ“ ۽
روزانه ”نئين سنڌ“ سان به وابسته رهيو. آڪٽوبر
1957ع ۾، محمد ابراهيم جويو صاحب کيس ماهنامي
”نئين زندگي“ مان سنڌي جي بورڊ ۾ وٺي آيو، جتي
ڏهاڪو سال پهريائين اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ پوءِ ڏهاڪو
سال سيڪريٽري رهيو. انهيءَ ئي عرصي ۾، ٻارن جي
ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جو بنيادي ايڊيٽر ۽ پڻ ٽماهي
”مهراڻ“ جو نگران ٿي رهيو. منهنجي سنڌي ادبي بورڊ
۾ مقرري ٿي ته هُو اڳيئي اُتي موجود تڏهن کان اسين
ساڳئي اداري ۾ رفيق ٿياسين. هو مون کي مهل موقعي
سان اسلام آباد به سڏيندو هو.
1979ع کان 1979ع تائين، حڪومت سنڌ کيس مقرر معياد
لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروــــ وائيس چانسيلر ڪري
موڪليو. وري، سنه 1984ع ۾، حڪومت پاڪستان کيس
حيدرآباد مان اسلام آباد بدلي ڪيو، جتي، قومي لبول
تي، ادبي ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪوٺايائين. اُن سان
گڏ، ايران، چين، بنگلاديش ۽ هندستان ۾ پاڪستان جي
ادبي وفدن جي اڳواڻي ۽ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي
ڪيائين. انهن ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ حڪومت
پاڪستان کيس تحفو ڏنو.
’پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس‘ ۾ ڊئريڪٽر جنرل ۽ چار
سال چيئرمين رهيو، جتان پوءِ ٽن سالن جي عرصي لان
فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ٽي سال ميمبر مقرر ٿيو.
انهيءَ کان اڳ، حڪومت پاڪستان، ڪجهه عرصي لاءِ کيس
اردو سائنس بورڊ، لاهور ۽ ’اداره برائي تحقيق ۽
ثقافت، اسلام آباد‘ جي ڊئريڪٽرن جي عهدن جون اضافي
ذميواريون پڻ سونپيون هيون.
انهيءَ عرصي دوران، هو قائداعظم ايڪيڊمي، (ڪراچي)،
اقبال اڪيڊمي، (لاهور)، اردو لغت بورڊ، (ڪراچي)،
اداره ثقافت اسلاميه (لاهور)، نيشنل فلم سينسر
بورڊ، (اسلام آباد)، نيشنل بوڪ ڪائونسل (اسلام
آباد)، نيشنل بوڪ فائونڊيشن، (اسلام آباد)،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، (ڄامشوري) ۽ سنڌي ادبي
بورڊ (ڄام شوري) جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ
رهيو.
حيدرآباد ۽ اسلام آباد ۾ رهائش دوران، کيس سنڌ جي
ممتاز عالمن، دانشورن ۽ شاعرن علامه آءِ. آءِ.
قاضي، سائين جي. ايم. سيد، شمس العلماء ڊاڪٽر
دائود پوٽي، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ، پير حسام الدين راشديءَ، ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، سيد علام مصطفيٰ شاهه، مسٽر
محمد ابراهيم جويي، جمال ابڙي، شيخ اياز ۽ تنوير
عباسيءَ جو قرب حاصل ٿيو. ساڳئي وقت، بين الاقوامي
شهرت جي ملڪي ۽ غير ملڪي عالمن: ڊاڪٽر حميده الله
(پئرس)، ڊاڪٽر اي. ايڇ. داني (اسلام آباد)، ممتاز
اردو مزاحيه نويسن، ريئر سرجن ايڊمرل شفيق
الرحمان، صدقي سالڪ ۽ سيد ضمير جعفري (اسلام
آباد)، مسلم ثقافت جي محققن ۽ اردو زبان جي اديبن:
سراج منير، ڊاڪٽر رشيد جالنڌهري (لاهور)، ڊاڪٽر
جميل جالبي، ڊاڪٽر فرمان فتح پوري، (ڪراچي)، نامور
پشتو شاعر غني خان (صوبه سرحد)، ايران شناسيءَ جي
ماهرن: آغا جعفر محبوب ۽ ڊاڪٽر علي اڪبر جعفري،
انگريز عالمن: ڪرسٽافر شيڪل ۽ ڊيوڊ چِيزِمَئِن،
جرمنيءَ جي ممتاز مستشرقہ پروفيسر اينيمري شمل ۽
چين جي مرڪزي ادبي انجمن جي نائب صدر، مسٽر چومنگ
سان سندس دوستانا لاڳاپا قائم ٿيا. چومنگ مٿس هڪ
سٺو مضمون لکيو ۽ عالمي شهرت واريءَ روزانه ”پيپلس
ڊيلي“ (Peoples
Daily)
سندس جامع انٽرويو ڇاپيو.
ڄام شوري ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده عمارتن جي
اڏاوت ۽ پرنٽنگ پريس جو قيام ۽ اسلام آباد ۾
اڪادمي اديبات پاڪستان جي پرشڪوه عمارت جي تعمير،
سندس اڻٿڪ ڪوششن جا نتيجا آهن.
سندس ڪتابن ۾ ”آبحيات“ ۽ ٻيا افسانا، ”جهڙا گل
گلاب جا“ اديبن جي خاڪن جو مجموعو ”سنڌ جا بر، بحر
۽ پهاڙ“ مشهور آهن.
تازو سنڌي ادبي بورڊ ۾ سندس چيئرمين مقرر ٿيڻ تي،
سنڌ جي عالمن، اديبن، دانشورن ۽ اعليٰ عهديدارن:
روبرو ملاقاتن ٽيليفونن ۽ خطن وسيلي کيس مبارڪ
ڏني، ۽ سنڌي ادبي بورڊ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار
ڪيو. اُنهن ڪرم فرمائن ۾ مسٽر نثار ميمڻ، وفاقي
وزير اطلاعات ۽ ترقيءَ ابلاغ، حڪومت پاڪستان، مسٽر
عاشق حسين ميمڻ، سيڪريٽري ثقافت سنڌ، جناب مظهر
الحق صديقي، وائيس چانسيلر، سنڌ يونيورسٽي،
پروفيسر اسد الله قاضي، وائيس چانسيلر اسريٰ
يونيورسٽي، مخدوم ڊاڪٽر رفيق الزمان، ناظم ضلعو
حيدرآباد، مخدوم سعيد الزمان، مخدوم جميل الزمان،
پروفيسر قوي احمد، مسٽر نياز پنهور ۽ ڊاڪٽر خير
محمد لاڙڪ، ميمبر، سنڌي ادبي بورڊ، پير سائين وهب
الله شاهه راشدي ۽ مسٽر عبدالله شاهه راشدي، قاضي
اسد عابد، سيڪريٽري جنرل، آل پاڪستان نيوز پيپرس
سوسائٽي، مسٽر گل محمد عمراڻي، ڊئريڪٽر جنرل، ڪلچر
سنڌ، مسٽر محمد اسحاق لاشاري، ايم. ڊي، سنڌ ٽوئرزم
ڊولپمينٽ ڪارپوريشن، مسٽر حمير سومرو، مسٽر عمران
حسين سومرو، پروفيسر مسز ممتاز ڀٽو، پرفيسر چاند
بيبي سلطانه، محمد صالح راڄڙ، شوڪت حسين شورو،
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو ۽ تاج جويو، عبدلرزاق
چانڊيو، مجيد پنهور، منظور پنهور، اعجاز قريشي،
نور الدين سرڪي، حميد سنڌي، نصير مرزا، شيخ محمد
اسماعيل، ڊاڪٽر محمود مغل، عبدالغفار صديقي، علي
محمد چنا، نذير احمد ميمڻ، مراد علي نطاماڻي، مظهر
يوسف، سليمي صاحب، آغا نور محمد پٺاڻ، مسٽر محمد
علي ڏيپلائي، ڊاڪٽر محمد بخش ڏاهري، مسٽر عبيدالله
جتوئي، مسٽر نظام الدين ميمڻ، ڊاڪٽر گل حسين
لغاري، مسز ثمينه وقار، مسز ممتاز پير علي راشدي،
مسز رشيده بلوچ (اسلام آباد) شامل آهن ــ منجهانئن
ڪن ڪرم فرمائن جا خط هيٺ پيش ڪجن ٿا:
عزيز غلام رباني،
اسلام عليڪم:
سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مقرر ٿيڻ تي منهنجي دلي
مبارڪباد قبول ڪندا. بلاشبه، اِنهيءَ عهدي لاءِ
اوهان هر طرح ۽ بجا طور موزون ۽ مستحق آهيو.
دعائن ۽ سلامن سان،
مخلص
18-7-2002ع مظهر الحق صديقي
سنڌ يونيورسٽي، وائيس چانسيلر، سنڌ
يونيورسٽي
ڄام شورو سنڌ
محترم رباني صاحب،
السلام عليڪم:
خداوند تعاليٰ اوهان کي خوش ۽ آباد رکي!
سنڌي ادبي بورڊ ۾ بطور چيئرمين اوهان جي مقرري
واري خبر منهنجي لاءِ خوشيءَ جو باعث آهي. دلي
مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
حيدرآباد
16-7-2002ع شيخ محمد
اسماعيل
حيدرآباد
محترم غلام رباني آگرا صاحب،
السلام عليڪم:
اڄ اخبارن ۾ اهو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ته سنڌ سرڪار
اوهان کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ
فرمايو آهي. ڏاڍي خوشي ٿي، ته سرڪار توهان جهڙي
مخلص ۽ اداري جي سڄڻ جو انهيءَ عهدي لاءِ انتخاب
ڪيو آهي. پنهنجو واسطو ’خط و ڪتابت‘ وسيلي ٿيو ۽
آخرڪار هڪ ’گَنِجريل‘ علمي ادبي مسئلي ۾ خير
خوبيءَ سان ڪاميابي ڪئيسون. مون ڏٺو ته اوهان کي
جيڪو ڪم ڪرڻو هوندو آهي، سو نيڪ نيتيءَ سان ڪندا
آهيو.
هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي ۽ پنهنجن ڀائرن طرفان توهان
کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اميد ته توهان خيريت
سان هوندا.
ٽنڊو جان محمد
16-7-2002ع مخلص
ڊاڪٽر محمد بخش ڏاهري
عزيزم غلامي رباني
السلام عليڪم:
هتان جي انگريزي اخبارن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين
تشڪيل ۽ اوهان جي چيئرمين ٿيڻ جي خبر پڙهيم.
منهنجي دلي مبارڪباد قبول ڪندا.
مون کي پوري پوري اميد آهي، ته سنڌي ادبي بورڊ،
جهڙو باوقار ادارو اوهان جهڙي لائق انسان جي قيادت
۽ صلاحيت سان اڃا به وڏو وقار ماڻيندو.
ڪراچي
18-7-2002ع مخلص
ڊاڪٽر محمد بخش ڏاهري
عزيزم غلام رباني
السلام عليڪم
هتان جي انگريزي اخبارن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين
تشڪيل ۽ اوهان جي چيئرمين ٿيڻ جي خبر پڙهيم.
منهنجي دلي مبارڪباد قبول ڪندا.
مون کي پوري پوري اميد آهي، ته سنڌي ادبي بورڊ
جهڙو باوقار ادارو اوهان جهڙي لائق انسان جي قيادت
۽ صلاحيت سان اڃا به وڏو وقار ماڻيندو.
ڪراچي
18-7-2002ع
مخلص
س. ا. سليمي
ڪراچي
محترم رباني صاحب
السلام عليڪم: اميد ته خيريت سان هوندا.
توهان جون مهربانيون آهن، جو ياد ڪندا رهو ٿا.
ٿورائتو آهيان.
سنڌي ادبي بورڊ اسان جو قومي ادارو آهي ۽ توهان جي
اُن سان وابستگي تمام پراڻي آهي. سو، اداري جي
بهتري ۽ ڀلائي جو اوهان کي اونو هوندو. عهدو هڪ
ذميواري آهي، بورڊ جي چيئرمين يا سيڪريٽري ڳالهه
ساڳي آهي. اصل ڳالهه آهي مڪمل سچائي سان ذميواريءَ
کي نڀائڻ.
اُميد آهي ته اوهان نئين جذبي ۽ اُتساهه سان هن
قوم جي اداري جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
شال سدائين خوش هجو.
22-7-2002ع نيڪ
تمنائن سان،
واري تڙ، سکر. ادل
سومرو
مانوارا سائين غلام رباني
السلام عليڪم:
اميد ته خوش باش هوندا.
سنڌي ادبي جو چيئرمين ٿيڻ تي واڌايون! مون کي بي
حد خوشي ٿي آهي، جو اوهان جهڙي لائق شخص کي اداري
جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. هونئن به اوهان سڄي
عمر انهيءَ اداري لاءِ پنهنجو رت ست ڏنو آهي.
18-7-2002ع دعاگو
ڪنڊيارو قاضي غلام نبي
ناشاد
سنڌي ادبي سنگت
(رجسٽرڊ)
خانواهڻ، ضلعو
نوشهروفيروز
برادرم محترم غلام رباني آگرا
السلام عليڪم:
توهان کي مبارڪون هجن. توهان کي سنڌي ادبي بورڊ جي
چيئرمين طور تقرر جو احوال معلوم ڪري خوشي ٿي آهي.
هي منصب توهان لاءِ ڪو وڏو اعزاز ناهي، ڇو ته هن
کان اڳ توهان وڏن قومي ليول جي ادارن جا سربراهه
رهي چڪا آهيو، سو، توهان جو سنڌي ابي بورڊ جي
چيئرمين جي عهدي تي تقرر نهايت مناسب آهي.
18-7-2002 نيازمند
حيدرآباد ڊاڪٽر عبدالرحمان
قريشي
[سابق ميمبر، سنڌي
ادبي بورڊ]
محترم آگرا صاحب
السلام عليڪم:
خوش هجو شال،
اوهان جي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين ٿيڻ جو ٻڌي بي
حد خوشي ٿي اٿم. منهنجي ڌڻيءَ در دعا آهي ته رب
پاڪ اوهان کي زندگي ۾ اهڙين بي شمار عنايتن سان
نوازيندو رهي.
20-7-2002ع نادر
ابڙو
حيدرآباد (ولد مرحوم تاج محمد
ابڙو)
سرڪل آفيسر، عمرڪوٽ،
سنڌ
منهنجا بزرگ سائين آگرا صاحب،
السلام عليڪم: سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مقرر ٿيڻ
تي دلي مبارڪون. شال هميشه تندرستيءَ، ڀلائيءَ ۽
نيڪ ناميءَ سان هجو. والسلام.
نياز مند
عبدالسميع ولد سردار نظام الدين خان کوسو
(مرحوم)
آچر 21- جولاءِ 2002ع
گهر نمبر 5/331 شاهه غازي محله جيڪب آباد
Professorial Office allama I.I. Kazi Chair
ادا غلام رباني
السلام عليڪم: منهنجي 14 اپريل واري خط جي جواب ۾
اوهان جو 26- اپريل وارو خط مليو. اوهان پيار وارو
جواب لکيو آهي، جنهن لاءِ آءٌ ممنون آهيان. اوهان
ذاتي طور تي مون لاءِ هميشه چڱا لفظ پئي چيا ۽
لکيا آهن. مون کي اُنهن جو احساس آهي. مون ڪنهن جو
به احساس ڪونه وساريو آهي. اوهان جي احساس کي به
ياد ڪندو رهندو
آهيان.
تازو، رسالي مهراڻ ۾، ڪنهن غلط فهمي ڪري ڪي اکر
شايع ٿيا، جن جي تلافي ٿيڻ گهرجي. عجب اهو آهي، جو
ساڳئي وقت، انهيءَ قسم جون ڳالهيون، ڪراچي
يونيورسٽيءَ جي رسالي ’ڪلاچي‘ ۾ شايع ٿيون.
29- اپريل 2002ع مخلص
ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ
اولڊ ڪئمپس حيدرآباد پروفيسر
ايمريطس
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، موجوده دور ۾، سنڌ جي
علمَ، ادب ۽ ثقافت جي ’علامت‘ آهي. غالباً، ٻئي
ڪنهن به عالم ۽ محقق، هر هنڌ، پاڻ سرزمين تي وڃي،
سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جو اهڙو اونهو اڀياس
ڪونه ڪيو آهي. بلاشبه، غالب جو هي شعر ڊاڪٽر صاحب
تي صحيح ۽ صادق آهي:
غالب اپنا يه عقيده هي بقول ناسخ
’آپ بي بهره هي جو معتقدِ مير نهين‘
ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادبي بورڊ کي اؤج تي رسائڻ ۾ سالن
جا سال ”بي لوث محنت“ ڪئي آهي ۽ بورڊ پڻ، پنهنجي
وس آهر، سندس خذمت ۾ ڪسر ڪانه ڇڏي آهي. دعا آهي ته
خداوند تبارڪ و تعاليٰ ڊاڪٽر صاحب جي صحت سلامت
رکي، عمر دراز ڪري ۽ سڄيءَ سنڌ تي سندس سايو قائم
رکي.
ـــ ادارو
محترم غلام رباني
السلام عليڪم:
اخبارن ۾ خبر ڇپي آهي ته سنڌ سرڪار اوهان کي سنڌ
جي اهم ادري، سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو
آهي. آءٌ دل جي گهراين سان اِنهيءَ مقرريءَ تي
اوها کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. دراصل، ڪافي جاين
تي اهو اظهار ڪيو ويو هو ته ’سنڌي ادبي بورڊ معنيٰ
غلام رباني آگرو ۽ غلام رباني آگرو معنيٰ سنڌي
ادبي بورڊ.‘ اوهان جن حالتن ۽ مشڪلاتن هيٺ بورڊ کي
زنده رکڻ لاءِ جاکوڙ پئي ڪئي آهي، تنهن کان هر شخص
واقف آهي. اُنهيءَ حقيقت کان ڪوبه انڪار ڪونه
ڪندو. سو، حڪومت سنڌ جو اهو قدم سنڌي ادبي بورڊ
لاءِ نهايت مناسب آهي.
منهنجي دعا آهي ته مولا ڪريم اوهان کي هر طرح
ڪامياب ڪندو! آمين
والسلام
17-7-2002ع مخلص
حيدرآباد ڊاڪٽر غلام علي
الانا
محترم غلام رباني
اخبارن ۾ خبر پڙهي ’خوشي‘ ٿيم، ته توهان کي سنڌي
ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. انهيءَ کي
چئبو آهي: ”صحيح ماڻهو صحيح جاءِ تي.“ ــ منهنجون
دلي مبارڪون!
ڪراچي
19-7-2002ع مخلص
مسز ممتاز پير علي محمد
راشدي
|