سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1 ۽ 2 / 2002ع

 

صفحو :10

مُهاڻا اُها سنڌي ڳالهائين ٿا جا سنڌ جي ٻهراڙين ۾ استعمال ۾ آهي. اُن هوندي به ٻهراڙيءَ جي ثقافت ۽ زبان جي معاملي ۾، مهاڻن کي ڪي قدر انفراديت به حاصل آهي. ناکئا اڄ به موهن جي دڙي جي بلڪل سامهون، درياهه جي ٻئي طرف خاص قسم جي ميلو منعقد ڪندا آهن. اهو ميلو ٻوڏ جي مند کان ڪجهه وقت اڳ ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٻيڙين جي ڊوڙ، ترڻ، ناچ ۽ ڪي ٻيا جشن منعقد ڪيا وڃن ٿا. حقيقت ۾ هي تقريبون قديم آهن ۽ اُنهن جون پاڙون موهن جي دڙي ۾ کتل آهن.

کوجنائن ذريعي ميسوپوٽيما ۽ سنڌو ماٿر ۾ واپاري لاڳاپن جو پتو پيو آهي. درياهه ذريعي سوين اقتصادي ۽ مذهبي ڳانڍاپن جو پتو، ’اُر‘ ۽ ’اڪاد‘ جي حڪمران ’سارگن‘ کان وٺي، آئرن لارسا جي دؤرن (2380-1900 ق. م) تائين ملي ٿو (21). عالمن ۾ ميلوها، مگن (مڪن) ۽ دلمن جي سڃاڻپ ۾ لڳ ڀڳ اتفاق ڏسجي ٿو. محققن ’ميلوها‘ جي درآمدي شين کي سنڌو ماٿر جي پيدائش سان ڀيٽيو آهي، ۽ ان ڳالهه تي به اتفاق آهي ته ’ميلوها‘ اصل ۾ سنڌو ماٿر وارو ماڳ آهي (22-23). مُڪر جي چوي ٿو ته قديم زماني ۾ سامونڊي واپار دراوڙن جي هٿ ۾ هو، جيڪي درحققت سنڌ جي اڄوڪي دور جي ماڇي ۽ مهاڻان قبيلن جا ابا ڏاڏا هئا (24). اها ڳالهه هن حقيقت ذريعي ظاهر ٿئي ٿي ته موهن جي دڙي مان لڌل مُهرن تي ٻيڙين تي اهڙا آثار ملن ٿا (25). جهڙيون ٻيڙيون موجوده دور ۾ درياهه سنڌ اندر مهاڻا ڪتب آڻين ٿا. سنڌوءَ تي هلندڙ ٻيڙين جي آڳل ۽ پاڇل اُڀريل آهي.... ساڳي شڪل، جا ڪجهه وڌيڪ صاف آهي، موهن جي دڙي مان لڌل پڪي مٽيءَ جي ٽڪنڊي تعويذ جي صورت ۾ به ملي آهي (26). هن تعويذ تي وڌيڪ دلچسپ شڪل هي آهي ته ٻه پکي نهايت سجايل طريقي سان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اڄ سوڌو پکين کي مهاڻا هن طرح سينگاريندا اچن ٿا. ٻيڙين تي پيڻ پکي ۽ پيٽوري (ماهي خور پکي) چٽڻ جو هڪ خاص مقصد آهي. سنڌ جي فطرتي دنيا جو ڄاڻو جيمس مُري جو خيال آهي ته هي پکي ماهي خور هجڻ سبب مڇيءَ سان وڏو هاڃو ڪن ٿا (27). اِهي شڪار جي خيال کان اُتاهينءَ تائين هيٺ لامارو ڏين ٿا، ۽ غوطا هڻي تيزيءَ سان مناسب وزن جو شڪار ڪري سرخرو ٿي واپس ٿين ٿا. گهڻو ڪري مهاڻا هر ٻيڙيءَ ۾ اِهي پکي پاڻ سان رکن ٿا. جڏهن مڇي ڄار ذريعي آسانيءَ سان دستياب نه ٿئي، تڏهن هن مقصد لاءِ پکين جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. پکين جي ڳچيءَ ۾ ڳاني وجهن ٿا، جنهن سبب پکي شڪار ڪيل مڇي ڳهي نٿا سگهن مڇيءَ کان سواءِ پکين جو شڪار به مهاڻن جي آمدنيءَ جو هڪ وڌيڪ ذريعو آهي. پکين جو شڪار ڄار ذريعي ٿئي ٿو. اُنهن جون عورتون جدا جدا ڌنڌن ۾ مصروف رهن ٿيون.

علم الانسان جي ذريعي پاڻي ۽ زمين ۾ رهندڙ هن قبيلي جو اڀياس ٿيڻ کپي. هن ڏس ۾ ٻيڙين جو گهر وارو حصو خاص ڌيان گهري ٿو، جنهن ۾ ڪاٺ جي اُڪر ذريعي تصويرون ٺهيل آهن. هي نقش نگار، سنڌو تهذيب جي دور ۾ ٿيندڙ سنگتراشي يا شڪلين ٺاهڻ واري روايت جي هڪ علامت آهن. مهاڻن جي ٻولي ۽ خاص ڪري محاورا توڙي چوڻيون اهميت جوڳا آهن. اُنهن جو اڀياس موهن جي دڙي جي رسم الخط جي مطالعي ۾ مددگار ٿي سگهي  ٿو (28).

حوالا ۽ حاشيا

(1) Allchin Bridget, Ethnoarchaeology in Sonth Asia, in South Asian Archaeology (1983), Naples, 1985, pp. 21-33 (Vol. I)

(2) Fairservis, Walter A., Jr., Sir Mortimer Wheeler and I, Serie Orientale Roma, LVI, I Orientalia Josephi Tucci Memoriae Dicata,Rome, 1985, pp. 144-54.

(3) R. B. Seymour Sewell and B. S Guha in John Marshall Mohenjodaro and Indus Civilization (London, 1931), Vol. II, pp 599-648.

(4) D.K. Sen, Ancient Races of India and Pakistan- A study of Methods in Ancient India, 1967, No. 20 & 21, pp. 178-205.

(5) Wheeler, The Indus Civilization (Third Edition) Cambridge, 1968, p. 78. See also (a) Matrio Cappieri in W. A. Fairesrvis, Roots of Ancient India (London, 1971), Appendix K. pp. 425-437 and (b) Shaikh Khurshid Hasan, ‘The Burial Practices among the people of the Indus Valley Civilization, In International Symposium on Mohenjodaro Karachi, 16975.pp. 94-99.

(6) Parpola Asko, Interpreting the Idus Script, In Indus Civilization- New Perspective, Islamabad, 1981, pp. 117-31.

(7) Mahadevan, Iravatham, Terminal Ideograms in the Indus Script, In Harappan Civilization, New Delhi, 1982, pp. 311-17.

(8) Dani, A. H., The Indus Civilization-New Perspective, Islamabad 1982, pp. 10.

(9) Mughal M.?R., Present State of Research on the Indus Valley Civilization, Karachi, 1973, p. 23.

(10) Alcock, Leslie,Pakistan Quarterly, Karachi, 1952, Vol.2 (1), pp. 12-16.

(11) Dales, G.f., New Investigations at Mohenjodaro, Archaeology New York, 1965, Vol. 18(2), pp. 145-50.

(12) Mohenjodaro Preservation Plan (Ground Control), West Pakistan Power & Development Authority, Lahore, 1972,pp. 2. 1.

(13) Sallent feature in brief of preservation work of world vamous most. Ancient archaeological remains at Mohenjodaro, Report prepared by the Mohenjodaro Preservation Authority, Karachi (Un-published).

(14) Bunting, Ehel- jand W., Sindhi tombs and Textiles- The Presistence of Patterun, University of Mexico Press, U.S.A. p. 65.

(15) Gazetteer of Sindhi, Bombay, 1907, p. 178.

(16) Capt, T. Postans, Personal Observations on sindhi, 1943.pp. 100-05.

(17) Burton, Richard F., Sindh and the Races that inhabit the Valley of Injdus, Karachi (Re- print). 1973, p. 251-52.

(18) Cadell, S. P., Who are the descendants of the people of Mohenjodaro. Journal of the Bombay Anthropological Society Jublee, Vol. 1937, pp. 125-140.

(19) Ali Sadiq Shaikh. A short sketch of the Muslim Races in Sindh, Baluchistan and Afghanistan, Karachi, 1954, p. 60.

(20) Gazetteer of Baluchistan (Lasbela), Quetta (Reprint), 1986, p. 58.

(21) Mallowan, M., the mechanics of Ancient Trade in Western Asia, Iraq (III) London, 195. pp. 1-9.

(22) Parpola Asko, Recent Development in the study of the Indus Script, In sindh Through the Centuries, Karachi, pp. 74-75.

(23) Lamberg-Karlovsky, C.C., Sumer, Elam and the Indus: Three Urban Processes Equal One Struture, In ‘Harappan Civilization, New Delhi, 1982, pp. 61-68.

(24) Moookerji, Radha Kumunda, History of Indian Shipping and their own ships from earlier times int the Persian Gulf, Bombay, 1960. p. 62.

(25) Mackay, E.J.H., Further Excavation at Mohenjodaro, vol.I, New Delhi, p. 30. Clay models of boats have been found at lothal. See ‘Lothal & Indus Civilization, 1973 by S. R. Rao p. 124.

(26) Dales, G. F. , The South Asia Section ‘Expediton’, Philadelphia, 11.1., pp. 38-45.

(27) Murrary, J. a. , The vertebrate Zoology of Sindh – A Systematic Account, Richardson & Co., London, 1884-pp. 102.

(28) Hasan, Shaikh Khurshid & Ashfaque Syed Mohammad, ‘Mohenjodaro’. A 5000 years old Legacy, UNESCO, Paris, 1981, p. 38.

ڊاڪٽر محمد سليم اختر

سنڌيڪار: عبدالاحد جوڻيجو

”نصرت نامهء ترخان“ ـــ

هڪ تنقيدي جائزو

(نوٽ: نصرت نامهء ترخان“ تي هڪ مفصل اسٽڊي ”مهراڻ“ (3-4/2001ع) ۾ اڳ ۾ ئي ڇپجي چڪي آهي (از: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو). هي ڀرپور تنقيدي جائزو ملڪ جي هاڪاري اسڪالر ڊاڪٽر محمد سليم اختر تيار ڪيو آهي، جنهن جي پڻ وڏي اهميت آهي. ـــ ادارو)

بنا ڪنهن شڪ جي امير تيمور جو شمار دنيا جي عظيم فاتحن ۾ ٿئي ٿو. اُن جي دورِ اقتدار (771-7 هه /1969-1404ع) ۾ مارواء النهر واري علائقي کي اهڙي ته رونق ملي جو اُن جو مثال تاريخ ۾ اُن کان اڳ نٿو ملي. سمرقند هڪ اهڙي وڏي ۽ ويڪري سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ ٿيو، جنهن جون حدون نالي ماتر ئي سهي، دهليءَ کان دمشق ۽ خوارزم سمنڊ (Aral Sea) کان ايراني نار تائين پکڙيل هيون (1) پر هڪ ته تيمور جي فوجي ڪاهن ۾ هونئن ئي دنياداريءَ جي ڀيٽ ۾ حڪمراني ۽ توسيع پسنديءَ تي زور هو، ٻيو ته سندس فتحن واري طوفاني سلسلي اُن کي ڪڏهن اِها مهلت ئي نه ڏني جو ايڏي وڏي عظيم سلطنت جي انتظام ۽ بندوبست جو ڪو خاطر خواهه ۽ باقاعده نظام جوڙي سگهجي. اُن جو نتيجو اِهو نڪتو جو هوڏانهن هُن اکيون ٻوٽيون ۽ هيڏانهن سندس جاءِ نشين جي اباڻي قبضي مٿان گرفت گهٽجڻ لڳي. (2) شاهه رخ مرزا ابن تيمور (807-85 هه/ 1405-1447ع) قبضا گيريءَ واريون عمل کي ڪنهن حد تائين روڪيو، پر سلطان ابو سعيد مرزا (800-873هه /1451-1469ع) جي شهيد ٿيندي ئي اُن جي جانشين جون پاڻ ۾ رقابتون ۽ خانه جنگيون عروج تي پهچي ويون. جنهن جو لازمي نتيجو اِهو نڪتو جو تيمور جي عظيم الشان سلطنت آخري ڏينهن ۾ پنهنجي اصلي وجود جو پاڇو وڃي رهي ان سان هڪ ايران جي صفوي خاندان جي عروج ماوراء المنهر ۾ اوزبڪن جي اقتدار، ۽ خراسان ۾ ابوالغازي سلطان حسين ميرزا بايقرا جي عظيم علم دوست رياست جي وجود وٺڻ ۽ مستحڪم ٿيڻ جا رستا کُلي ويا ته ٻئي طرف سلطان ابو سعيد مرزا جي پوٽي بابر ماوراء النهر ۽ ڪابل ۾ لاڳيتيون مايوسيون ملڻ کان پوءِ برصغير ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجي خانداني قبضن واپس وٺڻ کي پنهنجو مقصد قرار ڏنو. بابر جي اِهائي سوچ آخرڪار هندوستان ۾ مغليه سلطنت جي بنياد پوڻ جو سبب بڻجي.

ماوراء النهر، افغانستان ۽ خراسان جي اُن سياسي خلقشار ۽ انتظامي عدم استحڪام جي وڌاري ۾ جتي ٻيا به ڪيترائي سبب هئا، اُتي منگول نسل جي ئي مهم جُو ۽ بهادر ارغون ۽ ترخان قبيلن جي سازشن کي پڻ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اِهي قبيلا هونئن ته تيمور جي ئي دور کان وٺي اُن جي فوجي مهمن ۾ هڪ نمايان ڪردار ادا ڪندا پئي آيا، پر تيمور جي جانشينن جي ڪمزورين کي ڏسي اُهي اقتدار جي مسند تي سڌيءَ طرح اثرانداز ٿيڻ کان پڻ پَرَ ساهڻ لڳا. شروعات ۾ ته اِها جماعت خود تيموري شهزادن کي ئي شطرنج جي مهرن جيان استعمال ڪري پنهنجي اقتدار واري هوس جي تسڪين حاصل ڪندي رهي پر پوءِ هڪڙو مرحلو به آيو جو بادشاهه جي ملازمت ڪرڻ بجاءِ خود بادشاهه ٿيڻ واري خواهش سندن دل ۾ پيدا  ٿيڻ لڳي. پر ايران ۾ شاهه اسماعيل صفويءَ جي بااختيار حڪومت، ماوراء النهر ۾ شيباني خان جي زير نگراني اوزبڪ اقتدر جي لواڌاري، ڪابل تي بابر جي مضبوط گرفت، هرارت ۾ ابوالغازي شاهه سلطان حسين ميرزا بايقرا جي موجودگي ۽ سنڌ ۾ سما خاندان جي اعليٰ دماغ، علم، پرور ، انسان دوست ۽ هر دلعزيز حڪمران ڄام نظام الدين نندي (866-914هه/1461-1508ع) جي مستحڪم حڪومت جي هوندي سندن اُن خواهش جو پورو ٿيڻ ڪائي سولي ڳالهه نه هئي.

سلطان ابوسعيد جي تخت نشينيءَ ۾ ارغونن اهم ڪردار ادا ڪيو هو (3)، انڪري اُن جي اقتدار ۾ اچڻ سان اُنهن جي اثر و رسوخ ۾ اڃا وڌيڪ واڌارو ٿي ويو. سنڌ ۾ ارغون سلطنت جي بيناد وجهندڙ امير ذوالنون بيگ ارغون پڻ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات سلطان ابوسعيد جي ئي درٻار کان ڪئي هئي، جتي هُن پنهنجي بي مثال جرئت ۽ دليريءَ سبب جلد ئي سلطان جي دل راضي ڪري ورتي. 873هه/1469ع ۾ سلطان جي شهادت تي ذوالنون پهريائين هرات اچي سلطان حسين ميرزا بايقرا جي ملازمت اختيار ڪئي، پر پوءِ جلد ئي سمرقند وڃي پنهنجي واسطيدار سميت بابر جي چاچي سلطان احمد ميرزا (873-899هه/1469-1494ع) جي درٻار سان منسلڪ ٿي ويو. جڏهن اُتي به دل نه لڳس ته امير ذوالنون ٻن ٽن سالن کان پوءِ سلطان حسين بايقرا وٽ واپس هليو آيو. جتي هُن هڪ طرف بايقرا جي سلطنت جي واڌاري ۽ مضبوطيءَ خاطر بي بها خدمتون سرانجام ڏنيون، اُتي قنڌار، سيوي ۽ شال (موجوده ڪوئيٽا) جهڙن لشڪر ڪشيءَ جي اهيمت وارن هنڌن تي، پنهنجا پير ڄمائي، ڏهين صدي هجري / سورهين عيسويءَ جي پهرين اڌ دوران سنڌ (جا ان کان اڳ 892هه/1487ع ۾ پڻ هرات جي تيموري سلطنت جي ملڪ گيريءَ واري هوس جو نشانو ٿي چڪي هئي) ۾ پنهنجي جانشين هٿان هڪ ٻئي پٺيان خودمختيار ارغون ۽ ترخان حڪومتن جي وجود ۾ اچڻ لاءِ رستو هموار ڪري ڇڏيو (4) اهڙيءَ طرح مجموعي طور تي سنڌ جي سرزمين هڪ سَوَ سالن تائين سڌيءَ طرح مڪمل طور ارغون ۽ ترخان خاندانن جي هٿ هيٺ رهي، جنهن منجهان مني صديءَ تائين وقت بوقت سخت مغليه دٻاءَ هوندي به اُهي لڳ ڀڳ مستحڪم ئي هئا. باقي چوٿائي صدي اُنهن مغلن جي ڏَنَ ڀرو ٿي گذاريو ۽ پوءِ 1021هه /1612ع ۾ ميرزا غازي بيگ ترخان جي وفات کان پوءِ جهانگيري دور ۾ هي علائقو برصغير جي مغليه سلطنت جو باقاعده هڪ صوبو ٿي ويو ۽ اُن جي اها حيثيت 1151هه / 1739ع ۾ مغل بادشاهه محمد شاهه (61-1131هه/ 48-1739ع) جي نادر  شاهه افشار هٿان شڪست تائين برقرار رهي (5).

سنڌ ۾ ارغون ــ ترخان قبضي واري حوالي سان ويجهڙائيءَ ۾ انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ايسٽ ايشين اسٽڊيز ڪراچي يونيورسٽيءَ ”نصرت نامهء ترخان“ نالي ڏهين صدي هجري / سورهين صدي عيسويءَ جو هڪ فارسي متن ڊاڪٽر انصار زاهد خان جي انگريزي مقدمي، تحقيق ۽ تعليقات سان شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر انصار زاهد خان برصغير ڏکڻ ايشيا جي وچين صدين جي سنڌ جي تاريخ ۽ برصغير جي آزاديءَ واري تحريڪ جي حوالي سان هڪ ڄاتل سڃاتل نالو آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا شايع ٿي چڪا آهن. پاڻ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر ريسرچ هئڻ کان سواءِ، ان اداري پاران شايع ٿيندڙ ٽماهي تحقيقي رسالي ”جرنل آف دي پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي“ جو چيف ايڊيٽر ۽ همدرد نيشنل فائونڊيشن جي رسالي ”همدرد اسلاميڪس“ جو ائسوسئيٽ ايڊيٽر پڻ آهي (6). ان کان سواءِ کيس محروم ڊاڪٽر معين الحق ۽ حڪيم محمد سعيد (شهيد) سان گڏ ڪن علمي شهپارن جي تصنيف/ تاليف ۽ صحيح وارو ڪم ڪرڻ جو پڻ اعزاز حاصل آهي.

جيستائين ”نصرت نامهء ترخان“ جي هڪ تاريخي دستاويز هئڻ واري اهميت جو تعلق آهي، اُن جو اندازو هِن ڳالهه منجهان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ و هند، خراسان، ايران، افغانستان ۽ مارواء النهر جي نائين صديءَ جي آخر ۽ ڏهين صدي هجريءَ جي شروعات جي اهم ترين واقعن تي هيءُ هڪ اکين ڏٺو مفصل تبصرو آهي، جيڪو اُن دور واري اسان جي تاريخ جي مختلف پهلوئن بابت ڪنهن نه ڪنهن طرح بي بها اضافو ڪري ٿو، جنهن جو هڪڙو وڏو ڪارڻ اِهو آهي ته هن ڪتاب جومصنف نه صرف ارغون ۽ ترخان حڪمرانن سان ذاتي لاڳاپو رکندو هو، پر اُن جا ابا ڏاڏا گذريل اڌ صديءَ کان وٺي مٿي ذڪر ڪيل علائقن جي حڪمرانن جي عقيدت و احترام جو مرڪز هئا (7) ۽ اُن (مصنف) ۽ اُن جي ويجهن خانداني فردن جي (جن جا پويان اڄ به سنڌ ۾ ڪثرت سان موجود آهن) تمام گهڻين اهڙين شخصيتن ۽ دستاويزن تائين رسائي هئي، جن اُنهن حالتن ۽ واقعن جي جوڙجڪ ۾ ڪونه ڪو اهم ڪرادر ادا ڪيو هو.

”نصرت نامه ترخان“ جو هن وقت تائين حاصل ٿيل هيءُ واحد نسخو 25 ـــ فيبروري 1950ع تي لِٽن لئبريري علي ڳڙهه يونيورسٽي (ڀارت) ۾ شمارو نمبر 146 (اخبار فارسيه ڪليڪشن) لکيو ويو ۽ اڄ کان تقريباً 25-30 سال اڳ معروف جرمن اسڪالر ڊاڪٽر انيمري شمل جي نظر تي چڙهيو، جنهن اُن جي هڪڙي فوٽو ڪاپي/ مائيڪرو فلم پيپر حسام الدين راشدي صاحب لاءِ حاصل ڪئي. پير صاحب جي نظرداريءَ هيٺ اُن کي تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ واري مقصد سان ڪراچيءَ ۾ نقل ڪرايو ويو ۽  پوءِ اُن نقل کي علي ڳڙهه موڪلي، معروف دانشور جناب پروفيسر خورشيد الاسلام جي تعاون سان، يونيورسٽيءَ جي اردو شعبي جي هڪ استاد جناب ابوالهاشم معرفت اُن جي اصل قلمي نسخي سان ڀيٽا ڪرائي ويئي، جنهن نه صرف رهيل ۽ فلم ۾ ظاهر نه ٿيندڙ عبارتن جو اُن نقل (ڪاپي) ۾ واڌارو ڪيو، بلڪ پنهنجي پاران ڪجهه يادگيريون پڻ ڀيٽا ڪيل نقل سان گڏ ڪراچيءَ موڪلي ڏنيون. اُن نقل موجب اصل متن کي پير صاحب پنهنجي آخري طويل بيماريءَ دوران سرسري نظر سان ڏسي غالباً 1980ع جي شروعات ۾ (8) ڊاڪٽر انصار زاهد خان جي حوالي ڪري ڇڏيو ته هو اُن کي انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان ڇپائڻ لاءِ تيار ڪري، جنهن کي ان اداري 2000ع دوران شايع ڪيو آهي. اُن ڪتاب جي اشاعت کي ڊاڪٽر رياض الاسلام صاحب، پنهنجي پيش لفظ ۾ بلڪل صحيح طور تي، پاڪستان ۽ وچ ايشيا جي تاريخ نويسيءَ جو هڪ ”اهم واقعو“ قرار ڏنو آهي. هن ڪتاب کي ڏسڻ لاءِ علمي ۽ تحقيقي حلقن کي جهڙوڪر پنجويهن سالن تائين انتظار ڪرڻو پيو!

ڪتاب اعليٰ ڪاغذ تي ڇپيو آهي ۽ اُن جي ڇپائيءَ جو معيار به عمدو آهي. اُڻ جو سائيز 3020X/8 ۽ صفحن جو تعداد 582 آهي. ساڄي پاسي کان فارسي متن آهي، جيڪو 437 صفحن تي مشتمل آهي. اُن کان پوءِ، 438 کان 493 تائين صفحا “Geographical and Historical Notes” ۽ 494 کان 496 وارا صفحا ڪتابيات لاءِ مخصوص آهن. ڪتاب جي کاٻي پاسي کان شروعات ۾ پروفيسر رياض الاسلام صاحب جو پيش لفظ آهي، جنهن کان پوءِ چوهٺ صفحن تي (جن مان ص 54 کان 64 تائين مقدمي جا حاشيه ۽ ببليوگرافي آهن) مشتمل ڊاڪٽر انصار زاهد خان جو مقدمو آهي. فارسي متن ۽ اُن جي تعليقات و ڪتابيات جا 496 صفحا ۽ کاٻي پاسي واري ص 64 جي وچ تي ڏهه صفحا اهڙا آهن جن تي ڪو به نمبر ناهي. اُنهن منجهان کاٻي پاسي کان پهرين چئن صفحن تي مصنف جي خانداني قبرستان ۽ ڪجهه قبرن جون جملي ست رنگين تصويرون آهن، جن منجهان هرهڪ جي هيٺان اُن جو عنوان لکيل آهي. اُنه کان پوءِ پوراني ساداتن جو هڪ صفحي جو شجرو آهي جن جي باري ۾ پڙهندڙ جي رهنمائي لاءِ ڪوبه بندوبست ناهي جا بليڪ اينڊ وائيٽ عڪس ڏنل آهن، جن جي باري ۾ پڙهندڙ جي رهنمائيءَ لاءِ ڪوبه بندوسبت ناهي. اُنهن منجهان ساڄي پاسي وارا پهريان ٽي عڪس ”نصرت نامه ترخان“ جي قلمي نسخي جا آهن. جڏهن ته باقي ٻن صفحن جي اندروني ڪيفيتن منجهان صرف ايتري خبر پوي ٿي ته ”نورالدين بن ابي سعيد البوراني“ جي ڪنهن تصنيف بابت آهن ۽ ان ذڪر ڪيل اصل ڪتاب جو قلمي نسخو مرڪزي تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان راولپنڊي (هاڻ اسلام آباد) ۾ محفوظ آهي.

فارسي متن تي سرسري نظر وجهڻ سان اها ڳالهه واضح ٿي اڳيان اچي ٿي ته اِن قسم جي مواد جي تصحيح ۽ درستي ته پري رهي، اُن کي صحيح پڙهي وڃڻ به فارسي ٻوليءَ جي ڄاڻ رکندڙ هر شخص جو ڪم ناهي. جڏهن ته نسخو به هڪڙوئي هجي ۽ ان کي نقل ڪندڙ شخص پڻ اڌ پڙهيل! اندروني جاچ پڙتال منجهان خبر پوي ٿي ته ڪاتب هيءُ نسخو غالباً ڏسي نقل ناهي ڪيو، بلڪ اُن کي حافظي سان لکيو ويو آهي ۽ پوءِ هن جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اُن کي نادر نسخي سان ڀيٽڻ واري نوبت پڻ ناهي آئي. رڳو ايترو ئي نه پر ڪتاب جو اسلوب بيان بناوٽي آهي، جنهن جي سمجهڻ لاءِ هڪ خاص حد تائين واري فارسي مواد جي مطالعي جي مهارت ضروري بلڪ اڻٽر هئي، اِهو صحيح آهي ته ڪنهن فرد واحد کي تصحيح جي دوران ڪيتريون ۽ غير معمولي تڪليفون درپيش اينديون آهن پر اُن لاءِ ڇا چئجي جو هن ڪتاب جي ڇاپي فارسي متن ۾ نمايان طور ظاهر ٿيل عبارتن سميت بلاشبه اهڙا سوين لفظ موجود آهن، جن کي عبارت جي پسن منظر ۾ موجود لفظي و معنوي مفهوم جي مدد سان يا ڪجهه اکرن ۽ لفظن کي ٿورڙو اڳتي پوئتي ڪرڻ سان يا انهن جي نقطن ۾ گهٽ وڌائي ڪرڻ سان (جملن کي) درست ڪري سگهجي پيو، پر ائين نه ڪيو ويو آهي.

هڪ تمام مکيه ۽ انتهائي اهم نڪتو، جيڪو پوري ڪتاب سان لاڳو ٿئي ٿو ۽ جنهن ڏانهن شايد اڳتي به اشارو ڪرڻو پوي، ڪتاب جي طباعت وارن ٽيڪنيڪي پاسن طرف توجهه جو مڪل فقدان آهي. ان سلسلي ۾ حوالي طور ڪجهه فني ڳالهين طرف مٿي اشارو ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح فارسيءَ متن جا عنوان، جيڪي ڪن حالتن ۾ ٽن ٽن چئن سٽن تي پکڙيل آهن، اُنهن کي هر هنڌ ساڳي پيرا واري انداز ۾ ڪمپوز ڪيو ويو آهي. اِهوئي نه بلڪ ڪيترين جاين تي ته ڪن لفظن کي ايتري قدر بي رحميءَ (!) سان ٻن سٽن ۾ ورهايو ويو آهي جو اُهي بي معنيٰ ٿي پيون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com