سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1 ۽ 2 / 2002ع

 

صفحو :12

”رشهات الفنون“ جي افاديت اِنهيءَ کان سواءِ ڪجهه به نظر نٿي اچي ته مصنف چند علمن جو تعارف ۽ اصطلاح جي تشريح ۽ ڪجهه تاريخي ترجمن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي قسم جا ڪيترائي ڪتاب برطانيه ۾ لکيا ويا آهن، جيڪي اسان کي ملي وڃن ٿا (12). اُنهن کي هن وقت جي انسائيڪلوپيڊيا جو ابتدائي نمونو چوڻ گهرجي. مصنف جن علمن کي پنهنجي ڪتاب ۾ گڏ ڪيو آهي، ظاهر آهي ته هو خود اُنهن سڀني جو ڄاڻو هو. هُن اِهي مضمون ٻين ڪتابن تان اخذ ڪيا آهن، جيئن عام طور تي ضروري هوندو آهي. ليڪن مصنف ديباچي ۾ ماخذن جو ذڪر نه ڪيو آهي، مگر ڪٿي ڪٿي هڪ اڌ ماخذ جو نالو کنيو اٿس. هاڻيءَ اهو معلوم نه آهي ته اهي انهيءَ جا سڌا سنوان ماخذ آهن يا بالواسطه. مثال طور ”رشحه هشتم در تعريف حڪمت“ ۾ هڪ جاءِ تي لکيو اٿس ته ”اين خلاصه تحقيقي است که سيد (شريف) جرجاني درحاشيهء مطالع از محققين قدماءِ نقل مي فرمايد.“

”رشحه شانزدهم در علم تاريخ“ ۾ هن ”تاريخ طبريٰ“ ۽ ”روضة الصفا“ جا حوالا ڏنا آهن. هيءُ ڪتاب اڃا تائين شايع نه ٿيو آهي (13). تنهنڪري صرف قلمي نسخن جي صورت ۾ ملي ٿو.

هن جا هيٺيان نسخا معلوم آهن.

(1) خدا بخش اورينٽل لائبرري پٽنا، ڪتابت 1173هه (14).

(2) مُلا فيروز لائبرري بمبئي، ڪتابت 1265هه (15).

(3) برٽش ميوزم لنڊن، 2060 O.R جنهن جو تفصيل راشدي صاحب ”ريو“ جي فهرست تان نقل ڪيو آهي (16).

(4) ڪتابخانه دانشڪده اديبات و علوم انساني، دانشگاهه تهران، نمبر ادبيات 28 ج، ڪتابت 1258 هه (17)

(5) ڪتابخانه مجلس تهران، نمبر 2189، ڪتابت جي تاريخ به اٿس (18).

(6) هڪ قلمي نسخو راقم الحروف وٽ آهي، نمبر 63 اٿس. هي معمولي نستعليق ۾ 82 ورقن ۾ لکيو ويو آهي. ڪجهه هنڌن تان اڏوهيءَ جو کاڄ ٿيل آهي. اختتامي عبارت هن طرح اٿس: ”قد اختتم هذه النسخه في السفر ببلدة بهاولپور في سلخ الصفر علي يد شائقها في ايام قليلہ سنة 1197ع غ ڪ مالڪ الحقيقي المجازي بنده مرتضيٰ غلام رضا.“ نسخي جي اول ۾ ”عبده شاهه نواز خان 1238“ جي مهر لڳل هي. [انهيءَ صفحي جو عڪس هِت پيش ڪجي ٿو.]

معلومات الافاق: هن ڪتاب جي نوعيت اُهائي آهي جيڪا ”رشحات الفنون“ جي آهي، يعني هيءُ به ننڍڙو دائرة المعارف (انسائڪلوپيڊيا) آهي. البته هن ۾ جاگرافيائي معلومات ٻين مضمونن کان وڌيڪ آهي ۽ هن ۾ پوري دنيا جي مختلف علائقن جي جاگرافيائي معلومات، حيوانات، نباتات  ۽ ٻين عجيب ۽ غريب شين جو ذڪر آهي. ليڪن ڪتاب جو آخري حصو زياده اهم آهي، جنهن  ۾ هندستان ۾ مغليه دور جي انتظامي ڍانچي جو تفصيل فراهم ڪيو ويو آهي. جيئن ته سيد حسام الدين راشدي مرحوم هن ڪتاب متعلق معلومات فراهم ڪري ڇڏي آهي (19)، ۽ هي ڪتاب ٻه ڀيرا شايع به ٿي چڪو آهي ۽ دستياب به آهي، تنهنڪري هتي اِنهي جي تفصيل کان درگذر ڪجي ٿو. هن جا ٻيئي ڇاپا مطبع نولشڪور لکنوءَ مان ترتيبوار 1287هه/1870ع ۽ 1290هه/1873ع ۾ ڇپيا. ٻيئي ڇاپا 198 صفحن تي مشتمل آهن ۽ هڪجهڙا آهن. البته هتي پنجاب يونيورسٽي لاهور جي هڪ قلمي نسخي جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهجي ٿو، جنهن جي ڪتابت 23 جمادي الثاني 1127هه تي محمد صالح ٺٽويءَ جي ٿيل آهي. هِن ۾ هڪ سؤ تصويرون آهن ۽ هن جو نمبر 2        APG آهي (20). جيئن ته هن ڪتاب ۾ به عالمگير جي وفات (1118هه) جو ذڪر آهي ۽ خود مصنف جي وفات 1127هه آهي، تنهنڪري هن جي لکڻ واري زماني جو تعين 1118هه ۽ 1127هه جي وچ وارو هجڻ گهرجي.

حوالا ۽ حاشيا

(1) بلگرامي، مير سيد محمد: ”تبصرة الناظرين“ (قلمي) پير حسام الدين راشدي جو ذخيرو، قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد، (پراڻو نمبر 10557).

(2) محقق سنڌ سيد حسام الدين راشدي (وفات 1982ع) سنڌ جي انهيءَ، علمي، ادبي ۽ تاريخي خاندان جي تفصيلي احوال تي مشتمل ”تذڪره امير خاني“ سنڌي زبان ۾ لکيو آهي (ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ 1961ع، صفحا 372+55 صفحا تصويرن تي مشتمل) هن تذڪري ۾ انهي خاندان جي تاريخ ۽ ادبي احوال کانسواءِ انهن جي ٻين آثارن (عمارتن، قبرستانن ۽ ڪتبن) جو تفصيلي احوال ۽ تصويرون به نهايت محنت سان جمع ڪيون ويون آهن. حقيقت اها آهي ته راشدي صاحب جي انهيءَ تحقيقات تي وڌيڪ اضافو ڪرڻ ڏکيو آهي. اهو ڪتاب منهنجي سامهون رهيو آهي. راشدي صاحب پنهنجي اردو مقالي ”مير ابوالقاسم نمڪين ۽ سندس خاندان“ (رسالو، ”تاريخ و سياسيات“ ڪراچي، ماه اپريل 1951ع) ۾ به مفيد معلومات فراهم ڪئي آهي، ليڪن اها سندس انهيءَ ڪتاب جي مقابلي ۾ پراڻي ۽ نامڪمل آهي. هتي مان پنهنجي مهربان دوست ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جنهن ضلعي نواب شاهه مان، پنهنجي ذاتي ڪتابي ذخيري مان اِهي ٻيئي ماخذ منهنجي مطالعي لاءِ اسلام آباد موڪليا.

(3) ”رشهات الفنون“ (قبيلي) ملڪلت واقم الحروف (عارف نوشاهي) اسلام آباد، ڪتابت 1197هه، صفحو 2.

(4) مير علي قانع ”تحفة الڪرام“ جلد ٽيون، حصو پهريون (ايڊٽ سيد حشام الدين راشدي، ايڊيشن پهريون 1971ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، صفحو 345.

(5) ساڳيو حوالو، صفحو 349 حاشيو.

(6) سيد حسام الدين راشدي محروم 28 مارچ 1970ع تي خود روهڙي ويو ۽ انهيءَ مسجد جا ڪتبا نوٽ ڪيائين ۽ تصويرون ورتائين. ڪتبن جي متن ۽ تصويرن لاءِ ڏسو، تحفة الڪرام، صفحو 349 کان 350 حاشيه ۽ 571 کان 574.

(7) تحفة الڪرام، صفحو 345 کان 349 ۽ تذڪره اميرخاني، صفحو 333، ۽ 359.

(8) سيد حسام الدين راشدي، امين الدين خان ۽ سندس خاندان جي قبرن جون تصويرون ۽ نقل پنهنجي مختلف ڪتابن ۾ ڏنا آهن. ڏسو، مقالات الشعراء، تصنيف قانع ٺٽوي مرتب پير حسام الدين راشدي حيدرآباد سنڌ 1957ع، صفحو 23، تذڪره اميرخاني صفحو 207 ۽ 275. تصوير نمبر 69، 70 ۽ 71؛ مڪلي نامه، تصنيف قانع ٺٽوي، مرتب سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد سنڌ، تصوير نمبر 68، 69، 70 ۽ 71. تحفة الڪرام، صفحو 570.

(9) تحفة الڪرام، صفحو 346.

(10) مقالات الشعراء

(11) تذڪره اميرخاني، صفحو 334 کان 336.

(12) ان نوعيت جي ڪتابن جي ڄاڻ لاءِ ڏسو، احمد منزوي، فهرست مشترڪ نسخه هاري خطي فارسي پاڪستان اسلام آباد 1983ع، جلد پهريون صفحو 803 کان 842.

(13) راقم الحروف جڏهن 94-1995ع ۾ تهران ۾ رهائش پذير هو ۽ اُتي ڪتابخانهء مرڪزي دانشگاهه تهران جي خاتون ڪارڪن نادره سليماني سان ملاقات ٿي، جيڪا ”رشحات الفون“ مرتب ڪري رهي هئي. هن مون کان مصنف جو احوال گهريو، جيڪو مون تهران ۾ دستياب واحد ماخذ، ڊاڪٽر ظهور الدين احمد جي ڪتاب ”پاڪستان ۾ فارسي ادب“، ڇاپو لاهور 1977ع، جلد ٽيون، صفحو 817 کان 824، عڪس جي صورت ۾ هن کي هٿ ڪري ڏنو. گمان آهي ته خانم سليماني جو اهو ڪم ڪنهن تعليمي مقصد لاءِ هو ۽ اشاعت لاءِ نه، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي اشاعت جي ڄاڻ هن وقت تائين تهران مان نه ملي آهي.

(14) مرات العلوم، پٽنه 1925ع، جلد پهريون، صفحو 1.

(15) Catalogue Raisonne of the Arabic, Hindostani, Persian and Turkish Mss, in the Mulla Firuz library, by Edward Rehatsek, Bombay, 1873, p. 201.

(16) تذڪره اميرخاني، صفحو 196 کان 200.

(17) احمد منزوي، فهرست نسخه هاي خطي فارسي تهران، 1969ع، جلد پهريون، صفحو 669.

(18) ساڳيو.

(19) تذڪره امير خاني، صفحو 200 کان 203.

(20) فهرست مشترڪه نسخه هاي خطي فارسي پاڪستان، اسلام آباد 1988ع، جلد 10، صفحو 25.

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

مترجم: اڪبر لغاري

جتي مشرق ۽ مغرب ملن ٿا

 [تُرڪيءَ جي شهر ”قونيه“ ۾ مولانا روميءَ جي مزار تي حاضري بابت تاثرات]

محبت هڪ اهڙو اَکُٽ مها ساگر آهي، جنهن جي اَٿاهه گهراين جو نه ڪڏهن توهان انت لهي سگهو ٿا، ۽ نه وري اُن بحرِ بيڪران کي تسخير ڪري سگهو ٿا. بلڪ اُها محبت ئي آهي، جيڪا توهان کي اڻ ڳڻين طريقن سان شڪار ڪري وٺي ٿي. پيار، جيڪو سمنڊ ۾ طلاطم جو باعث بنجي ٿو، اُهو جبلن کي به بيقرار بنائي ڇڏي ٿو. زمين ۽ آسمان هڪٻئي جي محبت سبب قائم ۽ دائم آهن. خالق ڪائنات وجود جي هڪ هڪ ذري ۾ هر ٻئي ذري يا حصي سان ميلاپ جي شديد تڙپ رکي ڇڏي آهي. منشاءِ ايزدي جي مطابق، دنيا جو هر جُزو، پنهنجي ٻئي جُزي سان جوڙو ٺاهي ٿو. ڪائنات جو هر ذرڙو (Atom) پيار جي جادوءَ ۾ جڪڙيل آهي. جيڪڏهن پيار نه هجي ها ته هن ڪائنات جو وجود به نه هجي ها. خالق جي محبت ئي اصل ۾ ڪائنات جي تخليق جو باعث آهي. پيار طبعياتي به آهي ته مابعدالطبعياتي پڻ؛ پيار دنياوي به آهي ته سماوي پڻ. پيار پنهنجو پاڻ م عالمِ صغريٰ به آهي ته عالمِ ڪبريٰ پڻ.

 

اِهي صرف اُهي چند منتخب خيالات آهن، جيڪي مشرق جي عظيم صوفي شاعر مولانا جلال الدين رومي (1207-1273ع) پنهنجي مشهور و معروف ”مثنويءَ“ ۾ بيان ڪيا آهن، جنهن کي دنيا جي ادب ۾ ”ڪلاسڪ“ جي حيثيت حاصل آهي. ”مثنويءَ“ ۾ ڪُل ڇهه ”دفتر“ آهن ۽ جملي ڇويهن هزارن شعرن تي مشتمل آهي.

مولانا روميءَ جا ”پيار“ بابت اِهي بي مثل خيالات ۽ نظريات ۽ قعلي ۽ فڪري توجيهات ۽ تاويلات سان گڏ نهايت دلنشين انداز ۾ مثنويءَ ۾ بيان ٿيل آهن. ليڪن اهي ساڳيا نظريات ۽ خيالات نهايت وجداني ۽ من موهيندڙ، مترنم ۽ پُر ڪيف ۽ سُرور ۽ سرمستيءَ سان ڀرپور انداز ۾ سندس جڳ مشهور تصنيف ”ديوان شمس تبريزيءَ“ ۾ آيل آهن جيڪو وري پنجٽيهن هزارن شعرن تي ٻڌل آهي. اِهي اشعار ايتري قدر ته فطري موسيقيءَ ۽ ترنهم سان ڀرپور آهن، جو اهي صدين کان وٺي ’قونيه‘ ۾ ڪائناتي انداز ۾ رقص ڪندڙ درويشن جي روح پرور نظاري ۽ سحرانگيز منظر جو باعث بڻيل آهن. قونيه، ترڪيءَ جو مشهور شهر ۽ روميءَ جو آخري آرامگاهه آهي.

اڄڪلهه روميءَ کي مغرب ۾ نئين سوچ ۽ ولولي سان پڙهيو پيو وڃي. سندس ڪجهه شاعري جو ترجمو سي. ڊي تي به آندو ويو آهي. مغرب وارن کي روميءَ جي انسان، ڪائنات ۽ خدا بابت دلڪش ۽ پراثر نظرين جي ڄاڻ ته جهڙوڪر اڃا هاڻ پيئي آهي، پر مشرق ۾، خصوصاً برصغير پاڪ و هند ۾، روميءَ جي سحرانگيز شخصيت گهڻو اڳ ڌاڪو ڄمائي چڪي هئي. آزاد خيال، ڏاهو ۽ سگهارو مغل شهنشاهه اڪبر اعظم ۽ سندس زيرڪ ۽ زاهد پوٽو اورنگزيب، روميءَ جي مثنويءَ جا وڏا قدردان هئا.

دنيا جي تخليقي ادب ۾ ڪلاسيڪي حيثيت جي حامل ”شاهه جي رسالي“ جي خالق، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پڻ ارڙهين صديءَ ۾ روميءَ کي پنهنجي شاعريءَ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ اُتساهه جو ذريعو ڪري سمجهيو هو، تڏهن ته پنهنجي شاعريءَ ۾ روميءَ جو نالو وٺي ذڪر ڪيو اٿائين. ويهين صديءَ جو وڏو مفڪر ۽ شاعر علامه اقبال، جيڪو سڀاويڪ هڪ سچو مشرقي انسان هو ۽ ساڳئي وقت هن کي پنهنجي دؤر جي مغربي فڪر تي به عبور حاصل هو، پنهنجي فارسي شاهڪار ”جاويدنامه“ ۾ مولانا روميءَ کي فڪري اڳواڻ طور تسليم ڪيو آهي. اهو سڄو نظم مرشد رومي ۽ سندس مُريد اقبال جي وچ ۾ هڪ قسم جو مڪالمو آهي، ته جيئن هن زندگيءَ جا راز ۽ آخرت جا اسرار سمجهي سگهجن. سڄي نظم جو نچوڙ زندگي بابت هڪ نئون زاويه نگاه آهي، يعني ته زندگي هڪ ”ڪُل“ يا اُن جو تسلسل آهي.

گذريل ستن صدين کان روميءَ جو گهرو ۽ متنوع فڪر، گويا زمان ۽ مڪان جون سرحدون اورانگهي ويو آهي ۽ اهو عمل اڳي کان اڳرو ۽روز افزون آهي. سندس اثرات ”قونيه“ کان هر رخ ۾ ۽ هر وقت ڦهلبا رهيا آهن. قونيه جديد ترڪيءَ جو هڪ اهم ۽ ترقي ڪندڙ شهر آهي، جيڪو استنبول کان تقريباً چار سؤ ڪلو ميٽر يعني هڪ ڏينهن جي سفر تي آهي يا ترڪيءَ جي گاديءَ واري شهر انقره کان البت ڪجهه گهٽ فاصلي تي آهي. تازو مون کي ترڪي وڃڻ جو موقعو مليو ته مون اُن موقعي جو فائدو ورتو. استنبول ۾ اوتاگار بس اسٽاپ وٽان جيڪڏهن شام جو جديد آرامده ڪوچ ۾ ويهبو ته اُها صبح جو ڇهين وڳي هلي قونيه ۾ پهچائيندي. روڊ کان علاوه ريل ۽ هوائي سفر پڻ ممڪن آهي.

منهنجي لاءِ سچ پچ ته اِهو هڪ نهايت روح پرور تجربو هو، جڏهن آءٌ روميءَ جي مقبري جي دروازي وٽ پهتس، جنهن جي مٿان لکيل هو: ”يا حضرت مؤلانا“. ڪيڏي نه خوبصورت طريقي سان، قونيه، جي رهواسين مولانا روميءَ سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو آهي! هن فقري جي هيٺان، عظيم مرشد کي سندس شان وٽان خراج تهسين پيش ڪرڻ لاءِ، سندس ئي هي فارسي شعر لکيو ويو آهي.

کعبه عشاق باشد اين مقام،

هرکه ناقص آمد، اينجا شد تمام.

(پيار جي پانڌيئڙن جو، هي آهي ماڳ ڪمال،

توڙي اچن ڪيڏا ڪچا، پر پچي ٿيندا لال.)

مقبري جي اندر ويهه مقبرون آهن، جن ۾ مولانا، سندس والد ۽ فرزند سلطان وَلَد جون قبرون ته پري کان ئي پڌريون آهن، باقي ٻين قبرن جي سڃاڻپ ڪُنڊ ۾ پيل هڪ پٿرجي ڪتبي تي اُڪريل آهي. توهان جنهن مهل روميءَ کي نذرانهء عقيدت پيش ڪري رهيا هوندا ته توهان جي ڪنن ۾ بئنسري يا نڙ جو سُريلو ۽ مٺڙو آواز مسلسل ايندو رهندو، جيڪو هر وقت توهان کي روميءَ جي اُن بي مثال استعاري جي ياد ڏياريندو رهندو، جنهن سان مثنويءَ جي شروعات ٿئي ٿي:

بشنو اين ني چُون شکايت مي کند

از جُدائي ها حکايت مي کند

(ترجمو: هِن نڙ کي ٻُڌ، جو شڪايت ٿو ڪري. اِهو پنهنجي جدائيءَ جو قصو ٿو ٻڌائي).

هتي اِها ڳالهه قابل توجهه آهي ته مٿيون بيت برصغير پاڪ و هند ۾ مثنويءَ جي ڇپيل توڙي قلمي نسخن ۾ هيٺينءَ ريت اچي ٿو:

بشنو از ني چُون حڪايت مي کند

واز جُدائيها شکايت مي کند

(ترجمو: نڙ کي ٻُڌ، جو قصو ٿو ٻڌائي. اهو پنهنجي جدائيءَ بابت شڪايت ٿو ڪري.)

بهرحال، صحيح پڙهڻي اُها آهي ته جيڪا مٿي ڏنل آهي، ڇو ته مثنويءَ جو اُهو نسخو جيڪو مولانا روميءَ جي وفات کان فقط پنج سال پوءِ لکيو ويو، اُن جو نقل مولانا روميءَ جي مزار جي ڀر واري ڪمري ۾ ٻين ڪتابن سان گڏ رکيل آهي، تنهن ۾ ڏسي ۽ پڙهي سگهجي ٿو ۽ پاڻ اُن جي تصديق ڪري سگهجي ٿي.

اِهي سِٽون ’بئنسريءَ‘ جي بيپناهه درد جي اپٽار ڪري رهيون آهن. انسان به اُنهيءَ بئسنريءَ وانگر آهي، جيڪا پنهنجي ازلي محبوب کان جدا ٿيڻ تي غمزده آهي. اهڙيون ٻيون به کوڙ ساريون سٽون آهن:

آتشت ايس بانگ ناي و نيست باد

هرکه ايس آتس ندارد نيست باد

آتش عشقست کاندر ني فتاد

جوشش عشقست کاندر مي فتاد!

(ترجمو: بئنسريءَ جي اها ڪوڪ هوا نه آهي، بلڪ باهه آهي. جنهن وٽ به اِها باهه نه آهي اُهو ادنيٰ ۽ هيچ آهي. اِها محبت جي حرارت ئي آهي جنهن بئنسريءَ کي سوز سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ هي پيار جي اُها موج اهي جيڪا شراب ۾ مستي آڻي ٿي.)

پس منظر ۾ پئسنريءَ جي ڌن، ماڻهوءَ جي من ۾ پيار جي تاثر کي وڌيڪ گهرو ڪري ٿي، جيڪو اڃا به وڌيڪ گرمائيندڙ ۽ لذت ڀريو ٿيو وڃي، جڏهن ماڻهو پنهنجي پاڻ کي اردگرد جي ماحول ۾ غرق ڪري ڇڏي ٿو.

”مثنوي“ لاشڪ اعليٰ مذهبي ادب ۽ تصوف جو هڪ لافاني شاهڪار آهي. ليڪن ان سلسلي ۾ رومي ٻين کان اِن لحاظ کان مختلف آهي ته هن نڙ يا بئنسريءَ جي موسيقيءَ جي روايت قائم ڪئي، جيڪا اڳتي هلي ”مَوِلوي“ [Mevlvi ـــ ترڪي اُچار] مڪتبئه فڪر جي خاص سڃاڻپ بڻي. اُن ۾ اڃا به وڌيڪ واڌارو، درويشن جي منفرد مستي پريي رقص ڪيو، جيڪو هاڻي ساليانو معمول بنجي چڪو آهي ۽ هر سال ڊسمبر ۾ عرس جي تقريب جي موقعي تي ٿيندي آهي. ها، جيڪڏهن اوهين اِهو ڄاڻڻ گهرو ته اِهي درويش ڪيئن رهندا هئا يا ڪهڙي پوشاڪ پائيندا هئا ته مقبري جي ڀروارا ڪمرا ڏسڻا پوندا، جتي ماڊل ٺاهي اُن ماحول جي پوري عڪاسي ڪئي ويئي آهي. هاڻي ته اُن جي جهلڪ ڏسڻ بلڪ ڪنهن حد تائين محسوس ڪرڻ اڃا به وڌيڪ آسان ٿي پيو آهي جو اُهي منظر ٽي. ويءَ تي ڀر وارن ڪمرن ۾ هلندي ڏسي سگهجن ٿا، جيڪي خاص اِنهيءَ مقصد لاءِ ٺهرايا ويا آهن، جن ۾ نه صرف ويهڻ جو جوڳو بندوبست ٿيل آهي، پر ٽي. وي تي انگريزيءَ ۾ ڪمينٽري به هلي رهي هوندي آهي.

رومي ”سماع“ يا ”موسيقيءَ“ کي ڪيتري اهميت ڏيندو هو، اِن حقيقت جو اندازو سندس هيٺئين شعر مان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو خوبصورت خطاطيءَ ۾ اندروني ديوار تي لکيل آهي:

سماع آرام جان زندگانيست

کسي دانند که اور را جان جانست

خصوصاً حلقهء کاندر سماعند

همه کردند و کعبه درميانست.

(ديوان سمس تبريزي)

(ترجمو: (سماع زندهه انسانن جي روح جي راحت آهي. جنهن جو روح زنده آهي، اُهو گهڻو ڪجهه پرائي سگهي ٿو. جيڪي دل سان سماع جي حلقي ۾ مشغول آهن، اُهي ڪعبي کي پنهنجي وچ ۾ پسندا.)

 

اِها ڳالهه دلچسپيءَ کان خالي نه آهي ته جلال الدين رومي 1207ع ۾ بلخ يعني موجوده افغانستان ۾ تولد ٿيو. سندس ولادت پنهنجي دؤر جي جيد عالم سلطان العلماء جي گهر ۾ ٿي ۽ اُهو سندس والد بهاءُ الدين وَلَد هو. جلال الدين اڃا ٻالجتيءَ ۾ ئي هو ته سندس ڪٽنب کي اهڙيءَ صورت ۾ بلخ ڇڏڻو پيو جو سندس سامهون ڪا واضح منزل نه هئي. هڪ انداز موجب اُهو سال 1215ع يا 1217ع هو. سندس هجرت جو ممڪنه سبب بهاءُ الدين جي صوفيانه سوچ هئي، جيڪا اُن وقت جي حڪمران علاءُ الدين خوارزم شاهه سان اختلاف جو سبب بڻي، جنهن ڪري کين پنهنجو مُلڪ ڇڏڻو پيو. آخرڪار 1228ع ۾ بهاءُ الدين کي اناطوليه جي سلجوق حڪمران دعوت ڏيئي پاڻ وٽ گهرايو ۽ اهڙي طريقي سان هيءُ خاندان آئڪونيم ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو. آئڪونيم، جنهن کي ’روم‘ جو علائقو پڻ سڏيندا هئا، اڳتي هلي ’قونيه‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. قونيه ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪرڻ کان اڳ هن ڪٽنب کي سالن جا سال ڪيترين ئي جاين تي عارضي قيام ڪرڻو پيو سندن سفر دوران سوانح نگارن ڪيترن ئي شهرن جي نشاندهي ڪئي آهي: بلخ کان مرو ۽ مشهد، نيشاپور ۽ بغداد، مڪو مدينو ۽ دمشق، قندوس ۽ ايرزنجان، لارنده يا ڪرامان ۽ آخر ۾ قونيه. سوانه نگارن موجب بهاءُ الدين ست سال لارنده ۾ رهيو ۽ اُتي ئي مولانا رومي جڏهن سترنهن سالن جو هو ته سندس شادي گوهر خاتون سان ٿي. لارنده ۾ رهائش دوران بهاءُ الدين جي شهرت وقت جي حڪمران علاءُ الدين ڪيقباد جيڪنن تائين پهتي، جيڪو هينئر سلجوقي روم جو والي وارث هو ۽ علم ۽ فضل جو قدردان هو. آخر هن جي خواهش تي هي خاندان لارنده کي ڇڏي اچي قونيه ۾ مستقل طور قيام پذير ٿيو. قونيه ۾ بهاءُ الدين جو شاهي مهمان جي حيثيت ۾ آڌرڀاءُ ڪيو ويو. بهاءُ الدين جلد ئي ٻن سالن بعد سن 1231ع ۾ انتقال ڪري ويو ۽ سندن مٿان پيل ذميواري نباهڻ جو بار، نوجوان جلال الدين جي ڪلهن تي اچي پيو، جيڪو هاڻ خود به باقاعده عالم بنجي چڪو هو. هڪ ’عالم فاضل‘ جلال الدين مان ’عارف ۽ صوفي’ جلال الدين جي صورت ۾ تبديلي تڌهن ٿي، جڏهن سندس آشنائي بلڪ اتفاقي صورت ۾ هڪ الله لوڪ هستي شمس تبريزيءَ سان ٿي، جنهن سندس روحاني زندگيءَ ۾ هڪ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو. اِهو واقعو سال 1244ع ۾ پيش آيو. اُنهيءَ تبديلي کيس شاعرن جو شاعر بنائي ڇڏيو. اهوئي سبب آهي جو اُن دؤر ۾ هن پنهنجي سموري شاعري، شمس تبريريءَ سان منسوب ڪري ڇڏي، ۽ جيئن شروع ۾ ٻڌايو ويو ته اُهو ديوان پنجٽيهن هزارن شعرن تي مشتمل آهي.


* . ترجمو: هي انهيءَ تحقيق جو خلاصو آهي، جيڪو سيد (شريف) جرجاني پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”مطالع“ جي حاشيه ۾ قديم محققن کان نقل ڪيو آهي.

§ . محترم سيد حسام الدين راشدي صاحب هن نسخي جو تعارف هن ريت ڪرايو آهي: ”هن ۾ 151 ورق آهن ۽ هر صفحي ۾ 19 سٽون آهن. نسخي جو خط تعليق آهي، ڪتابت 1673هه ۾ ٿيل آهي. ڪاتب جو نالو سيد احمد بن سيد حبيب الله آهي. فهرست نگار مصنف جو نالو هن طرح لکيو آهي. امين الدين مان بن سيد ابوالمڪارم بن سيد امير خان حسيني الهروي.“ (تذڪره امير خاني، صفحو 195 ـــ 196) مترجم.

© . ترجمو: هن نسخي جي شوقين جي هٿان هي نسخو ٿورن ڏينهن ۾ بهاولپور جي سفر جي دوران ماه صفر ۾ پورو ٿيو، سن 1197غ غ ڪ (؟) هن نسخي جو تحقيقي مجازي مالڪ بنده مرتضيٰ غلام رضا آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com