سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1 ۽ 2 / 2002ع

 

صفحو :17

سڄي رات جاڳي مان صبح جو اسپتال ۾ ٿيندڙ ڌماچوڪڙيءَ لاءِ ذهن طور تيار ٿي ويس. مون کي هر هر اِهو کُٽڪو ورائي ٿي ويو ته ڪٿي مهتاب سچ پچ خودڪشي نه ڪري ڇڏي هجي.

اسپتال پهچي عملي کي سمجهائي ڇڏيم ته مهتاب جو ڪير به پڇي ته کيس ٻڌايو ته ڪالهه کيس ڊسچارج ڪيو ويو آهي.

منجهند تائين مهتاب جو ڪوبه گهر ڀاتي پڇڻ نه آيو. آءٌ پنهنجي آفيس ۾ ٻڏتر جي حالت ۾ ويٺو هوس ته اوچتو فون جي گهنٽي وڳي. مون ڏڪندڙ هٿن سان رسيور کنيو. ڊاڪٽر عطا جو فن هو؛ چيائين: ”مبارڪون هُجن، تنهنجي موڪليل مريض جون اکيون ٺيڪ ٿي ويون آهن!“

مون سک جو ساهه کنيو، چيومانس: ”کيس ڊسچارج ڪڏهن ڪندا؟“

چيائين: ”ٻن ڏينهن کان پوءِ کيس ڊسچارج ڪنداسين.“

مون ڊاڪٽر عطا جي مهرباني مڃي فون رکي ڇڏي.

ڊاڪٽر عطا جي فون کان پوءِ مون پاڻ کي ڪجهه ڪجهه هلڪو محسوس ڪيو. شام جو مهتاب جي ماءُ اسپتال کان اچي نڪتي. ڪاوڙ ۾ ٿڙڪي رهي هئي. کيس ڏسي مون کي پڪ ٿي ويئي ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيو آهي. مون کيس ويهڻ جي آفر ڪئي پر هوءَ نه ويٺي. بيٺي بيٺي چيائين: ”ڊاڪٽر! تون ڪهڙي قسم جو وحشي جلاد آهين، تو مهتاب جي علاج ڪرڻ بدران کيس ٻيهر پاڳل بنائي ڇڏيو آهي!“

مون کي اُن جملي ۾ ڀريل زهر تي ڪجهه به محسوس نه ٿيو. دل ئي دل ۾ شڪر ڪيم ته مهتاب زنده آهي ۽ گهر پهچي ويئي آهي.

”مان تنهنجي خلاف ڪيس داخل ڪنديس ته تو منهنجي ڌيءَ سان علاج جي بهاني ڇا ڪيو آهي؟“ مهتاب جي ماءُ جا زهريلا لفظ جگر مان پار ٿي ويا!

چيومانس: ”بس بس، گهڻو ڪجهه ٿيو محترمه! توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي اُهو ڪريو، پر مون کي صرف ايترو ٻڌايو ته توهان جنهن ڌيءَ لاءِ هينئر واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙيو ٿيون، توهان ئي اُن کي هڪ انڌي شخص سان شادي ڪرائي سندس زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي. مهتاب جي ذميواري مون تي نه پر توهان تي اچي ٿي. مون کان وڌيڪ جلاد ته توهان پاڻ آهيو!“

منهنجو جواب ٻُڌي هوءَ ڪو جواب نه ڏيئي سگهي. ڪرسيءَ تي ويهي رهي. پوءِ انتهائي ڌيمي لهجي ۾ چيائين: ”.... ۽ هُو عبدالڪريم ٻن ڏينهن کان گم آهي. ڪالهه تو ٻڌايو ته گهر موڪليو اٿائون، پر هو گهر نه پهتو آهي!“

مون ڊرائيور کي سڏ ڪيو. چيومانس ”هن محترمه کي ڊاڪٽر عطا جي آءِ هاسپيٽل وٺي وڃ ۽ کيس عبدالڪريم سان ملاقات ڪراءِ!“ هوءَ حيرت مان مون کي ڏسندي وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺي.

مهتاب جي ماءُ جي هلئي وڃڻ کانپوءِ مون مڪمل طور تي سک جو ساهه کنيو ۽ رليڪس ٿي پنهنجي ڪم کي لڳي ويس.

ان اندوهناڪ ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ باقي ڏينهن انتهائي تيزيءَ سان گذرڻ لڳا ۽ هڪ سال جو عرصو کن پل ۾ گذري ويو. پوريءَ هڪ سال تائين مهتاب جي ڪابه خبر ڪانه پيئي. مان سندس وڇوڙي ۾ تڙپندو ۽ لڇندو رهيس. منهنجي اندر جي اونده وڌيڪ وسيع ۽ گهري ٿيندي ويئي....

اڄ اوچتو ئي اوچتو مهتاب بلڪل ٺيڪ ٺاڪ حالت ۾ هڪ پينٽ شرٽ پاتل ڪلين شيو نوجوان سان گڏ مُڪرندي، ٽهڪ ڏيندي منهنجي آفيس ۾ داخل ٿي. مون مهتاب کي اِن روپ ۾ اوچتو ڏسي پنهنجي پاڻ کي پستين جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسندو محسوس ڪيو. مون مهتاب کي ڏسي ائين محسوس ڪرايو ڄڻ کيس سڃاتوئي نه هيم. ايتري ۾ اُن نوجوان اچي مون سان هٿ ملايو. مهتاب چيو: ”ڊاڪٽر صاحب اسان تنهنجي آڏو شرمسار آهيون! اسان تنهنجي ڏکن ۽ پريشانين ۾ واڌارو آندو آهي. تو وٽ اچڻ ۾ دير به اِنڪري ٿي جو اسان تنهنجي منهن تي چڙهڻ جي همت ئي نه پئي ڪري سگهياسين.“ مون حيرت مان مهتاب ڏانهن ڏٺو. چيومانس: “نه نه، اهڙي ڳالهه ناهي!“

ڪلين شيو نوجوان چيو: ”ڊاڪٽر صاحب! دير سان اچڻ تي منهنجو ڪوبه ڏوهه ناهي. مهتاب پاڻ ئي پيئي نٽائيندي هئي!“

مهتاب چيو: ”توهان اسان کي ويهڻ جي آفر نه ڪري هنيئر به پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهيون!“

مون کين ويهڻ جي آفر ڪئي، پاڻ به ويٺس. پٽيوالي کي سڏيم ۽ کيس ڪولڊ ڊرنڪ کڻي اچن لاءِ چيم. مون ڪلين شيوَ شخص کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر سڃاڻي نه سگهيس. چيومانس: ”مهتاب ٻه دفعا منهنجي پيشنٽ رهي آهي، اِنڪري کيس سڃاڻان ٿو، پر توهان سان شايد پهريون ڀيرو ملاقات پيئي ٿئي!“

 ڪلين شيو شخص چيو: ”سائين، مون کي نٿا سڃاڻو؟ مان عبدالڪريم آهيان، مهتاب جو هسبنڊ، توهان جي ئي مهربانيءَ سان ته منهنجي اکين جي روشني واپس آئي ۽ مهتاب مون کي هن حالت ۾ ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. هاڻي سندس ئي حڪم تي ڏاڙهي ۽ مُڇون چٽ ڪري ڪلين شوي ٿيو پيو هلان!“

مون کان ذري گهٽ رڙ نڪري ويئي: ”اوهه، تون عبدالڪريم آهين! “Wish you good ludk” مون مهتاب ڏانهن ڏٺو، سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو، جو يقينن خوشيءَ جو هو.

مون مهتاب کي ڀوڳ ڪرائيندي چيو: ”مهتاب! اڄ هن خوشيءَ جي موقعي تي ڪو چڱو شعر ته ٻڌاءِ!“

چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب! مان شعر نه پر ڳيچ ڳائينديس!“

”ڳيچ ڳائيندين!“ مون حيرت مان چيو.

چيائين: ”ها، توهان جي شادي جي شادي جو ڪرائڻي آهي!“

چيومانس: ”مهتاب! توکي ته خبر آهي ته منهنجي زال ڪيتري نه خطرناڪ عورت آهي. ڇو ٿي اهڙيون ڳالهيون ڪري مون کي ويلڻ سان مار ڏيارين!“ مون کي ائين چوندي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.

مهتاب چيو: ”ڊاڪٽر صاحب! مون ته تحقيقات ڪئي آهي ته توهان اڄ تائين شادي ئي نه ڪئي آهي!“

چيومانس: ”مهتاب! تون منهنجو اونو نه ڪر. مان سرڪس جي اُن مسخري جيان آهيان، جيڪو هزارن ماڻهن کي خوش ڪري پاڻ اڪيلائيءَ ۾ روئندو آهي.“

مهتاب چيو: ”جيڪڏهن تون چاهين ته عاصمه سان شادي ڪري سگهين ٿو.“

چيومانس: ”ڪير آهي عاصمه؟“

چيائين: ”تون هِن سان ملي چڪو آهين، هوءَ منهنجي ننڍي ڀيڻ آهي.“

مهتاب جي ڳالهه ٻڌي منهنجو وجود وڍجڻ لڳو. چيومانس: ”مهتاب! عاصمه تمام سٺي ڇوڪري آهي، پر پنهنجو جيون پنهنجي مرضيءَ سان گذارڻ لاءِ عاصمه ڪي خواب ڏٺا هوندا. مان سندس سپنن کي ڇيهون ڇيهون ڪرڻ نٿو چاهيان. مان محبت ۾ ڏنڊ ۽ چٽيون ڀرائي وٺڻ جو قائل ناهيان. منهنجي من ۾ ڀل ته اونده ئي هجي. مون جنهن ڇوڪريءَ سان محبت ڪئي، منهنجي دل تي ان جي چند ڏينهن جي ساٿ جا چِٽ چِٽيل آهن. اُن جي جاءِ ڪو ٻيو والاري نٿو سگهي.“

مهتاب منهنجي ڳالهه سمجهي ويئي. اکين ۾ ڳوڙهن جا موتي تري آيس ۽ پوءِ هن اوچتو ئي اوچتو اُٿي واپس وڃڻ جو اعلان ڪيو. مان کيس روڪي ويهاري نه سگهيس. عبدالڪريم به اُٿيو.

مان ٻنهي کي اسپتال جي گيٽ وٽ ڇڏڻ آيس ۽ جڏهن سندس ٽيڪسي اکين کان اوجهل ٿي ويئي، تڏهن مون کي مهتاب سان گهاريل هڪ هڪ پل ياد اچڻ لڳو.

موپاسان

مترجم: ڄام وقار حسين قادري

ناسور

ننڍڙو جارج زمين تي اوڪڙو ويٺو باغ ۾ پکڙيل مٽيءَ جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڍڳڙيون ٺاهي رهيو هو ۽ هن جو پيءُ موسيو پيرنٽ هن کي دلچسپيءَ سان راند کيڏندي ڏسي خوش ٿي رهيو هو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هنن ٻنهي کان سواءِ اُتي ٻيو ڪير موجود نه هجي. باغ ۾ بي شمار ٻار مختلف رانديون کيڏڻ ۾ رڌل هئا. اُنهن جون آيائون، مائرون ۽ ڀينرون وغيره ڳالهائڻ ۾ مشغول هيون. ڪجهه پوڙها اُتي آهليا پيا هئا. سج لهڻ وارو هو. وڻن جا پاڇا ڊگها ٿي ويا هئا ۽ اوندهه وڌي رهي هئي. ننڍڙي جارج کيڏندي کيڏندي هٿ مٿي ڪيا. هن جي پيءُ پيرنٽ جون محبت ڀريون نظرون هن جي هٿن سان گڏ مٿي ٿيون، پوءِ بغرارادي جي گرجا گهر جي گهڙيال تي بيهجي ويون. ساڍي ڇهين وڳي هن کي گهر پهچڻو هو، هاڻي ڇهه وڄي پنجٽيهه منٽ ٿي ويا هئا. پنجن منٽن جي اِها دير به هن کي مهانگي پئجي سگهي پئي؛ ان ڪري جو هن جي زال چيڙاڪ طبيعت واري هئي.

پيرنٽ تڪڙ ۾ ننڍي جارج جي ٻانهن جهلي هن کي اُٿاريو، ٻنهي هٿن سان هن جا ڪپڙا ڇنڊيا ۽ تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي اَپارٽمينٽ ڏانهن وڌيو. جارج هن جي اُن تڪڙ سان گڏ نه پئي هلي سگهيو. ان ڪري پيرنٽ هن کي هنج ۾ کنيو. جارج کي هنج ۾ کڻي هلڻ جي ڪري هن جو ساهه مُنجهندو هو ۽ جسم پگهر ۾ ٻُڏي ويندو هو، پر اُن وقت مجبوري هئي، جو سندس زال جوليا گهر کان ويندي وقت ٻڌايو هئس ته هوءَ ساڍي ڇهين تائين موٽي ايندي. چاليهن سالن جو پيرنٽ قد جو ننڍو ۽ ٿلهو شخص هو. هن جي وارن ۾ سفيدي نظر اچڻ لڳي هئي ۽ شڪل جو به واجبي هو. ملڪيت مان ٿيندڙ آمدني هن وچولي طبقي جي ننڍي خاندان لاءِ ڪافي هئي. جيئن ته هن کي ڪم ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه هئي، ان ڪري هو سڄو ڏينهن پنهنجي ٽن سالن جي ٻار جارج سان کيڏندو رهندو هو يا هن کي کيڏندي ڏسندو هو. جارج هن جي جگر جو ٽُڪر هو. جوليءَ سان هن کي شادي ڪئي تقريباً پنج سال ٿي چڪا هئا. هوءَ حسين ۽ نازڪ هئڻ کان سواءِ عمر ۾ به هن کان تقريباً پندرهن سال ننڍي هئي. شايد ان سبب جي ڪري ئي هن جو رويو پنهنجي مڙس سان گهڻو سخت هو. هوءَ هن جي هر ڪم ۾ نقس ڪڍندي هئي. ڳالهه ڳالهه تي طعنا ۽ مهڻا ڏيڻ هن جي ڄڻ وڻندڙ مشغلو هو. سڀ کان وڌيڪ ڪاوڙ هن کي پنهنجي مڙس جي بيڪاريءَ تي ايندي هئي، جڏهن ته پيرنٽ جو خيال هو ته جڏهن سواءِ محنت جي، هن کي ملڪيت مان ايترو ملي وڃي ٿو ته هن کي ڪجهه ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. جوليءَ جي سخت رويي ۽ اڻ وڻندڙ لهجي جي باوجود به پيرنٽ هن سان محبت ڪندو هو ۽ ننڍو جارج هن جي اکين جو ٺار هو. پيرنٽ جي زندگي هن جي چؤگرد گردش ڪري رهي هئي.

جاءِ جي دروازي تي پهچي پيرنٽ جارج کي هنج مان هيٺ لاٿو. ڪجهه گهڙيون هن ساهه پٽيو ۽ نرڙ تان پگهر خشڪ ڪري ٻيءَ منزل ڏانهن وڌيو. ٻيءَ منزل تي هن جو اپارٽمينٽ هو. اِها عمارت هن کي ورثي ۾ مليل هئي. ماءُ جي پاران هڪ پوڙهي نوڪرياڻي هيزيٽي به ملي هيس، جيڪا خانداني نوڪرياڻي هئي. هوءَ پيرنٽ جي پيدائش کان به اڳ هن جي ماءُ جي ذاتي نوڪرياڻي هئي. هن جي هنج ۾ پيرنٽ جوان ٿيو هو. هيزيٽيءَ هن کي ماءُ وانگر پاليو هو ۽ اِهوئي سبب هو جو چاليهن سالن جي عمر، هڪ زال جي مڙس ۽ هڪ ٻار جي پيءُ هجڻ جي باوجود پيرنٽ سان هيزيٽيءَ جو رويو ٻارن جهڙو هو.

گهنٽي وڄڻ تي هيزيٽيءَ دروازو کوليو.

”جولي اچي ويئي؟“ پيرنٽ هوريان پڇيو. پوڙهي نوڪرياڻي ڪلها لوڏيندي چيو: ”ڇا مادام پهريائين به ڪڏهن ساڍي ڇهين وڳي گهر آئي آهي؟“

”چڱو ٿيو“، هن جواب ڏنو. ”مون کي وهنجي ڪپڙا بدلائڻ جو موقعو ملي ويندو.“

نوڪرياڻي هن کي رحم ۽ ڪاوڙ وارين نظرن سان ڏٺو. ”ٺيڪ آهي موسيو! مان ڏسي رهي آهيان ته تون پگهر ۾ ٻڏو آهين. لڳي ٿو ته تون جارج کي هنج ۾ کنيو ڊُڪندو آيو آهين ته جيئن توکي دير نه ٿي وڃي، پر افسوس جي توکي مادام جي موٽڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوندو ۽ ماني به اُن وقت ملندي. مجبوري آهي، ڇو ته ٻاڦ ۾ پَڪل ڪُڪڙ ٺرڻ تي سُٺو نه لڳندو آهي.“

”ڪا ڳالهه نه آهي“، پيرنٽ جلدي چيو، ”مان تڪڙ ۾ وهنجي ٿو وٺان. تون جارج کي آيا جي حوالي ڪر، اُها هِن جا ڪپڙا بدلائيندي. ڏاڍا ميرا ٿي ويا اٿس.“

پنهنجي بيڊروم ۾ پهچي هن دروازو بند ڪيو. هي سندس پناهه گناهه هئي. پنهنجي مخصوص جاءِ تي ويهي هو ساهه پٽڻ لڳو. هاڻي هو هيزيٽيءَ جي طنز ۽ زال جي ٽوڪ جو عادي ٿي ويو هو. پر هڪ ڳالهه هن کي ڪيترن ئي مهينن کان پريشان ڪري رهي هئي. اُها هئي هيزيٽيءَ جو چهرو ۽ هن جون اکيون، صاف ظاهر هو ته هيزيٽي منهنجي زال جوليءَ ۽ منهنجي دوست ليموزين کي پسند نه پئي ڪري، پر ڇو؟ پيرنٽ کي کُٽڪو هو ته هيزيٽيءَ جي ناپسنديءَ ڪنهن ڏينهن ضرور ڪو خُلم ٻاريندي.. ائين ننه ٿئي جو هوءَ منهنجو گهر کڻي برباد ڪري ڇڏي. جوليءَ کان هن جي نفرت جي سڀني کي خبر هئي ڇو جو ان جو اظهار ڪنهن نه ڪنهن موقعي تي هيزيٽيءَ کان ٿيڻ لڳو هو. ڪڏهن ڪڏهن هن کي عزت جو خيال به ته رهندو هو. تنگ ٿي هڪ ڏينهن جوليءَ کي چوڻو پيو ته هيزيٽيءَ پنهنجو رويو نه بدلايو ته هوءَ اُن پوڙهي نوڪرياڻيءَ کي ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيندي. ڪڏهن ڪڏهن اهو ڏسي پيرنٽ کي حيرت ٿيندي هئي ته جوليءَ جهڙي دلير ۽ سخت عورت هن پورهي نوڪرياڻيءَ کان ڊڄندي به هئي. پيرنٽ جوليءَ جو اهو رويو مروت سمجهيو ڇو جو هن کي خبر هئي ته هيزيٽي ئي هن جي مڙس کي پاليو آهي، پر هاڻي ڪجهه ڏينهن کان معاملو حد کان وڌيل آهي. اهڙي حالت رهي ته اڳتي سٺو نه ٿيندو ۽ ڪنهن ڏينهن ڪو هنگامو ٿي ويندو. گهر ۾ متوقع ڪنهن مونجهاري، ڪنهن جهيڙي جي امڪان هن کي پريشان ڪري ڇڏيو هو. هن کي پريشاني ٿيڻ لڳي ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ وارو آهي! ڇا هن کي ان معاملي ۾ پنهنجي دوست ليموزين کان مشورو ڪرڻ کپي؟ هيزيٽي ته هن کان به نفرت ڪندي آهي. پاڻ ليموزين به ان ڳالهه کان واقف آهي. پيرنٽ کي اِهو کٽڪو به هو ته متان ليموزين اُن پوڙهي نوڪرياڻيءَ کي ڪڍڻ جو مشورو نه ڏئي. هن ۾ ليموزين جي راءِ کي رد ڪرڻ جو حوصلو نه هو. ليموزين شاديءَ کان پهرئين به هن جو واحد دوست هو ۽ هاڻي به هو هر وقت پيرنٽ جو طرف کڻندو هو. ايستائين جو هن جي زال جوليءَ جي سخت رويي تي جوليءَ سان ڪاوڙ جو اظهار به ڪندو هو. جوليءَ جي سخت رويي جي خلاف هو، پيرنٽ جي طرف هو، هڪ همدرد ۽ هڏڏوکي دوست.

ڀت تي لڳل گهڙيال ست وڄايا. پيرنٽ گهٻرائجي اُٿيو، هو فقط ڪجهه منٽ ساهه پٽڻ لاءِ ويٺو هو پر وقت گذرڻ جو هن کي احساس ئي نه ٿيو. ”شڪر آهي جو جولي اڃا تائين نه آئي آهي.“ هو ڊڪندو غسل خاني ۾ داخل ٿيو. پندرهن منٽن کان پوءِ هو نون ڪپڙن سان ڊرائنگ روم ۾ داخل ٿيو. ڏاڍو مطمئن نظر اچي رهيو هو، ڇو جو جولي اڃا تائين نه آئي هئي. ٺيڪ اُن وقت ننڍو جارج ڪمري ۾ داخل ٿيو. پيرنٽ ٻنهي هٿن سان کڻي هن کي ڪمري جي ڇت طرف اُڇلايو. جارج ٽهڪ ڏنو. جارج کي خوش ڏسي پيرنٽ به چهڪڻ لڳو. هو هن کي پنهنجي چيلهه تي ويهاري قالين تي ڊُڪڻ لڳو.

”ساڍا ست وڄي ويا آهن، موسيو!“ پوڙهي نوڪرياڻي ڪمري ۾ داخل ٿي سخت لهجي ۾ اعلان ڪيو.

پيرنٽ جارج کي پنهنجي پٺيءَ تان لاٿو ۽ واچ ڏانهن ڏٺو.

”ها واقعي! ساڍا ست ٿي رهيا آهن.“

”ماني تيار آهي.“

هن نوڪرياڻيءَ جي لهجي مان نڪرندڙ باهه کي محسوس ڪري ورتو.

”تو ته چيو هو ته ماني اٺين بجي تائين تيار ٿي ويندي.“ هن سادگي سان چيو. ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

”ڇا چيئي، اٺين وڳي؟ ته ڇا ٻار اٺين وڳي تائين بکيو رهندو. تون هن جو پيٽ خراب ڪرڻ چاهين ٿو؟ فرض ڪر، هن جي سنڀال صرف ماءُ جي حوالي هجي ها ته ڇا ٿئي ها؟ هن جهڙي ماءُ شايد ئي دنيا ۾ ڪا ٻي هجي، مان چوان ٿي....“

”بس ڪر هيزيٽي!“ پيرنٽ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو هن سان سخت لهجي ۾ ڳالهايو. هن جي خيال ۾ هاڻي اِها طنز برداشت کان ٻاهر آهي. ”مون کي جوليءَ جي خلاف اهڙيون ڳالهيون پسند نه آهن. سٺو ٿيندو جو آئنده خيال ڪجانٰ.“

پوڙهي نوڪرياڻي حيرت ۾ پئجي ويئي. ڪجهه گهڙيون هوءَ خالي نظرن سان هن کي ڏسندي رهي. پوءَ هوءَ ٿاٻڙجي ڄڻ هڪدم بي ساهي ٿي ويئي هجي. ڀرسان رکيل ڪرسيءَ جي ٽيڪ وٺي هوءَ ان تي ويٺي ۽ قالين جي نقشن کي گهورڻ لڳي. هيزيٽيءَ جو ردعمل پيرنٽ لاءِ اميد کان مختلف هو. هڪ اڻ ڏنل ڊپ هن کي پريشان ڪري رهيو هو. جهيڙي، رڙين ۽ گارين جو انديشو به هن لاءِ ڏاڍو تڪليف وارو هو. هن جي نڙي خشڪ ٿيڻ لڳي. هو خاموشيءَ سان ڀرسان واري ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. ننڍو جارج حيرت مان واري واري سان اُنهن ٻنهي کي ڏسي رهيو هو.

ٿوريءَ دير کان پوءِ پوريه نوڪرياڻي منهن مٿي ڪيو ۽ پيرنٽ جي اکين ۾ سڌو ڏٺو. هوءَ بلڪل پرسڪون نظر اچي رهي هئي، ڄڻ ڪو فيصلو ڪري ورتو هجيائين.

”موسيو پيرنٽ...“ هن بيٺل لهجي ۾ چيو.

”مون تنهنجي ماءُ جي مرڻ گهڙيءَ تائين خدمت ڪئي، پوءِ تنهنجي پيدائش کان وٺي اڄ ڏينهن تائين تنهنجي سنڀال ڪري رهي آهيان. مون ٿوري به ڪوتاهي نه ڪئي آهي. هن ڊگهي عرصي جو سبب منهنجو تو سان ۽ تنهنجي خاندان سان هڪ لڳاءُ آهي، محبت آهي. ٺيڪ آهي نه؟“

پيرنٽ جي دل ڌڙڪي رهي هئي. هيزيٽيءَ جا انداز ٻڌائي رهيا هئا ته هن ڪو ارادو ڪيو آهي، هن جون سوالي نظرون پنهنجي چهري تي محسوس ڪندي پيرنٽ تڪڙ ۾ ڪنڌ ڌوڻيو: ”ظاهر آهي ته هيزيٽي! اِن ۾ ڪو شڪ نه آهي.“

”توکي اِها به خبر آهي ته مون تنهنجي خاندان جي خدمت ڪڏهن به نوڪر سمجهي نه ڪئي آهي ۽ نه ڪڏهن تنهنجي خاندان جو برو چاهيو آهي. مون ڪڏهن پيسن جي لالچ ۾ ڪو ڪم ناهي ڪيو. مون جيڪو ڪجهه ڪيو، اُهو صرف تنهنجي محبت ۾ ڪيو. مون ڪڏهن به توکي دوکو نه ڏنو آهي. ڪڏهن توسان ڪوڙ نه ڳالهايو ۽ شايد توکي به ڪڏهن مون کان ڪا شڪايت نه ٿي آهي.“

”تون صحيح چئي رهي آهين، پياري هيزيٽي!“

”هاڻي ڳالهه منهنجي برداشت کان ٻاهر ٿي ويئي آهي موسيو! مان هاڻي چُپ نٿي رهي سگهان. اڄ تائين مان اِن ڪري چپ هيس ته اهو سڀڪجهه ٻڌائي توکي ڏک ڏيڻ نه پئي چاهيم، ڇو ته تون جوٽيءَ سان ڏاڍي محبت ڪندو آهين. تون هڪ سادو ۽ معصوم شخص آهين. توکي ڪجهه خبر نه آهي ته پاڙي جا سڀ ماڻهو اِن ڳالهه کان واقف آهن ۽ سڀ تنهنجي پويان توتي ٽوڪون ڪندا آهن. تو شايد ڪڏهن سنجيدگيءَ سان ڌيان نه ڏنو آهي، پر مون کي خبر آهي ته جولي راتين جو دير ڪري ڇو ايندي آهي. ان ڪري جو هوءَ توسان بيوفائي ڪري رهي آهي.“

پيرنٽ جي حواسن تي ڄڻ بجلي ڪِري. هو ڪجهه گهڙيون وات کولي حيرت مان پوڙهي نوڪرياڻيءَ کي تڪيندو رهيو.

”هيزيٽي! خاموش ٿيءُ! وڌيڪ ڪجهه نه ڪجهه نه...“

”توکي سڄي ڳالهه ٻُڌڻي پوندي...“ پوڙهي نوڪرياڻيءَ جي سڪون ۾ ڪو فرق نه آيو.

”مون هڪ دفعو نه، پر ڪيترا ئي دفعا جوليءَ کي تنهنجي دوست ليموزين سان پيار ڪندي ڏٺو آهي. پنهنجن هنن اکين سان هِتي ۽ هِن ئي ڪمري ۾! جيڪڏهن تنهنجو دوست تو وانگر پئيس وارو هجي ها ته اها ڳالهه لکي وٺ ته جولي توسان ڪڏهن به شادي نه ڪري ها. ٿورو ٿڌي دل سان پويون ڳالهيون ياد ڪر. جيڪڏهن تون سوچيندين ته جولي سان تنهنجي شادي ڪهڙي نموني ٿي هئي ته سڀ ڪجهه سمجهي ويندين.“

پيرنٽ ٽپ ڏئي اُٿي بيٺو. هن جو چهرو سُڪل پَن وانگر پيلو ٿي ويو هو.

”اِهو تون چئي رهي آهين هيزيٽي!“ هن رڙ ڪري چيو. ”خاموش ٿي وڃ خدا جي واسطي. اهڙيون ڳالهيون نه ڪر.“

”نه، توکي سڀڪجهه ٻڌڻ کپي موسيو! مان پنهنجو فرض ادا ڪري رهي آهيان. مان توکي ٻڌايان ٿي ته جولي توسان ان ڪري شادي ڪئي جو تو وٽ وڏي ملڪيت هئي ۽ سٺي آمدني هئي. هن کي توسان، تنهنجي ذات سان ڪو واسطو نه هو. توسان شادي هن پنهنجي عيش ۽ آرام لاءِ ڪئي هئي. نه ته هوءَ شاديءَ کان پهرئين ئي ڪنهن جي ٿي چڪي هئي ۽ شاديءَ جي پهرئين ڏينهن کان ئي توسان بيوفائي ڪري رهي آهي. هن پنهنجي مرضيءَ جي زندگي گذارڻ، تنهنجي دولت سان عيش ڪرڻ ۽ پنهنجي عاشق سان گڏ موج مستي ملهائڻ تي ئي بس نه ڪئي، هن بي لغام تنهنجي زندگيءَ ۾ به زهر وجهي ان کي دوزخ ٺاهي ڇڏيو آهي. اهڙي ذليل عورت ڪڏهن ڪنهن نه ڏٺي هوندي.“

پيرنٽ مُٺيون بند ڪري ڪمري ۾ ٽهلڻ لڳو: ”تون چري ٿي ويئي آهين هيزيٽي! چُپ ٿي، پنهنجو منهن بند ڪر.“ هو لڳاتار اِهي جملا چئي رهيو هو. ننڍو جارج ڊڄي زور سان روئي رهيو هو. جارج جي رڙين کان پيرنٽ وڌيڪ ڪاوڙيو. پوءِ سڀ ڪجهه هن جي برداشت کان ٻاهر ٿي ويو. هو چرين وانگي ڏند ڀيڪوڙي پوڙهي نوڪرياڻيءَ ڏانهن وڌيو.

”بيشڪ موسيو! تون مون کي مارڻ گهرين ٿو، اِها حسرت به پوري ڪر. تو مون کي هميشه ماءُ جو درجو ڏنو آهي ۽ مون توکي پنهنجو پٽ سمجهيو آهي، پر مون کي پنهنجي حيثيت جي احساس جو درجو ڏنو آهي ۽ مون توکي پنهنجو پٽ سمجهيو آهي، پر مون کي پنهنجي حيثيت جي احساس ڏيارڻ کان ڇا تنهنجي زال توسان بيوفائي ڪري ڇڏي ڏيندي؟ ڇا اِها حقيقت بدلجي ويندي ته جارج تنهنجو پٽ نه آهي؟“

هيزيٽيءَ جا اِهي لفظ هن تي ڇپ ٿي ڪِريا. هن جو جسم سُن ٿي ويو. هيزيٽيءَ تي اُٿيل هٿ هيٺ ڪري پيو هو. بُت وانگي بي حس ۽ سانٿ ٿي ڪجهه نه سمجهڻ واري نظر سان ڏسندو رهيو.

”حيران ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، موسيو! ٿورو پنهنجي پُٽ کي هڪ نظر غور سان ته ڏس! هن جون اکيون ۽ هن جو نرڙ! ڇا توکي اِهو ٻار تنهنجي عزيز دوست ليموزين جي تصوير وانگر نٿو لڳي؟ اِها حقيقت هڪ انڌو به هٿ لائي محسوس ڪري وٺندو.“

پيرنٽ اڳتي وڌي پوڙهي نوڪرياڻيءَ جي ٻنهي ڪلهن کي جهليو ۽ اُنهن کي چرين وانگي ڌُوڻڻ لڳو. ”نڪري وڃ هتان، دفع ٿي! مان توکي صفا ماري ڇڏيندس. هلي وڃ هتان، هلي وڃ.“ هن نوڪرياڻي کي زور سان ٻئي ڪمري ڏانهن ڌڪو ڏنو. هيزيٽي ٿاٻڙجندي مانيءَ جي ميز سان ٽڪرائي. ميز تي سينگاريل ٿانو ۽ گلاس ڪِري پيا. ڪجهه ميز کان هيٺ ڪري ڀڄي پيا. نوڪرياڻي ميز جي ڪنڊ کي جهلي پاڻ کي سنڀاليو ۽ اُبتن قدمن سان پوئتي هٽڻ لڳي.

”موسيو! جيڪڏهن تون اهو تماشو پنهنجي اکين سان ڏسڻ چاهين ٿو ته ڪا مشڪل ڳالهه نه آهي. اڄ ئي مانيءَ کان پوءِ ٻاهر ٽهلجڻ لاءِ هليو وڃجانءِ، پر جهٽ دير ۾ واپس هليو اچجانءِ، ۽ پاڻ ئي اِهو نظارو ڏسجانءِ ته هيزيٽي توسان ڪيترو ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي.“ هوءَ ڀُڻڪندي ڪمري مان نڪتي ۽ پيرنٽ کي پاڻ ڏانهن ڪاوڙ ۾ ايندي ڏسي بورچي خاني ۾ گهڙي ويئي. دروازو اندران بند ڪري ڇڏيائين.

”تون هاڻي، هن وقت، منهنجي گهر مان نڪري وڃ.“ پيرنٽ رڙ ڪري چيو.

”ها، ها، مان اڌ ڪلاڪ ۾ هميشه لاءِ هن گهر مان هلي وينديس.“

پيرنٽ ڪنهن انڌي وانگر در ۽ ڀتين کي جهليندو هوريان هوريان هڪ دفعو ٻيهر ويهڻ جي ڪمري ۾ آيو. ننڍڙو جارج قالين تي ويٺو روئي رهيو هو. پيرنٽ هن تي ڌيان ڏيڻ کان سواءِ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو ۽ ويران نظرن سان پنهنجي پُٽ کي تڪڻ لڳو. جارج جا سڏڪا هن کي ٻڌڻ ۾ نه پئي آيا. هن جا حواس گم ٿي ويا هئا، ۽ دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. هن کي نه ڪجهه ڏسڻ ۾ ئي پئي آيو، نه ٻڌڻ ۾ پئي آيو. هن جي حالت چرين وانگر ٿي ويئي هئي. ڪجهه دير لاءِ ته هن کي اهي سڀ ڳالهيون ياد ئي نه رهيون جيڪي نوڪرياڻيءَ هن کي چيون هيون. پوءِ هوريان هوريان ڪجهه دير پوءِ هن جا حواس ڪم ڪرڻ لڳا.

نوڪرياڻيءَ جون ڳالهيون ۽ هن جي زبان مان نڪتل هڪ هڪ لفظ يقين ۽ اعتماد وارو هو. هن جي خلوص ۽ ايمانداريءَ ۾ ڪو شڪ نه هو، ان هوندي به پيرنٽ هن جا الزام مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هو. بيشڪ هيزيٽيءَ هن کي ماءُ وانگر پاليو هو، پر هوءَ هن جي حسين ۽ جوان زال جوليءَ کان نفرت به ڪندي هئي. ان ڪري اهو امڪان به موجود هو ته هن جا اهي الزام سچ کان وڌيڪ هٿرادو هجن. ٿي سگهي ٿو ته هيزيٽيءَ جي پوڙهين اکين جيڪي ڪجهه ڏٺو آهي، اُن کي هن جي ڪمزور حافظي ڪو ٻيو رنگ ڏنو هجي. پيرنٽ جي دل ۽ دماغ ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي هئي. هن کي گذريل بي شمار ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. پهرئين هن اُنهن ڳالهين کي ڪا اهميت نه ڏني هئي ۽ نه وري انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. جوليءَ جا بي معنيٰ فقيرا ۽ هن جي دوست ليمزوين جي محبت وارين نظرن ۽ هڪ وقت ٻنهي جو غائب ٿي وڃڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هنن جي وچ ۾ ڪجهه اشارن جي ڏي وٺ جن کي هو ڪڏهن به سمجهي نه سگهيو هو. هن جو ذهن ماضيءَ جي اهڙين ڳالهين کي ياد ڪرڻ لڳو ۽ اِهي ڳالهيون هن جي روح کي ڏنگي رهيون هيون. پنج سال اڳ جوليءَ سان هن جو مڱڻو ٿيو هو، اُن وقت کان وٺي هن گهڙيءَ تائين هر زهر ۾ ٻڏل فقيرا ۽ اشارا، اِهي سڀ ڪجهه هن جي ذهن ۾ خوابن وانگر ياد اچڻ لڳا.

پوڙهي نوڪرياڻي الائي ڪهڙي مهل هلي ويئي هئي. جارج ٿڪجي چُپ ٿي ويو هو. ڪجهه دير کان پوءِ هو خاموشيءَ سان اُٿي پنهنجي پيءُ جي پيرن ۾ اچي ويٺو هو. پيرنٽ هن کي کڻي پنهنجي سيني سان لڳايو ۽ ڏاڍا پيار ڪرڻ لڳو. ”منهنجا جارج! منهنجي جان، منهنجا پٽ.“ پوءِ اوچتو هن کي هيزيٽيءَ جي ڳالهه ياد آئي. جنهن چيو هو ته ”جارج هِن جو پٽ نه آهي، هن جي دوست ليمزوين جو پاپ آهي.“ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ممڪن آهي ته هيزيٽيءَ جي ٻين ڳالهين ۾ سچائي هجي، پر جارج ته فقط منهنجو پٽ آهي، مان ئي هن جو پيءُ آهيان. اِهو ممڪن نه آهي ته ڪو ٻيو جارج جو پيءُ هجي. هن هڪ دفعو ٻيهر ٻار کي سيني سان لڳايو. جارج جي جسم مان زندگيءَ جي مهڪ نڪري هن کي سيني ۾ گهڙندي محسوس ٿي. هن جي دل محبت ۽ خوشيءَ سان ڀرجي ويئي.

دروازي جي گهنٽي ٻڌڻ سان هن ڇرڪ ڀريو. جارج کي ڪرسيءَ تي ويهاري هو وائڙن وانگر اُٿي بيٺو. ”هوءَ اچي ويئي! هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ هن ڀُڻڪندي چيو. ٻيهر گهنٽي وڃڻ تي هن جا پير پنهنجي پاڻ دروازي ڏانهن وڌڻ لڳا. پوڙهي نوڪرياڻي هيزيٽي شايد جوليءَ جي نوڪرياڻيءَ کي پنهنجي وڃڻ جي خبر نه ڪئي هئي. هوءَ مٿئين ڪمري ۾ رهندي هئي، اِن ڪري هن سوچيو ته هاڻي مون کي پاڻ دروازو کولڻو پوندو. ”ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ ايترو ڪجهه ٻڌڻ کان پوءِ ضروري ٿي ويو آهي ته مان حقيقت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪيان. مون کي سچائي ڄاڻڻ کپي، اهو منهنجو حق آهي. آخر مان جوليءَ جو مڙس ۽ جارج جو پيءُ آهيان. پيرنٽ ڪاوڙ کي دٻائيندي فيصلو ڪيو ته هن کي سچائي ڄاڻڻ ۾ دير ڪرڻ نه گهرجي، نه ته هن جو دماغ ڦاٽي پوندو.

دروازي ڏانهن ويندي هن جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون. ڇا هو ڊڳل آهي؟ ڇو جو اِهي سڀ الزام، تهمت آهن، اِن ڪري هو جوليءَ جي سامهون اچڻ تي ڊڄي ٿو يا هن ۾ سچ ٻُڌڻ جو حوصلو نه آهي. دروازي جي ويجهو پهچي هو خاموشيءَ سان ڪجهه ٻُڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. هن کي خبر نه هئي ته آخر هو ڇا ٻُڌڻ جي توقع رکي ٿو، پر هن کي پنهنجي دل جي آواز کان سواءِ ڪجهه ٻڌڻ ۾ نه آيو.

دروازي جي مٿان لڳل گهنٽي زور سان وڄڻ تي هن ڇرڪ ڀريو. هن چاٻي گهمائي دروازو کوليو ۽ جوليءَ کي پنهنجي دوست ليموزين سان گڏ دروازي تي بيٺل ڏٺو.

مڙس کي سامهون ڏسي جولي ڏاڍي حيران ٿي. ڇڙٻ ڏيندي چيائين: ”هاڻي تون دروازو کوليندين! هيزيٽي ڪاڏي مري ويئي آهي؟“

جوليءَ جو سخت لهجو ڏسي پيرنٽ جي نڙي سُڪي ويئي ۽ وڏا ساهه کڻڻ لڳو. هن جواب ڏيڻ چاهيو پر نڙيءَ مان آواز نه نڪتس.

”ڇا تون هاڻي ڏاڍيان ٻُڌڻ لڳو آهين؟ مان پڇان ٿي ته هيزيٽي ڪٿي آهي؟ ڪٿي آهي پوڙهي؟“

”هوءَ هلي ويئي.“

”ڇا مطلب آهي تنهنجو!.... هلي وئي!... ڪيڏانهن جلي ويئي؟ آخر ڇو؟“ جولي تيز لهجي ۾ پڇيو.

”هوءَ هلي ويئي. مون هن کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو آهي.“

”نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو آهي!.... تون خوش ۾ ته آهين؟“

”ها، هوءَ چري ٿي ويئي هئي. هوءَ اهڙيون ڳالهيون ڪري رهي هئي، جو مون کان برداشت نه ٿي سگهيو.“

”ڇا هيزيٽي بدتميزي ڪئي؟“ جوليءَ کي حيرت ٿي.

”ها“. پيرنٽ ٻيو ڪجهه نه چئي سگهيو.

”تنهنجي باري ۾ ڪجهه چئي رهي هئي.“

”منهنجي باري ۾؟“

”ها، توکي موٽڻ ۾ دير ٿي ويئي هئي ته ماني ٿڌي ٿي رهي هئي.“

”ته هن ڇا چيو؟“

”اهڙيون ڳالهيون ڪيائين، جن کي بيان ڪرڻ بيڪار آهي.“

”آخر ڇا چيو هِن، مان ٻُڌڻ چاهيان ٿي.“

”هوءَ چئي رهي هئي ته مون جهڙي ماڻهو کي تو جهڙي عورت سان شادي ڪرڻ وڏي بدقمستي آهي، ڇو ته تون ڏاڍي غير ذميدار، بي پرواهه، سليقي کان سواءِ ۽ بي لغام عورت آهين. هڪ خراب ماءُ ۽ گهٽيا زال آهين.“

جوليءَ جي اکين ۾ ڊپ جي روشنيءَ اُڀري. هوءَ خاموش ٿي ويئي. ڊرائنگ روم ۾ پيرنٽ جو دوست ليموزين به موجود هو، پر هو ان وچ ۾ بلڪل خاموش رهيو هو. جولي هيٽ ۽ ڪوٽ لاهي هڪ پاسي اڇلايو ۽ سڌو پنهنجي مڙس ڏانهن آئي: ”تنهنجو... تنهنجو خيال آهي ته مان... مان؟“

”اِهو منهنجو خيال نه آهي،“ پيرنٽ پرسڪون لهجي ۾ جواب ڏنو. ”مون ته تنهنجي اصرار تي ئي اِهو سڀ ڪجهه ٻڌايو آهي جيڪو پوڙهي هيزيٽيءَ مون کي چيو هو. اِنهيءَ ئي ڳالهه تي مون هن کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو آهي.“

جولي ٻرندڙ اکين سان هن کي گُهرڻ لڳي. جي هن جو وس هلي ها ته پنهنجي مڙس جو منهن پٽي ڇڏي ها. پنهنجن ڊگهن ڊگهن ننهن سان هن جو چهرو رتوڇاڻ ڪري ڇڏي ها. اهو شخص هن جي بدلجندڙ انداز کي ڏسي ڏڪڻ لڳو. هن پنهنجي رويي کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ۽ بيزاريءَ مان پڇيو، ”تو ماني ته کائي ڇڏي هوندي؟“

”نه، مان تنهنجو انتظار ڪري رهيو هوس.“

جوليءَ هوريان ڪلها لوڏيا. تون ڪهڙو مرد آهين. ساڍي ستين کان پوءِ منهنجي انتظار ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. توکي سمجهڻ کپي ها ته ڪنهن ڪم جي ڪري مون کي دير ٿي ويئي آهي ۽ وڌيڪ به دير ٿي سگهي ٿي. ڪابه مجبوري ٿي سگهي ٿي. مون کي گهڻا ڪم هوندا آهن، خريداري آهي، ملڻ جلڻ آهي ۽ ٻيا به ننڍا وڏا ڪم نڪري ايندا آهن.“

پيرنٽ ڪو تبصرو نه ڪيو. هن جي خاموشيءَ مان جولي شايد اهو محسوس ڪيو ته هن کي پنهنجي مصروفيت جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ ضرور کپي. هن ڪاوڙ مان بيٺي بيٺي چيو: ”مان شهر جي پرئين حصي مان هڪ خاص دڪان مان ڪجهه فرينچر وٺڻ ويئي هيس، ۽ ڏاڍي ٿڪجي پيئي هيس. بک به چڱي لڳي هئي پر مان اڪيلي ماني نه کائيندي آهيان، ان ڪري بک برداشت ڪندي رهيس. پوءِ اوچتو اُتي ليموزين سان ملاقات ٿي. مون هن سان گڏ هڪ ريسٽورانٽ ۾ ماني کاڌي. ان کي کائڻ ته نه چئجي، بس هانءُ جهل لاءِ ڪجهه کاڌو، اُهو به ڏاڍي تڪڙ ۾، ڇو ته هن کي پنهنجي گهر پهچڻ جي جلدي هئي.“

”ظاهر آهي ته مجبوري هئي، آءٌ توکي قصور وار ڪٿي ٿو چوان.“ پيرنٽ سادگيءَ سان چيو.

ليموزين اڳتي وڌندي پيرنٽ کي چيو: ”تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟ ڪيئن آهين تون؟“

”هميشه وانگر ٺيڪ.“ پيرنٽ نرميءَ سان جواب ڏنو.

مڙس جي آخري فقري تي ڄڻ جوليءَ جي بدن ۾ باهه لڳي ويئي.

”قصور وارو نٿو چوان، ان جو مطلب آهي؟ تون ڇا چوڻ ٿو چاهين؟“

”ڪجهه نه، منهنجو مطلب آهي ته مون کي ذرو به پريشاني نه هئي. جيئن ته ڏاڍي دير ٿي ويئي هئي، ڪابه مجبوري ٿي سگهي ٿي.“

جوليءَ کي جهيڙي ڪرڻ جو بهانو ملي ويو. هوءَ ڪافي دير کان بهاني جي ڳولا ۾ هئي. ”ڇا مون کي دير ٿي ويئي هئي؟ ڏاڍي دير! لڳي ٿو ته رات جا ٻه ٿي ويا آهن ۽ مان پنهنجون راتيون هميشه گهر کان ٻاهر گذاريندي آهيان.“

”منهنجو اِهو مطلب نه هو، ڊارلنگ!“ پيرنٽ صلح واري لهجي ۾ چيو.

”مون لفظ ’دير‘ ان ڪري استعمال ڪيو ته ان کان سواءِ ٻيو ڪو مناسب لفظ نه هو. تون چئي ويئي هئينءَ ته ساڍي ڇهين تائين ايندس ۽ هاڻي ساڍا اٺ وڄي ويا آهن. ظاهر آهي، ان کي ’دير‘ ٿيڻ کان سواءِ ڇا ٿو چئي سگهجي ۽ هاڻي مون کي دير جي سبب جي به خبر پئجي ويئي.“

”نه، نه، بلڪل نه.“

جوليءَ کي اندازو ٿي ويو ته هن جو مڙس هميشه وانگر اڄ به آڻ مڃي ڇڏيندو ۽ هن سان اختلاف نه ڪندو. هو مطمئن انداز ۾ سمهڻ واري ڪمري ڏانهن وڃڻ لڳي. وچ ۾ ڊرائنگ روم جو دروازو هو. هن جي نظر ننڍڙي جارج تي پيئي. ماءُ کي ڏسي هو روئڻ لڳو. جوليءَ هن کي هنج ۾ کنيو ۽ پيار ڪرڻ لڳي. هن مڙس کي ڪاوڙ ۾ ڏٺو. ”جارج کي ڇا ٿيو آهي؟ ۽ هي... هي....؟“ هن حيرت ۾ ڀڳل گلاس ۽ ڪريل نمڪ دان ڏانهن ڏٺو. ”هي ڪنهن ڪيو آهي؟“

”هيزيٽيءَ!“

”اُن حرام زاديءَ...؟“ هن زور سان رڙ ڪئي. هن جو چهرو ٻرڻ لڳو.

” هن مون کي خراب ماءُ چيو، بي لغام زال چيو، ٿانو به ڀڳائين ۽ منهنجي ٻار کي ماريائين به، ڇا اها برداشت ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي؟“

”اِن ڪري ته مون هن کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو.“

”پڏو ڪارنامو ڪيئي، نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيئي. ظلم جي ڇپ ڪيرايئي، ان ڪميڻيءَ کي ته پوليس جي حوالي ڪرڻ گهرجي ها.“

”هن پاپا کي ماريو هو.“ جارج وچ ۾ چيو.

جوليءَ مڙي ڪري پنهنجي مڙس ڏانهن ڏٺو. ڏاڍي حيرت کان هن جي زبان بند ٿي ويئي، پوءِ پاڻ مرادو هن جي نڙيءَ مان ٽهڪ نڪتو.

”ماريو هو؟ هن پوڙهيءَ!.... هُن منهنجي مڙس کي ماريو هو؟... ها ها ها ها.... تو ٻڌو ليموزين! ٻڌو تو؟... ان پوڙهيءَ منهنجي مڙس کي ماريو!“

”نه، نه، اِهو غلط آهي،“ پيرنٽ تڪڙ ۾ ترديد ڪئي.

”ان جي ابتڙ مون هيزيٽيءَ کي ايڏي زور سان ڌڪو ڏنو جو هوءَ ميز سان ٽڪرائجي ڪِري پيئي ۽ ڪلاس ڀڄي پيو. جارج پري ويٺو هو. هن کي ڀُل ٿي آهي.“

”ڇا ڳالهه آهي، منهنجا پٽ! هيزيٽيءَ پاپا کي ماريو هو يا پاپا هيزيٽيءَ کي ماريو هو؟“ جولي ٻار کان پڇيو.

”هن پاپا کي ماريو هو.“

جولي ڪجهه چوڻ چاهيو پئي پر هن جون نظرون مانيءَ جي ميز تي پهچي بيهي رهيون. ”منهنجي پٽ ماني کاڌي آهي؟“

”نه مما! بک لڳي آهي.“

جولي مڙي ڪاوڙ مان پنهنجي مڙس کي ڏٺو. ”تون چريو ٿي ويو آهين. تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي. اٺ ٿي رهيا آهن ۽ جارج کي اڃا تائين ماني نه ملي آهي؟“

”اسين تنهنجو انتظار ڪري رهيا هئاسين، ڊارلنگ!“ پيرنٽ عذر پيش ڪيو. هو تڪڙ ۾ سمهڻ واري ڪمري ۾ پناهه وٺڻ چاهي پيو. ”مان توکان سواءِ ماني ڪيئن کاوان ها. تون روز دير سان ايندي آهين، ان ڪري مون سوچيو ته بس اجهو ڄاڻ آئينءَ.“

”بيوقوفن سان گڏ زندگي گذارڻ دنيا جو مشڪل ترين نه پر بدترين ڪم آهي. ايتري ننڍي ڳالهه تنهنجي دماغ ۾ ڇو نه آئي ته ساڍي ستين وڳي کان پوءِ مون کي وڌيڪ دير به ٿي سگهي ٿي ۽ ڪو خاص ئي ڪم هوندو جو مون کي ايتري دير ٿي ويئي آهي.“

پيرنٽ کان صبر نه ٿي رهيو هو. هن جو جسم ٽچڪڻ لڳو ۽ هو ڪاوڙ ۾ ڏڪڻ لڳو. ليموزين کي هن جي حالت جو احساس ٿي ويو هو. هن مڙي جوليءَ کي ڏٺو. ”منهنجو خيال آهي ته تون ڪجهه وڌيڪ ڳالهائين پيئي جولي! تون به ايڏي دير سان آئينءَ. آخر پيرنٽ کي ڪيئن خبر پوي ته اڄ توکي گهڻي دير ٿي ويندي. هن نوڪرياڻيءَ کي به ڪڍي ڇڏيو آهي. جارج کي ماني کارائڻ نوڪرياڻيءَ جي ذميواري آهي. پيرنٽ کي اُن جو ڪهڙو تجربو؟“

پر جولي ڏاڍي بيهودي هئي. ”هن کي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي. هاڻي ڪرڻو پوندو. نٿو اچي ته سکڻو پوندو.“ هوءَ ڪاوڙ ۾ ڊرائنگ روم مان نڪري ويئي ۽ اهو به وساري ڇڏيائين ته هن جو ٻار بکيو آهي.

ليموزين ميز تان ڀڳل ٽڪرا جمع ڪري ڊسٽ بن ۾ وڌا، پوءِ هو ميز تي پليٽين رکڻ لڳو. پيرنٽ پنهنجي زال جي نوڪرياڻيءَ کي سڏڻ هليو ويو ته جيئن هوءَ ماني وغيره ڪڍي. نوڪرياڻي بورچي خاني مان ماني ڪڍي ميز تي رکڻ لڳي. پيرنٽ جارج وٽ ويهي رهيو. ليموزين هن جي سامهون ويٺو هو. ٻار کي ڪجهه ماني ڏيئي پيرنٽ ڪجهه کائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، هن جي دل ۾ پنهنجي دوست ليموزين ۽ جاج جي چهري جي ڀيٽ ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿي.“ ڇا واقعي جارج جي شڪل ليموزين سان ملي ٿي؟“ پهريائين ته هن کي همٿ نه ٿي، پوءِ هن ليموزين جي چهري کي غور سان ڏٺو. اڄ هن کي ليموزين جو چهرو مختلف نظر آيو، شايد اُن جو سبب اِهو هو ته هن پهريائين ڪڏهن هن جي چهري جي هڪ هڪ نقش کي ايتري غور سان نه ڏٺو هو. هن رکي رکي ڪيترائي دفعا ليموزين جي چهري کي ڏٺو، پوءِ وري پنهنجي ٻار کي ڊبل روٽي ڏيڻ جي بهاني اُن جي چهري تي گهري نظر وڌي. هيزيٽيءَ جي هڪ هڪ ڳالهه هن جي ذهن ۾ گهمي رهي هئي. ”هُو هِن جو پيءُ آهي، هُو هِن جو پيءُ آهي.“ ها شايد، پيرنٽ ٻُڏل دل سان سوچيو، ”ليموزين ئي جارج جو اصل پيءُ هجي.“ليموزين اطمينان سان ماني کائڻ ۾ رڌل هو. پيرنٽ پنهنجا هٿ جهليا، جوهن کي هونئن به ماني نه پئي وڻي. هن جي سيني ۾ رکي رکي باهه ٻري رهي هئي. اهڙي باهه، جيڪا ماڻهوءَ کي ڀتين سان ٽڪر هڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي. هن جي دل چاهيو ته ميز تي رکيل ڇري کڻي پنهنجي سيني ۾ هڻي ڇڏي. ڪنهن نموني ته اُن اذيت جو خاتمو ٿئي، ان کان پوءِ سڀ ڪجهه پنهنجو پاڻ ٺيڪ ٿي ويندو. هاڻي هن وٽ جيئڻ لاءِ بچيو ئي ڇا هو؟ ڇا هاڻي ڪڏهن هُو پنهنجي پُٽ کي اِن يقين سان پيار ڪري سگهندو ته هو اُن جو ئي پٽ آهي؟ جڏهن به هن جي نظر جارج تي پوندي ته اِهو سوال هن جو رت ساڙيندو رهندو ته ”جارج جو پيءُ ڪير آهي!“ ڇا هُو اِن حالت ۾ جارج ۽ اُن جي ماءُ سان گڏ هڪ گهڙي به سڪون ماڻي سگهندو؟ هڪ ئي گهر ۾ رهندي ڇا هُو اُن ٻار کي پيار ڪري سگهندو جنهن کي هن اڄ تائين پنهنجو حصو سمجهيو آهي. هاڻي اِهو ممڪن نه آهي. آخر ڪڏهن ڪنهن ڏينهن هُو هِن ٻار سان سخت نفرت ڪرڻ تي مجبور نه ٿي وڃي! هيزيٽي هي ڪهڙو عذاب مون کي ڏيئي ويئي آهي. ڪاش! هوءَ پنهنجي زبان بند رکي ها. اِهو شڪ ته هن جي زندگي تباهه ڪري ڇڏيندو. ان مونجهاري ۾ هُو آخر ڪيستائين پاڻ کي قائم رکي سگهندو. هاڻي ڪيئن هُو جارج کي ٻاهر گهمائڻ وٺي ويندو ۽ پارڪ ۾ بدڪن جو کيل ڏيکاريندو. جارج کي اِهو تماشو ڏاڍو پسند آهي. بدڪن جو آواز ٻُڌي هُو ڪيئن نه ٽپ ڏيندو آهي! جارج جي ٽهڪن سان هن جو رت وڌندو هو، پر هاڻي اِهو سڀ ڪجهه خراب ئي رهجي ويو آهي. جارج ڏاڍو ذهين ٻار آهي. هُو پنهنجي پيءُ جي لٿل چهري کي جلدي محسوس ڪري وٺندو. ڇا اِهو سُٺو نه ٿيندو ته هن کي ڪنهن ٻئي شهر ڇڏي اچجي يا پاڻ اِهو شهر ڇڏي ڪنهن ٻئي ملڪ ڀڄي وڃجي؟

”مون کي بک لڳي آهي،“ جولي ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيو ۽ ميز تي ويهي رهي. هن ڪپڙا بدلايا هئا ۽ پُرسڪون نظر اچي رهي هئي. هوءَ کاڌي تي ڪري پيئي. ليموزين پهرئين ئي ڏاڍي مزي سان ماني کائي رهيو هو. پيرنٽ کي ياد آيو ته ڪجهه گهڙيون پهرئين هن جي زال چيو هو ته هوءَ ليموزين سان گڏ ڪنهن ريسوٽرانٽ ۾ ماني کائي چڪي آهي.

ماني کائڻ دوران جولي ڄڻ سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هو ۽ ليموزين سان ڀوڳ ڪرڻ لڳي. پيرنٽ کي احساس ٿيو ته هِن جي زال ڪڏهن هِن سان ته اهڙيءَ خوشيءَ سان ڳالهايو ئي نه هو. جوليءَ جا اهي ڀوڳ ليموزين لاءِ مخصوص هئا. اُهي ٻيئي ڄڻا هِن جي سامهون لڳاتار ڀوڳ ڪري رهيا هئا، ڄڻ اُهي ڀوڳن ۾ ڪيل هڪٻئي جا اشارا سمجهي رهيا هئا. پيرنٽ جون نظرون ٻنهي تي کُتل هيون. هو اِن کان پهريائين اِهو سڀ ڪجهه ڇو نه ڏسي گهيو؟ هونئن ته هن پنجن سالن کان وٺي اُنهن کي سوين دفعا ائين کائيندي کِلندي ڏٺو هو. اوچتو هن هڪ فيصلو ڪيو. ”ماءِ ڊارلنگ!“ هن پنهنجي زال کي مخاطب ٿي چيو: ”هيزيٽيءَ جي وڃڻ کان پوءِ گهر جا گهڻا ڪم اڌ ۾ رهجي ويندا، ان ڪري مان هاڻي ٻي نوڪرياڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ وڃان ٿو، جيئن صبح کان ڪم معمول سان ٿئي. مون کي ڪجهه دير ٿي سگهي ٿي.“

”ٺيڪ آهي،“ جوليءَ چيو، ”ليموزين آهي، مان اِهو وقت هِن سان گڏ گذاري وٺندس. اسان ٻيئي تنهنجي واپسيءَ جو انتطار ڪنداسين.“ هن پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي چيو. ”مانيءَ کان پوءِ جارج کي سمهاري ڇڏجانءِ. پوءِ تون پاڻ به پنهنجي ڪمري ۾ وڃي سگهين ٿي.“

پيرنٽ اهڙي نموني ٿاٻڙجندي ٻاهر نڪتو ڄڻ ڪنهن طوفان ۾ گهيريل جهاز تي هلي رهيو هجي. ٿوريءَ دير کان پوءِ نوڪرياڻي به جارج کي هنج ۾ کڻي هلي ويئي. ڪمري ۾ جولي ۽ ليموزين اڪيلا رهجي ويا، ”توکي ڇا ٿي ويو آهي جولي!“ ليموزين شڪايتي لهجي ۾ چيو، ”تون ڇو هن کي هر وقت ڏنڀيندي رهندي آهين؟“

”تون ڇو هِن کي شهيدن جهڙو رُتبو ڏئين ٿو.“ جوليءَ جواب ڏنو.

”تنهنجي اِها عادت هاڻي مون کي ڏاڍو تنگ ڪرڻ لڳي آهي.“

ليموزين ميز تان اُٿي هڪ آرام واري ڪرسيءَ تي ٽنگون ڦهلائي ويهي رهيو. ”مان هن کي شهيد نٿو ٺاهيان، پر ٿورو سنجيدگيءَ سان سوچ، ته جهڙيءَ حالت ۾ اسان ٻيئي گهيريل آهيون، اُن حالت ۾ ٻن شخص سان هر وقت حقارت جهڙو سلوڪ ڪرڻ ڪهڙي عقلمندي آهي؟“

جوليءَ سگريٽ دکايو ۽ نڪ مان دونهون ڪڍندي چيو: ”مان ڄاڻي واڻي ته ائين نٿي ڪريان. هن جون ڳالهيون ۽ بيوقوفيون ئي اهڙيون آهن جو مون کي ڪاوڙ اچي وڃي ٿي ۽ مان هن سان اهڙو سلوڪ ڪرڻ لڳان ٿي، جيڪو اهڙي ماڻهوءَ سان ڪرڻ گهرجي.“

”جيڪو ڪجهه تون ڪري رهي آهين، اُهو خطرناڪ هجڻ کان سواءِ وڏي بيوقوفي به آهي. منهنجو خيال آهي ته سڀ عورتون هڪ جهڙيون ٿينديون آهن. ٿورو ڌيان سان منهنجي ڳالهه ٻُڌ، تنهنجو مڙس، پيرنٽ، هڪڙو سٺو انسان، ڏاڍو نرم دل، مهربان ۽ بيوقوفن جهڙو سِڌو آهي. هُو اسان جي معاملن ۾ ڪڏهن به دخل ناهي ڏيندو. هِن کي ڪڏهن هڪ گهڙيءَ لاءِ به اسان تي شڪ ناهي ٿيو. هُو ڪيڏيءَ خوشيءَ سان اسان کي اڪيلو ڇڏي ڏيندو آهي ۽ تون آهين ته هن کي ڇتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي آهين. هِن کي خوار ڪرڻ لاءِ بهانا ڳوليندي آهين. تون ڇو نٿي سمجهين ته اهڙي نموني اسان جي خوشين ۾ رنڊڪ پئجي سگهي ٿي.“

”تنهنجون ڳالهيون مون کي پريشان ڪري رهيون آهن، ليمي ڊيئر! لڳي ٿو ته تون به ٻين مردن وانگر بُزدل ٿيندو وڃين ٿو. تون اِن کان ايترو ڊنل ڇو آهين. اِن ويچاري مسڪين کان؟“

ليموزين سڌو ٿي ويٺو. ”مان ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته آخر هن ويچاري تنهنجو ڪيو ڇا آهي؟ تون هر وقت ڇو هِن سان مهاڏو اٽڪائيندي رهندي آهين؟ ڇا هُو تنهنجي هر فرمائش پوري ناهي ڪندو؟ ڇا هُو توکي هر طريقي سان خوش رکڻ جي ڪوشش ناهي ڪندو؟ ڇا هو توسان بيوفائي ڪندو آهي ۽ ٻين عورتن وٽ ويندي آهي؟ تون ڇو هن کان نفرت ڪندي آهين. ڇا ان ڪري جو هو تمام شريف انسان آهي، ان ڪري هن سان لڳاتار بيوفائي ڪري رهي آهين؟“

جولي اُٿي هن جي ويجهو آئي ۽ هن جي اکين ۾ ڏسندي چيائين: ”تون مون کي بيوفائيءَ جو طعنو ڏئي رهيو آهين. تون... تون!... تون هڪ بيڪار، ۽ بيهودو انسان آهين!“ هوءَ تڪڙ ۾ پوئتي ٿي ۽ پاڻ کي ڪرسيءَ تي ڪيري ڇڏيائين.

ليموزين پيشيمانيءَ مان ڳاڙهو ٿي ويو. هن پنهنجي بچاءُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: ”مان بيوفائيءَ جو طعنو نٿو ڏيان. مان صرف اهو چاهيان ٿو ته تون پنهنجي مڙس سان نرمي ۽ محبت سان پي ايندي ڪر، ڇو جو اسان ٻنهي کي اُن جي ڀروسي جي ضرورت آهي. هن کي اهڙو موقعو نه ڏئي جو هُو شڪ ۾ پئجي وڃي. منهنجو خيال آهي ته تون به اِن ڳالهه کان اتفاق ڪندينءَ“، هو هن جي اڳيان عاجزيءَ مان بيٺو رهيو.

جولي ڪجهه گهڙيون پنهنجي سهڻي ۽ قدآور محبوب کي ڏسندي رهي، پوءِ هن جي خوبصورت چهري تي نرميءَ جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا. هن ليموزين جو هٿ جهليو ۽ اُن جي ٽيڪ وٺي ڪرسيءَ تي بيٺي. ٻيئي بنهه ويجهو آمهون سامهون بيٺا هئا. ”تون ايتري ننڍڙي ڳالهه اڄ تائين نه سمجهي سگهيو آهين منهنجا ليمي! ڊيئر ليموزين!“ هن وڏو ساهه کڻندي چيو، ”مان هِن گڏهه سان اِن ڪري نفرت ڪندي آهيان جو هن مون سان شادي ڪئي آهي. پنهنجي دولت سان منهنجو جسم، منهنجو سڄو جود خريد ڪيو آهي. هُو پنهنجي دولت جي زور تي مون کي استعمال ڪندو آهي ۽ مان هن نالائق کي منع به ڪري نٿي سگهان. پر منهنجو روح ته منهنجو آهي، هو اُن دولت کان آزاد آهي ۽ اُهو مون پنهنجي خوشيءَ سان تنهنجي حوالي ڪيو آهي، پنهنجي محبوب جي حوالي! ها، مان هن سان نفرت ڪندي آهيان. هُو ڏاڍو جاهل ۽ بيوقوف آهي. هِن جي هر حرڪت، هِن جو هر لفظ، هِن جو هر خيال مون کي بيزار ڪندو آهي. منهنجي جسم ۾ باهه لڳي ويندي آهي. تون هِن جي بيوقوفين کي سادگي شرافت سمجهين ٿو. هن جي جهالت کي اعتماد ڄاڻين ٿو. ڇا هِن جهڙو ڍڳو اڄ تائين توکي نظر آيو آهي؟ هن جي اکين جي سامهون گذريل پنجن سالن کان اِهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ هُو بنهه بي خبر آهي! هِن کي ڪڏهن اسان تي شڪ ناهي ٿيو. هو توکي پنهنجو بهترين دوست ۽ مون کي وفادار زال سمجهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن هن گڏهه تي مون کي اهڙي ته ڪاوڙ ايندي آهي، جو دل چوندي آهي ته هِن جي سُڄل ڳٽن تي چماٽ هڻي چوان: ”گڏهه! هي شخص، تنهنجو عزيز دوست، منهنجو محبوب آهي. ڇا توکي صفا سامهون اِها صرف حقيقت نظر نٿي اچي؟“

”اِهو ٺيڪ آهي، ڊارلنگ! پر پوءِ به احتياط ضروري آهي.“

”احتياط؟... هن انڌي جي سامهون.“

”اهو انڌو نه آهي، پر اسان تي بي پناهه اعمتاد ڪندو آهي. اعتماد جو اهو طلسم هڪ دفعو ٽٽو ته پوءِ ڪجهه به باقي نه رهندو.“

”خير، خير، تون ڏاڍو ڊڄڻو آهين. مان آئنده خيال ڪنديس ۽ تنهنجي هدايت مطابق پنهنجي ڪاوڙ کي ضبط هيٺ رکڻ جي ڪوشش ڪنديس. پر اِها ڪيڏي ته تعجب جي ڳالهه آهي جو تون اڄ ڏينهن تائين هن کان منهنجي نفرت جو سبب نه سمجهي سگهيو آهين. اُن جي ابتڙ تون هِن جون تعريفون ڪندو آهي. ڏاڍي خلوص سان هِن سان ملندو آهين. مرد به الائي ڪيئن هوندا آهن؟“

”اُن کي دنياداري چوندا آهن، ڊارلنگ!“

”سوال بيوفائيءَ جو نه پر احساسن جو آهي. توهان مرد لڪي ڪري هڪٻئي کي دوکو ڏيندا آهيو. شايد انهيءَ ڪري توهان پنهنجي مخالف کي وڌيڪ پسند ڪرڻ لڳندا آهيو. هن لاءِ توهان جي دل ۾ نرمي پيدا ٿي ويندي آهي، پر اسان عورتون پنهنجن مڙسن سان بيوفائي ڪنديون آهيون ته اسان جي دل ۾ هنن سان نفرت پيدا ٿيندي آهي.“

”تنهنجو مطلب آهي ته مان هڪ تمام سٺي شخص سان فقط ان ڪري نفرت ڪريان ته هن جي زال مون تي مهربان آهي؟“

”اُف! توکي ته سمجهائڻ ڏکيو آهي. تون سمجهي ئي نٿو سگهين ۽ اهي ڳالهيون لفظن ۾ بيان به نه ٿيون ڪري سگهجن. مردن ۾ شايد احساس جو جذبو ناهي هوندو. اُنهن کي ته بس جانورن وانگر صرف هوس جي بُک اُٿندي آهي. اُهي صرف هڪ ئي جذبو رکندا آهن ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ خود غرض ٿي ويندا آهن ۽ ڪجهه به ڪري ويندا آهن.“

جوليءَ جي اکين ۾ هڪ خاص قسم جي چمڪ تري آئي. هن جي سهڻن چپن تي هڪ شرارت سان ڀريل مُرڪ ظاهر ٿي. هوءَ ليموزين جي اڃان وڌيڪ ويجهو آئي ۽ پيرن جي آڱرين تي بيهي هن اکيون بند ڪيون. ليموزين تڪڙ ۾ هن جي نازڪ ڪمر کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ورتو.

اُنهن کي ڪو آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو. نه اپارٽمينٽ جي داخلي ڪلف ۾ چاٻي گهمڻ جو آواز، نه دروازي کُلڻ جي آهٽ، نه پيرن جو آواز. پهريائين جوليءَ جي نظر پنهنجي مڙس تي پيئي. هوءَ رڙ ڪري ليموزين کان الڳ ٿي. پوءِ ٻيئي مُڙي پيرنٽ جي سامهون بيٺا. هُو اُنهن جي سامهون بيٺو هو. هِن جي چهري تي باهه ٻري رهي هئي، اکيون ڄڻ ٻاهر نڪري آيون هئس. هِن ڪو لفظ مُنهن مان ڪڍڻ کان سواءِ پنهنجي بهترين دوست تي جهڙپ هنئي. ليموزين بيهي نه سگهيو ۽ قالين تي ڪِري پيو. پيرنٽ هن جي مٿان چڙهي پوري طاقت سان هن کي گهُٽو ڏيڻ لڳو. جوليءَ کي يقين ٿي ويو ته هن جو مڙس اڄ ليموزين کي صفا ماري ڇڏيندو. هن وحشت ۾ شينهڻ وانگر پنهنجي مڙس تي جهڙپ هنئي. هن جي آڱرين جا ڊگها ڊگها ننهن پيرنٽ جي نڙيءَ ۾ گهڙي ويا. هن پنهنجن ڏندن سان پيرنٽ جي ٻانهن ۾ زور سان چڪ پاتو. پيرنٽ ڪجهه دير برداشت ڪيو، پوءِ تڪليف کان هن ليموزين کي ڇڏي ڏنو ۽ قالين تان اُٿندي جوليءَ کي هڪڙو زور سان ڌڪو ڏنو، جو هوءَ پري وڃي پيئي.

هو وڙهڻ جهڙو ماڻهو نه هو ۽هن کي سمجهه ۾ نه پئي
آيو ته ڇا ڪري. هن جو ساهه ڪجهه درست ٿيو ته هن رڙ ڪري چيو:

”نڪري وڃو هتان توهان ٻيئي، هاڻي هن ئي وقت هڪدم نڪري وڃو.“

ليموزين قالين تي بي هس ۽ خاموش پيو هو. هن جو ذهن اڃا تائين اُن صورتحال کي پوريءَ طرح سمجهي نه سگهيو هو. هو حيران ۽ ڊڳل هو. جولي هڪ ننڍي ميز کي ٽيڪ ڏيئي هوريان هوريان اُٿڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هن جا وار کُلي ويا هئا، ۽ لباس بي ترتيب ٿي ويو هئس. هوءَ حيرت مان پنهنجي مڙس کي گهُوري رهي هئي، ڄڻ هن جو نڙگهٽ ڏندن ۾ وجهي رت پي ويندي.

”توهان ٻيئي منهنجي گهر مان فوراً نڪري وڃو،“ پيرنٽ رڙ ڪري چيو.

جوليءَ محسوس ڪيو ته هن جي مڙس جي چريائپ ختم ٿي ويئي آهي. هن جو حوصلو وڌيو. هوءَ سڌي ٿي بيٺي ۽ ڪجهه قدم پيرنٽ ڏانهن وڌي چيائين: ”تون چريو ٿي ويو آهي. تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي. هن تماشي جو مطلب ڪهڙو آهي؟“

پيرنٽ تي ٻيهر چريائپ ظاهر ٿي. هن اڳتي وڌي پوريءَ طاقت سان پنهنجي زال جي چهري تي چماٽ وهائي ڪڍي.

”اُگهاڙي.... رنڊي..... نڪري وڃ هِتان.... مون هڪ هڪ لفظ ٻُڌو آهي توهان ٻنهي جو.... توهان ٻيئي دنيا جا ذليل ترين انسان آهيو.... مون پنهنجن ڪنن سان سڀ ڪجهه ٻڌو آهي... مان ڪاڏي ويو نه هئس، مان گهر ۾ لڪل هئس.... نڪري وڃو توهان ٻيئي.... نه ته.... نه ته.... مان توهان ٻنهي جو خون ڪري ڇڏيندس.“

جولي اندازو لڳايو ته هاڻي هِن جو کيل ختم ٿي ويو آهي. هاڻي هوءَ گذريل ڳالهه کي ٻيو رنگ نٿي ڏيئي سگهي. هن جي مڙس سڀ ڪجهه ڏسي ورتو آهي. هاڻي بي گناهي جي وضاحت ڪرڻ جو وقت نڪري ويو آهي. هن بي پرواهيءَ مان چيو: ”اُٿ ليمي ڊيئر!... هِن شخص پنهنجي گهر جا دروازا مون تي بند ڪري ڇڏيا آهن... هاڻي مان تُنهنجي گهر هلنديس.“ هن اڳتي وڌي ليموزين کي لوڏيو ۽ پوءِ ٽيڪ ڏيئي هن کي اُٿارڻ ۾ مدد ڪئي.

”اچ دوست!... هل.... هيءُ شخص چريو ٿي ويو آهي.“

اُهي ٻيئي هوريان هوريان دروازي ڏانهن وڌيا. ليموزين هن جي پويان ائين هلي رهيو هو ڄڻ ڪنهن کي ننڊ ۾ هلڻ جي بيماري هوندي آهي. مڙس جي خلاف رڳ رڳ ۾ ڀريل نفرت جوليءَ جي چهري تي ظاهر ٿي پيئي هئي. هن نفرت مان پنهنجي مڙس کي گُهوري ڏٺو. ڄڻ ڪو اهڙو ڦٽ ڏيڻ گهري پيئي جيڪو سڄي عمر ”ناسور“ ٿي رسندو رهي. پوءِ ڪو خيال هن جي ذهن ۾ آيو. هن مضبوط لهجي ۾ مڙس کي مخاطب ٿي چيو: ”مان پنهنجي پٽ کي پاڻ سان گڏ وٺي وينديس.“

پيرنٽ حيران ٿي ويو. هن جي زبان بند ٿي ويئي: ”تون... تنهنجو ٻار؟.... ها..... هڪ رنڊيءَ جي اهڙي همٿ.... بي حيا!“

جوليءَ جي چپن تي هڪ اطمينان پر زهر سان ٻُڏل مُرڪ اُڀري آئي. هوءَ اطمينان سان مڙس وٽ پهتي. ”ها، منهنجو ٻار... هن تي تنهنجو ڪو به حق نه آهي، موسيو پيرنٽ!.... ڇو ته هُو تنهنجو نه آهي، سمجهيهءِ؟.... تون هن جو پيءُ نه آهين، ليموزين هن جو پيءُ آهي.“

پيرنٽ جي نڙي مان ڏک سان ڀريل رڙ نڪتي. ”ڪوڙا.... تون پهرئين درجي جي ڪميڻي آهين.... ڪيڏي صفائيءَ سان ڪوڙ ڳالهائي رهي آهين.“

”بيوقوف! هڪڙو توکان سواءِ سڀني کي خبر آهي ته جارج جو پيءُ ڪير آهي.... تُنهنجو ٻار.....! هُنهه!“

پيرنٽ ٿاٻڙجندي پوئتي ٿيو. هن جو چهرو ڌوتل ڪپڙي وانگر سفيد ٿي ويو هو. پوءِ هو اُتي نه بيٺو ۽ ڊڪندو پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ اچي هنڌ تي ڪِري پيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هن کي جارج جي روئڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جيڪو نند مان اُٿارڻ تي روئي رهيو هو. پوءِ اپارٽمينٽ جي ٻاهرئين دروازي جي بند ٿيڻ جو آواز آيو ۽ هر طرف گهري خاموشي ڦهلجي ويئي.

پيرنٽ اڪيلو ٿي ويو. هلندڙ پنج هفتا پيرنٽ لاءِ ڏاڍا سخت هئا. نوڪرياڻي کي پهرئين ئي ڪڍي ڇڏيو هئائين. هن جي زال جي نوڪرياڻي به هلي ويئي هئي. اپارٽمينٽ ۾ هو صرف سمهڻ ۽ ڪپڙا بدلائڻ لاءِ ايندو هو، باقي سمورو وقت هُو گهٽين ۾ رلندو وتندو هو يا شراب خاني ۾ ويٺو وقت گذاريندو هو. ماني به هو مختلف هوٽلن ۾ کائيندو هو. بدنامي کان بچڻ لاءِ هن پنهنجي وڪيل جي مشوري تي زال ۽ ٻار لاءِ ماهوار خرچ مقرر ڪيو هو، جنهن جي ادائگي هن جي بئنڪ ۾ ذمي هئي.

شروع شروع ۾ هن کي ڏاڍو عجيب لڳندو هو. هن کي پنهنجي وجود کان به چڙ ٿي ويئي هئي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ هن کي پنهنجي ٻار جي ياد ڏاڍو تنگ ڪرڻ لڳي. راتين جي خاموشيءَ ۾ هن کي جارج جي قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ڪڏهن ڪنهن ڪمري مان ”پاپا، پاپا“ جو آواز ايندو هو ۽ هو بيقرار ٿي ويندو هو. هڪ رات ته اِهو آواز ايترو ته صاف هو جو پيرنٽ ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿيو. هن اُٿي دروازو کوليو ته پڪ سان هن جو پٽ موٽي آيو آهي! جڏهن ڪو جاندار يا ڪبوتر سال جدا رهڻ کان پوءِ به پنهنجي مالڪ وٽ واپس موٽي اچي سگهي ٿو ۽ پوءِ جارج ته انسان جو ٻچو آهي. ”هن کي به ته منهنجي ياد ايندي هوندي. مان ته هن جو عادي هيس.“

جارج نه آيو ۽ پيرنٽ ائين ئي پنهنجي پاڻ کي دوکو ڏيندو رهيو. هُو ڪلاڪن جا ڪلاڪ جارج جي باري ۾ سوچيندو رهندو هو. ”الائي هو ڪيئن هوندو؟“ هُو تصور ۾ هِن کي پنهنجي سيني سان لڳائي پيار ڪندو هو. ڪڏهن هِن سان کيڏندو هو ۽ ڪڏهن هِن جي آڱر جهلي باغ ۾ وٺي ويندو هو. ڪڏهن هِن کي ايئن محسوس ٿيندو هو ته جارج پنهنجون ننڍيون ننڍيون ٻانهون هِن جي ڳچيءَ ۾ وڌيون آهن، يا پنهنجن ننڍين اڱرين سان هن جا وار ڇڪي رهيو آهي. سڄي ڏينهن ۾ هزار ڀيرا هُو پاڻ کان سوال ڪندو هو ته ”ڇا هو واقعي جارج جو پيءُ نه آهي؟“ راتين جو دير دير سان پاسا ورائيندي هُو پنهنجي پاڻ کي تسلي ڏيندو هو ته ”جارج هن جو ئي رت آهي، ۽ جوليءَ جيڪو ڪجهه چيو آهي، اُهو فقط انتقامي جذبي ۽ اذيت ڏيڻ لاءِ چيو آهي.“ اِهو منظر هن جي اکين جي سامهون اُڀري ايندو هو، جڏهن معافي وٺڻ جو وقت گذري چڪو هو ۽ جوليءَ وٽ ڪاوڙ ۽ نفرت کان سواءِ ڪجهه نه رهيو هو. اهڙيءَ حالت ۾ جولي ڪجهه به بڪواس ڪري سگهي پيئي. ممڪن آهي ته اِها ڳالهه ائين ئي هن جي زبان مان نڪري ويئي هجي. پوءِ ته هن کي پنهنجي اِن ڳالهه تي قائم رهڻو ئي هو. هن کي هونئن به هر قيمت تي پنهنجي ٻار کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻو هو ۽ اهڙي نموني هن هڪ تير سان ٻه شڪار ڪيا. قيمت تي پنهنجي ٻار کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي ۽ پيرنٽ کي سچي زندگيءَ جو سور ڏيئي ويئي هئي. اِها سزا ته موت کان گهڻو وڌيڪ سخت هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com