سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1 ۽ 2 / 2002ع

 

صفحو :11

مصروفيت ۽ گهماگهميءَ واري هن دور ۾ ڪنهن علمي ڪتاب جي فهرست کان سواءِ اشاعت جو تصور ڪرڻ به محال آهي. بلڪ ڪيترا مصنف ته پنهنجي پڙهندڙن جي وقت جو اِن حد تائين لحاظ ڪندا آهن جو ڪتاب جي ضخامت کي نظر ۾ رکندي، شخص، ماڳن، ڪتابن، رسالن، قرآني آيتن نبوي حديثن ۽ (ٻين اهم موضون وغيره تائين جون ڌار ڌار فهرستون مواد جي آخر ۾ ڏنل هونديون آهن. حيرت جي ڳالهه اها  آهي ته ”نصرت نامه ترخان“ جي آخر ۾ نه ته ڪائي انڊيڪس ڏنل آهي، ۽ نه وري اُن جي شروعات ۾ ڏنل 437 صفحن واري متن، جنهن ۾ ڪيترائي بابت آهن، ڪنهن فهرست جو واڌارو ڪرڻ مناسب سمجهيو ويو آهي.

متن واري حوالي سان ڪجهه ٻيون ڳالهيون، جن جو هتي ذڪر ڪرڻ اشد ضروري آهي، اُنهن منجهان هڪڙي ته اها آهي ته فارسي متن ۾ جتي به ڪو لفظ مبهم محسوس ڪيو ويو آهي، تصحيح ڪندڙ محترم ڪٿي اُن جي اڳيان [Sic] ڪٿي [کذا] (10) ۽ ڪٿي اُن جي اڳيان ڪامائن ۾ (پنهنجي سوچ مطابق) اُن جي درست نعم البدل جو پڻ واڌارو ڪيو آهي (11). ان کان علاوه هڪڙي ٻي صورت اها پڻ نظر اچي ٿي ته ”صحيح“ لفظ متن ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ اُن تي نشان يا نمبر هڻي فوٽ نوٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قلمي نسخي ۾ اِن لفظ جي پڙهڻي اِها هئي (12). اُن جي باوجود ڪتاب ۾ بي شمار لفظ اهڙا نظر ايندا جيڪي بلند آواز پنهنجي غلط هئڻ جو اعلان ڪري رهيا آهن، پر فاضل تصحيح ڪندڙ وسيع النظريءَ کان ڪم وٺندي ڪاتب جي غلطين کي نظرانداز ڪيو آهي! هتي جيڪا ڳالهه بهرحال انتهائي تشويش لائق آهي سا اها آهي ته جڏهن اسين ڪتاب جي انگريزي مقدمي ۾ نقل ڪيل ”نصرت نامه ترخان“ جي اقتباسن جي ڀيٽا خود ڇاپي متن سان ڪريون ٿا ته ٻنهي ۾ لڳ ڀڳ هرهنڌ ڪيترائي اختلاف نظر اچن ٿا، جن جو ڪوبه سبب، ڪنهن به جاءِ، مقدمي يا حاشيي واري متن ۾، ظاهر ڪيل ناهي. ان حالت ۾ انهن اختلافن کي ڪهڙي ڳالهه تي پورو ڪيو وڃي؟ جيستائين اِن سوال جو ڪو تسلي بخش جواب اڳيان نه اچي، ڇا ڇاپي متن موجب (ان کي) اصلي هئڻ تي اعتماد ڪري سگهجي ٿو؟

ٻي ڳالهه اِها ته عام طور تي عبارتن جي وچ ۾ نشان هڻي حاشيي يا فوٽ نوٽ ۽ ٻئي ورق / فوليو جو نمبر a-b/ا ـــ ب وارو اضافو، اڳئين ۽ پوئين صفحي جي وچ ۾ فرق ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي، پر هن ڇاپي متن جي تصحيح دوران جتي جتي بنيادي نسخي جو ورق نمبر بدلجي ٿو، اُتي ڏنگين جي وچ ۾ فوليو نمبر ته ڏنل آهي، پر اُنهن سان گڏ واسطيدار ورقن جي ٻنهي صفحن جي وچ ۾ فرق وارو ڪو انتظار نظر نٿو اچي. ڇا اُن منجهان اهو نتيجو ڪڍڻ صحيح ٿيندو ته هن ڪتاب جو سڄي قلمي نسخو پني جي هڪ ئي پاسي تي لکيل آهي، جنهن جا پٺيان صفحا خالي آهن؟

ٽين ڳالهه اِها ته ’نصرت نامه ترخان‘ جي فارسي متن جي طباعت لاءِ تياريءَ دوران اُن جي فولين 24-74کي (جن جي اندر شامل بابن جا عنوان ڇپيل ڪتاب جي ص 27 تي ڏسي سگهجن ٿا). فاضل ايڊيٽر جاءِ تي قلت، ۽ ان خيال سان به نه اُنهن جا موضوع ـــ مصنف جي بقول ــــ تذهر لابرار [تذڪار...؟] نفايس الفنون جامع المعارف؟ ظفر نامهء يزدي ۽ جوش و خورش (؟) تان کنيل آهن، سي هاڻوڪي ڇاپي ۾ شامل نه ڪيا ويا آهن (13). احتياط جي تقاضا ته اها هئي ته مصنف جو فهم تي اعتماد ڪندي سڄي ڪتاب کي جئين جو تيئن شايع ڪيو وڃي ها. اُن سان هڪ نه سرحد پار کان آيل ڪتاب جي هِن نقل جي سالميت برقرار رهي ها ۽ ٻيو ته دلچسپي رکندڙ پڙهندڙ اُن منجهان ضرورت موجب فائدو وٺي سگهن ها. پر جيڪڏهن ڪن اڻٽر سببن جي ڪري اهڙو وڏو فيصلو ڪرڻو ئي پوي پيو ته ان ڳالهه جو ته گهٽ ۾ گهٽ اطمينان ڪيو وڃي ها ته مٿي ذڪر ڪيل پنج ماخذ هاڻ موجود آهن به يا نه. جڏهن ته صورتحال اِها آهي ته خود مُصحح کي به هنن پنجن منجهان تن ڪتابن جي مصنفن جا نالا به معلوم ناهن ۽ ظفر نامهء يزدي (جنهن جي مصنف جي اسان کي خبر آهي) جي ٽن ڇاپن منجهان ٻن ۾ اِهو مقدمو شامل ئي ڪونهي، جنهن منجهان نصرت نامهء ترخان جي مصنف اُن دور جي حالتن واري حوالي سان فائدو ورتو هو.

دراصل ڳالهه اِها آهي ته مصنف ارغونن ۽ ترخانن جي تاريخ، سندن ابن ڏاڏن يافث بن نوح کان شروع ڪئي هئي ۽ اِن سلسلي ۾ ظاهري طرح ”ظفر نامهء يزدي“ يزدي وار طرز تي، سندن مختلف قبيلن جي تشڪيل، اُنهن جي نالي جو سبب ۽ واڌويجهه تي پڻ روشني وڌي هوندي. ان سلسلي ۾ هن جتي ”ظفرنامه“ سامهون رکيو، اُتي پهرئين دور جي هڪ مثنوي ”جوش و خروش“ مان به فائدو حاصل ڪيائين. هيءَ مثنوي بنيادي طور تي امير تيمور جي اثر ۽ وڏائي جي بيان ۾ هئي. ظاهري طور تي اُن ۾ موصوف جي ابن ڏاڏن جو ذڪر آيو هوندو. اُن جي مصنف شيخ محمود زنگي عجم 806هه/1403ع جي لڳ ڀڳ، جڏهن امير تيمور گُرجستان واري قلعي مٿان فوج ڪشي ڪري رهيو هو، تڏهن سندس حضور ۾ حاضر ٿيو، پر موٽندي ”تفليس“ ۾ ”ڪُر“ درياه ۾ ٻڏي مري ويو. شيخ محمود جي اهڙي اوچتي وفات کان ڪجهه عرصو پوءِ سندس پٽ شيخ قطب الدين ”جوش و خروش“ جو هڪ ”ضميمو“ لکي تيمور جي خدمت ۾ پيش ڪيو ته بقول شيخ شرف الدين يزدي ”عاطفِ پادشاهانه شامل حالِ اوشُد اَلَم جراهت ماتمش نمبر 1 براهيم مراحم بيکرانه تسڪين بخشيد“. (16) اُن منجهان اِن ڳالهه جو اندازو ڪرڻ ڏکيو ڪونهي ته مٿي ذڪر ڪيل ورقن کي هن اشاعت ۾ شامل نه ڪرڻ، ڪو عقلمنديءَ وارو ڪم نه آهي.

هاڻ اسين فاضل ايڊيٽر پاران لکيل مقدمي ۽ تعليمات طرف اچون ٿا. مقدمي ۾ مصحح جي توجهه جو مرڪز گهڻو ڪري اڳ ئي معلوم ٿيل سياسي هيراڦيريون ۽ واقعا ئي رهيا آهن، ۽ جتي به ڪنهن نئين معلومات جي بحث سبب سنڌ جي تاريخ جو ڪو نئون گوشو واضح ٿيڻ جو امڪان هو [اُتي] عبارت جي مونجهاري کيس اُن طرف توجهه ڏيڻ جي اجازت ئي نه ڏني آهي. اُن جي باوجود هُن جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اُهو ”نصرت نامهء ترخان“ جي مطالعي لاءِ هڪ مفيد ۽ ڪارآمد پس منظر واري حيثيت رکي ٿو. خاص طور تي پوراني ساداتن جي باري ۾، هُن جي پاران ڏنل معلومات کي گهڻي اهميت حاصل آهي. فاضل ايڊيٽر جي ڏنل اِها معلومات ”نصرت نامهء ترخان“ کان سواءِ به پڙهندڙ لاءِ هڪ قيمتي تحفو آهي. پير حسام الدين راشدي صاحب جي اِها پراڻي خواهش هئي ته پاڻ اُن موضوع تي ڪم ڪن، پر زندگيءَ ساڻس وفا نه ڪئي. ڊاڪٽر انصار زاهد خان جي هن ڪم سان يقيناً سندس روح کي خوشي حاصل ٿي هوندي. تڏهن به اِها ڳالهه نهايت ڏک سان چوڻي ٿي پوي ته لائق مصحح جي پوري محنت ۽ جانفشانيءَ جي باوجود، جيڪي ڪجهه ڇپجي اسان جي اڳيان آيو آهي، اُهو تحقيق جي مڃيل معيارن تي پورو نٿو بيهي.

انگريزي مقدمي ۾ ڪجهه جاين تي، پر ڏنگين جي وچ ۾ جيڪي حوالا ڏنا ويا آهن، اُهي صحيح ناهن، يعني اُنهن حوالن جي مدد سان جڏهن اسين مقدمي جي آخر ۾ ڏنل ماخذن کي ڏسون ٿا ته اُنهن جي زڪر ڪيل صفحي تي اهي حوالا اڻلڀ آهن (17). ڪن جاين تي جتي حوالا درست به ڏنل آهن، جڏهن مقدمي واري عبارت جي ذڪر ڪيل ماخذن ۾ ڏنل معلومات سان ڀيٽا ڪريون ٿا ته اُن ۾ به فرق نظر اچي ٿو. مثلاً مقدمي جي پيرا 1 سٽ 6 ۾ جتي ”تيره“ لکيل آهي، ”حبيب السير“ ۾ اُن جڳهه تي درست ۽ مڪمل نالو ”قله تيزه نو“ لکيل آهي (18). اهڙي قسم جو هڪ ٻيو مثال مرزا شاهه حسين ارغون جي ڌيءَ چوچڪ بيگم جي اصلي نالي بابت آهي. اها عام طور تي مٿي ذڪر ڪيل نالي سان ئي مشهور آهي، پر ”نصرت نامه ترخان“ جي مصنف پهريون ڀيرو اُن جو نالو ”سلمه سلطان بيگم لکيو آهي.

ڊاڪٽر انصار زاهد خان تعليقات ۾ اُن کي ”سلطان بيگم“ بنائي ڇڏيو آهي (19). اهڙيون ٻيون به ڪي غلطيون، ٻين ڇاپي ڪتابن مان ورتل مواد کي نقل ڪرڻ ۾ نظر اچن ٿيون. ڄڻ ته جيڪي شيون اصل مسودي ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي صحيح هيون، ”نصرت نامهء ترخان“ ۾ لکڻ وقت اُنهن کي پڻ غلط يا مشڪوڪ بنايو ويو آهي (20). اُن کان سواءِ مقدمي ۽ تعليقات ۾ اهڙا مثال پڻ ملن ٿا جتي فاضل مصحح کان مصنف جي فارسي عبارت جي مفهوم سمجهڻ ۾ ڪوتاهي ٿي آهي. اُن جو هڪڙو مثال ته ص 27-29 تي شيخ جلال الدين ابويزيد پوراني ۽ شيخ جلال الدين ابو سيعد پورانيءَ جي شخصيت جي باري ۾ پيدا ٿيل مونجهارو آهي. اهڙي نموني جي ئي صورتحال ص 5 جي آخر جملي ۾ پڻ نظر اچي ٿي. اهوئي نه پر ص  32 تي ڊاڪٽر انصار زاهد خان لکيو آهي ته شيخ جلال الدين ابو سعدپوراني جڏهن زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ”ماشور“ ۾ بيماريءَ سبب بستريءَ داخل هو ته اُنهن ئي ڏينهن ۾ بابر پارن قنڌار تي چڙهائي ڪرڻ جا افواهه گرم هئا، جنهن کي نظر ۾ رکندي شيخ جي خبر خواهن ۽ گهرجي ڀاتين ڪيترا ڀيرا کيس ”ماشور“ منجهان نڪرڻ جو مشورو ڏنو، پر پاڻ معلوم موجب اُتي ئي رهيو. ايتري قدر جو سندس انتقال به اُتي ئي ٿيو. اصل ڳالهه اِها آهي ته شيخ جلال الدين ابو سعيد پورانيءَ کي بابر مان ڪوبه خطرو نه هو. هو ته پاڻ هن عقيدتمند هو. خطرو هو ته شاهه بيگ ارغون جي ذات کي هو، جيڪو شيخ جي تيماداريءَ سبب ”ماشور“ ۾ ٽِڪيل هو ۽ جڏهن شيخ جو اُن ئي بيماريءَ ۾ انتقال ٿي ويو ته سندس تابوت جي اڳيان ٻن پاون کي شاهه بيگ مرزا ڪيخسرو، ۽ پوين ٻن پاون کي عاليجاهه ممالڪ پناهه زينڪ ترخان ۽ عاليجاهه ممالڪ پناهه امير بابر بيگ ذاتي طور ڪلهو ڏنو  ۽ ڪجهه ماڻهن جي بيماري ٿيڻ جي وهم واري مخالفت جي باوجود به، اُن کي اُتي ئي دفن ڪيو ۽ مقبرو ٺهرايو. بابر جي اچڻ واري خطري سبب ”ماشور“ ۽ قنڌار کان پري ٿيڻ جو شايد شاهه بيگ ارغون کي مشورو ڏنو ويو هو، جيڪو شيخ سان پنهنجي غير معمولي دلي لڳاءَ سبب ائين نه ڪري سگهيو.

فارسي متن جي ص 333 تي مصنف هي لکيو آهي ته فردوسيءَ شاهنامي جي تاليف ۾ جنهن مبالغي آرائيءَ کان ڪم ورتو هو، اُن بيهودگيءَ جو کيس بعد ۾ احساس ٿي چڪو هو ۽ هن حضرت يوسف عليہ السلام جو قصو نظم ڪرڻ وقت پاڻ به اِن ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي، ۽ اُن کان پوءِ مصنف فردوسيءَ ڏانهن (غلطيءَ سبب) منسوب (21) ”مثنوي يوسف زليخا“ جا ڪجهه شعر پڻ پنهنجي روايت جي تائيد ۾ نقل ڪيا آهن. اُن تي ڪتاب جي تعليقات ۾ ڊاڪٽر انصار زاهد خان جو هي تبصرو غير ضروري آهي. (22)

“The Episode of Prophet Yusjuf (Joseph A.S.) is not found in the  Shah namah” جاگرافيائي ماڳ هجن يا ماڻهن ۽ ڪتابن جا نالا هجن يا عام ڳالهه ٻولهه وارا لفظ ۽ اصطلاح، فاضل مصحح، اُنهن جي درست تلفظ ۽ هِجي طرف به قطعاً ڪوئي توجهه نه ڏنو آهي. مثلاً Farah کي Farah، Garmsir کي Garamsir، Quhistan کي Qahistan، Quhistani، کي Qahistani، Uymaq کي Uimaq، Amuli کي Amali، Shiqqdar  کي Shiqdar، Ghujdawan کي Ghazdawan، Nafahat کي Nafhat، Murwarid کي Marwarid ۽ Gurkan  کي Gurgan  ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ڇپائيءَ جون غلطيون پنهنجيءَ جاءِ تي، ڪيترن ئي انگريزي لفظن جا غلط رائج ٿيل تلفظ (هِجي پڻ استعمال ڪيا ويا آهن. مثلاً Foolscap بجاءِ Full-scape، Emigres بجاءِ Emigress, Litterateur بجاءِ Litterature ۽ خبر ناهي Peace Be Upon Him جهڙي دعائيه جملي جو مخفف (P. B. U. H) بجاءِ هر هنڌ (P. B. H.) ئي لکيو ويو آهي.

ڪنهن تحقيقي ۽ علمي ڪتاب تي نظر پوندي ئي پڙهندڙ جو توجهه سڀ کان اول اُن جي ديباچي يا مقدمي ڏانهن ۽ پوءِ اُن جي ڪتابيات يا ببليوگرافي طرف وڃي ٿو؛ جنهن جي مرتب ڪرڻ جو هڪڙو بين الاقوامي طور طريقو مروج آهي، ۽ جنهن جي لڳ ڀڳ هر هنڌ پابندي ڪئي ويندي آهي. ببليوگرافيءَ ۾ ڪنهن به ڪتاب جي ماخذ جي داخلا غام طور هيٺينءَ ترتيب سان ڪئي ويندي آهي: مصنف يا مرتب جو نالو، ڪتاب جو عنوان، ڇپائيءَ جو هنڌ ۽ ڇپائيءَ جو سال. ”نصرت نامهء ترخان“ کي جڏهن مون پهريون ڀيرو کوليو ته ص 496 تي، اُن جي انگريزي ڪتابن جي ببليوگرافيءَ ۾ ڪتابن جي جاءِ جو ذڪر، اُن جي چپائيءَ وارن سالن کان پوءِ ڏسي ڪجهه دير لاءِ ته آءٌ منجهي پيس، پر پوءِ هڪ ٻئي ڪتاب ۾ پڻ ڪري چڪو آهي (23)، مون اُن کي سندس ذاتي پسند ۽ مرضي تصور ڪندي نظرانداز ڪري ڇڏيو، پر جڏهن مون هن ببليوگرافيءَ کي ڏسڻ شروع ڪيو تڏهن خبر پيئي ته نه ائين ڪونهي. هن ڪجهه ڪتابن کي پاڻ بين الاقوامي طور تي طئه ٿيل طريقي سان به داخل ڪيو آهي.

ببليوگرافيءَ جي باري ۾ هڪ ٻي اهم ڳالهه هيءَ آهي ته هن ڪتاب ۾ اُنهن سڀني ڪتابن جا نالا شامل نه آهن، جن مان فاضل ايڊيٽر مقدمي، تعليقات يا ”متن جي تصحيح“ جي سلسلي ۾ استفادو ڪيو آهي. ڪيئي اهڙا ڪتاب آهن جن جا نالا اِن حد تائين مسخ ڪيا ويا آهن جو شايد اُن جي مصنف کي به اُن جي خبر نه پئجي سگهي. مثال طور ”المعجم المفهرس“ جي جاءِ تي صرف Musfahris-al-mujam لکيو ويو آهي (24). ڪيترن ئي مصنفن جي نالن جا شروعاتي لفظ   (Initials) غائب آهن. ڪن نالن جي هِجي صحيح ناهي، مثلاً Badr کي Badar، Browne کي Brown، Denison کي Denizen، Ishtiaq Husain Qureshi کي Istiaque Husan Qureshi ۽ Jauhar Aftabchi کي Jawahar Aftabchi ڪيو ويو آهي. ڪن ڪتابن جي اشاعت جي جاءِ، ڪن جي اشاعت جو سال ۽ ڪن جي ته ٻنهي ڪيفين جو ذڪر ئي ڪونهي. ڪن جي جاءِ اشاعت غلط آهي. ميز علي شير قانع ٺٽويءَ جو هڪ ڪتاب سڀ کان پهريائين ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي جي مقالي طور سامهون آيو. اُهو تحقيقي مقالو ڪهڙي يونيورسٽيءَ ۾ ڪهڙي سال ۾ پيش ڪيو ويو، اُن جي باري ۾ ببليوگرافي بلڪل خاموش آهي. اُن کان سواءِ ڪنهن هڪ ئي مصنف جو نالو سندس ٻن ڌار ڌار حوالن جي بنياد تي ببليوگرافيءَ ۾ به ڀيرا ڏنو ويو آهي ۽ اُن هڪڙي ئي مصنف جي هڪ کان وڌيڪ ڪتابن کي هڪ ئي جڳهه تي، هڪ ٻئي پٺيان، سندس نالي سان درج ڪيو ويو آهي.

مختصر اِهو ته ”نصرت نامهء ترخان“ نهايت اهميت وارو ڪتاب آهي، ۽ اُن کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ سلوڪ جو حقدار هو، جيڪو سلوڪ فاضل ايڊيٽر هن ڪتاب سان اختيار ڪيو آهي. اِنهي سڀني ڳالهين جي باوجود جن ماڻهن جي ڪوششن جي نتيجي ۾ هيءُ نادر نسخو اڄ اسان جي هٿن تائين پهتو آهي، اُنهن جو جيترو به ٿورو مڃيو وڃي، اُهو گهٽ آهي.

حوالا

1. Stanley Lane-Poole: “The Mohammadan Dynasties”, Beirut, 1966, p. 266.

2. ايضاً ص 267

3. دولت شاهه سمرقندي: ”تذکره الشعراء“، باهتمام محمد عباسي تهران ص 406.

4. Muhammad Saleem Akhtar: “Sind under the Mughuls, “Islamabad/ Karachi, 1990, pp 5-15

5. ايضاً ص 4

6. سيد مير محمد بن بايزيد پوراني: ”نصرت نامهء ترخان“، تصحيح و تنقيح (؟) ڊاڪٽر انصار زاهد خان، ڪراچي، 2000ع، گردپوش

7. ايضاً 23

8. ايضا مقدمهء مصحه، ص 16-17

9. مثلاً ڏسو فارسي متن ص 20، س 2

10. ايضاً ص 15 س 15؛ ص 19، س19؛ ص 24، س 8؛ ص 25، س 4 وغيره وغيره.

11. مثال طور ڏسو ص 27، س 2

12. اُن جا مثال اڪثر صفحن جي فوت نوٽن ۾ ڏسي سگهجن ٿا، جن منجهان ڪيترائي مضحڪه خيز حد تائين غلط آهن.

13. شرف الدين علي يزدي: ”ظفرنامه“، بتصحيح و اهتمام محمد عباسي، تهران 1336 شمشي (ٻه جلد) شرف الدين علي يزدي، ”ظفر نامه“، بتصحيح مولوي محمد الله داد، ڪلڪتو 88-1885ع، بحواله C.A. Storey

Persian Literature: A bio-Bibliographical Survey, London, 1927-39, Vol 1, Part I, Page 286.

15. ڏسو، شرف الدين علي يزدي: ”ظفر نامه“، تمهيد و تنظيم از عصام الدين رورو نبايوف، تاشڪندم 1972ع، ص 57 (مقدمه)

16. ايضاً ص 898

17. مثلاً: ڏسو فوٽ نوٽ 6، 7 ۽ 8 ذڪر ڪيل ص 3 (تصحيح ڪندڙ پارن مقدمو)

18. . ڏسو: خواند امير: ”تاريخ حبيب السير“، ڇاپو ٽيون، تهران، 1362 ش، جلد چوٿون، ص 101

19. ڏسو فاسي متن، ص 353 ۽ تعليقات ص 485، نمبر 272

20. مثال طور ڏسو: ”نصرت نامهء ترخان“ ص 455

نقل ڪيل شعر از سلطان محمد فخري بن محمد امير هروي: ”تذڪره روضة السلاطين“، تصحيه و تحشيه سيد حشام الدين راشدي، حيدرآباد 1968ع، ص 46

21. ڏسو: ”تاريخ ادبيات فارسي“، ترجمو و حاشيه رضازاده شفق، تهران، 1337 شمسي، ص 49. حاشيه نمبر 1، ۽ Jan Rypka: “History of Iraniam Literature” Ed: karl Jahn, Dordrecht-Holland, 1968,p. 155

22. ”نصرت نامهء ترخان“، تعليقات، ص 48، نمبر 251

22. Ansar Zahid khan: “History and Culture of Sindh”, Karachi, 1980m oo 360 69.

24. اهڙيءَ ريت ”نصرت نامهء ترخان“، ص 462 نمبر 136 ۾ آقا بزرگ طهرانيءَ جي معروف تصنيف، ”ڪتاب الذريعه الي تصانيف الشيعه“ جون شخصيتون هن طرح لکيون ويون آهن.

“Agha buzrug Tahrim Al-Zari, ah ila Tasrif-al-shi`ah,...”

ڊاڪٽر عارف نوشاهي

سنڌيڪار: محمد پنهل ڏهر

مير امين الدين خان ٺٽويءَ جون فارسي ادب لاءِ ڪيل خدمتون

 

بلگرام جو هڪ ناميارو عالم ۽ تاريخ گو شاعر مير عبدالجليل بلگرامي (1071هه-1138هه/1660ع-1725ع) 1117هه کان 1130هه/1705ع کان 1718ع تائين سنڌ ۾ دهلي درٻار پاران وقائع نويس ٿي رهيو آهي. اُن کان پوءِ سندس پٽ مير سيد محمد بلگرامي (1101ع-1885هه/1690ع-1771ع) سندس جاءِ سنڀالي ۽ 1133 هه کان 1155هه/ 1721ع کان 1742ع تائين سنڌ ۾ دهلي لاءِ وقائع نويسي ڪندو رهيو. سيد محمد بلگرامي پنهنجي تجربة الناظرين“ (فارسي) ۾ 1101هه کان 1182هه/1690ع کان 1728ع تائين هندستان ۾ رونما ٿيندڙ خاص سياسي، تاريخي، ثقافتي، ادبي ۽ خانداني واقعا سال به سال درج ڪيا آهن. جيئن ته مصنف ۽ سندس پيءُ مجموعي طرح سان 38 سال (1117ع کان 1155هه/1705ع کان 1742ع) سنڌ ۾ مقرر هئا، تنهنڪري انهيءَ ڪتاب ۾ مصنف سال 1120هه جي واقعن متعلق لکي ٿو ته، ”و هم درين سال خان ذيشان امين الدين خان فوجدار سرکار بکهر که از ابناء امير خان تتوي بود رد عهد فوجداري خود در قصبه سکهر که آن روي آب از قلعه بکهر است، مسجد عالي عمارت نمود. چنانچه صاحب قبلئه جاودان (مير عبدالجليل بلگرامي) تاريخ تعمير آن چنين فرموده اند:

خانِ ذيشان امين الدين خان ذکر فيضش به زبا نها مذکور

در رُخش نور نبي گشته عيان در کفش جودِ علي کرده ظهور

مسجدي کرده بنا در سکهر پاک تر از دل اربابِ حضور

خانئه دين خود آباد نمود سعي او پيش خدا شد مشکور

سکهر از نسبت اين مسجد شد بلدهء طيبئه ربِ غفور

حبذا، مسجد فرخنده بنا در و ديوار وي آئينهء نور

از دمِ صبح برآمد به به بر گچ او چو نظر کرد از دور

مي سزد گر پئي جا روبش چرخ دسته بند و زسر کاکل حور

باهم آغوش مصلاش شده است سجده در جبهه کند رقص سرور

سال تاريخ چنين گفت خرد مهبط نور چو بيت المعمور .

انهيءَ مسجد جا نشان سکر ۾ موجود هجن يا نه هجن، ليڪن انهيءَ جي بانيءَ جو ڪجهه احوال ۽ تصنيفون گذريل ٽن سو سالن کان محفوظ آهن ۽ اسان تائين پهتيون آهن.

مير امين الدين خان: مير امين الدين خان جي جد اعليٰ مير ابوالقاسم ”نمڪين“ (وفات 1018هه/1609ع) جو والد مُلا مير سبزواري هرات تي ازبڪن جي قبضي کان پوءِ پنهنجو ابائي علائقو هرات ڇڏي قنڌار ۾ اچي ويٺو ۽ اُتي فوت ٿيو. ابو القاسم ”نمڪين“ قنڌار مان ئي ڪابل جي رستي هندستان ۾ داخل ٿيو ۽ اڪبر بادشاهه جو ملازم ٿيو. اڪبري دور کان پوءِ جهانگير جي طرفان مختلف صوبن ۽ شهرن جي صوبيداري تي فائز رهيو. اُن جو پُٽ مير ابوالبقا امير خان (وفات 1507هه/1647ع) به شاهجهاني دور ۾ مختلف سرڪاري عهدن تي ڪم ڪندو رهيو. مير ابوالبقا گهڻي اولاد وارو هو. سندس اولاد مان هڪ پٽ مير ابوالمڪارم ”شهود“ (وفات 1073هه/62-1662ع) به شاهجهاني دور ۾ مختلف سرڪاري عهدن تي ڪم ڪندو رهيو. مير ابوالبقا گهني اولاد وارو هو. سندس اولاد مان هڪ پٽ مير ابوالمڪارم ”شهود“ (وفات 1073هه/63-1662ع) منصب جو صاحب به هو ۽ قلم جو ڌڻي به. هن جي قلمي ڪارنمان مان ”مثنوي پري خانه سليمان“ (فارسي) جو نالو خاص طور تي ورتو وڃي ٿو. اسان جي مقالي جو خاص ڪردار امين الدين خان انهيءَ مير ”شهود“ جي ڇهن پٽن مان هڪ هو. هي خاندان مير ابوالقاسم ”نمڪين“ جي هندستان ۾ اچڻ وقت سنڌ ۾ آباد ٿيو. مير ابوالقاسم جو اولاد ”سادات قاسم خاني“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو ۽ بعد ۾ هن جي پٽ مير ابوالبقا امير خان جي اولاد وري ”سادات امر خاني“ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن خاندان ۾ نسل در نسل منصبداري ۽ علمي فضيلت گڏ رهي (2). مير امين الدين خان انهيءَ خاندان جو هڪ خاص فرد هو.

امين الدين خان پنهنجي ڪتاب ”رشهات الفنون“ جي ديباچي ۾ پنهنجو نالو ”امين الدين خان بن سيد ابو المڪارم بن امير خان الحسيني الهروي“ لکيو آهي (3). ليڪن مير علي شير قانع (وفات 1203هه/1789ع) هن جو پرو نالو ”امين الدين خان حسين“ لکيو آهي (4). اِهوئي نالو روهڙيءَ ۾ سندس ٺهرايل مسجد جي ڪتبي ۾ به آهي. خان عاليشان امين الدين حسين حق شناس.(5)

”خان جو ذاتي احوال تمام گهٽ ملي ٿو. هن جي باري ۾ صرف ايترو معلوم آهي ته هو 1091هه کان 1095هه/1680ع کان 1684ع ڌاري ٺٽي ۾ ديواني عهدي تا فائز هو. 1120هه ۾ بکر سنڌ ۾ هو ۽ روهڙيءَ جي موجوده قاضين جي محلي ۾ جامع مسجد ٺهرايائين. جيڪا اڄ تائين قائم آهي (6). 1114هه/3-1702ع ۾ ٺٽي صوبي جو عهديدار هو. شهزادي محمد معزالدين جڏهن ٻيو ڀيرو سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ڪامياب نه ٿي سگهيو ته ميان يار محمد المقلب ”خدايار خان“ سان صلح ڪيائين ۽ پنهنجا ڪجهه نائب سنڌ ۾ ڇڏي هليو ويو، جن ۾ امين الدين خان کي خانپور ۾ مقرر ڪيائين. هي تقريباً 1115هه/4-1703ع جي ڳالهه آهي، جڏهن امين الدين ٺٽي مان خانپور ويو (7) اسان کي هي به معلوم آهي ته هو 1120هه/1708ع ۾ بکر جو فوجدر هو ۽ اُنهيءَ سال هن سکر ۾ جامع مسجد ٺهرائي. 1123هه/1711ع ۾ ”رشهات الفنون“ لکيائين. هن جي ٻئي ڪتاب ”معلومات آلافاق“ ۾ جيئن ته اورنگزيب عالمگير جي وفات (1118هه) جو ذڪر ملي ٿو ۽ خود امين الدين خان جي وفات 1127هه ۾ واقع ٿي، تنهنڪري هي ڪتاب به اِنهن سالن دوران ئي لکيو ويو هوندو. امين الدين خان جي قبر مڪلي ٽڪريءَ جي ”امير خاني قبرستان“ ۾ اڄ به موجود آهي (8).

اِهي هئا امير امين الدين خان جي زندگيءَ جا معلوم سن. هن جي زندگي جي متعلق بن نوعيتن جا رايا موجود آهن. هڪ شاعرانه ۽ ٻيو مؤرخانه. شاعرانه راءِ مير عبدالجليل بلگرامي ۽ مُلا عبدالحڪيم عطا جي تاريخي قطعن ۾ ڏسي سگهجي ٿي. مؤرخانه راءِ قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ”مقالات الشعراءَ، ۽ ”تحفة الڪرام“ ۾ لکي آهي، جيڪا وڌيڪ توجهه جي لائق آهي. قانع جي بقول امين الدين خان هڪ عالي قدر امير هو. سندس گهڻو وقت ڪتابن جي مطالعي ۽ عالمن سان گڏ مجلسن ۾ گذرندو هو(9).  جيڪڏهن مشرقي شاعرن جي ڪلام کي اسين رڳو زبان ۽ بيان جي لذت نه سمجهون ۽ انهيءَ کي هن لائق ڄاڻون ته شاعرن جا ذاتي حالات سندن شاعريءَ سان لاڳاپيل ٿي سگهن ٿا، ته اسان مير امين الدين خان، ٺٽي جي امير ۽ بکر جي فوجدار جا هي شعر نموني طور پيش ڪنداسين.

افسوس که بي دوست همه عمر بسر رفت،

در صرفهء کار شتر او اَستر وخَر رفت؛

حالات همه صرف خزو وا اطلس و ديبا،

اوقات همه در طلب نقره و زر رفت (10).

فارسي زبان ۾ تصنيف ۽ تاليف: امين الدين کي علمي ۽ ادبي ذوق ورثي ۾ مليو هو. ڪتابن جي مطالعي ۽ عالمن جي صحبت هن کي فارسيءَ جو شاعر ۽ مصنف بنايو. هن جو ديوان ته محفوظ نه آهي، حالانڪ هن ديوان مرتب ڪيو هو. ليڪن هن جو جيڪو مختصر ڪلام قانع ”مقالات الشعراءَ“ ۾ محفوظ ڪيو آهي، اُنهي مان سندس فني پختگيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن جون ٻه مستقل فارسي تصنيفون صحيح سالم ۽ مڪمل حالت ۾ اڄ تائين زماني جي گردشن کان محفوظ آهن ـــ هڪ ”رشحات الفنون“ ۽ ٻي ”معلومات الافاق“.

رشحات الفنون: هيءُ ڪتاب هڪ طرح سان ننڍڙو دائرة المعارف يعني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن ۾ مصنف مختلف عقلي ۽ نقلي علمن جا مضمون مختصر عبارتن ۾ لکي ڇڏيا آهن ته جيئن هر فن جي شاگردن لاءِ مفيد ٿي سگهن ۽ فارسي پڙهڻ وارن کي علم حاصل ڪرڻ ۾ سهوليت ٿئي. انهيءَ مناسبت سان هن ڪتاب جو نالو ”رشحات الفنون“ (فن جا قطرا) رکيو، جنهن جا عدد 1126 ٿين ٿا. پوءِ پاڻ ئي ٻڌايائين ته جيڪڏهن اِنهيءَ نالي مان جهالت جو سر قلم ڪيو وڃي ته تاليف جي تاريخ معلوم ٿيندي. جهالت جي سر مان مراد حرف جيم، جنهن جا عدد ٽي آهن ۽ اهڙيءَ طرح ڪتاب جي تاليف جي تاريخ 1123هه معلوم ٿئي ٿي.

مصنف ڪتاب جا سورهن بابت قائم ڪيا آهن. هر باب کي ”رشحه“ جو نالو ڏنو اٿس، ۽ اُن ۾ سورهن مختلف علمن جو هيٺ ڏنل ترتيب سان تعارف ڏنو اٿس. 1 ـــ تفسير، 2 ــــ حديث، 3 ـــ شعب ايمان، 4 ـــ عقيدا ۽ ڪلام، 5 ـــ اصول فقه، 6 ــــ فروغ فقه، 7 ـــ تصوف، 8 ــــ حڪمت ۽ منطق جي تعريف ۽ اُنهن جا قسم، 9 ـــ طب، 10 ـــ حڪمت عمليه، 11 ـــ نحو، 12 ـــ صرف، 13 ـــ معاني، 14 ـــ بيان، 15 ـــ بديع، 16 ـــ تاريخ ۽ آخري مضمون جو عنوان ”تنوير“ آهي، جنهن ۾ سيرت النبيٖﷺ جو بيان آهي. مضموننن جي هي اُها فهرست آهي، جيڪا مصنف ڪتاب جي ديباچي ۾ ڏني آهي ۽ عنوان قائم ڪيا آهن. ليڪن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ ڪجهه ٻيا به خاص مضمون آهن، جن جو ذڪر ڪنهن ديباچي ۾ نه آهي. جيئن ذڪر خلفاء راشدين، ذڪر آئمه معصومين، مهدي مرعود جي باري ۾ اهل سنت والجماعت جو عقيدو، اهل صفا جا مناقب، اصحاب سڳورا، مشائخ سڳورن جو ذڪر، عارفه عورتن جو ذڪر، هند جي مشائخن جو ذڪر، مسلمان فلاسفرن جو ذڪر، بنو اُميه جي بادشاهن جو ذڪر، عباسي خليفن جو ذڪر ۽ اُنهن بادشاهن جو ذڪر جيڪي خلافت عباسيه جي دؤر ۾ دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ موجود هئا، روم جي بادشاهن جو ذڪر، مڪي ۽ مديني جي شريفن، ترڪستان جي خانن، ايران جي بادشاهن، هندستان  جي بادشاهن ۽ سلطانن جو ذڪر. (هن حصي ۾ سنڌ جي حاڪمن جو به ذڪر آهي). هن کان پوءِ امير تيمور گورگاني ۽ سندس اُنهي اولاد جو ذڪر جيڪو هندستان ۾ تخت ۽ تاج جو مالڪ ٿيو. اُنهن جو نسل در نسل تذڪرو ڪيو ويو آهي. هي تذڪرو اورنگزيب جي وفات (1118هه) تي ختم ٿئي ٿو. خود مصنف اورنگزيب جي وفات جي مادهءَ تاريخ ”دخل الجنة“ مان ڪڍي آهي.

مصنف سنڌ جو رهاڪو آهي ۽ سرڪاري عهديدار به آهي، تنهنڪري اسان کي توقع هئي ته هو ڪتاب جي تاريخ واري باب ۾ ”سنڌ“ جي حوالي سان ڪي خاص معلومات فراهم ڪندو، ليڪن سنڌ جي بار ۾ ڪوبه غير معمولي اطلاع نه ڏيئي، هُن اسان کي مايوس ڪيو آهي! بيشڪ هندستان جي بادشاهن جي واقعن دوران مصنف ڪٿي ڪٿي سنڌ جي منصبدارن ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو آهي، ليڪن اها سموري معلومات هن کان اڳ لکيل مغليه تاريخن ۾ به ڏنل آهي. مصنف جتي هندستان جي مشائخن جا نالا ڄاڻايا آهن، اُتي سنڌ جي حوالي سان صرف شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوريءَ جو نالو ملي ٿو. هندستان جي بادشاهن ۽ سلطنت واري باب ۾ ”حڪام سنڌ“ جو ذيلي عنوان به موجود آهي، جنهن ۾ سنڌ تي محمد بن قاسم جي حملي کان وٺي ميرزا جاني بيگ ترخان تائين هتان جي حاڪمن جا نالا ۽ حڪومت جي مدت ڏنل آهي، ۽ بس!

راشدي صاحب، ”تذڪره اميرخاني“ جي هڪ باب ۾ هن خاندان جي عقيدن جي باري ۾ گفتگو ڪئي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته هن خاندان جا ڪجهه فرد سُني هئا ۽ ڪجهه شيعا هئا، ۽ آخر ۾ لکي ٿو ته هن گهراڻي جي علمي سرمايي جي محفوظ نه رهڻ سب مذهبي اعتقادن جو پورو جائزو وٺڻ مشڪل آهي (11). امين الدين خان جي مذهبي عقيدن جو هن ذڪر نه ڪيو آهي. ”رشحات الفنون“ ۾ هن خلفاء راشدين جو ذڪر بهترين لقبن سان ڪيو آهي، جيئن ”افضل الصحابه اوّلهم بالتصديق حضرت ابوبڪر صديق ـــ الناطق بالحق والصواب حضرت عمر فاروق بن الخطاب ـــ جامع القرآن حضرت عثمان ذي النورين بن عفان.“ هن انهيءَ ٽنهي اصحابن جو ذڪر ”اسدالله العالب و ملطوب ڪل طالب امير المؤمنين علي مرتضيٰ بن ابي طالب“ جي مقابلي ۾ مختصر ڪيو آهي. خلفاء راشدين جي ذڪر کان فوراً پوءِ هن ”زڪر ائمه معصومين“ جو عنوان قائم ڪيو آهي، ۽ هتي هڪ دفعو وري حضرت علي جو ذڪر خير ڏنو آهي. هن ڀيري تاريخي واقعا نه ڄاڻايا اٿس، بلڪ ادبي ۽ عقيدت واري رنگ ۾ صرف فضيلتون بيان ڪيون اٿس. پوءِ ترتيبوار ٻين امامن جو احوال لکيو اٿس. اِنهيءَ تذڪري لڱن کان پوءِ هن هڪ عنوان ”فضل دربيان اعتقاد اهلسنت و جماعت“ قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ مهدي موعود جي باري ۾ اهل سنت جماعت جا عقيدا بيان ڪيا آهن ۽ اُنهيءَ ۾ هي ڳالهه به لکي اٿس ته سن 1200هه جي محرم مهيني ۾ عاشوري واري ڏينهن اِنهيءَ جو ظهور ٿيندو (اسان به پنهنجي زماني ۾ اِها ڳالهه ٻڌندا هئاسين ته سن 1400هه تي دنيا جو ڪاروبار بند ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته فقط چوڏهن صديون ئي آهن!) بهرحال ”رشهات الفنون“ جي مطلب ۽ مضمونن مان اهوئي اندازو ٿئي ٿو ته امين الدين خان سُني عقيدي جو هو، ليڪن خاندان ۾ جيئن ته شيعت موجود هئي، انهيءَ ڪري حضرت علي ۽ ٻين يارهن امامن سڳورن جو احوال ۽ فضيلتون لکڻ ۾ ڪجهه قدر مبالغي کان ڪم ورتو اٿس.


* . اصل مقالو  اردو  زبان ۾ اسلام آباد مان نڪرندڙ  رسالي ”فکر و نظر“ جي جولاءِ ــــ سيپٽمبر 2001ع جي پرچي ۾ ڇپيو آهي. مترجم مير حسان الحيدري چانڊيو جو شڪرگذار آهي، جنهن فارسي عبارتن جي ترجمي ۾ مدد ڪئي.

[1] . ترجمو، ۽ انهي سال ۾ (1120هه) خان ذيشان امين الدين خان فوجدار سرڪار بکر، جيڪو امير خان ٺٽوي جي اولاد مان هو، هن پنهنجي فوجدري جي زماني ۾ سکر ۾، جيڪو درياءَ جي ڪناري تي بکر قلعي جو هڪ ڳوٺ آهي. هڪ بُلند عمارت واري مسجد جوڙائي. جيئن ته مير صاحب (صاحب عبدالجليل  بلگرامي) هن مسجد جي تاريخ هن ريت بيان ڪئي آهي:

ـــ وڏي شان وارو خان امين الدين ـــ جنهن جو ذڪر هر زبان تي جاري آهي.

ـــ هن جي چهري مان نبي پاڪ جو نور ظاهر آهي. هن جي تِري تي حضرت علي جي سخاوت جو ظهور آهي.

ـــ هن جو سينو ازل جي رازن جو خزانو آهي، هن جي دل جي فانوس جي شمع نور جو چمڪارو آهي.

ـــ هن سکر ۾ هڪ مسجد تعمير ڪئي آهي، الله جي بارگاهه ۾ هر وقت حاضر رهڻ وارن جي دل کان به زياده پاڪ آهي.

ـــ پنهنجي دين جي گهر کي آباد ڪيائين، هن جي ڪوشش الله وٽ اجورو حاصل ڪيو.

ـــ هن مسجد جي نسبت جي ڪري، سکر پاڪ شهر ۽ رب بخشڻهار جو نشان بڻجي ويو آهي.

ـــ واهه واهه مبارڪ بنياد واري مسجد، هن جا در ۽ ديوارون نور جو آئينو آهن.

ـــ صبح جي ٿيڻ سان ”ڏاڍو سٺو ڏاڍو سٺو“، جو  آواز پئي آيو، جڏهن هن جي چُن ۽ گچ کي پري کان ڏٺائين.

ـــ جيڪڏهن آسمان حورن کي زلفن کي هن مسجد لاءِ ٻُهاري بڻائي، ته پڻ هن لائق آهي.

ـــ هن جي محراب جا ٻيئي پاسا هڪ ٻئي کي ڀاڪر پايو بيٺا آهن، (جنهن کي ڏسي) سجدا پيشاني ۾ رقص ڪن ٿا.

ـــ عقل هن مسجد جي تاريخ جو سال ائين چيو آهي، (هي مسجد) آسمان تي ٺهيل فرشتن جي سجده گاهه.

ـــ بيت المعمور  وانگر الله جي نور جي نزول جي جاءِ آهي.

* .”اميري والا مقدار بود، اغلب اوقات بمطالعه کتب و صحت باعلما پرداخته.“ (تحفة الکرام جلد سوم  بخش اول، از مير علي شير قانع تتوي، بتصحيح پير حسام الدين راشدي. طبع اول 1971ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، صفحه 346)

* .ترجمو: افسوس جو سڄي عمر دوست کان سواءِ گذري ويئي (يعني يار جو وصال نصيب نه ٿيو) رڳو اُٺن گهوڙن ۽ گڏهن (خچرن) جي ڌنڌي ۾ عمر گذري ويئي. هر حال ۾ زندگي رڳو اوني ۽ ريشمي ڪپڙن ۽ قيمتي ڪپڙن جي شوق ۾ گذري ويئي، ۽ زندگيءَ جون سموريون گهڙيون چاندي ۽ سون جي ڳولا ۾ گذري ويون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com