سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1 ۽ 2 / 2002ع

 

صفحو :14

هن سُر جو ٻيو پهلو ”سورٺ“ جو المياتي ڪردار آهي. هن سُر ۾ ٻين سُرن وانگر، سورميءَ جي ڪردار کي مرڪزي حيثيت حاصل ناهي. سندس ڪردار ٻين سورمين جي ڀيٽ ۾ اُڀري سامهون نٿو اچي، پر هيڻو ۽ پاسيرو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ عروج (Climax) ۽ اڳتي واڌ/ وڌڻ (Turnnning Point) ٻيجل جو راءِ ڏياچ کان سِر گهُرڻ واري سوال کان شروع ٿئي ٿو. هن سر جو موضوع، مزاج ۽ ڪهاڻيءَ جي اُڻت ٻين قصن جي ڀيٽ ۾ مختلف آهي.

هن سُر جي موضوع بابت ڪيترائي نڪتا بيان ٿيل آهن. ڪٿي سورٺ محقق جي نظر ۾ نظرانداز ٿيل ۽ ڪٿي وري کيس روحانيت ۽ تصوف جي حوالي سان بيان ڪيو ويو آهي. گيتا ۾ يوگ جي حوالي سان ڄيٺمل پرسرام لکي ٿو: ”ترشتا جي معنيٰ رڳو طمع نه آهي. ڀڳوان گيتا ۾ چوي ٿو: ”اندريون، من ۽ ٻڌي ٽيئي هن ترشنا جو آسٿان آهن. اِنهيءَ ترشنا جو نالو سورٺ آهي، جا راءِ ڏياچ طالب جي اهنڪار روپي سر سان ڳنڍيل آهي سو جيڏيءَ مهل راءِ ڏياچ اهنڪار ڪرڻ جي معنيٰ سِر ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو تڏهن ترشنا سورٺ روئي سُر سورٺ روئي ٿي ۽ ورلاپ ڪري ٿي. تنهن سان گڏ دايون، ٻايون، ناريون، جي اندريون آهن سي به روئن ٿيون: ’ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رَم گيو‘... اهي دايون ٻايون يوگ موجب ’ناريون‘ آهن ۽ نارين جو رت يعنيٰ ساهه ’راجا’ آهي، يعني اهنڪار آهي.“(3)

قصي کي غور سان جاچن سان خبر پوي ٿي ته سورٺ جو ڪردار ”خاموش احتجاج“ ڪندي نظر اچي ٿو، جنهن کي شاهه صاحب (Silent Protest) جي طور پيش ڪيو آهي. سورٺ جي ڪردار اِنڪري ’پاسيرو‘ نظر اچي ٿو، جو سِرُ گهرڻ وارو سوال ساري سُر تي ۽ قصي تي ڀاري آهي؛ پر اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ”سورٺ“ جي دانهن محل جي ٻين ٻاين ۽ راڻين ۽ نارين سان شامل هئي، مثال:

جاجڪ جهوناڳڙهه ۾، ڪو عطائي آيو،

تنهن ڪامل ڪڍي ڪينرو، ويهي وڄايو،

شهر سڄوئي سُر سين، تندن تپايو،

دايون درمانديون ٿيون، ٻاين ٻاڏايو،

چارڻ ٿي چايو، ته ماري آهي مڱڻو.

(داستان 2، بيت 1، ڪلياڻ آڏواڻي)

هن سُر ۾ سورٺ جو ڪو ڏياچ سان عشق نه هو، انڪري ئي هن سُر ۾ مجازي پهلو نظر نٿو اچي. سورٺ مڱ ڪنهن ٻئي (انيراءِ ــــ انهلراءِ) جي هئي. قسمت ۽ حالتن کيس ڏياچ جي راڻي بنايو. هڪ وني ۽ پتنيءَ جي حيثيت ۾ سندس آهون ۽ دانهون محسوس ڪري سگهجن ٿيون. سورٺ جي المياتي ڪردار کي پرکڻ کان پهريائين ضروري آهي ته سنڌ جي قديم ريتن، رسمن، مذهبي روايتن ۽ تمدن کي پرکجي، جنهن جي ڪري سورٺ دردناڪ انجام تي پهتي. سندس ڀوڳنا کي سنڌ جي اڄوڪي عورت سان پڻ ڀيٽجي، ته جيئن اسين سڀ ثقافت جي آئيني ۾ پنهنجي پاڻ کي ڏسي سگهون.

سورٺ جي المياتي ڪردار ـــ ريتن، رسمن، مذهبي روايتن ۽ تمدنن جي روشنيءَ ۾:

”هندستاني گوين موجب، ”سورٺ“ هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي، جا ڀئرو راڳ جي ٽئين پٽ ’دِنَني پريا‘ جي زال آهي. ”راڳ مالا“ ۾ سندس تصوير هن ريت نقش ٿيل آهي: ”بدن تي ڳاڙها ڪپڙا اوڍيل اٿس ۽ منهن ۾ گهنڊ پيل اٿس. سڀاءُ جي گنڀير آهي ۽ رَوِش پهلونن جهڙي اٿس“. (4) هڪ ٻي وصف موجب ”سورٺ سنسڪرت لفظ سؤراشٽر جي بگڙيل بناوت آهي، جنهن جي منيٰ اهي: ’عمدو ملڪ يا عمدي ملڪ جي‘.“ (5) جنهن ملڪ کي هاڻي ڪاٺياواڙ جي نالي سان سڏجي ٿو، تنهن کي اڳي سؤراشٽر ڪري ڪوٺيندا هئا. (6) سورٺ ۽ نُک ۽ سماجي حيثيت بابت جدا جدا روايتون آهن. سندس پيءُ کي ڀوڄ، ڀوڳ، توڙي راجا نند جي نالي سان سڏيو ويو آهي، پر سندس نالو ”ڀوڳ“ بدران اصل نالو ”ڀوڄ“ آهي (7). جيڪو سگهڙن جي چيل بيتن مان ظاهر ٿئي ٿو:

سورٺ سنڪلديپ ڪي، ذات ڀلي پرمار،

ٻيٽي راجا ڀوڄ ڪي، راکي رتن ڪنڀار،

اڻکي انيراو، ڀوڳي راوَ کنگهار.

هڪ روايت موجب ”سورٺ“ اَمبل ديس جي راجا ڀوڄ جي ڌيءَ هئي، جيڪو ذات جو پرمار هو. سورٺ کي رتن ڪنڀار پالي وڏو ڪيو. هوءَ راجا انيراءِ راٺوڙ سان پرڻي، پر سندس شادي راءِ کنگهار سان ٿي.“ (8) سورٺ جي ڪنڀار جي گهر تائين پهچڻ ۽ وڏي ٿيڻ ۾ ڪيترائي سبب آهن. اُن وقت جا راجائون، وهم پرستي ۽ نجومين ۽ فقيرن پاران اڳڪٿين تي يقين رکي، ڌيءَ کي بار ۽ بدقسمت ۽ نڀاڳو سمجهي پاڻ کي آجو ڪرڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نه ڪندا هئا. پٽ جو اولاد نه هجڻ ڪري پنهنجي سِر ۽ حڪومت لاءِ خطرو سمجهي ڌيءَ سان عقوبتون ڪيون وينديون هيون.

سورٺ کي به بدقسمت سمجهي درياءَ برد ڪيو ويو ۽ هڪ ٻي روايت موجب کيس جهنگ ۾ ڦٽو ڪرايو ويو، جتان کي رتن ڪنڀار کڻي نپائي وڏو ڪيو. سماجي تاريخ جو هڪ اُهو دؤر به هو جڏهن عورت کي ”سڀاڳو“ سمجهيو ويو، جيئن قديم يونان ۾ ”بهار جو جشن“ (Spring Celebrations)، ديوتائن جي ماءُ ”ريها“ (Rhea) جي مان ۾ ملهايو ويندو هو. علم الانسان (Anthropology) جي لحاظ کان اَولان اَول هت ”ماءُ“ آدرشي سماج هو، جنهن ۾ عورت ”سردار“ هئي. ڇاڪاڻ ته هن اناج پوکڻ ايجاد ڪيو هو ۽ ساري تخليق جو سرچشمو ”ماءُ“ هئي، انڪري عورت کي اُن تخليقي قوت جي ڪري پوڄا لائق سمجهيو ويو. کيس ”ديوي“ جو درجو ڏنو ويو. اهو عورتاڻو آدرش (Female Principle) نهايت قديم تمدن جو اهڃاڻ آهي. عورتاڻي آدرش جا اهڃان موهن جي دڙي مان به واضح آهن. هي اُهو دؤر هو، جڏهن ذاتي ملڪيت جو تصور ئي ڪونه هو. اُن دور ۾ سماج اِن سطح تي هو جنهن کي ابتدائي (Primative) اشتراڪيت جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اتڪل 4 هزار ورهيه ق. م ۾ زرعي نظام جي پختي ٿيڻ سان سماج جي ’ماءُ آدرشي‘ حيثيت بدلجي ’پيءُ آدرشي‘ ٿيو“ (9). اُن وڏي تبديليءَ کان پوءِ عورت جي حيثيت به بدلجي ويئي. کيس ”ڌيءَ“ نالو به ڪِرت جي حوالي سان منسوب ڪيو ويو. ”پٽ جو مؤنث آهي ڌيءَ (پراڪرت = ڌيئا)، جو اصل ۾ سنسڪرت لفظ آهي ’دهنتا‘، ’دهتر‘. پارسي ۾ دختر ۽ انگريزيءَ ۾ Daughter انهيءَ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”دهه“ (Duh)، مني ڏهڻ. اڳي نياڻين تي ٻڪرين، گاين وغيره جي ڏهڻ جو ڪم رکيل هو، تنهنڪري مٿن اِهو نالو پيو. مطلب ته پُٽ لفظ ۾ هڪڙو خيال ۽ ڌيءَ لفظ ۾ ٻيو خيال سمايل آهي.“ (10) ”اٿر ويد“ جي ڇهين منڊل ۾ (11، 3) ايشور کي ارڌنا ٿيل آهي ته ”اي ڀڳوان! ڌيءَ ٻين کي ڏجان ۽ هتي اسان جي گهر ۾ پٽ ڏجان“ (11) مطلب ته ڌيءَ ڄائي ته مائٽن مٿان ڇپ ڪري پيئي!

آڳاٽن ڌرمن ۾ عورت جي متعلق متضاد خيال ۽ تصور ملن ٿا. پر جيئن ته کيس ”ديوي“ به سمجهيو ويو، اِن خيال موجب سوم ديوتا، گندرون ديوتا ۽ اگن ديوتا کيس ماڻي، ڪنيا، گوري ۽ اُن کان پوءِ روهڻي معنيٰ زال جي درجي تي پهچائين ٿا. اُن کان پوءِ هوءَ پرڻجي ٿي ۽ ٻار ڄڻڻ جي لائق ٿئي ٿي.

آڳاٽي سنڌي سماج ۾ گهڻين زالن پرڻجن جو رواج (Polygamy) به نظر اچي ٿو. ان رواج، پسند جي عورت کي تحفظ ڏيڻ جي بدران، کيس عيش عشرت جو سامان ڪري پيش ڪيو. ”رگ ويد“ موجب ”سهسر سٿوڻ“ يعني هزار ٿنڀن وارا محل سڏبا هئا. ٿنڀن تي اگهاڙين ڇوڪرين جي شڪل اُڪريل هوندي هئي، جنهن مان سمججهي ٿو ته راجا عيشي جيئڙا هوندا هئا“ (12) قديم راجائي حڪومتن جو سرشتو، ڌرم جا نيم ۽ اصول اهڙا هئا، جن عورت جي تشخص کي مجروح ڪيو، اُن سرشتي جو هڪ ڪم هيءُ به هو ته راجا دان ۽ دهرا دان (فراخ دليءَ ۽ هميشه کُليءَ دل سان) ڏيندا هئا، جيئن عوام خوش رهي. رگ ويد مطابق راجائون وڏيءَ دل سان دان ڪندا هئا. رشين سندن دان ـــ استتيون ڳايون آهن.“ (13) رگ ويد واري زماني ۾ جنهن عورت جو مڙس مري ويندو هو، سا پتيءَ سان گڏ چکيا تي چڙهي، پاڻ کي جلائي، زندگيءَ تان هٿ کڻندي هئي. جيڪڏهن مڙس کي پنهنجي زال جي ڪردار تي شڪ هوندي هو ته هن کي ئي باهه جي مچ مان لنگهي پنهنجي ساک ڏيڻي پوندي هئي. جنهن جي ثابتي ڪيترائي قصا ڏين ٿا، جيئن مارئي، مومل، وغيره وغيره.

ستي لڪڙيءَ جي رسم ڪنهن شروع ڪئي، اُن جي ڪابه ڄاڻ نٿي پوي. اها ظالماڻي ريت انگريزن جي شروعاتي دور ۾ پڻ جاري رهي، جا پوءِ ”لارڊم وِليم بينٽڪ“ جي ڏينهن ۾ ”برهمو سماج“ جي بنياد وجهندڙ راجا رام موهن راءُ جي سرجوشي سان، سرڪاري قاعدي پٽاندر بند ٿي“ (14) گجرات ۽ ڪاٺياواڙ جي حاڪمن جي وچ ۾ هڪ عورت تي جهيڙو شروع ٿيو. ڪاٺياواڙ جي راجا ڏياچ جي اڳرائي سبب، جڏهن سورٺ پرڻجڻ لاءِ گجرات پئي ويئي ته راجا، سورٺ جي ٻانهن زوريءَ محل ۾ آڻي ويهاري ۽ گجرات جي حاڪمن وير وٺڻ لاءِ جهوناڳڙهه تي ڪاهه ڪئي ۽ شڪست کاڌائون. نيٺ ذلت جو بدلو وٺڻ لاءِ هڪ راڳيءَ کان ڏياچ جو سِر لهرائي بدلو ورتائون. ائين سورٺ زندگيءَ جا سڀ المناڪ رنگ ڏٺا. ڏياچ جي سِر ڏيڻ کان پوءِ سورٺ به ”سَتي“ ٿي. اڄ به هن داستان کي پڙهجي ٿو ته سورٺ هڪ اهڙي سرشتي جو شڪار ٿي، جنهن ۾ مذهبي ريتن ۽ روايتن کيس سُک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو. هوءَ ڏاڍائي ۽ ڪوڙي شان شوڪت جي ڪري اهڙين هالتن جو شڪار ٿي. راءِ ڏياچ جي سِرُ ڏيڻ کان پوءِ جيڪا المناڪ صورتحال پيدا ٿي، سا ڪجهه هن ريت آهي.

گل ڇنو گرنار جو، پَٽَڻِ ٿيون پِٽين،

سهسين سورٺ جهڙيون، اُڀيون اوسارين،

چوٽو چارڻ هٿ ۾، سِرُ سينگاريو ڏين،

ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رم گيو.

(سر سورٺ، داستان 4، بيت 11، بلوچ)

”سورٺ راءِ ڏياچ“ جي قصي جي مرڪز جهوناڳڙهه هو. سمن حاڪمن جي دؤر (1349-1520ع) ۾ هن قصي کي ڀٽن، چارڻن، منڱڻن ۽ مڱڻهارن ڳائي مشهور ڪيو (15) ”ڪاٺياواڙ چئن ضلعن ۾ ورهايل آهي. اُنهن مان ڏاکڻي ضلعي کي اڃا به سؤ راشٽر يا سورٺ ڪري سڏيندا آهن. انهيءَ ضلعي ۾ ٽي مشهور پاڪ جبل آهن. گرنار، داتار، پاليتانا. گرنار ۽ پاليتانا جي وچ ۾ گهاٽا جهنگ آهن، جن کي گر ٻيلو ڪري ڪوٺيندا آهن. گرنار جبل جي پاڙ وٽ اشوڪ راجا جا ٿنڀا بيٺل آهن ۽ چوٽيءَ تي جين لوڪن ۽ هندن جا مندر اڏيل آهن“ (16) اِن لحاظ کان اِهو دؤر ڌرمي اثر هيٺ به ٿيو، ڇاڪاڻ ته آڳاٽي زماني کان وٺي هي ڏيهه هندن جو تيرٿ ٿي رهيو آهي. سورٺ به انهن مذهبي پابندين جي ور چڙهي ويئي! چکيا تي چڙهڻ مهل سورٺ ڳورهاري هئي. اِن طرح سورٺ سان ڪنهن به قسم جي نرمي روا نه رکي ويئي، ريتون ۽ رسمون کيس ڳڙڪائي ويون. هي بيت سورٺ جي جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو:

موٽي مڱڻهار! شال مَ اچين ڪڏهين!

اٺئي پهر اجل جو، ڪنڊو منجهه ڪپار،

جِہ تو سڀ ڄمار، هنيا ڇٽ پٽن سين.

(داستان 2، بيت 15، جلد 3، گربخشاڻي)

هن سُر جي مطالعي مان عورتن جي هڪ اهڙي طبقي (Class) جي ڄاڻ پوي ٿي، جنهن کي شاهه صاحب ”اوردا بيگيون“ جي نالي سان سڏيو آهي. اُن طبقي سان تعلق رکندڙ عورتن جو وجود اڄ به ملي ٿو، جن کي ”رداليون“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ ”اوردا بيگيون“ وقت گذرڻ سان ڦري ”رداليون“ ٿي پيو آهي. شروع وارو ’الف‘ ڦري ’ر‘ ۽ ’بيگيون‘ مٽجي ’ليون‘ ٿي وڃڻ سان هن لفظ مٿئين صورت ورتي آهي. هي اُنهن عورتن جو ذڪر آهي، جيڪي گرجستان، ترڪستان، حبش وغيره مان ٻانهين جي حيثيت ۾ خريد ڪري يا جنگين ۾ کين قيدي بنائي، محلن ۾ داخل ڪيو ويندو هو. سندن نالا به مردن جهڙا رکيا ويندا هئا ۽ کين مرداڻو لباس پهرڻ لاءِ ڏيندا هئا. ڊاڪٽر گربخشاڻي ”شاهه جي رسالي“ ۾ هن لفظ جي معنيٰ هن طرح درج ڪئي آهي: ”کين ’ارادا بيگيون‘ يعني حويليءَ جون پهريدار زالون ڪري سڏيندا هئا“ (17) سورٺ سان محل ۾ قيدي بنيل هنن عورتن جي نشاندهي ڀٽائي هن ريت ڪري ٿو.

راجا رنگ محل ۾، جاجڪ سِر زمين،

جا هنيائين هٿن سي، سا سُئي بالا بين،

جت اچن نه اُردابيگيون، اُت ڪوٺايو امين،

تازي ڏهوس تڪڙو، جوهر پائي زين،

ٻئو مڱي ڪين، ڌاران سِر سيد چئي

(داستان 2، بيت 6 ــــ گربخشاڻي)

وقت سان گڏ ’اُردا بيگين‘ جي حيثيت سندن نالي سان گڏ تبديل ٿيندي رهي. اُهي جن جو آواز سُريلو ۽ لئي وارو هو، تن جو ڪم شاهي خاندان جي غم ۽ خوشيءَ وارن موقعن تي اوسرا ۽ پار ڪڍن سندن ڪِرت بنجي پيو. سڀ کان پهريائين اُهي عورتون (اُردابيگيون) پار ۽ اوسارا ڪنديون هيون، تنهن کان پوءِ ئي رنگ محل جون راڻيون لڙڪ هارينديون هيون. ٻيون خدمتگار، ٻانهين ۽ پهريدارن جي حيثيت ۾ رهيون. هِنن جو وجود سنڌ جي آخري حڪمرانن (ٽالپرن) وٽ به ملي ٿو، ”ردالين“ جو وجود ۽ حيثيت ميرن سان ئي جُڙيل رهي. کيس وڏا انعام ۽ بخششون ملنديون هيون. جنهن مان اُنهن جو گذران اُنهن جو گذران سٺي نموني ٿيندو هو ۽ پار، اوسارا ۽ ماتم ڪربلا جي مناسبت سان سندن ڪِرت (Profession) بنجي ويو.

روزنامہ ”Dawn“ (The Review) ۾ ڇپيل هڪ مضمون Hired Mourners اُنهن ”ردالين“ جي غمزده زندگي ۽ ڪن حالتن تي روشني وجهي ٿو. مردن جهڙي نالي واري مائي ”غلامون“ نوي سالن جي عرم ۾ ڪوٽڏيجيءَ جي وجهو هڪ بنگلي ۾ گذاري وئي، جنهن جي مرڻ تي ڪوبه ماتم ڪرڻ وارو نه هو.

“Mai Ghullamoon was a ‘rudaali’ a professional mourner. She wept, beat her chest (performing matam) and wore black clothes on the death of members of the Mirdanesty” (18)

 جڏهن سورٺ ”اُردابيگين“ سان گڏجي پار ڪڍيا هوندا، ته سندس اکين مان وهندڙ لڙڪ نه پر رت جا ڳوڙها هوندا.

محلين آيو مڱڻو، ساز کڻي سُرندو،

سِر جي صدا سُر ۾، گهورَ اِها گُهرندو،

مٿي ريءَ ملوڪ جي، چارڻ نه چُرندو،

جهونا ڳڙهه جهُرندو، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾

(داستان 3، بيت 2، جلد 3، گربخشاڻي)

مٿئين پسمنظر جي روشنيءَ ۾ سنڌي عورت جون مصيبتون، ڏک ۽ زيادتيون ۽ ساڻس غلامانه سلوڪ جو اندازو بخبوبي ڪري سگهجي ٿو. اِهي آڳاٽيون ريتون رسمون، نوان ڳٽ بڻائي سنڌي عورت کي وڌا ويا آهن، جن مان سنڌي عورت پاڻ ڇڏائي نه سگهي آهي. بظاهر اڳتي وڌندڙ ۽ ترقيءَ جا ڏاڪا طئه ڪندڙ سماج ۾ سنڌي عورت سان ڏاڍائي، زور زبردستيءَ تحت کيس تعليم ۽ تربيت کان پري رکڻ جا جواز سماج وٽ موجود آهن. شهرن جي حوالي سان ٿيندڙ تبديلين کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، پر ذهن ۽ ذهنيت کي به اڃا تبديل ٿيڻ جي ضرورت آهي. روشن خيالي ۽ عورت کي به هڪ فرد جي جاءِ ڏيڻ ۽ تسليم ڪرڻ جي ۽ متضاد روين کي ريٽي ختم ڪرڻ لاءِ اُپاءِ وٺڻ جي ضرورت آهي. اها ٿوري تبديلي ارتقائي مرحلي ۾ آهي، جنهن ڪري خاطر خواهه پذيرائيءَ نه پئي ٿئي ۽ اثر نظر نٿو اچي.

سنڌ جي قديمي تهذيب ۽ تمدن جي جائزي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته اِهي رسمون ۽ ريتون صدين کان وٺي جاري آهن. ڪن جي شڪل ۽ صورت بدلجي ويئي آهي، پر اِهي سنڌ جي عورت سان لاڳو آهن. رگ ويد موجب: ”پرائي اِستريءَ سان سنجوڳ ڪرڻ ڳرو گناهه ليکبو هو. ”جيئن اڄڪلهه ڪارو ڪاريءَ کي بروقت قتل رڪڻ واجب سمجهن ٿا، تيئن اڳي به اهڙي خون لاءِ ڪابه سزا ڪانه ملندي هئي (19) ”ڪاروڪاري“ جي آڳاٽي رسم اڄ به موجود آهي ۽ اُن م جنهن ڪارڻ قتل ڪيو ويندو هو، هاڻي اُن جي آڙ ۾ ملڪيت جو چڪر ۽ خانداني دشمني شامل ٿي ڪربناڪ حالت جوڙي ورتي آهي.

قبائلي سرشتو، جنهن ۾ ڪڌن ڪمن مثلاً قتل، زنا، وغيره جي بدلي ۾ تاوان ۾ عورت کي ڏنڊ طور ڏيڻ ۽ مائٽن سان وري ڪڏهن به ڪنهن قسم جو تعلق نه رکڻ جي سزا ۽ اُتي کانئس جبري مشقت ۽ محنت ڪرائي وڃي ٿي. ايتري قدر جو نياڻين کي خوراڪ گهٽ مقدار ۾ ڏيڻ، ننڍي هوندي ئي سندن سڱابندي ڪرڻ ۽ ڳوٺاڻي سماج ۾ عورتن کان گهر جي ڪم کان وٺي زمينن تي ڪم لاءِ پڻ وڃڻو پوي ٿو، جنهن جي ڪائي ڳڻپ به نٿي ڪئي وڃي. تشدد ۽ گهريلو Violence به عام آهي، جيڪو به رپورٽ نٿو ٿئي.

ستي لڪڙي جي جاءِ خودڪشيءَ ورتي آهي. ”ايمنسٽي انٽرنيشنل“ پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب: ”سنڌ ۾ جنوري 2000ع ۾ 29 عورتن آپگهات ڪيو. گذريل سال ئي 236 عورتون ڪاروڪاري هيٺ قتل ٿي ويون.“ (20) ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو رواج به عام آهي.

انگن اکرن جي حساب م سنڌي عورت اڄ ڪٿي بيٺل آهي، اُن جو اندازو بخوبي ڪري سگهجي ٿو. ريتن رسمن جي آڙاهه کي وسائڻ ناممڪن نظر اچي ٿو، پر تنهن هوندي به علم جي روشني هڪ اهڙو جادو/ هٿيار آهي، جنهن جي مدد سان بهتري آڻي سگهجي ٿي. تعليم ۽ تربيت سان، قانون جي لاڳو ٿيڻ، جاڳرتا ۽ شعور لاءِ سڄاڻ ماڻهن پاران تحريڪون شروع ڪرڻ ۽ قبائلي نظام کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ سان ئي اُنهن سمورين گونگين، ٻوڙين ريتن ۽ رسمن تي ضرب هڻي سگهجي ٿي.

هي اُهو المياتي پسمنظر ۽ پيش منظر آهي، جنهن ۾ ماضيءَ جي ”سورٺ“ ۽ اڄوڪي سنڌي عورت جو المياتي ڪردار نروار ٿي بيٺو آهي.

نتيجا:

(1) سنڌي ادب جا لوڪ داستان ۽ قصا سنڌ جي آڳاٽي تهذيب ۽ تمدن تي روشني وجهن ٿا.

(2) آڳاٽي سماجي پسمنظر ۾ سنڌي عورت جي پيڙا ۽ ڀوڳنا ظاهر آهي.

(3) هن سُر ۾ مجازي پهلو موجود نه آهي. تصوف جي حوالي سان هي سُر لئي ۽ تنوار سان گڏجي ’ڪُل‘ ۽ ’جُز‘ جي فلسفي کي سمجهائي ٿو.

(4) شاهه صاحب، سورٺ جي ڪردار کي قصي موجب ئي بيان ڪيو آهي. اُن ڪردار جو احتجاج ”خاموش احتجاج“ آهي، اُن کي غور و فڪر سان ئي پرکي سگهجي ٿو.

(5) سنڌي سماج جو سرشتو، عورت جي ترقي ۽ حقن لاءِ راهه هموار نٿو ڪري، انڪري جو سنڌي سماج قدامت پسند سماج آهي.

(6) سنڌ جو سماج، فرسوده ريتن، رسمن ۽ قدرن تي هلندڙ هڪ سماج آهي، جنهن جو هڪ سلسلو ماضيءَ سان جڙيل آهي.

(7) مرد ڪن حالتن ۽ صورتحال ۾ ”مضبوط“ (Power Ful) آهي، جنهن جو مظاهرو هُو برملا ڪري ٿو. تعليم ۽ شعور جي نه هجڻ جي ڪري هُو غلط فيصلا ڪري ٿو.

(8) عورت کي ”غيرت“ جي نالي تي وکر / شيءِ جي حيثيت ۾ ڏٺو وڃي ٿو. خاص طرح سڱابندي جي موقعي تي ۽ اڪثر اِن ڳالهه تي قتل ۽ فساد برپاد ٿين ٿا.

(9) سماج کي بهتر بنائبو ته عورتن جي حالت بهتر ٿيندي، انڪري عورت ۽ سماج جي بهتري لازم ملزوم آهي.

(10) ”سورٺ“ جو المياتي ڪردار ڄڻ ته اڄوڪي سنڌي عورت جو ئي ڪردار آهي.

(11) تعليم ۽ ڄاڻ کي فروغ ڏيڻ لاءِ انقلابي قدمن کڻڻ جي ضرورت آهي.

حوالا

(1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”شاهه جو رسالو“ (شاهه جو ڪلام) جلد پنجن، علامہ آءِ. آءِ قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت، حيدرآباد، سال 1997ع، ص 37.

(2) ڊاڪٽر تهمينه مفتي: (شاهه جي ڪلام ۾ جماليات جو فلسفو“، ”ڪلاچي“ جلد ٻيون، شمارو ٽيون، شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، سال 1999ع، ص 80.

(3) ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي: ”شاهه جون آکاڻيون“، سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد سنڌ، ص 229، 1996ع.

(4) هوتچند مولچند گربخشاڻي: ”شاهه جو رسالو“،روشني پبليڪيشن، سال 1993ع، ص 631.

(5) ايضاً       =      =      =      = ص 631

(6) ايضاً       =      =      =      = ص 631

(7) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”مشهور سنڌي قصا“ (سنچڌ جا عشقيه داستان ـــ سورٺ راءِ ڏياج ۽ هير رانجهو) سنڌي ادبي بورڊ، سال 1976ع، ص 4

(8) ايضاً       =      =      =      = ص 4

(9) سراج: ”سنڌي ٻولي“، ڇاپو پهريون، ”عظيم پبليڪيشن“، سال 1964ع، ص 94.

(10) ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي: ”قديم سنڌ“ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، سال 1980ع، ص 293.

(11) ايضاً      =      =      =      = ص 273

(12) ايضاً     =      =      =      = ص 248

(13) ايضاً     =      =      =      = ص 248

(14) ايضاً     =      =      =      = ص 342

(15) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”مشهور سنڌي قصا“ (سنڌ جا عشقيه داستان ــــ سورٺ راءِ ڏياج ۽ هير رانجهو)، سنڌي ادبي بورڊ سال 1976ع، ص ا

(16) هوتچند مولچند گربخشاني: ”شاهه جو رسالو“ روشني پبليڪيشن، سال 1993ع، ص 631

(17) ايضاً     =      =      = ص 645

(18) The Review (“Dawn”) Daily, March 21-27, year 2002, “Hired Mourners” By: Imdad Soomro, Page 14.

(19) ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي: ”قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد (سنڌ)، سال 1980ع ص 445

(20) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”شاهه جو رسالو“ جلد پنجون؛ ”شاهه جو رسالو“ ڪلياڻ آڏواڻي؛ ”شاهه جو رسالو“ هوتچند مولچند گربخشاڻي (ٽي جلد گڏيل).

”هن وقت ادب جي ٻين صنفن بنسبت افساني جي وڌيڪ مقبوليت جو هڪ وڏو سبب هيءُ به آهي ته اڄ افراتفريءَ ۽ ڪشمڪش واري زماني ۾ جڏهن سائنسي ايجادون انسان کي سک ۽ آرام ڏيڻ سان گڏ مڪمل تباهيءَ جا خطرا پڻ ڏيئي رهيون آهن ۽ انسان جو دماغ موجوده حالتن جي زير اثر اهڙو تازو توانو نه رهيو آهي، جو هو خشڪ فلسفي يا اخلاقيات جي ٺلهيءَ نصيحت مان جمالياتي تسڪين حاصل ڪري سگهي. تڏهن ادب ۾ هڪ نئين صنف ايجاد ڪئي ويئي آهي، جنهن ۾ مختصر طور دلڪش انداز ۾ انساني زندگيءَ سان واسطو رکندڙ ڪم و بيش هر موضوع پيش ڪيو وڃي ٿو. فلسفي ۾ رڳو انساني حياتيءَ جي ڪن دقيق مسئلن تي روشني وڌل هوندي آهي ۽ مذهبي ڪتابن ۾ وري آدرشي نظريهء حيات پيش ڪيل هوندو آهي، پر افساني ۾ اختصار جي باوجود اسان جي حقيقي زندگيءَ سان واسطو رکندڙ آسن ۽ اميدن، امنگن ۽ آرزوئن جي دل کي ڇُهندڙ انداز سان اپٽار ڪيل هوندي آهي. اهوئي سبب آهي جو هر دؤر جي ٻين صنفن بنسبت قصن ۽ ڪهاڻين جي پڙهڻ جي شائقين جي اڪثريت رهي آهي.“

 

 

افساني ۾ عام طرح ٻه پهلو ٿين ٿا: هڪ ’ماحول‘ ٻيو ’ڪردار‘. منهنجي سمجهه ۾ ماحول برو ٿي سگهي ٿو پر ڪردار نه. ائين برابر آهي ته ظاهراً انسانيت روئي پئي ۽ حيوانيت کِلي پئي. پر ڇا اها حقيقت نه آهي ته حيوانيت جي کل کوکلي آهي. ڇا اها حقيقت نه آهي. ته انسانيت جو روئڻ ڪارنهن کي ڌوئيندو پيو وڃي، يا ائين کڻي چئجي ته انسانيت اڄ ڪلهه آويءَ ۾ آهي، جتان ضرور جرڪي نڪرندي، سڙي ڪانه ويندي. حيوانيت کلندي کلندي وڃي کڏ ۾ ڪرندي ــ انسانيت روئندي روئندي اوجل ٿي ويندي.

پوءِ جيڪڏهن افساني ۾ ’ماحول‘ کي مقدم رکيو ٿو وڃي، ته انهيءَ لاءِ ته ڀلي کيس اٿلائي پٿلائي، چيري ڦاڙي خوب نشانو بنائجي؛ ڀلي ڏيکارجي ته کيس پنهنجو ئي گهُڻو کائي رهيو آهي. اسان جي سنڌي ادب ۾ اهڙا افسانا لکجن پيا. انهن ليکڪن بيشڪ کيرون لهڻيون ـــ کين مبارڪ هجي.

جڏهن ’ڪردار‘ کي افساني ۾ مقدم رکيو ٿو وڃي، تڏهن ڄڻ ته ڪنهن بنهه نازڪ شيءِ کي ٿو هٿ لائجي. افساني ۾ جذبن جو ڊهڻ ۽ ڪرڻ، بيوس ۽ بي حس ٿيڻ، سُن ٿي وڃڻ، ڇتو چريو ٿيڻ، ڌڪار ۽ نفرت جو اڀرڻ يا وري پچڻ ۽ جرڪڻ، نهايت حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون آهن. جيڪڏهن اسان جو ’ڪردار‘ ڊهي ٿو پوي، سن ٿي ٿو وڃي، بيوس ۽ بي حس ٿي ٿو پوي، ڇتو چريو ٿو ٿئي يا ڌڪار ۽ نفرت ٿو ڪري ۽ بس، ته چئبو ته اهو ڪردار به ماحول جو نشانو ٿي ويو. ان افساني ۾ به ماحول مقدم رهيو، نه ڪردار. اهڙو افسانو به پهرئين قسم جي افسانن ۾ اچي ويو. اهائي گندي ماحول جي گندگي ظاهر ڪئي وئي. پر، نيٺ ڪيستائين اسان ماحول جي شڪايت ڪندا رهنداسين؟ ڪيستائين ماحول اسان جي ڪردارن کي نشانو بنائيندو رهندو؟ ڪيستائين حيوانيت ڏند شيڪيندي رهندي؟ ڪيستائين اسان جا ڪردار مِيڪ مِيڪ ڪندا رهندا؟ ڇا اڃا اهو وقت نه آيو آهي، جو پيار ۽ محبت، پورهيو ۽ محنت، ماڻهو ۽ ماڻهپو، اڳتي وڌن ۽ ڇانئبا وڃن؟ جي اڃا نه آيو آهي، ته ڪڏهن ايندو؟ جڏهن جنازو کڄندو؟ جنازو ته حيوانيت جو کڄندو، انسانيت زنده رهندي.

وقت آيو آهي جڏهن اسان جا ليکڪ ڪردار کي ماحول جو نشانو نه بنائين. انسانيت کي مظلوم ۽ قابل رحم نه بنائين. اهي ڪردار چونڊين، جي ماحول کي مٽائين. دهل جي ڏونڪي تي ٻڌائين ته انسانيت ۾ اهي قوتون لڪل آهن، جي جوالا بنجي حيوانيت کي جلائي ڇڏينديون ۽ زمين جي سطح تي ماڻڪ ۽ موتي پٿاري ڇڏينديون. ٻيو نه، ته ڀلا اهو ته ٻڌائين ته انهيءَ گندي ڦيٿي ماحول جي اڍ ۾ اها باد ڀريل آهي، جا پاڻهئي سندس پيٽ ڦاڙي رکندي. من ائين ڪجهه اميد جا پيغام پهچائين.

ـــ  جمال ابڙو

محمود مغل

هڪ ڪلاڪ، ٻاويهه مِنٽ

پُڄاڻي...!

حياتي خرچ ڪرڻ کان پوءِ اوهان جي مُٺ ۾ ڇا ٿو بچي؟

هٿ ريکائون؟.... جيڪي جوتشيءَ ٻُڌايون هڪڙيون ۽ اُنهن جو هڙ حاصل ڪجهه ٻيو نڪتو!

هٿَ جي پُٺ تي ڪنهن جي رکيل چپن جو ڏنگ، جيڪو ڪڏهن نه نڪتو.... جنهن جو زهر اندر اوتجي ويو ۽ وَقت جي سُئيءَ سان کوٽي کوٽي، اوهان اُتي ٺيڪ ٺاڪ زخم ڪري ڇڏيو ۽ تنهن ڏنگ کي اڃا وڌيڪ گهرو ڪري ويو!

ڪجهه آڏا اُبتا مهٽا، جيڪي اوهان اُن مهل به ڏنا پئي، جنهن مهل هن اوهان کي ياد جي اسٽيشن تي لاهي پنهنجي وجود جي ريل کي سيٽي هڻائي هئي؛ يا توهان اُن مهل به ڏيو پيا. جڏهن ورهين پڄاڻان، هاڻي چئن ٻارن جي ماءُ، پنهنجي پاڻ کي سنڀاليندي اوهان آڏو نگاهن جا درواز کوليو بيٺي آهي.

ڪجهه نٿو بچي يار.... ڪجهه به نٿو بچي... ڪجهه به ته نٿو بچي....

سندس نگاهه جي تيزي جهيڻي ٿيڻي ناهي. سندس وار ڪلهن تي هجن يا ربڙ بينڊ ۾، اڇا هجن يا ڪارا، اوهان کي پاڻ ۾ جڪڙڻ جي صلاحيت نٿا وڃائين، ۽ سندس هٿ ڏسي توهان پهرئين پل ئي اهو سوچيو ٿا ته ڪاش اِهي سدائين منهنجن هٿن ۾ هجن.

سندس هٿ جهلڻ چاهيم.... نه ڏنائين.

”بس ٺيڪ آهي...“

ڪنڌ جهڪيل هئس... اهوئي عذاب آهي. جيڪي ڪنڌ جهڪائي ڄاڻن تن جي ڪنڌ جو جهڪيل هجڻ هڪ تازيانو لڳندو آهي. ائين محسوس ٿيندو آهي ته اُنهن ڪلهن تان منهن غائب ٿي ويو آهي.

مان ککو وکو ٿي ويٺو هئس. سوال ترار هوندو آهي ته جواب خنجر کان گهٽ ناهي هوندو. سوال ڪندڙ جي لڄي ٿي وڃن ته پڪ ڄاڻجي ته خنجر جي ڌار نئين نڪور آهي. هن واري منهنجو ڪنڌ جهڪيو هو.

”ڪيئن آهين تون؟“

هلڪي کنگهه سان نڙي صاف ڪيائين.... کنگهڻ سان هن پنهنجي عادت مطابق ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو ۽ سندس وارن خوبصورت لوڏو کاڌو... مون ڪجهه چوڻ چاهيو پر وات بند ڪري ورتم... هن ڏسي ورتو، مُرڪي چيائين، ”مان اڃا تائين اهڙي ئي آهيان.“

دل چيم، چوانس: منهنجي وجود جو پٿرائڻ توکي نظر نٿو اچي... جنهن اسٽيشن تي بيهاري وئي هئينءَ اُتي وري ڪابه ٽرين نه بيٺي. بلڪه اُهو اسٽاپ ئي ڪينسل ٿي ويو هو. منهنجي نگاهه جي خالي هجڻ جو ڇا کيس ڪو احساس نه هو؟

”توهان جا ٻار ڇا پيا ڪن....؟“

”وڏو نوڪريءَ کي لڳو آهي، ننڍو آخري سيمسٽر ڏئي پيو، سِول انجنيئرنگ جو...“

”وڏي ڇا ڪيو؟“

”ايم. بي. اي آهي.“

منهنجي دل چيو چوانس، اهو به ته پڇ ته مون ڇا ڇا ڪيو؟... ڪهڙي ڌوڙ پاتي ٿم... ڪنهن ڪنهن جو سِتم دل جي پار ٿيو؟.... پر ماٺ رهيس، ڪڏهن ڪڏهن اُها ماٺ بنهه نه وڻندي آهي.

”منهنجي ٻارن جو نه پڇندئو؟“ هن نگاهه جهڪائي ۽ جملو پورو ڪري وري نهاريائين.

”اُنهن سڀني جي مون کي خبر آهي.... مون ڪڏهن به پاڻ کي اوهان کان غافل ناهي رکيو...“

نگاهون مليون ته هانءَ ۾ ڌڪ لڳي ويو. ورهيه اڳ ڪاٽيل لغڙ جو مُنجهيل مانجهو اڇا تائين محبت جي ٿنڀي ۾ لڳل آهي. تيز هوا لڳي ٿي ته تار تي تيزيءَ ان وچڙي ٿو. سرڙاٽن مان لڳي ٿو ته ڪجهه حصو لغڙ جو به رهجي ويو آهي. ”مان ڪالهه هتي آئي هيس.... خبر پئي ته توهان به آيل آهيو.... چڱو ٿيو جو ملڻ جو موقعو ته مليو.....“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com