سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1 ۽ 2 / 2002ع

 

صفحو :20

 ماءُ کي خاموش ڏسندي سوالي ٿو: ”امان، ڪرسمس جو وڻ ڪنوار جي گهونگهٽ جيان چمڪيلو هوندو آهي نه... امان... ڪالهه موتيءَ چنو پئي ته ڪرسمس جو وڻ روشني ڏيندو آهي ۽ تجلا پڻ. موتي چيو ته وڻ اسان وٽ ناهي هوندو، ٻئي هنڌ هوندو آهي، جتي دڪان سينگاريل هوندا آهن، گهرن ۾ روشنيون ڪيون وينديون آهن، ماڻهو نوان نوان ڪپڙا پائيندا آهن... امان ٻڌاءِ ته ڪرسمس جو وڻ ڪٿي هوندو آهي؟“

ننڍڙي يسوع جي ذهن ۾ اُٿندڙ سوال ماڻهس کي صليب تي چاڙهي ڇڏين ٿا. هوءَ ائين محسوس ڪري ٿي ڄڻ هوءَ عيسيٰ صليب جي وارث بڻجي صليب تي چڙهي هجي.

”امان... موتيءَ چيو پئي ته اڇين مُڇن ۽ ڏاڙهيءَ وارو سانتاڪلاز به هوندو آهي جو ٻارن کي اوٻاريل آنن جا تحفا ڏيئي کن پل ۾ گم ٿي ويندو آهي. امان! مان سانتاڪلاز وٽ ويندس، هن کي ست اوٻاريل آنا وٺندس. کيس چوندس ته مون ڪڏهن به توهان کان هڪڙو به اوٻاريل آنو ناهي ورتو. هاڻ ته مان ستن سالن جو ٿيو آهيان، تنهن ڪري ست آنا ته منهنجا حق ٿيا. امان! مان اوٻاريل آنا ته ڪڏهن به ناهي کاڌا... امان.... ٻڌاءِ نه سانتاڪلاز ڪٿي ملندو؟“

ماڻس پٽ جي چاهتن جي صليب تي چڙهي پوي ٿي. هن وٽ ڪوبه جواب ناهي ته کيس ڇا جواب ڏئي. هن به رڳو خواب ڏٺا هئا، جي يسوع جي پيءُ جي موت کان پوءِ خوفناڪ بڻجي پيا هئا. ڀلا هن کي ڪهڙي خبر ته سانتاڪلاز ڪير آهي؟ هن لاءِ سندس ورئي سڀ ڪجهه هو، جو جوانيءَ ۾ کيس ارمانن جي صليب تي چاڙهي پاڻ وڃي ڀونءَ ۾ ملي ڀون ٿيو هو!

”امان.... تون چُپ ڇو آهين... ٻڌاءِ نه...“ ننڍڙو يسوع، ماءُ کان حسرت منجهان پڇي ٿو.

هوءَ يخ سرديءَ ۾ ڄڻ ڄمي ويئي آهي. ائين ٿي ڀانئي، ڄن سندس وجود منجهه رت ڊوڙڻ ڇڏي ڏنو هجيس. هوءَ بيجان يڪ ٽِڪ پُٽس ڏانهن تڪي رهي آهي.

”امان... مان ڪرسمس جو وڻ ڏسڻ ويندس. جتي دڪان سينگاريل هوندا آهن، گهر روشن هوندا آهن، ۽ جتي سانتاڪلاز منهنجي لاءِ اوٻاريل آنن جو تحفو کنيو انتظار ڪري رهيو آهي. امان... مان ڪرسمس جو وڻ ڏسڻ ويندس.“

ننڍڙو يسوع بئنچ تان اُٿندي، پيرن اگهاڙو، مٿي اگهاڙو، يخ سرديءَ ۾ وڃي ٿو روڊ تي ڊورندو... پنهنجي ننڍڙي ذهن ۾ اڏيل ماڳ ڏانهن، جتي ڪرسمس جو وڻ آهي، جتي سانتاڪلاز ننڍڙي يسوع لاءِ ستن اوٻاريل آنن جو تحفو کنيو سندس اوسيئڙي ۾ بيٺو آهي!

يسوع جي ماءُ، پاري جهڙي وسندڙ سرديءَ ۾ ٺري ويئي آهي. سندس چپ سرد بڻجي پيا آهن. هوءَ رڙ ڪري يسوع کي سڏڻ ٿي چاهي، پر پاري جهڙي سرديءَ سندس جسم ۾ ڊوڙندڙ رت کي ڄمائي ڇڏيو آهي. هوءَ؟ اکين منجهان لارون ڪري وهندڙ ڳوڙهن سان پُٽ کي روڊ تي ڊوڙندي ڏسي رهي آهي.

 

 

غلام رباني آگرو                       [سفر نامو]

 

بنگلاديش ۾ ڏهه ڏينهن

جنرل ارشاد بنگلاديش تي حڪومت ڪري رهيو هو. پاڪستان سرڪار کي دعوت نامو موڪيائين ته ”اسان ڊاڪا ۾ ايشيا جي ملڪن جي شعر و شاعريءَ ۽ ادب جي جشن ملهائي رهيا آهيون، اوهان به پنهنجو وفد موڪليو.“

حڪومت مون کي پنهنجي وفد جو اڳواڻ چونڊيو ۽ ملڪ جي قومي ۽ صوبائي ٻولين مان ڪي اديب ۽ شاعر ميمبر ڪري کنيا، جن ۾ نامور مزاحيه اديب ۽ شاعر (رٽايرڊ) ميجر سيد ضمير جعفري به شامل هو. اسلام آباد ۾ ضمير جعفري منهنجو ڀائرن جهڙو دوست هو. اسان ٻئي ڄڻا هوائي جهاز ۾، ڪراچيءَ آياسين. ايئرپورٽ جي ويجهو ’مڊوي هوٽل‘ ۾ رات رهياسين. حيدرآباد مان ڪي سنڌي اديب ملڻ آيا، جن ۾ منهنجو عزيز، الطاف آگرو به شامل هو. ساڻس سٺي ڪچهري ٿي. صبح جو ’سپر ڪانسٽيليشن‘ جي هڪ هوائي جهاز رستي ڊاڪا روانا ٿياسون. جيڪو ايڏو ته پراڻو هو، جو ڊپ ٿي ٿيو ته ڪٿي ڪِري نه پوي!

ڊاڪا ايئرپورٽ تي پروفيسر علي حسن ۽ هڪ نوجوان بنگالي اديبہ ادان جي استقبال لاءِ بيٺا هئا. پروفيسر علي حسن ڪنهن زماني ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڪري رهيو هو. سو، منهنجو واقف هو. البت، بنگالي اديبہ ٻُڌلَ ۽ ڏِٺل ڪانه هئي. سندس نالو محترمہ شهناز ٻڌايائون. پروفيسير علي حسن ۽ منجهس هڪڙي ڳالهه نمايان هئي: پروفيسر علي هسين عمر جي لحاظ کان ٻڍو هو. قد جو ڊگهو هو ۽ انهيءَ ئي نسبت سان ڊگهي سونهاري رکي هئائين. اُن جي ابتڙ، محترمہ شهناز ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي. قدرت کيس سونهن ۽ عقل جي نعمتن سان فراخدليءَ سان نوازو هو، سو اسان کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويو ته بنگال جو جادو ايڏو مشهور ڇو ٿيو آهي!

اسان کي ”ڊاڪا شيريٽن هوٽل“ ۾ ٽڪايائون، جيڪا اوڀر پاڪستان جي زماني ۾ ’ڊاڪا انٽر ڪانٽيننٽل‘ سڏبي هئي. هر اديب ۽ شاعر کي جدا جدا ڪمرو مليو. سيد ضمير جعفري ۽ پاڪستاني وفد جا ٻيا رفيق منهنجي آمهون سامهون وارن ڪمرن ۾ لٿا. منهنجي ساڄي پاسي واري ڪمري ۾ هڪرو ٻڍڙو ترڪ پروفيسر هو ۽ کاٻي پاسي هڪ ايراني خاتون جيڪا ستت مون سان گهري گهاٽي ٿي ويئي، ڇو ته مون کي ٽٽل ڦٽل فارسي ايندي هئي.

البت، ترڪ پروفيسر ۽ منهنجو مسئلو اِهو هو ته:

زبانِ يارِ من ترکي

و من ترکي غمي دانم

’جشن ڊاڪا‘ لاءِ پاڪستان، هندستان، نيپال، سري لنڪا، ايران، ترڪي ۽ ڪوريا سان گڏ ٻين الائي ته ڪيترن ايشيائي ملڪن مان وفد گهرايا هئائون. ستت، سڄي هوٽل انهن سان ڀرجي ويئي.

روز، صبح جو اسان جو ادبي اجلاس ٿيندو هو، جنهن ۾ ڪونه ڪو اديب پنهنجي ملڪ جي ادبي لاڙن بابت پيپر پڙهندو هو، جن تي سوالُ جوابُ يا هلڪو سلڪو بحث مباحثو به ٿي ويندو هو.

هڪ ڏينهن صبح جو ادبي اجلاس ۾ وياسين. غالباً، جپاني اديب پيپر پڙهيو، جنهن ۾ پنهنجي ملڪ جي دجديد شاعريءَ کي گهڻو ساراهيائين. ڪنهن ٻئي ملڪ جي مندوب ٽوڪ ڪيس:

“Friiend, you are taking of woolen heights.”

سڄي هال ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو.

ٻاهر نڪتاسين، ته مون دلجوئيءَ لاءِ ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ چيو ته ”هر هنڌ، اهڙا هلڪڙا شخص فقره بازي ڪندا آهن. دل ۾ نه ڪجي.“

مرڪي چيائين ته، ”اسان وٽ به اهڙن ڪريل ڪردارن جي ڪمي ڪانهي.“

اسان گڏجي لنچ کاڌي ۽ ڪچهري ڪئي. موڪلائڻ مهل ”جپاني تنڪائن“ جو ڪتاب (اردو ترجمو) تحفي طور ڏنائين.

اسان جو شام جو سمورو وقت گهمڻ گهتڻ ۾ گذرندو هو. ڪاڏي به وڃڻ تي روڪ ٽوڪ ڪانه هئي. سرڪاري موٽرون هر وقت حاضر هونديون هيون. اردو مهاوري ۾ ائين چئجي ته ”هر ڏينهن عيد جو ڏينهن هو.“ کائڻ پيئڻ جا ته ڏاڍا مزا هئا. سنڌ ۾ چوندا آهن ته ”لٺ، ڌُڪو کڻجي ڀاءُ جي خاطر پر شاهدي ڏجي خدا جي خاطر.“ سو، سچي ڳالهه اِها آهي ته بنگالي ڏاڍا مهذب ماڻهو ۽ مهمان نواز ثابت ٿيا. هوٽل کي حڪم ڏئي ڇڏيو هئائون، ته مهمان جيڪي به طعام گهرن، سي کين پيش ڪريو.

پيڻ جي معاملي ۾ هونئن ته هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي پسند هئي. پر، ڪچي سبز ناريل جي پاڻيءَ جي گُهرَ گهڻي هئي، جنهن کي ’ڊابُ‘ پئي ڪوٺيائون. ـــ ڏاڍو خوش ذائقه هو.

اسان پاڪستاني وفد جا ميمبر روزانو شام جو، گهمي ڦري، رات جي ماني ٽِڪي کائي، ايراني خانم جي ڪمري ۾ ڪچهري ڪرڻ ويندا هئاسين. سٺي شاعره هئي. يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر رهي چڪي هئي. هاڻي، ايران ۾ ڪنهن اعليٰ عهدي تي آهي. پر، مان ڄاڻي ٻجهي سندس نالو ڪونه ٿو کڻان، جو منع ڪئي هئائين. وٽس سبز چاءِ جو دور هلندو رهندو هو ۽ ادبي ڳالهيون ٻوليون ٿينديون هيون.

هڪ دفعي، اهڙيءَ ڪنهن مجلس ۾، شعرُ شاعري، لطيفا ۽ ڳالهيون ٻولهيون ٻڌائيندي، خانم پنهنجو فارسي شعر ٻڌايو، جو منهنجي ذهن تي نقش ٿي ويو. پر، شعر ٻڌائن کان اڳ اهو ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو، ته هن اِهو شعر تڏهن چيو هو، جڏهن شاهه ايران، پنهنجي ملڪ جي مٿان ’ساوڪ‘ جي زور تي، وڏيءَ دٻڙ دؤنس سان، حڪومت ڪري رهيو هو:

تو گاهه جي پنن کي چيٿاڙڻ لاءِ

مٿانئن سيمنٽ پلاسٽر ڪرائي ڇڏيو!

پر، ڏس ته گاهه جا پن (ڊَڀَ جا پَنَ) پلاسٽر کي ٽوڙي،

ڪيئن نه ٻاهر نڪري آيا آهن!

هڪ رات حسب دستور، ايراني خانم وٽ ڪچهري ٿي. پر، مان ڄاڻي ٻجهي، سڀني کي اڳي وٽس پهتس ۽ رازداريءَ ۾ چيم ته ”اڄ صبح جو مون سان وڏي جُٺِ ٿي آهي. اوهان سان پنهنجي منهن اها ڳالهه ڪرڻ آيو آهيان.“

حيران ٿي چيائين ته، ”ڪهڙي؟“

مون چيو ته ”صبح جو سوير مان اڃا بستري ۾ ئي هئس، ته ڪمري جو دروازو کليو. ڀانيم ته بيئرر دستور موجب، بيڊ ـــ ٽي کڻي آيو آهي. پر، هو اچڻ شرط اول دروازي وٽ بيل وڄائيندو آهي، پوءِ اندر بٽڻ دٻائي، بتي ٻاريندو آهي. اڄ بتي ته ڪانه ٻري. البت، مون ڪنهن جي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ ۽ هلڻ جي آهٽ ٻڌي! هن بيڊ وٽ اچي، مون کي سرٻاٽ ڪري، انگريزيءَ ۾ چيو: ”پيٽر، تون اڃا ستو پيو آهين!“

مون سمجهيو، ته آواز ڪنهن يورپي عورت جو آهي، جا هوٽل ۾ ٽڪيل هوندي. کيس نهايت شائسته نموني ۾ چيم ته ”محترمه، اوهان کان ڀُلَ ٿي آهي. مسٽر پيٽر شايد ڪنهن ٻئي ڪمري ۾ آهي.“

اِهو ٻڌي، يورپي خاتون “I am so Soory!” - - “Sorry!” چوندي، منهنجي ڪمري مان تڪڙي تڪڙي نڪري ويئي. سندس ’هاءِ ـــ هيل‘ سئنڊل جي ٽَڪِ ٽَڪِ مان ڄڻ ته اڃا ٻڌي رهيو آهيان.“

مون اڃا ڳالهه ڪري پوري مس ڪئي، ته ايراني خانم کل ۾ اچي ڇُٽڪي! بس، پوءِ ته جيئن ئي اسان جي وفد جا ساٿي هڪ هڪ ٿي سندس ڪمري ۾ ايندا ويا، ته خانم واري واري تي، مون ڏانهن نهاري، اول ته مشڪڻ شروع ڪري، پوءِ هر گهڙيءَ فوني تي اهو رڪارڊ چاڙهيندي رهي ته

“Peter, are you still sleeping!”

ڪچهري ڪري هرڪو پنهنجي ڪمري ۾ ويو. رات خير جي گذري وئي. پر، صبح جو سوير مان اڃا بستري ۾ ئي هئس ته بيرو چاءِ کڻي اچي ئي اچي، تنهن کان اڳ، واقعي ڪا خاتون منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿي، آهستي آهستي منهنجي بيڊ وٽ آئي، ۽ سُرٻاٽ ڪري چيائين ته:

“Peter, are you still sleeping!”

مون آواز سڃاتو.

ڪَرَ موڙي، بيڊ ۾ اُٿي ويٺس.

خانم کِلي ڏنو ۽ سامهون واري صوفا سيٽ تي وڃي ويٺي. صبح جي نماز پڙهي آئي هئي، سو مٿي تي ’حجاب‘ اڃا ٻڌل هئس. لاٿائين، ته زلف سندس ڪلهن تي پکڙجي ويا. چهري جا خدوخال سندس پوئتي موٽندي جوانيءَ ۽ سونهن جي ساک ڏيئي رهيا هئا.

مان ٽٿ برش ڪري آيس، ته خانم چاءِ جو ڪوپ ٺاهي ڏنو. ٻيو پاڻ کنيائين ۽ بيرر کي چيائين ته ”صاحب ۽ منهنجو ناشتو هِتِ کڻي اچ.“

ناشتو ڪري، اسان هيٺ لٿاسين. انهيءَ ڏينهن ادبي اجلاس ڪونه ٿيو. رڳو ٺهراءَ پاس ٿيا. جن جو مقصد ايشيا جي ادبين کي هڪٻئي کي ويجهو آڻڻ هو.

هڪ ڏينهن، صبح جو ادبي اجلاس جي وقفي ۾، بنگلاديش جي صدر، جنرل ارشاد، سمورن مندوبين (Delegates) جي مان ۾ ’ٽي پارٽي‘ ڏني. جڏهن سڀ مهمان چاءِ تي، گپ شپ ۾ مشغول هئا، ته هن پنهنجي يارهن ٻارهن سالن جي پٽ کي آڱر سان اشارو ڪري چيو ته ’هو مهمان پاڪستان مان آيل اٿئي، ساڻس وڃي مل.‘

مون کي پاڪستاني لباس پيل هو، سو اُن ڳالهه تي ته حيرت ڪانه ٿيم، ته جنرل ارشاد کي ڪيئن خبر پئي، ته مان پاڪستاني آهيان. پر، سوچڻ لڳس ته ’سمورن مهمانن جي وچ ۾ هن پنهنجي پٽ کي رڳو مون سان ملڻ لاءِ ڇو چيو؟‘ ـــ اوچتو منهنجي اکين اڳيان هڪ تيز رفتار فلم جادوگر پاڪستان جي ٺهڻ ۽ اوڀر پاڪستان جي جدا ٿيڻ جا منظر لحظي ۾ لنگهي ويا. ۽ شدت سان احساس ٿيم، ته ’مار! مان هِتِ ڪو سئر ۽ تفريح ڪرڻ ڪونه آيو آهيان. پر، هڪ عظيم اجتماع ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ آيو آهيان!“

جنرل ارشاد جو نينگر مون تائين پهچي ئي پهچي، تنهن کان اڳ مان تڪڙو تڪڙو ڏانهس وڌيس ۽ کيس مٿي تي هٿ گهمائي، دعا ڪري، وڃي جنرل ارشاد سان مصافحو ڪيم.

جنرل ارشاد نهايت سٻاجهي لهجي ۾ انگريزيءَ ۾ پڇيو ته ”رهائش ۾ ڪا تڪليف ته ڪانهي؟“

مون سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ موٽي ساٿين وٽ آيس. پر، جنرل ارشاد سان انهيءَ مختصر ملاقات ۾ اهو ادراڪ ٿيم ته ’مان هِتِ حساسُ نگاهن هيٺ آهيان.‘

جنرل ارشاد جي ٽي ــــ پارٽيءَ ۾ ٻڌڻ ۾ آيو ته هڪڙي ڏينهن پاڪستان جو سفارتخانو ٻاهرين ملڪن مان آيل مڙني مندوبين جي مان ۾ لنچ ڏيندو. ٻيءَ رات، بنگلاديش جو وزيراعظم ڊنر ڏيندو. آخرين رات تي جنرل ارشاد ڊنر ڏيندو، جنهن ۾ ايشيائي مڪلن جي مندوبين (Delegates) سان گڏ بنگلاديش جا وزير، قومي اسيمبليءَ جا ميمبر ۽ دنيا جي مختلف ملڪن جا سفير پڻ شريڪ ٿيندا.

بنگلاديش مان پاڪستاني سفارتخانو هڪ سهڻي عمارت ۾ هو. هڪ ڏينهن، ادبي اجلاس پورو ڪري، سفارتخاني ۾ لنچ ڪرڻ وياسين. هڪڙي هال ۾ گول ميزون رکيل هيون. هر ميز تي ڇهه ست ڄڻا ويٺل هئا، جن ۾ ڪي بنگالي، ته ڪي غير بنگالي اديب ۽ شاعر هئا. عورتون ۽ مرد گڏ ويٺا هئا.

اسان واريءَ ميز تي منهنجي ڀرسان هڪ ڪرسي خالي پئي هئي. ڪجهه دير گذري ته اُها بنگالي خاتون، جنهن پهرئين ڏينهن پروفيسر علي حسن سان گڏ اسان جو ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو هو، سا، مختلف ٽيبلن جي وچ ۾ گهمندي ڦرندي، اسان واريءَ ميز وٽ آئي، ۽ خالي ڪرسي تي اچي ويٺي. سونهن کي ڪا پنهنجي سرهاڻ ٿئي ٿي. سو، سندس اچڻ سان سڄو ماحول سرهو ٿي ويو. گفتگوءَ جو آغاز ڪندي، چيائين ته ”سيمينار جي ڪمن ۾ ڏاڍو مشغول آهيون، سو اوهان سان وري ملاقات ڪانه ٿي. پر، اڄ پاڪستاني سفارتخاني جي دعوت ملي، ته هلي آيس. سوچيم، ته اوهان سان ملاقات جو موقعو ملندو. پهريائين اهو ٻڌايو ته سيمينار ڪامياب ٿيو آهي يا نه؟“

مون جواب ڏنس ته، ”سيمينار ڪامياب ٿيو آهي. اسان مختلف ملڪن جا مندوبين هڪٻئي جي ذهني ۽ ادبي لاڙن کان واقف ٿيا آهيون، مفاصلا دور ٿيا آهن، قربتون وڌيون وڌيون آهن. اُن کان وڏي ڪهڙي ڪامبيابي ٿي سگهي ٿي؟“

’قربتون وڌيون آهن‘، لفظن تي زور ڏئي، چيائين، ته ”اِها ته وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي. پر، سچ پچ ائين آهي، يا هي رڳو چئن ڏينهن جو چُٽڪو آهي: نقش بر آب آهي.“

مون چيو ته، ”هزار ميلن جو سفر به ته آخر پهرينءَ وککڻڻ سان شروع ٿيندو آهي.“

کِلي چيائين ته ”اِهو صحيح آهي.“

مون پڇيس ته ”يونيورسٽيءَ ۾ ڇا ڪندا آهيو؟“

چيائين ته، ”ريسرچ ـــ اڄڪلهه فرانسيسي مفڪرُ روسو منهنجي ريسرچ جو سبجيڪٽ آهي. سندس نظريو آهي ته ’انسانَ هر هنڌ آزاد ۽ برابر ٿين ٿا. پر، سماج مٿن زنجيرون وجهي ٿو.‘ پر، مان نٿي ڀايان ته ائين آهي!

پنهنجي پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ هندو مذهب وارن جو ته عقيدو ئي اِهو آهي ته ’هڪڙا ناسان‘ ماءُ جي پيٽان ئي اُتم ۽ اعليٰ پيدا ٿين ۽ ٻيا پليت، نجس ۽ ناپاڪ.‘ ـــ ائين آهي يا ناهي، سو، ٿيو هڪ مذهبي عقيدو. پر، ماءُ جي پيٽان سڀ انسان هڪجهڙا پيدا ٿين ها ته اهو پهاڪو ڇو ٺهي ها ته ”ماءُ ڄڻيندي پٽڙا، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.“

مون چيو ته، ”ان جو مطبل اهو ٿيو ته اوهان روسي جي نظريي سان متفق ناهيو.“

شهنشاز چيو ته، ”پر حقيقت به ته آهي ته ماءُ جي پيٽان هڪڙا ٻار سهڻا، صحمتند ۽ سمجهندار پيدا ٿين ٿا. ٻيا ڪوجها، ڪمزور ۽ عقل کان عاري. مون کي ٻڌايو ته، سڀ انسان هڪجهڙا ڪاٿي پيدا ٿين ٿا؟ خود روسي جي مُلڪَ، فرانس ۾ به ڪونه ٿا ٿين. ڪاٿي به ڪونه ٿيا ٿين ـــ انسانَ ته ڇڏيو، آسمان جا تارا به برابر ڪونه ٿا ٿين. هڪڙا ننڍا ٿين ٿا، ته ٻيا وڏا، حقيقت اها آهي ته ’يڪ ـــ رنگي‘ فطرت (Nature) جو قانون ڪونهي.“

شهناز چيو، ”پر، هاڻي ڇڏيو اِنهن ڳالهين کي، اچو ته ڪا هلڪي سلڪي ڳالهه ٻولهه ڪريون.“

مون چيو ته، جيڪا پڇو؟“

سُرٻاٽ ڪري پڇيائين ته ”مون کي ساڙهي ڪيئن ٿي لڳي؟“

مون چيو ته، ”سٺي ٿي لڳي.“

مرڪي چيائين ته، ”منهنجي دل رکڻ لاءِ ائين چئو ٿا يا؟“

مون چيو ته: ”ساڙهي سچ پچ اوهان کي ڏاڍي ٺهي ٿي. پر، جي اها ڳالهه بلڪل صحيح لفظن ۾ بيان ڪندس، ته اوهان وري ڪي غلط مطلب ڪڍندؤ.“

اهو ٻڌي ڏاڍي کِلي!

چيائين ته ”اُن ڏينهن ايئرپورٽ تي بشرٽ ۽ جينس پائي آئي هئس، جو عام طرح سان يونيورسٽيءَ ۾ اِهو ئي لباس پائي ويندو آهيان. پر، سفارتخانن جي دعوتن ۾ قومي لباس پائي وڃبو آهي، سو، مان به اڄ پنهنجو ’قومي لباس‘ پائي آئي آهيان.“

پروفيسر علي حسن اسان کي ائين راز نياز ۾ ڳالهائيندي، ڏسي، پري کان پڇيو ته: ”آگرا صاحب، ڪهڙي گفتگو ٿي رهي آهي؟“

مون کيس مختصر نموني ۾ ڳالهه کان واقف ڪيو هو. هو پنهنجيءَ ميز تان ڪرسي کڻي اچي اسان ڏي آيو.

شهناز چيو ته، ”جي اجازت ڏيو ته مان هلان ٿي، جو ڪاٿي پهچڻو اٿم. سڀاڻي نديءَ ۾ ڪروز جو پروگرام آهي، سو، وري اتي ملنداسين.“

شهناز موڪلائي وئي، ته پروفيسر علي حسن منهنجي ڀرسان اچي ويٺو. چيائين ته ”مون سمجهيو ته اوهان شهناز جي ساڙهيءَ تي طنز ڪري رهيا آهيو.“

اهو ٻڌي مان حيران ٿي ويس. کانئس پڇيم ته، ”ڇو؟“

چيائين ته ”پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ملڪ جو وزيراعظم، پنهنجيءَ بيگم سان گڏ اوڀر پاڪستان جي دوري تي آيو. پاڻ ڪنهن دعوت ۾ ويو، ته پٺيان ڊاڪا جي ڪن وڏ ـــ گهراڻين خواتين سندس بيگم صاحبه جي مانَ ۾ ’گارڊن پارٽي‘ ڏني. بنگالي خواتين اڌ گول ۾ ڪرسيون وجهي ويٺيون جڏهن بيگم صاحبه گارڊن پارٽيءَ ۾ پهتي ۽ پنهنجيءَ ڪرسيءَ تي ويٺي، تڏهن سڄي کٻي نهاري، نرڙ ۾ گهنج وجهي، چيائين ته، ”اوهان هي ’هندوانه لباس‘ ڇو پاتو آهي؟ غرارو ڇو نٿيون پايو؟“

اهو ٻڌي هڪ نوجوان بنگالي خاتون جوش ۾ ٽپ ڏئي اُٿي بيٺي ۽ تيزيءَ سان چيائينس ته، ”بيگم صاحبه! بيبي عائشه به غرارو پائيندي هئي؟“

پروفيسر عيل حسن چيو ته، ”بنگالي خاتونءَ جا اِهي لفظ ٻڌي، بيگم صاحبه شرمسار ته ڪانه ٿي. ورندو، چڙ مان چيائين ته اُها وري ڪير هئي؟“

پروفيسر علي حسن ائين چئي چپ ٿي ويو. ڏُک سندس چهري تي پڌرو بيٺو هو. سندس ڳالهه ٻڌي، مون کي پنهنجن اڳوڻن اڳواڻن جي عقل ۽ بنگالي ڀائرن جي دل آزاريءَ تي ڏاڍو افسوس ٿيو. خاص ڪري، بيبي عائشہ لاءِ بيگم صاحبه جا ’گستاخانه اکر‘ ٻڌي اکيون آليون ٿي ويون.

پروفيسر علي حسن پاڪستاني سفارتخاني وارن ۽ اسان کان موڪلائي ويو، ته اسان به ميزبانن کان موڪل گهري.

هنن چيو ته، ”اڳو پوءِ، شام جو چاءِ پي وڃو.“

اسان چيو ته، ”اسان ’بنگلا اڪيڊمي‘ گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي، سو ڪو ڪم ڪار هجي، ته حڪم ڪريو.“

سفارتخاني جي هڪ عملدار چيو ته ”ٻيو ته ڪم ڪونهي. رڳو اِهو پڇڻو هو، ته اوهان پروين شاڪر کي وفد ۾ شامل ڪونه ڪيو؟“

اسان کيس ٻڇيو ته، ”وفد جي تشڪيل حڪومت پاڪستان جي وزارت تعليم ڪئي آهي.“

تڏهن هن ڪجهه بي تڪلفيءَ جو مظاهرو ڪري چيو ته، ”ڀلا، جيڪڏهن اوهان کي ٽڪيٽ جو انتظام ڪري ڏيون، ته اوهان کيس هاڻي گهرائي سگهو ٿا؟“

اسان چيو ته، ”اوهان ڀلي سفارتخاني جي طرفان وزارت تعليم وارن کي اهڙي اڇ موڪليو. شايد، هو اوهان جي فرمائش تي غور ڪَنِ.“ ـــ اهو ٻڌي، سفارتڪار، البت، مايوس ٿيو. اسان بنگلا اڪيڊمي ڏسڻ هليا وياسين.

’بنگلا ايڪيدمي‘ گهمڻ کان پوءِ، مون کي اهڙي بنگالي اديب يا شاعر سان ملڻ جي آرزو هئي، جيڪو ٽئگور جون ڳالهيون ٻڌائي.

ڪي ڪي شخص پنهنجيءَ قوم ۽ ملڪ جي سڃاڻپ ٿيندا آهن. مثلاً، سنڌ جي سڃاڻپ شاهه ڀٽائي آهي. بنگالي قوم جي سڃاڻپ آهي رابندر ناٿ ٽئگور. جعفري صاحب به انهيءَ راءِجي تائيد ڪئي.

ڊاڪا شيريٽن هوٽل ۾ سندس ڪمري مان هڪ ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻي آيو هئس. نالو هئس ”اڙتي خاڪي“ ان ۾، اردو زبان جي هڪ فرضي شاعر، شاه لعل محي الدين بادشاهه مخدوم جو هڪ مذاحيه خاڪو لکيو هئائين. جو کيس ريلوائي سفر ۾ مليو هو. ساڻس پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

”جب مين اپني ريلوي ڊبي مين واپس داخل هوا تو يه ديکهه که حيران ره گيا که ايک نور وارد ميري سامني والي نشست پر متمکن هين ـــ خوشي کي حد نه تهي که الله ميان ني گويا ايک رفيقِ سفر بش ديا ـــ نووارد پر ايک بهرپور نظر ڊالي تو مين سر سي پري تک کانپ گيا ـــ سرگ باشي ڊاکڻر رابندر ناتهه ٽيگور کي تصوير تو آپ ني ديکهي هوگي ـــ اسن کي نورانيت، روهانيت، ذهانت، عظمت اور نفاست وغيره هر چيرز خارج کرديني کي بعد جو کچهه ره جاتا هي وه نووارد کي شکل مين ميري سامني بيٺها تها“.

مون سيد ضمير جعفري جهڙا اعليٰ اديب ۽ شاعر گهٽ ڏٺا آهن. جڏهن اهڙو اعليٰ اديب ٽئگور کي پنهنجي ڪتاب ۾ انهن صفتن سان ياد ڪري، تڏهن ماڻهو ٽئگور جي عظمت جو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهي ٿو.

سنڌ ۾ سوڀو ٽئگور جون ڳالهيون ڪندو هو، جو پاڻ سال ٻه، ”شانتي نڪيتن“ ۾ پڙهي آيو هو. اها درسگاهه ٽئگور قائم ڪئي هئي.

سوڀي هڪ دفعي ٻڌيو ته جڏهن مان پڙهندو هئس ته ٽئگور ٻڍو ٿي ويو هو. مٿي جا وارَ سڀ سفيد، سونهاري ڊگهي ۽ بلڪل سفيد، اکيون روشن ۽ چهري ۾ معصوميت ـــ اهو هو سندس حيلو. ”شانتي نڪيتن“ جي ساليانن جلسن ۾ پابنديءَ سان ايندو هو.

هڪ ڀيري سالياني جلسي ۾ آيو. راڳ روپ جي محفل هئي. جيئن رات ٺري، تيئن راڳ زور ورتو. ڪنهن مهل ٽئگور موج ۾ آيو، ۽ ڳائڻ شرو ڪيائين. تڏهن عمر اسي ورهين کان مٿي هئس.

جوانيءَ ۾ ڳائڻ، وڄائڻ ۽ رقص جو وڏو ماهر هو. جاگيردار ڪلاس جو سکيو ستابو امير ماڻهو هو. پر، عمر وڏو ’ظالم عنصر‘ (Cruel factor) آهي. اسي ورهين جي عمر ۾، سندس آوازُ، سازَ ۽ سنگيتَ جو ساٿ ڏيئي ڪونه سگهيو. سو، ڏک ۾ سندس اکين مان ڳوڙها ڪرڻ لڳا.

اهو ڏسي، مجلس جا منتظمين، ۽ مهمان توڙي موسيقار سڀ ڏکوئجي ويا. محفلِ موسيقي هڪ شمع وانگر آهستي آهستي اُجهامندي وئي! چؤطرف سناٽو ڇانئجي ويو.

جڏهن ٽئگور سامت ۾ آيو، ته سمورا ميزبان ۽ ڪي خاص مهمان! وڏي ادب ۽ احترام سان، کيس ڀاڪر پائي، سندس رهائشگاهه تي وٺي ويا.

ٽئگور جي انهن ڳالهين ٻڌڻ ڪري به مونکي شوق هو ته ڊاڪا ۾ سندس ڪو يادگار ڏسندس. پر، ڪٿان به رهبري ڪانه ملي. سو، لاچار ڪو ڪتاب پڙهي، رات گذارڻ لاءِ ’ڊاڪا شيريٽن‘ ۾، ڪتابن جي دڪان تي ويس. اڃا جو ڏسان ته سامهون شيلف تي ٽئگور جو ڪتاب ’گيتانجلي‘ رکيو آهي!

تنوير گيتانجليءَ جي ڏاڍي تعريف ڪندو هو. انهيءَ ئي ڪتاب تي ٽئگور کي نوبل پرائيز مليو هو. مون ڪتاب جون ٻه ڪاپيون خريد ڪيون. رات جي ماني اڪيلوئي اڪيلو کائي، ساجهر سويرو، بستري ۾ وڃي ليٽيس ۽ گيتانجلي پڙهڻ شروع ڪيم.

گهڙي نه گذري ته سخت برسات اچي لٿي! جڏهن ڪتاب پڙهي پورو ڪيم، ته برسات وسي وسي جَهڪي ٿي وئي هئي.

دريءَ وٽ وڃي بيٺس ۽ ائين محسوس ڪيم ته سحرِ بنگلا! رڳو ’زلفِ بنگال‘ تائين محدود ڪونهي! ڪو فنڪار، هن مهل اسر جو ويهي بئنسري وڄائي، ته رات جو سناٽي ۾، اُن جو آواز اهڙوئي لڳندو، جهڙي ڪوئل جِي ڪُوڪَ ـــ پر، ٽئگور جي گيت ٻنهي کان مٺِو آهي.

ٽئگور جي گيت ۾ ڏاڍو سوز ۽ درد هو. ’گيتا نجلي‘ منهنجيءَ دل کي ميڻ وانگر ڳاري ڇڏيو هو. بيڊ تي، منهنجي ڳل جي هيٺان، وهاڻي جي ڇَوَ منهنجن اکين جي ڳوڙهن سان آلي ٿي وئي.

ٻئي ڏينهن، شام جو، نديءَ ۾ سير (Cruise) جو پروگرام رکيل هو. ڪجهه اديب ۽ شاعر هليا ۽ ڪجهه پنهنجن پروگرامن سان ويا.

مون کي هاڻي ياد ڪونهي ته ندي ڪهڙي هئي؟ پر، ايترو ياد اٿم ته تمام وڏي هئي. ننڍپڻ ۾، مون سنڌو نديءَ جي عظمت ڏٺي آهي. تڏهن گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراج ڪونه هئا، پنجاب ۾ به تونسه بئراج ڪونه هو. تڏهن پنجاب ۾، (سندس نالي موجب) پنج درياءَ وهندا هئا ۽ پنجند وٽ پنجن ئي جو پاڻي اچي گڏ ٿيندو هو. سو، هيٺ سنڌ ڏي، سنڌوندي تار وهندي هئي. سياري ۾ تڏهن به ڪجهه گهٽبي هئي. پر، اونهاري ۾ ان جو اؤج ڏسڻ وٽان هوندو هو.

نوابشاهه ضلعي ۾ ڀونئرن جي اسڪول مان اونهاري ۾ اسن ڪڏهن ڪڏهن درياءُ ڏسڻ ويندا هئاسين. هڪ ڪناري تان بيهي نهاريندا هئاسون، ته ٻيو نظر ڪونه ايندو هو. پاڻي ئي پاڻي هوندو هو. پري پري بيشمار ٻيڙيون ترنديون نظر اينديون هيون. عجب نظارو هوندو هو.

پر، ڊاڪا ۾، جنهن نديءَ ۾ اسان کي ڪروز لاءِ وٺي ويا، سا ايڏي ته وڏي هئي، جو مان حيران ٿي ويس ته هيءَ ندي آهي يا سمنڊ!

اسٽيمر ايڏو ته عاليشيان هو، جو ڄڻ ته ڪو پاڻي ۾ ترندڙ، بادشاهي محلات آهي! ڊيڪ تي بيهي، ٻنهي پاسن ڏي نهاريم، ته نظارو اهڙو سهڻو هو، جو اکيون ئي نه ڍاپن. ٻنهي پاسن کان وڏا ساوا چهچ ٻيلا.

اسٽيمر ۾ اندر ڪمرا ڪشادا ۽ اعليٰ درجي جي فرنيچر سان آراسته پيراسته، بيشمار اديب ۽ شاعر هيڏانهن هوڏانهن پئي آيا ويا. ڪنهن مهل شهناز هڪ نوجوان سان گڏ سامهون آئي ۽ ساڻس تعارف ڪرايائين. چيائين ته ”هن جو توهان ۾ ڪم آهي.“

نوجوان ڏاڍو شريف هو. ڪم اهو ٻڌايائين ته سندس والد اسلام آباد ۾ ڪنهن اعليٰ عهدي تي هو، جو بنگلاديس ٺهي ويو، سو، واپس وطن هليو آيو.کيس سرڪاري طرح اسلام باد ۾ ڪو پلاٽ الاٽ ٿيو هو، جنهن جا پئسا وغيره سڀ پياريا هئائين، جن جا ڪاغذ پٽ اڃا سڀ وٽن محفوظ آهن، هاڻي سرڪاري لکپڙهه ڪري ٿڪجي پيا آهن. پر، کيس ڪوبه جواب ڪونه ٿو ملي. سو، انهيءَ ڪوشش ۾ آهن، ته ڪنهن شخص کي خانگي طرح پلاٽ سستو وڪرو ڪري ڏين، ته ڪجهه هن جو فائدو ٿئي ۽ ڪجهه کين ملي.

هن ڳالهه پوري ڪري، نماڻيون اکيون کڻي، مون ڏي نهاريو.

مون کيس چيو ته ”ادا، اوهان ڪاغذن جا فوٽو اسٽيٽ مون کي ڏيو، ته وڃي خبر چار لهان. دنيا بدلجي ويئي آهي. ڪيئن چئجي، ته اسلام آباد ۾ هاڻي انهيءَ پلاٽ جي پوزيشن ڪهڙي آهي؟“

نوجوان ايڊريس ڏئي، موڪلائي ويو.

شهناز ٿڌو ساهه ڀري چيو ته، ”دنيا ۾ هرهنڌ ڪيڏي ناانصافي آهي!“

مون کيس جواب ڏنو ته، ”جيڪڏهن هن دنيا ۾ حق ۽ انصاف سان معاملا نبرن ها، ته پوءِ بهشت جي باري ۾ ائين ڇو چون ها، ته اهڙو هنڌ آهي، جتي

کسي را کسي کاري نه باشد.

شهناز اهو ٻڌي، هيڪاري اداس ٿي وئي. ڪا گهڙي اسان خاموش رهياسون. پوءِ، چيائين ته توهان کي ڪروز ۾ مزو آيو؟“

مون چيو ته ”ڄڻ ته بهشتي باغ جو سير سفر آهي.“

شهناز چيو ته، ”هلو ته اتي هلون، جتي ڪئپٽن وهي ٿو.“

اهو ڪمرو به ڪشادو هو. ڪئپٽن هڪ بنگالي نوجوان هو، نهايت بااخلاق هو. مون کي نماز پڙهڻي هئي. اتي ئي مصلو وڇرائي ڏنائين. فارغ ٿيس. چاءِ جو حڪم ڏنائين ۽ کاڌي جون ڪجهه مٺيون ۽ چهريون شيون ميز تي رکيائين. چاءِ آئي ته شهناز ٺاهي.

ڪئپٽن اسٽيمر هلائيندي، ڪنهن ڪنهن مهل ڪار وانگر ڄڻ هارن ٿي وڄايو، جو ڄڻ ته ڪارخاني جو گُگهُو. پر، هن جو آواز پيارو هو. مون کي ڏاڍو مزو ٿي آيو.

اسان ٽنهي چاءِ تي اڌ منو ڪلاڪ ڪچهري ڪئي. موڪلائڻ مهل مون شهناز چيو ته ”پاڻ اڄ رات وزيراعظم جي ڊنر ۾ وري ملنداسين.“

اسان ڪئپٽن کان موڪلايو. هوءَ مون کي پنهنجيءَ ڪار ۾ ”ڊاڪا شيريٽن“ ۾ لاهي وئي.

مان وزيراعظم جي ڊنر لاءِ تيار ٿي، ڪپڙا لٽا بدلائي، هيٺ لٿس. ”ڊاڪا شيريٽن“ ۾ ڪتابن جو ننڍڙو، پر سٻنڌڙو دڪان هو.’دل ۾ ڪا ڳڻپ ڪري’، انهيءَ دڪان تي ويس ۽ پارڪر پينن جو هڪ خوبصورت سيٽ ورتم. اسلام آباد مان اڳيئي ’Presenting Pakistani Poetry‘ نالي هڪ ڪتاب وٺي ويو هئس. انهيءَ ڪتاب ۾ پارڪر پينن جي سيٽ جو ’گفٽ پارسل‘ ٺهرايم. ڊنر ۾ ’گفٽ پارسل‘ ساڻ کنيو ويس. مانيءَ کان اڳ، ڪي مختصر تقريرون ٿيون. منهنجو وارو آيو ته چيم ته ”اسان جو محترم ميزبان جنرل ارشاد پاڻ شاعر آهي. سو، مان پاڪستاني اديبن ۽ شاعرن طرفان سندن چونڊ شعر جو هيءُ ڪتابُ ۽ قلمُ کيس تحفي طور پيش ڪريان ٿو.“

ڪوريا مان آيل شاعر جنرل ارشاد جي شان ۾ قصيدو پڙهيو.

اُن کانپوءِ ڊنر شروع ٿي.

مڇي بنگالين جي مرغوب غذا آهي، مڇيءَ جا ڏاڍا شوقين آهن. پچائي به ڄاڻن، ته کائي به ڄاڻن. جڏهن مڇيءَ جي ڊِشِ Serve ڪيائون، ته ڏٺم ته هڪ بنگالي اديب، وڏي شوق سان، وات ۾ هڪ پاسي کان مڇيءَ جو ٽڪرو پئي وڌو ۽ ٻئي پاس کان، اوڏي ئي آرام سان ڪنڊا ڪڍندو پئي ويو.

ٻيو ڪو غير ملڪي اديب هو، جنهن ماني اصل ڪانه کاڌي. پر، اننسا جا ٻه پيالا کائي ويو ۽ مٿان ’ڊاب‘ جا ٻه ٽي گلاس پي ڇڏيائين. انناس بنگال جو خاص ميوو آهي ۽ ڏاڍو سٺو آهي، جيئن اسان وٽ سنڌڙيءَ جو انبُ.

ماني کائي، هٿ ڌوئي، پنهنجيءَ ٽيبل تي آيس ته شهناز ميز تي موجود هئي. چيائين ته ”مون به ماني کاڌي آهي. هلو ته ڊاب گڏ هلي پيون.“

اسان ٻنهي ريسٽارنٽ ۾ ’ڊاب‘ پيتو ۽ ڪلاڪ کن ڪچهري ڪئي.

جنرل ارشاد جي دعوت ۾ پاڪستان جو سڄو وفد گڏجي ويو ۽ ساڳيءَ ميز تي وڃي ويٺو. وڏو شاميانو هنيو هئائون. آهستي آهستي مهمان ايندا ويا، جن ۾ برک ۽ سينئر بنگالي اديب ۽ شاعر هئا، ملڪي اڳواڻ هئا، وزير، سفير ۽ اسيمبلي ميمبر هئا.

جڏهن سڀ ميزون ڀرجي ويون، ته جنرل ارشاد پنهنجن رفيقن سان آيو. مٿانهينءَ جاءِ تي رکيل سرخ رنگ جي ڪرسيءَ تي، اچي ويٺو. سندس پاسن سان وزيراعظمُ ۽ ٻي وزير ويٺا.

مرحبائي تقرير ٿي، جنهن کان پوءِ جنرل ارشاد کي سڏيائون. ڏاڍي سٺي تقرير ڪيائين. ماڻهن جي فرمائش تي، کين پنهنجا شعر به ٻُڌايائين. آخر ۾ ڪي تاثرات بيان ڪيائين. چيائين ته ”تنهن رات، وزيراعظم جي دعوت ۾، ڪوريا جي هڪ شاعر منهنجي تعريف ۾ شعر پڙهيا. مان سندس لاءِ پنهنجي گهر جي باغيچي مان نرگس جا گل کڻي آيو آهيان. پاڪستاني وفد جي اڳواڻ، مون کي پنهنجو ’هم ـــ قلم ساٿي‘ ڪوٺيو. قلم ۽ ڪتاب جو تحفو ڏنو. ماڻهن لاءِ هڪ خوبصورت سونهري قلم کڻي آيو آهيان.“

ڪوريا جي اديب جنرل ارشاد کان گل ورتا ۽ مون قلم وٺي، سندس شڪريو ادا ڪيو.

جنرل ارشار تقرير پوري ڪئي، ته ڊنر شروع ٿي. سڀ مزي ۾ ماني کائي رهيا هئاسون، ته اوچتو پروفيسر علي حسن تکو تکو اسان واريءَ ميز ڏي آيو ۽ ڪَنَ ۾ سرٻاٽ ڪيائين ته ’ڊنر‘ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ، سيمينار ۾ آيل ايشياءِ جي مڙني ملڪن جي مندوبين طرفان اوهان بنگلاديش جي حڪومت جي ميزبانيءَ جو شڪريو ادا ڪندا.‘ ـــ ائين چئي، هو وري تڪڙو تڪڙو پنهنجيءَ ميز ڏي موٽي ويو.

ڳالهه ٻڌي، مون کان ته ماني وسري ويئي! وري ياد آيو ته ’مان هن عظيم اجتماع ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان ۽ حساسُ نظرن جو نشانو آهيان.‘

اڃا اُنهن ئي ويچارن ۾ هئس، ته پروفيسر علي حسن مائيڪ تي اعلان ڪيو: ”اڄوڪيءَ هر بئنڪيٽ ۾، پاڪستاني وفد جي اڳواڻ، ايشيائي ملڪن مان آيل سمورن اديبن ۽ شاعرن جي طرفان پنهنجي ميزبانَ، صدر جنرل ارشاد، سندس حڪومت ۽ سيمينار جي منتظمين جو شڪريو ادا ڪندو.“

مان پنهنجيءَ ڪرسيءَ تان اُٿيس ۽ روسٽرم وٽ ويس. اسٽيج سيڪريٽريءَ مائيڪ سڌو ڪري، منهنجي اڳيان ڪيو. مون خدا کي ياد ڪري، انگريزيءَ ۾ مختصر تقرير ڪئي. هاڻي ياد ڪونهيم ته ڇا چيم. پر، بنگلاديش سرڪار جي ميزبانيءَ جو دل کولي داد ڏنم ۽ پنهنجا ڪي خيال ظاهر ڪيم. گفتگو هن شعر تي ختم ڪيم:

ان کا جو کام هي وه اهلِ سياست جانين

ميرا پيغامِ محبت هي، جهان تک پهنچي

وزراعظم ميزان الرحمان هڪدم پنهنجيءَ ڪرسيءَ تان اُٿيو. سڌو روسٽرم وٽ آيو. مون کي سڪ سان ڀاڪر پاتائين ۽ چيائين ته: ”آگرا صاحب، اڄ کان اسان جي وچ ۾ سياست ختم ٿي محبت شروع ٿي.“ ـــ سڄي شامياني ۾ طوفان جي لهرن وانگر تاڙيون هيون!

جنرل ارشاد جي بئنڪئيٽ مان موٽياسين، ته هوٽل ۾ مختلف ملڪن جي مندوبين سڄي رات پنهنجن دوستن سان ڪچهريءَ ۾ گذاري. ڪو خوشنصيب هوندو، جنهن کي ٻه چار ڪلاڪ ننڊ نصيب ٿي هوندي!

مون ۽ جعفري صاحب خانم کي سامان پئڪ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. اڌ رات جو هيٺ هوٽل جي ريسٽارنٽ ۾ اچي ’ڊاب‘ پيتوسون. پوءِ ٽيئي ڄڻا پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ وڃي آرامي ٿياسين. صبح جو خانم، جعفري صاحب ۽ مون ناشتو گڏجي ڪيو. يارهين بجي ’ايران ايئر‘ جي فلائيٽ هئي.

پي. آءِ. اي جي فلائيٽ لاءِ پاڪستاني سفارتخاني وارن اسان کي چيو هو ته ’اسان پاڻ ئي ساڻن ڳالهائي، اوهان جي سيٽن جو انتظام ڪنداسين.‘ سو، اسان کي ته ڪوبه انتظار ڪونه هو.

خانم سان گڏ اچي هوٽل جي لابيءَ ۾ ويٺاسين. هن مون کي ۽ جفري صاحب کي پنهنجون تصويرون آٽوگراف ڪري ڏنيون ۽ اِهو تاڪيد ڪري، اسان کي ڏهين بجي موڪلائي ويئي، ته ”خط پَٽُ ضرور لکجو، ليڪن محتاط لفظن ۾.“

جعفري صاحب ۽ مان اڃا هوٽل جي لابي ۾ ئي هئاسين، ته بنگلاديس گورنمينٽ جو هڪ اعليٰ عملدار مون لاءِ پيغام کڻي آيو. ”اڌ ڪلاڪ ۾ وزارت داخلا جو سيڪريٽري صاحب اوهان سان ملڻ ايندو، سو، ڪمري ۾ رهجو.“

جعفري صاحب ۽ مان وائڙا ٿي وياسين!

مون جعفري صاحب کان پڇيو ته ”رات مون تقرير ۾ ڪا غير مناسب ڳالهه ته ڪانه ڪئي هئي؟“

جعفري صاحب ڪنڌ ڌوڻي ناڪار ڪئي.

بهرحال، يارهين بجي لابيءَ مان اُٿياسين. جعفري صاحب پنهنجي ڪمري ۾ ويو ۽ مان پنهنجي ڪمري ۾ انتظار ڪرڻ لڳس. وزارت داخلا جو سيڪريٽري آيو ۽ چئي ويو ته مٿان حڪم آيو آهي ته:

”اڄ سمورا مهمان پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس ويندا. پاڪستاني وفد جا به جيڪي ميمبر پاڻ موٽڻ گهرن، سي پڻ ڀلي وڃن، پر، وفد جو اڳواڻ، مسٽر غلام رباني آگرو، بنگلاديش گورنمينٽ جو ’اسٽيٽ گيسٽ‘ آهي. سو، پنهنجن رفيقن سان گڏ، چاٽگام ۽ ڪاڪسس بزار گهمڻ ويندو. اُنهن شهرن جي عملدارن ڏانهن آرڊر اڳيئي موڪليا ويا آهن.“

مان جعفري صاحب جي ڪمري ۾ گهڙيس.

انتظار سان پڇيائين ته، ”سڀ خير آهي؟“

مون کيس احوال ٻڌايو.

اُهو ڏينهن ۽ رات ”ڊاڪا شيريٽن“ ۾ ٽِڪي، ٻئي ڏينهن، صبح جو سوير، جعفري صاحب، مان ۽ گلزار مري سرڪاري ڪار ۾ چاٽگام روانا ٿياسين.

بنگلاديش ڏاڍو سرسبز ملڪ آهي. اها ڳالهه ٻڌندا هئاسين. پر، ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ وڏو فرق آهي. ڪار ڊاڪا شهر مان ٻاهر نڪتي، ته چوڌاري ايڏي ساوڪ نظر ۾ آئي، جو اکين تي اعتبار ئي ڪونه ٿي آيو. جعفري صاحب شايد اسان کان اڳي به بنگلاديش (تڏهوڪو اوڀر پاڪستان) گهمي ويو هو. سو، ٻڌايائين ته انهيءَ ساوڪ، سبزيءَ ۾ وڻن، ٽڻن ۽ ٻيلن جو سبب آهي برسات! ٻيو ته ملڪ ۾ درياءَ جام آهن.

ستت اسان پاڻ اِن ڳالهه جو مشاهدو ڪيو. اڌ منو ڪلاڪ سفر ڪيو هوندو سون، ته ڪار هلي هڪ درياءَ جي پتڻ وٽ بيٺي، جتي بيشمار ماڻهو اڳيئي بيٺا هئا. سامهون، درياءَ مان هڪ چڱو وڏو اسٽيمر پئي آيو، جنهن ۾ موٽرون، سائيڪليون، مختلف سامان، ماڻهو ۽ جانور سڀ گڏ سوار هئا. لنگر انداز ٿيو، ته هڪڙا هيٺ‎ لٿا ۽ ٻيا مٿي چڙهيا. اسان جي ڊرائيور وٽ سرڪاري ليٽر هو، سو اسٽيمر وارن کي ڏيکاريائين، ته هنن وڏي مان مرجات سان اسان کي هڪ صاف سٿريءَ ڪيبن ۾ صوفا سيٽن تي آڻي وهاريو. درياءُ ٽپياسين ته روڊ ڪشادو ۽ ڏاڍو سٺو هو. منجهند جي مهل چاٽگام پهچي وياسين.

چاٽگام چڱو وڏو شهر آهي. ڪمشنر جو بنگلو هڪ ٽڪريءَ جي مٿان اڏيل هو. پاڻي اڳيئي منتظر هو. اسان هٿ منهن ڌوتو، ته ڊائننگ روم ۾ وٺي هليو، منجهس شيشي جون ٻه وڏيون دريون هيون، جن مان شهر جو چِٽو نظارو ڏسڻ ۾ پئي آيو. جيتريون هيون جايون، اوترا هئا وڻ ـــ سڀ چهچ ساوا.

ڪمشنر لنچ سٺي تيار ڪرائي هئي: ڪي طعام گوشت جا، ته ڪي مڇيءَ جا، ڪي وري سبزين  جا ـــ پُلائن جا به ٻه ٽي قسم ٺهرايا هئائين ۽ مٺاڻ جا به ٻه ٽي قسم. مٿان تازو ميوو.

آخر ۾ سبز چاءِ آئي. ماني کائي، چاءِ جو ڪوپ ٺاهي، مان شيشي جي دريءَ وٽ وڃي بيٺس. برسات شروع هئي. اول بونداباري پوءِ وڏڦڙو ــ برسات ۾ شهر جو نظارو هيڪاري وڻندڙ هو.

اسان اُها رات چاٽگام ۾ هڪ سيٺ جي ’ريسٽ هائوس‘ ۾ گذاري، جنهن جو انتظار ڪمشنر ڪيو هو. سڀ سيٺ ڪنجوس ٿيندا آهن. هي سيٺ به سيٺ هو. ’ريسٽ هائوس‘ جي ڪمرن ۾ اسان کي ريسٽ ڪونه مليو: مَڇَرَ مليا. بهرحال، رات جيئن تيئن گذاري، صبح جو ڪاڪسس بازار روانا ٿياسين.

چاٽگام کان ڪاڪس بزار جو سفر هيڪاري سٺو هو، جو اُنهيءَ پاسي ملڪ تمام سائو آهي، سوپاريءَ ۽ بانس جا وڻ عام آهن. ٻئي وڻ سڌا ئي سڌا مٿي وڃن ٿا. تمام سنها ۽ سهڻا آهن. رستي جي پاسن کان اُنهن جا بيشمار جهڳٽا بيٺا آهن. اسان هڪ هنڌ ڪار جهلي، تصويرون ڪڍايون.

ڪاڪس بزار کي دنيا جي مشهور سامونڊي Beaches ۾ شمار ڪن ٿا. اسان کي جنهن سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ ٽڪايائون، سو، مٿاهينءَ تي ٺهيل هو. حدِ نگاهه تائين، سمنڊ صاف نظر پئي آيو. شام جو ڪناري تي سئر ڪرڻ به وياسين. مانجهاندڙيءَ جهڙڻ وڻن جي هڪ ڊگهي قطار پوکيل هئي. چيائون ته هي جو اخبارن ۾ خبرون اينديون آهن، ته اوڀر پاڪستان (هاڻي بنگلاديش) ۾ سامونڊي طوفان ايندا آهن، سو، آزاديءَ کان پوءِ اسان جي سرڪار طوفان کان بچاءَ لاءِ هي وڻ پوکايا آهن.

رات جي مانيءَ تي اسان جو ميزبان لڇمڻ هو، جو ڪاڪس بزار ۾ ايس. ڊي. ايم هو. پنهنجو تعارف ڪرائيندي، چيائين ته ”مان هن علائقي جو وڏي ۾ وڏو طبلچي آهيان. *

ڪاڪس بزار جو احوال ڏيندي چيائين ته ”هِتِ گهمڻ جون جايون ٻه آهن: هڪ سامونڊي بِيچ، ۽ ٻيو مارڪيٽ، جنهن جو سڄو ڪاروبار عورتون هلائينديون آهن.

اسان چيس ته ”اِهو مارڪيٽ ڄڻ ته اڪبر بادشاهه جي ’مينا بزار‘ آهي!“

مسٽر لڇمڻ چيو ته ”اڪبر بادشاهه جي مينا بازار ڪڏهن ڪڏهن لڳندي هئي ۽ رڳو بادشاهه ۽ سندس اميرن لاءِ هوندي هئي. هيءُ ته عام مارڪيٽ آهي. ٻارهن ئي مهينا منجهس وڻج واپار هلي ٿو. امير غريب جو سنڌو ڪونهي.“

لڇمڻ ٻئي ڏينهن اهو مارڪيٽ گهمائڻ جو پروگرام ٺاهي، اسان کان موڪلائي ويو.

ڪاڪس بزار جي ريسٽ هائوس ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪورٽ جو جج صاحب اڳيئي ٽڪيل هو. سُنهاري ايڏي ته وڏي هئس جو گوڏ ٻڌل نه هجيس ها، ته مان کيس سر سيد احمد خان سمجهان ها. جعفري صاحب سان سٺي ڪچهري ڪيائين ۽ کيس ٻڌايائين ته ”بنگلاديش ۾ اٺانوي فيصد آبادي مسلمان آهي.“

ان تي مون کي ياد آيو ته ڊاڪا ۾، مون جمعي جي نماز ”بيت المکرم“ ۾ پڙهي هئي. وڏي ڪشادي مسجد هئي، پر، نماز پڙهڻ لاءِ مشڪل سان جاءِ ملي. مسجد جي ڪشادگيءَ ۽ نمازين جي عظيم اجتماع ڏاڍو متاثر ڪيو. پر، اوتروئي متاثر ڪيو مسجد جي ٻاهران، ديوار جي ڇانوَ ۾ ويٺل، مٿي پيرين اگهاڙين فقيراڻين جي ڊگهيءَ قطار، جيڪي مسڪين سڀئي ڦاٽل ساڙهين ۾ هيون. اڳيان ايڏي ئي ٻي قطار هئي سندن انگ اگهاڙن ننڍڙن ٻچڙن جي ـــ ابهم ٻارن جي هٿن ۾ جست جا پيالا هئا. خيرات لاءِ ليلائي رهيا هئا ـــ مون ان ڏينهن ڊاڪا ۾ بنگال جي غربت جو مشاهدو ڪيو.

جج صاحب ۽ جعفري صاحب جي ڪچهري اڃا جاري هئي، جو مان کانئن مولائي، پنهنجي ڪمري ۾ هليو آيس. ٽيبل لئمپ ٻاريم ۽ بستري تي ليٽي وڏي آرام سان ناول پڙهڻ لڳس.

ناول مون کي ڏاڍا وڻندا آهن. ناول جا ڪردارَ، حقيقي ماڻهن وانگر بي مروت ڪونه ٿيندا آهن. نڪي وري نانگ ۽ ڇونءَ وانگر ڏنگيندا آهن. هونئن، افسانوي ڪردارن جون به ڪي ڪي ڳالهيون پڙهي هڪ لحظي لاءِ اکين ۾ پاڻي ايندو آهي. پر، ماڻهوءَ جو ڏنگ ايڏو ته زهريلو ٿيندو آهي جو سڄي عمر اکين مان پاڻي ڪونه بيهندو آهي. اڪثر ماڻهو ڏنگُ هڻندا آهن: هزارن ۾ ڪو هڪڙو هوندو آهي جنهن جي روح مان بهار جي خوشبو ايندي آهي.

مسٽر لڇمڻ ٻئي ڏينهن شامجو اسان کي مارڪيٽ گهمائڻ وٺي ويو. منجهس سؤ ٻه سؤ دڪان هوندا. هر دڪان، اڪيلي نوجوان عورت هلائي رهي هئي. گرميءَ جي مند هئي. کيس هاف سيلوز بشرٽ ۽ گوڏ پاتل هئي، پر، اُها گول سبيل هئي. اسان جي ٻوليءَ ۾ سنئين سڌي صاف ”گوڏ“ هئي. ليڪن، يورپي اصطلاح ۾ پيرن تائين ڊگهي اسڪرٽ هئي. مٿو اگهاڙو. وارَ ائين اٽڪيل جيئن اسان وٽ ويهن پنجويهن ورهين جا نوجوان ڪٽائيندا آهن.

عمر ويهن ۽ پنجويهن ورهين جي وچ ۾. شڪل شباهت ۾ خوبصورت ۽ چهري جا وصف ڏاڍا سهڻا. جسم ٺاهوڪو. پر، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ محتاط. حرام جو گراهڪ ڏانهن اکيون کڻي نهاري. بس، سندس ڳالهه ٻڌي، سامان ڪڍي، سامهون شيشي جي ميز تي رکيس.

دڪانن تي ڪاسميٽڪس، عينڪون، پرس، ڪيميرائون، لکڻ جون پينون، رومال، ننڍا ٽوال، آئينا وغيره رکيل هئا. ٻين دڪانن تي وري ٻيو سامان هو، مثلاً، چمڙي جون بئگون ۽ اسٽيل جون پيتيون، ڪن دڪانن تي سٺي ولائتي ۽ مهانگي ڪراڪري به رکيل هئي.

مون پنهنجي گهر لاءِ ٽي چار زالاڻيون شالون خريد ڪيون ۽ ٻه ٽي ٻيا آئيٽم ورتم. گلزار به ورتا. سڀ مناسب قيمت تي ڏنائون.

موٽي ريسٽ هائوس تي آياسون ته ٻڌايائون ته بنگلاديش ۽ برما جي سرحد تي ڪي اهڙا قبيلا آهن، جن ۾ عورت کي اُهو ئي درجو مليل آهي، جيڪو اسان وٽ مرد کي حاصل آهي. هي مارڪيٽ انهن ئي قبيلن جي عورتن جو آهي. انهن قبيلن ۾، روزگار جا سَڀُ ڪَمَ، مثلاً واپار، نوڪري ۽ کيتي ٻاڙي عورت ڪري. مرد گهر ۾ ماني پچائي، ڇنڊ ڦوڪ ڪري ۽ ٻار سنڀالي. زال ڪاوڙجيس ته هٿ مان ڏوئي کيس، نرڙ ۾ ٺڪاءُ ڪرائيس ته ”بد فعالا، اڄ ٻوڙ ۾ لوڻ گهڻو وڌو اٿئي!“

ڪا ڌاري زال گهر ۾ اچي، ته مرد ڊوڙي وڃي پردو ڪري، ڇو ته ڪي ڪي زالو لٺ باٺي ۽ بندوق جي زور تي ٻين عورتن جا ”خوبصورت مڙس اغوا ڪري وينديون آهن.

ڪن ڪن ڳوٺن جون زالون وري رات جو ڪهاڙيون ڪلهن تي کڻي، ٻين ڳوٺن مان چوري ڪرڻ وينديون آهن. پوءِ، جهيڙو ٿئي ته ڀلي ٿئي. پر، ڳالهه جو نبيرو وري به عورتن جي جرڳي ۾ ٿيندو.

ڪاڪسس بزار ۾ ٻه راتيون ٽڪياسين. موٽ تي سڌو ڊاڪا آياسين. سفر ڊگهو هو، سو رستي تي ٿَڪُ ٿيو. چاءِ پيئڻ لاءِ ٽرڪ وارن جي هڪ ننڍيءَ هوٽل وٽ ڪار بيهاريسون. رستي جي ڪپ سان ڪاٺ جون بئنچون رکيل هيون، جن تي عام ماڻهن ويٺي چاءِ پيتي. سندن لباس ـــ گوڏ، پهرياڻ ۽ مٿي ۾ کجيءَ جي ٽوپي هئي. سڀ ڳوٺاڻا غريب ماڻهو هئا. اسان جي لباس مان سمجهي ويا، ته هيءُ اولهه پاڪستان مان آيا آهن، سو ماحول ’اتي جو اتي سنجيده کان به زياده، انگريزي معنيٰ ۾ Grim ٿي ويو. مون کي اچانڪ احساس ٿيو، ته الائي ڇو حڪومت وارن اسان کي سيڪيورٽيءَ لاءِ سپاهي ڪونه ڏنو آهي!

اهڙن مرحلن تي قدرت هميشه مون ۾ ازغيبي اعتماد ۽ حوصلو پيدا ڪندي آهي. جعفري صاحب ۽ گلزار مري ته ڪار ۾ ويٺا رهيا. مان آرام سان هيٺ لٿس ۽ بينچن تي ويٺل ماڻهن ڏانهن ويس. پهريائين هڪڙي سان، پوءِ ٻين سان ”السلام عليڪم“ چئي هٿ ملايم. هوٽل واري کي چيم ته ”چاءِ جا چار ڪوپ کپن.“

هوٽل وارو چاءِ ٺاهي رهيو هو، ته پٺيان اسڪولي ٻارن جو هڪ ٽولو آيو. ويجهو اوڏو ڪو اسڪول هوندو، جنهن مان پڙهي موٽيو هوندو. مون تڪڙو تڪڙو وڌي، هڪ ٻار کي جهليو ۽ کيس ڀاڪر پائي، کيسي مان سؤ ٽڪن جو نوٽ ڪڍي، هٿ ۾ ڏنم. ٻار اول ته ڪيٻايو. پوءِ آهستي آهستي ڪري نوٽ ورتائين. اِهو ڏسي گلزار مري به هيٺ لٿو. ٻئي ٻار کي جهلي، کيس سو ٽڪن جو نوٽ ڏنائين. اِن ڳالهه جو ماحول تي خوشگوار اثر پيو. پر، سڀ ماڻهو پوءِ به سمورو وقت خاموش رهيا.

هوٽل واري چاءِ تيار ڪئي. اسان عام ماڻهن سان گڏ بينچن تي ويهي پتي. چاءِ پي، هوٽل واري کي بل ڏيئي، ماڻهن کان موڪلائڻ لاءِ اُٿاسين ته هو پاڻ مرادو اڌ ـــ گول ٺاهي بيٺا. اسان سڀني سان هٿ ملايو. مون هر ڪنهن کي چيو ته ”هم بهائي هين.“

ٽيهارو ورهين جو هڪڙو نوجوان هو، جنهن کي ننڍڙي ڪاري ڏاڙهي هئي. مون جڏهن ڏانهس هٿ وڌايو، ته هن مون سان هٿ ڪونه ملايو. خاموش بيٺو رهيو. مان حيران ٿي ويس. هو مون کي گهوريندو رهيو. پوءِ آهستي آهستي اڳتي وڌيو. اچي ڀاڪر پاتائين! مون ڏانهس نهاريو. سندس اکين ۾ ڳوڙها ڇلڪي رهيا هئا. چيائين ته ”هيءُ اوهان جو ملڪ آهي!“

منهنجو ڪنڌُ، ندامت ۾، هيٺ جهڪي ويو. ڪا دير ڌرتيءَ ڏانهن ڏسندو رهيس! ڪنڌ مٿي کڻڻ جي طاقت ڪانه ڀانيم. سندس اکر اکر ۾ صداقت هئي. بيشڪ، ڪالهه تائين هيءَ ڌرتي منهنجي ڌرتي هئي ۽ هي ملڪ منهنجو ملڪ هو.

هاڻي مون کي هاڻي ياد ڪونهي ته مون انهيءَ نوجوان کي ڪيتري دير کان پوءِ موڪلايو. پر، اهو چٽيءَ طرح ياد اٿم ته اسان ٻنهي هڪٻئي کان ڀنل اکين سان موڪلايو.

ڪار رواني ٿي. ڊاڪا پهتاسين، ته سڌو ايئرپورٽ تي هليا وياسين. هوائي جهاز ڪراچيءَ روانو ٿيو.

بنگلاديش جي ڏهن ڏينهن جي دوري گهڻائي دفعا ڪڏهن چپن تي مرڪ آندي هئي ته ڪڏهن اکين ۾ لڙڪ. هوائي جهاز ۾ چڱيءَ دير تائين خاموش ويٺا هئاسن. ڀايان ٿو ته اڌ ڪلاڪ کن اڏاڻو هوندو، جو گلزار مريءَ جعفري صاحب کي چيو ته، ”بنگالي ڏاڍا مٺا ماڻهو هوندا هئا. مون کي انديشو هو ته ’محمودالرحمان ڪميشن جي رپورٽ‘ سڄي کين برزبان ياد هوندي. پر، ڏينهن ٻن ۾ ئي منهنجو اُهو ڀَئُه ڀولو لهي ويو.“

جعفري صاحب ٿڌو ساهه ڀري چيو ته ”يار، سچي ڳالهه اها آهي، غريب بنگالين جو ڏوهه رڳو اهو هو، ته سندن ووٽ اسان کان وڌيڪ هئا.“

گلزار مريءَ ڪنڌ ورائي مون کي چيو ته : ”رستي تي چاءِ پيئندي اوهان کي اهو نوجوان ڪيئن لڳو؟“

مون کيس چيو ته، ”ادا، اُنهيءَ نوجوان ۽ ملڪ جي وزيراعظم، ميزان الرحمان جي محبت مان عمر ڀر وساري ڪونه سگهندس.“ ـــ ـــ وڌيڪ ڳالهائي ڪونه سگهيس، جو جذبا جي شدت ڪري، منهنجو گلو ڀرجي آيو.

گلزار مري پاڻ به اداس ٿي ويو. ڪُهنِي بلوچي شاعريءَ جو ڪو گيت، بي ساخته سندس چپن تي آيو، جنهن ۾ بي پناهه سوز ۽ درد هو، ڄڻ ته ٽئگور جي گيت جو پڙلاءُ هو.

ڪليم لاشاري

فطرت جو چترڪار ـــ وان گو

نوٽ: ونسنٽ وان گو (Vincent Van Gogh) 1890ع، يورپ جي جديد فنِن مصوريءَ جي چئن بانين مان هڪ ناميارو نانءُ آهي، اِن طرح ٻيا ٽي ـــ گاگين (Gauhuin) 1848-3-19ع، سيورٽ (Seurat) 1859-1-19ع ۽ پال سيزاني (Paul Cezanne) (وفات 1906ع) شمار ڪيا وڃن ٿا. هيءُ مضمون ونسنٽ وان گو جي سوانح ۽ فني ڪمالات تي سر حاصل روشني وجهي ٿو، جنهن لاءِ نامور محقق ڊاڪٽر ڪليم لاشاري جس لهڻي. ــــ ادارو

لنڊن ۾ ڪرسٽيز جي مشهور نيلام گهر تي اڄ غير معمولي رونق آهي. وڏا تاجر، نالي چڙهيا واپاري، نو دولتيا ڪروڙپتي، جن جي کيسن ۾ ڏوڪڙن جا ٽهڪ آهن. شوقين، جن کي شوقن ڪنگال ڪري ڇڏيو آ. دلچسپ خبرن جا متلاشي اخباري نمائندا، آرٽ جا نقاد، مفلس فنڪار، نادار شاگرد، رونشي ڪوڏيا، پاڻ ڏيکارڻ وارا فيشني ـــ مطلب ته هڪ دنيا اچي گڏ ٿي آهي.

ماڻهن جي چهرن تي جوش جي سرخي ڪنهن وڏي واقعي جي غماز آهي. اُميدن جي بلندي سبب خاموشي طاري آهي.... هڪ تصوير جي نيلام آهي!

ٻولي هلي ٿي... دل جو ڌڙڪو وڌي ٿو.... چُپ ايتري جو ساهه کڻڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.... ٻولي ڏيندڙ ميڇن ۽ اشارن کي ڏسندو ٻولي وڌائيندو ٿو رهي. هو لکندڙن جي هٿ جي لوڏ ۽ فونين تي سرگوشين کي نظر ۾ رکندو قيمت کي وڌ کان وڌ چاڙهيندو ٿو وڃي.

ڇا هيءُ تصوير اڳين رڪارڊ قيمت کان وڌيڪ مهانگي وڪامبي؟ ماني (Eduard Manet) جي تصوير 1، 11 ملين ڊالرن ۾ وڪامي هئي، جيڪا ڪنهن به تصوير جي اگهه جو، هن وقت تائين رڪارڊ آهي. 12 ملين ڊالرن کان مٿي ٻولي لڳي آهي.

ويٺل پنهنجو ساهه روڪيون ويٺا آهن ته ڪٿي ٿو سودو ٽُٽي!... ٻولي هاڻي ٻيڻ کان به مٿي چڙهي هلي آ... هي ڇا ٿو ٿئي!... شايد تاريخ جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿي رهيو آهي!... ٽي دفعا گهنٽي وڄي ٿي!... ڪنهن درياهه جو بند ٽٽي ٿو پوي. ڳالهاءُ جو آواز هال جي ڇت سان ٽڪرائجي. عجيب پڙاڏو پيدا ڪري ٿو.

اڄوڪي تصوير دنيا ۾ هن وقت تائين وڪرو ٿيندڙ سمورين تصويرن کان وڏو اگهه ڪيو آهي ۽ پراڻن رڪارڊن کي ڀڃي ڇڏيو آهي!.... ماڻهو ڪئميرائن جي فليشن جي چمڪاٽ تان اُٿي هيڏي هوڏي ٿا وڃن.... اخباري نمائندا فونين رستي اها خبر منتظر دنيا تائين پهچائڻ لاءِ زور زور سان ڳالهائين ٿا!

سامهون اسٽيج تي سونهري فريم ۾ هڪ سونهري تصوير رکيل آهي. تصوير ۾ مس منظر ڦڪو، گلدان زرد ۽ پيلي رنگ جو، ميز زرد، گل هيڊا، ڦڪا ۽ پيلا آهن. خاموش تصوير مان سڪون بکي ٿو. چتائي ڏسڻ سان اُن سڪون ۾ زندگي جي هيجان، جيئڻ جي شديد تمنا سمنڊ وانگر ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿي.

بظاهر سورج مکي گل (Sun flowers) هڪ گلدان ۾ پيل آهن. گلدان تي هلڪي سائي رنگ ۾ ”ونسنٽ“ لکيل نظر اچي ٿو. اُهو ڪهڙو جذبو آهي جيڪو اُن تصوير ۾ موجزن آهي؟ تخليق جي قوت ۽ زندگيءَ جي محبت، بيسڪ تخليق جي بي مثال قوت، اُن تصوير مان بکي ٿي.

بهار جي موسم، ڏکڻ فرانس جي بيمثال اُس، لاباري جي مُند ۾ هر گل، هر سنگ ٽڙيل ۽ ڀرپور آهي. هوا سُڳنڌ سان ڀريل، تڏهن هڪ عجيب بيخودي پيدا ٿئي ٿي ۽ طبيعت تخليق طرف مائل ٿئي ٿي.

”مون کي اُن وقت عجيب ڇڪ ٿيندي آهي، جڏهن فطرت ايڏي شاندار ٿئي ٿي. اُنهن ڏينهن ۾ مان پنهنجو پاڻ کي بيخبر ٿيو وڃان ۽ تصويرون ذهن ۾ ائين ٿيون اچن، جيئن خواب ۾ شيون نظر اينديون آهن. آخرڪار زندگي دلفريب آهي.“ (ونسنٽ جو پنهنجي ننڍي ڀاءُ ’ٿيو‘ Theo ڏي خط).

ونسنٽ وان گو (Vincent Van Gogh) جو آرلز ۾ قيام وارو عرصو هن جي فن جي بلنديءَ وارو دؤر مڃيو ويو آهي.

پيرس جي شهري زندگيءَ مان بيزار ٿي هو آرلز ۾ اچي ٿو، جِت فطرت سان محبت، چٽي اُس ۾ چمڪندڙ ٻنين ۽ ڳوٺاڻي زندگي ۾ پنهنجي سُک لهي ٿو. فطرت کي چِٽيندي هو پنهنجي تخليقي بلندي تي رسي ٿو.

”سن فلاور“ اُن دور جي پيداوار آهي. ونسنٽ هڪ ٻئي خط ۾ لکي ٿو، ”مان وڏي انهماڪ ۽ ڪنهن باغي سپاهي واري جذبي سان سُڪل ماني کائي پينٽنگ ۾ مصروف آهيان. توکي اِن ڳالهه تي حيرت نه ٿيندي، جڏهن توکي اها خبر پوندي ته مان ڇا پيو ٺاهيان، مان سورج مکي گل پيو چٽيان.

”هن وقت ٽي تصويرون ٺاهي رهيو آهيان. پهرئين ۾ ٽي وڏا گل سائي گلدان ۾ پيل آهن. ٻيءَ تصوير ۾ ٽي گل آهن. جن مان هڪ ٻج ڪري ويو آهي، جنهن جون پَتيون ڪِري پيون آهن ۽ ٻي مکڙي آهي. رائل بلو رنگ جو پس منظر اٿس. ٽين تصوير ۾ ٻارنهن گل ۽ مکڙيون ڦڪي گلدان ۾ رکيل آهن. اها آخري تصوير سڀني کان وڌيڪ روشن آهي. اميد آهي ته سڀني کان بهتر ٿيندي ۽ مان سمجهان ٿو ته مان اُنهن تي بس نه ڪندس. هاڻي جڏهن اِن ڳالهه جي اميد آهي ته گاگين ۽ مان هڪ اسٽوڊيو ۾ رهون. تنهن ڪري مان اسٽوڊيو کي سينگارڻ گهران ٿو. ٻيءَ ڪنهن شيءِ سان نه پر وڏن سورج مکي گلن سان... جيڪڏهن منهنجو ارادو پورو ٿيو ته ڪل ٻارنهن تصويرون ٺهنديون، جيڪي پيلي ۽ نيري رنگ جو هڪ سريلو راڳ هونديون. مان روزانو صبح جو سج اُڀرڻ کان وٺي اُنهن تي ڪم پيو ٿو ڪيان، ڇو ته گل جلدي ڪومائجي ويندا آهن.“

ونسنٽ جا خط اسان کي اُن شاهڪار جي ابتدا کان به واقف ڪن ٿا ته انتها کان به اُهي اسان کي سندن شهپارن جي تخليق جي هر مرحلي ۾ سوچ کان تڪميل تائين داستان ڏسين ٿا.

گل واقعي جلد ڪومائجي ويندا آهن.

پر ونسنٽ وان گو جا ٺاهيل گل سؤ سال گذرڻ تي به نه ڪوماڻا، بلڪ اُنهن جي حسن جي تازگي اهل ذوق کي لطف بخشيو آهي.

اُن تصوير جي ايتري وڏي اگهه ڪرڻ جا ڪيترائي سبب بيان ڪري سگهجن ٿا. اڄ ڪلهه جي ڪسادا بازاري، پئسي جو ڪِرندڙ ملهه ۽ سرمايي کي محفوظ هنڌ لڳائڻ وارو جذبو به هڪ سبب ٿي سگهي ٿو.

پر اُن تصوير جي تاريخي ۽ فني حيثيت جو تعين ڪرڻ لاءِ اُن ڏس ۾ ڏسجي ته ”سن فلاورز“ جو خالق پاڻ اُنهن کي ڪهڙي حيثيت ڏئي ٿو.

”گاگين ’سورج مکي‘ کڻي ڏاڍو خوش ٿيندو. مان کيس خوش ڏيڻ چاهيان ٿو ۽ جيڪڏهن هو ٻنهي تصويرن مان هڪ کڻڻ گهري ته ڀلي کڻي. مان اِها تصوير ٻيهر ٺاهي وٺندس.

”اِهي تصويرون اک کي وڻن ٿيون. منهنجي صلاح اِها اٿئي ته اِهي پاڻ وٽ رک... اِها اِن قسم جي تصوير آهي، جو جيترو وڌيڪ اُن کي ڏسجي اوترو وڌيڪ ڀرپور نظر ايندي. ٻيو توکي چڱي طرح اها خبر آهي ته گاگين اُن تصوير جي عشق ۾ گرفتار آهي.“

پال گاگين فرانس جو هڪ عظيم مصور ٿي گذريو آهي، جنهن جو ونسنٽ سان ياراڻو هو ۽ ونسنٽ جي فلاورز سان شديد محبت هئي. ونسنٽ جي وفات کان پوءِ هن تاهيٽي ۾ سورج مکيءَ جا ٻج گهرائي پوکيا. جڏهن گل ٽڙي پيا تڏهن پاڻ به اُنهن جي تصوير ٺاهي هئائين.

گاگين سن فلاورز کي کڻي وڃڻ پئي گهريو، اُن وقت ونسنٽ کيس اُها تصوير ڏيڻ کان انڪار نه ڪيو هو. هو خط ۾ لکي ٿو:

”مان گاگين سان پنهنجيون شيون (تصويرون) مٽائڻ پسند ڪيان ٿو، پوءِ اُهو سودو مون کي ڀلي ڪيڏو به مهانگو ڇو نه پوي؟“

ڇا ونسنٽ کي اها خبر هئي ته ”سن فلاورز“ ڪڏهن ايڏو وڏو اگهه ڪندا؟“

هو ’ٿيو‘ ڏي خط ۾ لکي ٿو: ”مان ساک تي ٿو چوان ته منهنجي سن فلاورز جو اگهه پنج سؤ فرانڪ آهي.“ مفلس ۽ نادار فنڪار جيڪو بکون ڪاٽي به رنگ خريد ڪندو هو ته جيئن هو تصويرون ٺاهي سگهي، اُن کي ڪهڙي خبر ته سن فلاورز ڪڏهن ڪروڙن ۾ وڪامبا. هو ته بس اِهو ڄاڻي پيو ته ڪهڙي طرح ڪنهن تصوير جو مان وڌائي سگهجي ٿو.

جيتريقدر منهنجي ڪم جو پئسن ۾ ملهه جو معاملو آهي، مان صرف ايترو چوندس ته اُهو ضررو وڪامبو، پوءِ چاهي هاڻي وڪامجي يا بعد ۾، اُن متعلق ظاهر آهي ته مان هينئر ڪجهه نٿو چئي سگهان، البته اُن جي قدر قيمت وڌائڻ جو يقيني طريقو اِهو آهي ته ماڻهو فطرت جي نظارن ۾ محو ٿي جذبي جي شدت سان ٺاهي.“

وئنسنٽ وارن گو جي حياتي جو داستان ايترو دلچسپ آهي، جو اُن کي هڪ جديد ڏندڪٿا سڏي سگهجي ٿو. اهو هڪ اهڙو الميو آهي جنهن جو هر هڪ تفصيل نرالو ۽ اُن جو اثر ايترو وحشتناڪ آهي، جهڙو قديم داستانن ۾ ”پروميٿس“ جو ٿي سگهي ٿو. هن فنڪار جي بيچين زندگي هالينڊ جي خاموش سرزمين کان شروع ٿئي ٿي ۽ لنڊن، برسلز ۽ پيس مان ٿيندي اُنهن اڪيلن مڪئيءَ جي فصلن تي پهچي ٿي، جتي هن پنهنجو انگ آندو.

هي تخليقي جوش، بي لوث محبت، جذبات ۾ هلچل مچائيندڙ تصويرن ۾ برادراڻيءَ محبت جو لازوال داستان آهي.

ونسنٽ ۽ هن جي ننڍي ڀاءُ ٿيو جي محبت جو داستان، قرباني ۽ باهم پيار جو اهڙو قصو آهي، جنهن جو نظير انساني تاريخ ۾ خيال خال ئي نظر اچي ٿو. اُن تعلق ٻاراڻين راندين کان شروع ٿي ڇوڪراڻي وهيءَ جي ساٿ ۾ زور ورتو ۽ جڏهن جواني جي ”لغزسن“ ۾ سڀني مائٽن ۽ واقعن مخالفت ڪري هن کان ڪناري ڪشي ڪئي ته به ’ٿيو‘ جو هن سان ساٿ رهيو.

زماني جي تنقيد ۽ ٽوڪ جي باوجود ’ٿيو‘ کي هن جي صلاحيتن تي پورو پورو ڀروسو هو. هن جي ڀيڻ ’ٿيو‘ کي هڪ خط ۾ لکيو:

”تون ونسنٽ کي عام ماڻهن کان گهڻو مٿانهون سمجهين ٿو، پر مان چوان ٿي ته هو عام ماڻهو وانگر ٿي هلي ته به اسان کٽيوسين.“

ونسنٽ کي جڏهن آرلز (Arles) ۾ مرگهيءَ جو شديد دورو پيو ته کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ٿيو اطلاع پچڻ تي آرلز اچي پهتو. ڀاءُ کي اسپتال ۾ ڏسي هو پاڻ هلي نه سگهيو ۽ پاڻ سان ساڳئي بستري ۾ مٿو مٿي سان ملائي ستو. اُن وقت ونسنٽ هن جي ڪن ۾ چيو، ”ائين ٿو لڳي ڄڻجھ رنڊرت ۾ هجون.“

زنڊرت ۾ اُنهن ٻنهي جو ٻالڪپڻو گذريو هو. ڀاءُ جي ويجهڙائيءَ سبب ونسنٽ کي خيالن ۾ اُهو حسين ۽ آزاد زمانو وري ياد اچي ويو. هن جي اکين آڏو گهر جا ڪمرا، باغ، ٻنيون، گرجا ۽ پکين جا آکيرا ڦرڻ لڳا.

اسپتال ڇڏڻ کان پوءِ ونسنٽ اسپتال ۾ گذريل ان گهڙيءَ جو ذڪر ’ٿيو’ ڏي هڪ خط ۾ ڪيو هو. ونسنٽ جا خط اهڙن خسيس لمحن جو ذڪر به ڪن ٿا ته فني شهپارن متعلق رايا به ڏين ٿا. اُنهن ۾ سندن تخليقي عمل جو سمورو رڪارڊ به آهي ته اظهار جي قوت جي شدت جو ڏيک به. انهن ۾ پاڪيزه محبت جي هجڻ جا قصا به آهن ته ڪريل رنڊين سان يارانن جا داستان به.

ونسنٽ 1872ع ۾ جڏهن گوپل ۽ ڪمپني (پيرس) ۾ ملازم هو. اُن وقت کان ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ خط و ڪتاب جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو ونسنٽ جي مرڻ گهڙيءَ تائين جاري رهيو.

’ٿيو‘ اِهي خط سانڍيندو ويو.

ونسنٽ جي آپگهات ۽ ان جي ڇهن مهيني کان پوءِ، ٿيو جو موت بعد، ٿيو جي بيوه سمورا خط سهيڙي ترتيب ڏيئي، هالينڊ مان 1814ع ۾ شايع ڪرايا. ونسنٽ ڪيترن خطن تي تاريخ نه لکندو هو، انڪري خطن جي تاريخ وار ترتيب ڏکيو ڪم هو. اُن جي تڪميل کان پوءِ هن اُنهن خطن جو به انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو. هُو انگريزيءَ ۾ پڻ سٺي ڄاڻو هئي. افسوس جو جڏهن اهو ڪم ختم ٿيڻ تي  هن عظيم عورت 1925ع ۾ وفات ڪئي.

(2)

1927-1929ع ۾ خطن جو انگريزي ترجمو ڪانسٽبل ۽ ڪمپني ٽن جلدن ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. اڻويهين صدي ۾ فنون لطيفه جي حوالي سان ٻه لکڻيون اهڙيون آهن جن کي هڪ بلند مقام حاصل آهي ۽ جن جي مطالعي سان نه صرف لکندڙ جي اندروني هيجانن، تخليقي تصورن ۽ ذهني بلندين جي پروڙ پوي ٿي، بلڪ اها به خبر پوي ٿي ته اُن دور ۾ تخليقي فنڪار هئڻ ڇا معنيٰ رکندو هو. هي آهن يوجين ڊيلا ڪروئڪس جو روزنامچو ۽ وان گو جا خط.

ونسنٽ وان گو جا خط سڌو دل تي اثر ڪن ٿا. اُهي پنهنجي سچائي ۽ انڪساري سبب پڙهندڙ کي اُن عظيم ذهن ۾ جهاتي پائڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا، جيڪو هونئن وس ڪندي به ميسر نه ٿي سگهي ها.

ونسنٽ وان گو يورپ جي فن جي تاريخ ۾ عظيم مصورن مان هڪ ٿي گذريو آهي. هُو هڪ بلند سوچ رکندڙ ۽ نرم دل شخص هو، جيڪا حقيقت سندس خطن مان پڻ ظاهر ٿئي ٿي.

هي خط هن جي ذهن ۽ فن کي سمجهڻ لاءِ نهايت اهم آهن. پر جا ڳالهه اُنهن کي بلندي بخشي ٿي اُها اُنهن جي دلڪشي آهي، جيڪا هر هڪ ماڻهو محسوس ڪري ٿو.

انڪري اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته مصور جي وڏي شهرت اُنهن خطن جي لازوال ڪشش جو سبب ناهي. ونسنٽ وان گو 30 مارچ 1853ع ۾ هاليند جي زنڊرت ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. نوجواني ۾ کيس هيگ ۾ 1869ع ڌاري گوپل ۽ ڪمپني ۾ (جيڪا آرٽ جو واپار ڪندي هئي) ملازمت ملي. هو اُتان ڪمپنيءَ جي لنڊن واري شاخ ۾ بدلي ٿي ويو.

اُتي جنهن گهر ۾ هو ڪرائيدار هو، اُن جي مالڪياڻي جي ڌيءُ ارسلان هن کي ڏاڍي وڻي. ونسنٽ خاموشي سان اُن جي محبت ۾ گرفتار ٿي ويو. نيٺ هڪ ڏينهن ارسلان سان پنهنجو حال اوري شادي جي درخواست ڪيائين، پر ارسلان انڪار ڪيو.

هن جو لنڊن وارو قيام هاڻي تڪليف ده ٿي ويو. هو پيرس برانچ ۾ بدلي ٿي آيو، پر هنجي بيچين طبيعت هن کي اُتي به سڪون نه ڏنو. سندس ڪمپنيءَ جي مالڪن سان اڻبڻت ٿي ۽ کيس ڪمپني ڇڏڻي پيئي. هو وري انگلينڊ ويو، جتي اسڪول ۾ پڙهائڻ جو ڪم شروع ڪيائين. 1876ع ۾ ڪرسمس ملهائڻ لاءِ والدين وٽ ايٽن هليو آيو. بعد ۾ ڪتابن جي هڪ دڪان تي وڃي بيٺو. پر پوءِ پنهنجي پراڻي خيال کي پوري ڪرڻ لاءِ ايمسٽرڊيم يونيورسٽي ۾ مذهبي تعليم جي امتحان جي تياري شروع ڪيائين 1878ع ۾ اهو ارادو ترڪ ڪري ايوانجليڪل اسڪول برسلز ۾ داخل ٿيو، پر ٽن مهينن ۾ اُن پڙهائيءَ کي به ڇڏي ڏنائين ۽ کاڻين ۾ حادثي جي خبر ٻڌي پنهنجي خرچ تي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙن ۾ تبليغ جي ڪم سان لڳي ويو. کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ غريب مزدورن سان هن کي جيڪا همدردي هئي اُها پراڻي هئي. ”جڏهن مان انگلينڊ ۾ هيس اُن وري مون درخواست ڪئي هئي ته مون کي مبلغ جي حيثيت ۾ کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ محنت ڪش ڏي موڪليو وڃي، پر انهن منهنجي درخواست رد ڪئي ته مان 25 ورهين کان گهٽ ڄمار جو هيس.“

پر هاڻي هن جي دل جي مراد پوري ٿي، جو کيس ڇهن مهينن لاءِ عارضي طور تي مبلغ جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ رکيو ويو. ونسنٽ محنت ڪشن جي غربت ڏسي پريشان ٿي ويو. اُنهن جي انتهائي مفلسي تي هن کي رحم آيو. جيڪو ڪجهه کيس مليو، اُهو مسڪينن کي ڏيئي ڇڏيائين. پاڻ به انهن وانگر ڦاٽل لَٽن ۾ رکو سکو کائي گذر ڪيائين. هن جي اها حالت ڏسي، کيس ”وڌيڪ جوش ڏيکارڻ“ تي خارج ڪيو ويو.

هو هڪ کان پوءِ ٻيو ۽ ٻئي کان پوءِ ٽيون ڪم شروع ڪندو ۽ وري ڇڏيندو رهيو. هن جي ذهني بيچين جو سبب ڇا ٿو ٿي سگهي؟ آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا هن کي هڪ هنڌ ويهڻ نٿي ڏئي؟

ونسنٽ جولاءِ 1880ع ۾ زندگيءَ جي اهڙي موڙ تي پهچي چڪو هو، جتي هو تجزيو ڪري سگهي پيو. مذهب رستي هن پنهنجن احساسن جي اظهار جا سڀ رستا بند ڏٺا. پابندين ۽ رسمن ۾ ٻڌل مذهب هن کي وسيع ۽ آزاد همدردي کي پاڻ ۾ سموئي نه سگهيو هو.

”.... مون کي صرف هڪ ڳڻتي آهي ته مان هن دنيا ۾ آخر ڪيئن ڪنهن ڪم جو ٿي سگهان ٿو؟ ڇا مان ڪنهن مقصد جي خدمت نٿو ڪري سگهان. ڪي موضوع گهرائي سان پڙهي ۽ سکي نٿو سگهان؟ اهو ڪهڙو سبب آهي جو مان ڳڻتي ۾ رهان ٿو، پر پوءِ مان پنهنجو پاڻ کي غربت جو قيدي ڏسان ٿو، جيڪا مون کي ڪيترن ڪمن ۾ حصي وٺڻ کان روڪي ٿي. اهڙيءَ طرح ڪيتريون ضروري شيون منهنجي پهچ کان پري آهن.

”اُداسيءَ جو هڪ سبب اهو به آهي ته ماڻهو دوستي ۽ سنجيده چاهت جي نه هئڻ ڪري زندگي ۾ خال محسوس ڪري ٿو. بي همتي پيدا ٿي، ماڻهوءَ جي حوصلي کي ختم ٿي ڪري. ائين لڳي ٿو ته تقدير محبت جي جبلت لاءِ رڪاوٽ بڻجي ويئي آهي. پوءِ بيزاري جي ٻوڏ ماڻهو ئي تباهه ڪري ٿي ڇڏي ۽ ماڻهو دانهن ڪري ٿو. ’اِهو ڏاڍ ڀلا ڪيترو وقت رهندو؟‘

اسان جي اندر ۾ ڀلي ڪو مچ ٻرندو هجي، پر ڪوبه اُن مچ جي ڀر ۾ پاڻ کي سياري جي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ نٿو اچي ويهي. واٽهڙو رڳو چمنيءَ مان دونهون نڪرندي ئي ڏسي سگهندا آهن ۽ پنهنجو پنهنجو دڳ ورتيون هليا ويندا آهن...“

مصوريءَ سان هن جو واسطو تمام پراڻو هو. اها ڪا اهڙي شئي نه ئي جيڪا اوچتو پيدا ٿي يا سامهون آئي. هن جا ويجها عزيز آرٽ جا وڏا واپاري هئا. هن جو هڪ مائٽ ته مشهور مصور به هو. پاڻ ونسنٽ آرٽ جي واپار ڪمپنيءَ ۾ ملازمت ڪئي هئي. پر سڀني کان وڌيڪ ته هن جي اندر ۾ جيڪو مصور هو، اُن کي پاڻ ڪيترا دفعا اڳ به ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين، پر موافق حالتن نه هئڻ سبب اهو ممڪن نه ٿيو جو هو پنهنجي اصل ڪم ڳولي لهي.

”مان چاهيان ٿو ته ڪجهه رف اسڪيچ اهڙين شين جا ٺاهيندو رهان جيڪي مان روزمره ڏسندو رهان ٿو. پر اها ڳالهه شايد مون کي منهنجي اصل ڪم کان روڪي تنهنڪري بهتر آهي ته مان اهو ڪم شروع ئي نه ڪيان.“

هن جي اک مصور جي اک هئي. هو شين کي اهڙي نظر سان ڏسي سگهي پيو:

”ڇا مون توکي ان طوفان متعلق ٻڌايو هو، جيڪو مون ويجهڙ ۾ ڏٺو هو؟ سمنڊ هيڊو هو، خاص ڪري ڪناري جي ويجهو. اُفق تي روشني جي هڪ سنهڙي ليڪ هئي، تنهن جي مٿان گهنگهرو گهٽا، وڏا ڪارا سليٽي بادل، جن مان مينهن ناليون ڪري هوا جي رخ تي لاڙو کائي پٽ تي ڪري پيو.

سامهون ٽڪرين جي وچ ۾ اچي رستي تان مٽي اُٿي هوا جي دوش تي سمنڊ ڏي هلي. سَرَ ۽ گل جهومڻ لڳا. سڄي پاسي تي مڪئيءَ جو سائو فصل بيٺو هو. ڏُور پري شهر ائين نظر پيو اچي، جهڙو ڳوٺ البرٽ ڊيورو چٽيندو هو.“

وري هو جتان لنگهي ٿو ته به کيس نظارا نظر اچن ٿا. لنڊن شهر جا ٻاهريان علائقا به پنهنجي انوکي انداز ۾ دلپذير آهن. ننڍڙن گهرن ۽ باغن جي وچ ۾ وڏا سبز ميدان، جن جي وچ ۾ گرجا يا اسڪول وڻن ۽ ٻوٽن جي اوٽ مان ليئا پائيندي نظر ايندا ۽ اُهو منظر وري شام جو ايڏو حسين ٿيو وڃي، جڏهن شام جي هڪلي ڪوهيڙي ۾ ڳاڙهو سج غروب ٿيڻ تي هجي.

فطرت سان هن جو چاهه ۽ خاص طرح سج سان هن جو لڳاءُ هو، جنهن اڳتي هلي هن جي زندگي تي وڏو اثر وڌو. ”اڄ صبح جو سج وري ڏاڍي سهڻي انداز ۾ اُڀريو. مان اُن کي روز صبح جو ڏسندو آهيان، جڏهن شاگردن کي ننڊ مان جاڳائڻ ويندو آهيان.“

هن لنڊن جي رهائش دوران ٽميز ندي جي اسڪيچ ٺاهيا. برسلز ۾ کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ محنت ڪشن جا ڪيترا ٺاهيل سندس اسڪيچ اڄ تائين موجود آهن.

هاڻي هن وري ڊرائنگ شروع ڪرڻ جو ارادو ڪيو. پنهنجي ڏات جو اظهار... ته سندس مفلسي هن جي رڪاوٽ بڻجي ويئي. اُن ذهني ڪرب جي زماني ۾ آخرڪار هن کي هڪ دڳ نظر آيو. هن پنهنجي اظهار جو رستو لڌو. هو پنهنجي اُن فيصلي متعلق هڪ خط ۾ لکي ٿو: ”... مون پاڻ کي چيو: مان وري پنهنجي پينسل کڻندس ۽ ڊرائنگ شروع ڪندم ۽ اُن مهل کان وٺي شيون منهنجي لاءِ بدلجي ويون.“

پر غربت هن جي راهه جي وڏي رڪاوٽ هئي. ”... پينٽنگ جون ضرورتون بگڙيل محبوبائن وانگر هونديون آهن، جن جي ناز نخزن کي اوهان پئسن کان سواءِ پورو نٿا ڪري سگهو...“

’ٿيو‘ اُن وقت کان هن جي مالي مدد شروع ڪئي. برسلز ۾ ايناٽامي ۽ پس منظر ڊرائنگ ۾ سبق ورتائين. اُن وقت هو ايڏو خوش هو. ڀاءُ کي مليٽ جون ڊرائنگس ۽ مشق ڪرڻ لاءِ ڪاپيون گهرايائين. هو ڪم ۾ جنبجي ويو هو“ .... منهنجي لاءِ فڪرمند نه ٿي، اهو وڏو سک آهي جڏهن ماڻهو آخرڪار پنهنجو ڪم ڳولهي لهي ٿو.“

ونسنٽ پنهنجو اصل ڪم اُن وقت لڌو جڏهن سندس عمر 27 سال هئي. اهڙيءَ طرح برسلز ۾ چند مهينا ڊرائنگ جا بنيادي اصول سکڻ ۾ گذاري هو واپس ايٽن ۾ واپس والدين وٽ هليو آيو. هالينڊ جي ٻهراڙيءَ جي حسن جو ونسنٽ مٿان خاص اثر هو. هاڻي اُنهن جي منظرڪشي جو موقعو مليس.


* . ’جپاني  تنڪائون‘ جپاني ڪلاسيڪي شاعريءَ جو روح آهن.

* . ’ساوڪ‘ شاهه جي حڪومت جو خوفناڪ خفيه ايجنسي هئي.

* . راڳ ناچ ۽ موسيقي بنگالين جي روح جي غذا آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com