علي آڪاش
نوٽ: سڳوري سنڌي شاعري ۽ موسيقيءَ جو هڪ اهم ۽
منفرد دُلاور ديس آهي، جنهن جو وڏو ۽ مکيه ثبوت
سنڌ جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو روح کي
ڇُهندڙ ڪلام آهي. موجوده زماني ۾ جديد سنڌي
شاعريءَ ۾ شيخ اياز جون نالو نمايان طرح ساهه کي
سيبائي رهيو آهي. اِن سلسلي ۾ نئين ٽهيءَ جي
لاتعداد شاعرن اِن روايت کي اڳتي وڌايئندي، سنڌي
شعري ادب ۾ قدر لائق واڌارو ڪيو آهي. 15- اپريل
1975ع تي جنم وٺندڙ علي گوپانگ (”علي آڪاش“) جديد
سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي جرڪندڙ شاعريءَ سان هڪ خاص
رنگ ۽ آهنگ جو مالڪ آهي، جنهن جو ڪجهه ڪلام هتي
پيش ڪيو وڃي ٿو. اميد ته مهراڻ جي مانوارن پڙهندڙن
وٽان قدر افزائي ۽ مڃتا جي موٽ ملندي.
نظم
اسين پرديس جا پنڇي
رُلون ٿا ديس تنهنجي ۾
جتي ديرا به اوڌارا
ته آکيرا به اوڌارا
سويري ساڻ ئي بي انت اوجاڳا
کڻي بي خواب اکڙين ۾
وڃون ٿا ڏور ڍورن ڏن
جتي ڪوئي نه ڪنهن جو آ
جتي پنهنجو پرائو آ
اسان جي چهنب ٿي چاهي
ٻه ـــ ٽي موتي چُڳڻُ چونڊڻُ
سڄوئي ڏينهن لوڙيون ٿا
سڄي ڇاڇر ڇڇوليون ٿا
پتڻ تي جئن سُري سانجهي
ٻه ـــ ٽي ڪارا اڇا ترڇا
کڻي ڪنڪر ڪنارن جا
لتاڙيل واءَ تان وهندي
پڄون ٿا روز آکيري
جتي اونداههَ آڳانجهي
کنڊيري کنڀ ساهيون ٿا
ته پنهنجي ديس جا اُڌما
اُٻڙڪا اوچتو ڏيئي
اندر جي ٺوٺ ڌرتيءَ مان
ڦٽن ٿا گرم چشمن جان:
ڀنيءَ جي بيد مشڪن جي
کَٽي خوشبوءِ جون ڳالهيون
سموري باغ سان اوري
اُڏڻ آڪاش ۾ آزاد مستيءَ مان
ڪَڙن جا ڇانورا گهاٽا
تتيءَ جي ويل ساين چُهچ ٽارين ۾
ڪنهين جي چهنب سان چهٽڻ
رسڻ پرچڻ
کِلڻ کيڏڻ
ٺري جئن ڏينهن اُڏرڻ ۽
لهڻ ڪن اڻ ڏٺل اڱڻن مٿان
اِهي رولاڪيون
بي باڪيون
آڻيون ڪٿان؟
ماڻيون ڪٿان؟
هِتي هِن ديس تنهنجي ۾
جتي هر ساههُ قرضي ا
سندي ڪائي نه مرضي آ
جتي ٻرندڙ جوانيءَ جا
پوتر پل وسامن ٿا
ته لاحاصل سندو احساس ٻوڙي ٿو
ولوڙي ٿو
لڳي ٿو ايئَن وينداسين
ڇڊيءَ ڪنهن ڇاڇ جان بنجي
اسين پرديس جا پنڇي.
نظم
سج سُريکو گهوڙو آهي
هليو ويو آ پڇم ـــ پار
سُنبن جو ساز اُجهي ويو آهي
باقي آهي ڌوڙ فضا ۾
چوڌاري انڌيارو آهي
روشن ڪوبه نه چارو آهي
شايد پنڌ ۾ چنڊ مسافر
ٿڪجي ٿڪجي آرامي پيو آ
اُڀ جي دل اڄ خالي آهي
تارا ڄڻ ته سپاهي آهن
ويڳاڻا سالار سوا هُو
جنگ جو طبل وڄائن ڪيئن؟
ٻاٽ جو ٻکُ ڇڏائن ڪيئن؟
پوءِ به ٽمڪي ٽمڪي پنهنجو
هئڻ جتائڻ بيٺا
هوشوءَ وانگي
دشمن کي ڌمڪائن بيٺا
تن جي هيٺان بي سُڌ
سڀڪو سک سمهڻ لئه آتو
سڀ ڪنهن ڄاتو!
جڳ جي جاڙ اُجاڙ اڳيان هُت
هُن ويراني
الڳ ٿلڳ ڪا جهوپي آهي
سا جهوپي منهنجي دل آهي
جنهن ۾ روشن ڏيئي وانگي
تنهنجي سڪ جلي ٿي.
غم جي رات ڍلي ٿي
جئن تئن رات گذاري ڇڏبي
ها پر هيءُ ارمان نه ويندو
منهنجي ذات صراف اُنهيءَ وٽ
ڪائو ڪچ نه اگهجي
منهنجي اک به لک لهي ٿي
جنهن جي تاڙ ئي ڪسوٽي آ
مُلهه به ڄاڻي مَٺ به ڄاڻي
تنهنجي ذات به سون ڪچي جان
جنهن ۾ آءٌ پسان ٿو تنهنجو
اصلي روپ جنهين ۾
سونهن به آهي سچ به آهي
توکي آءٌ گهڙڻ ٿو چاهيان
پر تون منهنجي ڪانه مڃين ٿي
منهنجون ماهر هٿڙن کان تون
ونءُ وڃين ٿي
سندم تصور منجهه اچي جي،
پاڻ پسين
دم نه مون کان دور وَسين
تون جا منهنجي ذات نه ڄاڻين
ڏات نه ڄاڻين
پوءِ به مون ۾ ڏيئي وانگي
تنهنجي سڪ جلي ٿي
غم جي رات ڍلي ٿي.
نظم
تون جا مون کان ڌار رهين ٿي
پوءِ به مون ۾ تار وهين ٿي
تنهنجا سهسين رنگ پسان ٿو
آلا آلا انگ پسان ٿو
جهڙ جان توتي ڇانءَ ٿيان ٿو
دل ته چوي ٿي توتي برسان
تِر نه ترسان
شهر جا سارا لنگهه لتاڙي
منهنجي پاڙي
تنهنجي خوشبو آئي آهي
مهمانن جان
اُن جو آڌر ڀاءُ ڪريان ٿو
کولي ٻانهون،
اُن کي اوري آءُ چوان ٿو
ڇا تون ائن مهمانَ نه ٿيندينءَ
رات مٿان جئن چنڊ ڪندو آ
اهڙو ڪو احسان نه ٿيندينءَ
منهنجي هن نادانيءَ کي ڪو
مان نه ڏيندينءَ
ڪڏهن نه ايندينءَ؟
ڇو تو ائين وساريو آهي
ڇو تو ڪڏهن شام پڄاڻان
هِن چائنٺ تي
پنهنجن پيرن جي پايل سان
ڪوئي ديپ نه ٻاريو آهي
اڄ به اچين جي چيٽ چِڪيل آ
ان جي واس ورن ۾ ورتل
چانڊوڪي به ڀنڀوليل آهي
جيسين نيڻ نهار وڃي ٿي
سُرهي سَرنهن ڦهلاريل آهي
ها، پر هيءُ جو ڦوهه ڦٽين جئن
ڦُٽي پيو آ
اُن جو چونڊو ڪير ڪري
هاءِ! اچين جي پير ڀري
گهڙيون ڪماڻيل هارن وانگي ڪين ٿين
پيار به ڀيليل ٻارن وانگي ڪين ٿين
وچ ٻنيءَ ۾ ماري اڇليل
ڪاريهر جان وِرههُ ملي
وصل جي سيج وڇائي ٿئي
پوري عمر سجائي ٿئي
پوري عمر سجائي ٿي.
نظم
دؤر منهنجي جي ڳهيلي نازنين!
ٿيڻ ته ائن گهربو هيو
تون ادا ۽ ناز جو ڪو
ڄار ڦهلائي ڇڏين ها.
ڪيترن ئي عاشقن جون
ڦٿڪندڙ ۽ تڙپندڙ پاڳل دليون
ميڙي کڻين ها
۽ نگاهن جي سرابن ۾ سوين
هردا اُڃارا دوڙندي ۽ سهڪندي
ماري ڇڏين ها
سونهن جي هن مچ ۾
سنگدليءَ ۽ بي رخيءَ سان
ڪَرُ کڻي ايندڙ پتنگن جون ڳچيون
ڳاري ڇڏين ها
تون چُنيءَ جا پاند لهرائي مُٺو ماحول
مهڪائي ڇڏين ها
چنڊ جي ڪنهن رات ۾
ساحل مٿان گهمندي ڪڏهن
وارَ کولي
ويرَ ۾ هيءَ کير جهڙي
چاندني رولي ڇڏين ها
ها مگر
او دؤر منهنجي جي ڳهيلي نازنين!
ايئن تو ناهي ڪيو
تو ته پنهنجي حُسن کي پُٺتي رکي
عشقکي اڳتي ڪيو
تون ته ليليٰ
جا اشاري سان ستارن کي سڏي
صحرا سڄيءَ جا جهوپڙا روشن ڪري
چوٽ تي چڙهندو جوالا
هيٺ هِڻ هِڻ هڻڪندڙ
لُوءَ جي بدمست گهوڙن جون مهارون
مُرڪ سان روڪي ڇڏي
جيڪڏهن ٽوڪي ڇڏي
جهونين کجين جون
سيءَ ۾ ڀي کارڪون رَسجي وڃن
او حسن جي جلوه گريءَ کان اوپري
ڇو ڀلا تون
پاڻ کي مجنونءَ جيان رولين پئي
محبوب پنهنجي جي گهٽيءَ ۾
سنگبازي گلريزيءَ وانگيان
سمجهين پئي
۽ جڏهن لڱ لڱ ڦٽائي
جسم جون ليڙون رڱائي
هُن اڳيان پهچين پئي
هو جي آهي بيوفا
پو به تنهنجي عاشقيءَ جي
هن اياڻيءَ آرزوءَ کي
چند چمين جي ڏئي
خيرات راضي ٿو ڪري
ٻن گهڙين لئه ٻَک جي
ڳاني ٻڌي تنهنجي ڳچيءَ ۾ ٿو چوي:
آنءُ جنمن لاءِ تنهنجو
پيار منهنجو هار وانگي
هيئَن تُنهنجي ئي ڳلي جي لاءِ آهي
آس ۽ ارمان جي آڪاس تي
چمڪندڙ هي چنڊ تُنهنجا
ڪهڪشائن جا سمورا دڳ تنهنجا
دنگ تنهنجا روح ۾ رچندڙ ولين جا
هي ڪڪوريا رنگ تنهنجا
ونگ تنهنجا
مون جواني جهول ۾ ڦولن جيان آڻي رکي
تنهنجي اڳيان
زندگيءَ جي ساز ۾ هي سُرَ تنهنجا
جئن ڪنن ۾ ڪُرَ توکي
ايئَن تو سان زندگيءَ ڀر ساڻ آهيان
آءٌ هاڻي آءٌ ناهيان
۽ تڏهن تون
ٽوڪ چٿرون ۽ ٺٺوليون
طنز وارا ٽهڪ سارا
گهاءُ سارا چهڪ سارا
پنڌ وارو ٿَڪُ سارو
ڀُورين وانگي بدن جي ڪنڌين تان
جهٽ اُڏائي ٿي ڇڏين
ڇپرن سندا پو بند ڏيئي
لڙڪ روڪي هٿ هُن جا
ٿڙڪندڙ ڪوسين چپن سان ٿي چمين
۽ جڏهن موٽي اچين ٿي پيچرن تان
پير تُنهنجا
ڪنهن نئين اتساهه مان کڄندا اچن ٿا
اڻ ٻڌيءَ ڪنهن تال جان وڄندا اچن ٿا
۽ جئن گهر اچي
کٽ تي ڍُرڪي پوين ٿي،
لام نوڙي ننڊ جي
نيڻ تنهنجا ٿي چمي
تون تڏهن ڪو هيئن سپنو ٿي ڏسين!
(جيڪو خيالِ خام آهه)
ڪنهن لڙاٽيل واهه مان
ٻُڪ ڀري
ڪجهه ڍُڪ اوتي
تون نڙيءَ جي نالين ۾ اٽڪيل
ٿي هٽائين سڀ سُڏڪا سسڪيون.
۽ کِلي ٿوري ٽِلي پو ٿِي نهارين
ڏور لالائي اُفق جي
ايئن ٿي ڀانئين ته آهين پاڻ ويٺي
ڪنوار وانگي سيج تي سينگارجي
۽ جڏهن هوءَ
جاڳ جي جهوني اچي ڌُوتين جيان
شور برپا ٿي ڪري
ڪر موڙي تون اُٿين ٿي
نيڻ مهٽي
رئو سنڀالي
ريشمي چولو ڏسي
ڇڙواڳ وارن کي ٻَڌي
غسل خاني ۾ گهڙين ٿي
۽ جڏهن ٻاهر اچين ٿي
وار ڪارا آلا آلا
تون ڇنڊين ٿي
موتئن جي مهڪ سان آڳر وڃي ٿو واسجي
او چري! ٿورو ٻڌاءِ
موتئن جو مُلهه ڇاهي؟
ڪَٿ اهڙي ڇا ڪڏهن مطلوب تنهنجي آ ڪئي!؟
محبوب تنهنجي آ ڪئي؟
شهر ساري کي خبر آ
هو سدائين لذتن ۽ ذائقن جي پوئتان
روز ٿو لاهڻ گهري
شوق جي گلدان ۽ تازا گلاب
روز ٿو سوچي اِهو
ڪنهن نڪوري چنڊ کي آغوش ۾ ڪيئن آڻجي
ڪيترا جوڀن لتاڙي آ چڪو هو تو سميت
پو به تون هُن لاءِ ڪيڏي منتظر
او! بي خبر، ڪجهه بي قدر
تون ته منهنجو پيار پهريون
ويجهڙو هوندي به تو ڄاتو نه آهي
توکي پائي ڀي ته مون پاتو نه آهي
مون ته سمجهيو تون ملين آن
ڪجهه نه هاڻي ڳولهجي،
تنهنجين اکين جي نرم گهورن جي حياتيءَ جو
سمورو ٿڪ ترسي لاهجي
تنهنجي بدن جي باک ۾
پنڇيءَ جيان ڪجهه ٻولجي
پر تو نه ڄاتو تات کي
منهنجي قداور ذات کي
مان ته شاعر
ڪاڻ ڪنهن جي، جنهن ڪڏهن ناهي ڪڍي
آڻ ڪا ناهي مڃي
پر ڇڏي سنسارُ سارو
تنهنجي چانئٺ تي رُڪيس
آڪاش هوندي
تنهنجي پيرن تي جُهڪيس
پو به تون جي سون جهڙي هيءُ جواني
جهول منهنجي ۾ وجهڻ چاهين نٿي
ٺيڪ آهي
ڀَل نه منهنجي گام سان تون گام گڏ
مون کي منهنجي زندگيءَ ۾ ايئَن بي ترتيب ڇڏ
مان ته توکان دور، تنهنجي درد سان
جيءُ جالي ٿو سگهان
پاڻ پالي ٿو سگهان
تون ته پوپٽ جي پرن جان
آنهه نازڪ ۽ نفيس
عشق جي هن انڌ جي ٻرندڙ ڇهاءُ
رنگ تنهنجا ڀي اُجاڙي ٿو سگهي
روپ تنهنجو ڀي بگاڙي ٿو سگهي
تون ڪڏهن ڪا راءِ منهنجي
سوچ سان ناهين سڃيندي
ميڇ ڪا ناهين مڃيندي
جيڪڏهن اَرهي نه ٿئين
هيءَ ڳالهڙي تو سان سليان
هٿ وٺي توکي جهليان
چلولي هُن شخص جي آڏو جُهڪڻ
ايترو ناهي سهي
هٿ هُن ڏان ٿي وڌائين
هٿ هُن جا ڦسڪڻا ۽ ترڪڻا
چيڪلي ڪئن چاهه تنهنجي جي اچي
ساهه هُن جا ڇرڪڻا
ياد هُن جيءَ جو پکي
جيءَ جارين تان اڏائي ڇڏ ته اڄ
هُڻ جي ڪوڙن واعدن جي
سُرت تانهيءَ پيلي شال لاهي ڇڏ ته اڄ
۽ وڃي ڪو چونڊ اهڙو
هم قدم همراز همدم هم سفر
جو سدا لئه تنهنجي جلون جي نگر ۾
روح واري رَٿَ کي روڪي رکي
جو سدائين سونهن تنهنجيءَ جي انوکي
آرسي اُگهندو رهي.
|