ڪڏهن ڪڏهن هو راتين جو اُٿي ويهندو هو ۽ ارادو
ڪندو هو ته هن کي انهيءَ وقت ليموزين وٽ وڃي حقيقت
معلوم ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اُن جي بدلي ۾ هن کي ڪجهه
ڏيڻو به پوي. هُو سوچيندو هو ته اهڙيءَ طرح گهٽ ۾
گهٽ هِن کي اُن عذاب مان ته ڇوٽڪارو ملي ويندو ۽
هڪ دفعو اُن حقيقت تان به پردو کڄندو ته آخر جارج
اصل ۾ ڪنهن جو آهي. جوليءَ سان ته ڳالهائڻ بيڪار
آهي. هوءَ پنهنجي ضد تي قائم رهندي، پر ليموزين به
ته گناهه ۾ اڌ جو ڀائيوار هو. هن تي اعتبار ڪيئن
ڪجي؟ هو ته جوليءَ تي پردي رکڻ جي ڪوشش ڪندو. صبح
شام پيرنٽ اِهوئي ڪجهه سوچيندو رهندو ۽ وقت گذرڻ
سان گڏوگڏ سندس مايوسي وڌندي ويئي.
پوءِ هن کي احساس ٿيو ته هيءُ دوزخ جهڙو عذاب هن
جو پنهنجو پيدا ڪيل آهي. هن کي ڪجهه صبر ڪرڻ گهرجي
ها. جيڪڏهن هو مهينو ٻه مهينا پاڻ کي قابو ۾ رکي
ها، ۽ اُنهن تي پنهنجي بُردباريءَ سان شڪ جو اظهار
نه ڪري ها ۽ اُنهن جي نگراني ڪندو رهي ها ته ضرور
حقيقت کان واقف ٿي وڃي ها. جيڪڏهن جارج جو واسطو
ليموزين سان هجي ها ته هُو اڪيلائيءَ ۾ پنهنجو ٻار
سان ضرور پيار ڪندو هوندو. ڪو دوست ڪيترو ئي ويجهو
هجي، دوست جي ٻار کي پيءُ وانگر محبت نٿو ڏيئي
سگهي. هن کان تڪڙ ٿي ويئي هئي. الائي ڇو اُن وقت
هن کي اِهو خيال نه آيو ته اڪيلائيءَ ۾ جارج سان
ليموزين جي سلوڪ ۾ غير معمولي ڳالهه نظر اچي ها ته
پيرنٽ جو ڪم سولو ٿي وڃي ها. اُن صورت ۾ هو ڏاڍي
سولائيءَ سان زال کان ڇوٽڪارو وٺي پنهنجي پٽ کي
پنهنجي قبضي ۾ ڪري سگهي ها ۽ اُن سان گڏ زندگي
گذاري سگهي ها. هن کي زال جي ايڏي ضرورت نه هئي،
جيتري پٽ جي هئي. هونئن به شادي کان پوءِ جوليءَ
ڪڏهن هن سان محبت جو اظهار ڪيو هو؟ گرمجوشي ته
جوليءَ ۾ هن ليموزين جي لاءِ ڏڍي هئي. هن سان گڏ
هوءَ ڄڻ ڪو فرض ادا ڪندي رهي هئي. پيرنٽ چاهي ها
ته عدالت جي ذريعي ٻار کي وٺي سگهي پيو، پر اُن
مان ڪجهه حاصل نه ٿئي ها. جارج جي موجودگيءَ ۾
اِهو سوال هن کي وڌيڪ پريشان ڪري ها ته جارج جو
پيءُ ڪو ٻيو به ٿي سگهي ٿو. اُن لاءِ سٺو اهو آهي
ته هو اڪيلو رهي يا اُن تنهائي ۾ پنهنجو وقت گذاري
۽ خاموشيءَ سان مري وڃي.
اڪيلائي ۽ وسوسن هن جي حالت چرين جهڙي ڪري ڇڏي
هئي. ويران رستن ۽ اونداهين گهٽين کان هن کي وحشت
ٿيڻ لڳي. صبح ٿيندي ئي هُو ڪنهن ريسٽورانٽ ۾ ناشتو
ڪندو هو ۽ رونق سان ڀريل بازارين ۾ نڪري ويندو هو.
ڪڏهن ٿڪجي ساهه پٽڙڻ لاءِ ڪنهن ٿئيٽر ۾ گهڙي ويندو
هو ۽ شام ٿيندي ئي گهر جي ڀرسان هڪ شرابخاني مان
نڪرندڙ آخري شخص هوندو هو. اُتان جو مستقل گراهڪ
هاڻي هن کان واقف ٿي ويا هئا. سڀ اِهو ئي سوچيندا
هئا ته شايد هن ويچاري جو ڪو گهر نه آهي. پيرنٽ کي
سڀ کان وڌيڪ سڪون شرابخاني ۾ ملندو هو. تمام جي
دونهن سان ڀريل ۽ مختلف شرابن جي خوشبوءَ سان
ڦهليل ماحول هن جي حواسن کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيندا هئا.
هو لڳاتار هڪ نقطي تي سوچڻ جي قابل نه رهيو هو. هن
جو ذهن نظرن سان گڏ ڀٽڪندو رهندو هو. جڏهن هو ٿڪجي
پوندو هو ته ميز تي مٿو رکي ڇڏيندو هو. بک لڳندي
هئس ته کائڻ لاءِ ڪجهه اُتي ئي گهرائي وٺندو هو.
شرابخاني جو عملو هن کان بيزار نه هوندو هو، ڇو جو
هُو بي ضمير ۽ نفعي وارو گراهڪ هو. شرابخاني جي
مالڪياڻيءَ جي ڌيءَ کي هن تي ڏاڍو ترس ايندو هو.
هوءَ ماءُ جي غيرحاضريءَ ۾ اڪثر ڪائونٽر تي ويهندي
هئي. هوريان هوريان بار جي مستقل گراهڪ پيرنٽ سان
هن جي دوستي ٿي ويئي. هِن سان گڏ هُو ڪلاڪن جا
ڪلاڪ هر موضوع تي ڳالهائيندو هو. هن پنهنجن پراڻن
واقفڪارن، مائٽن ۽ پاڙيسرين سان واسطو صفا ختم ڪري
ڇڏيو هو. هن پنهنجو گهر به ڪِرائي تي ڏيئي ڇڏيو هو
۽ هڪ ويجهي رونق واري علائقي ۾ هڪ هوٽل جو ڪمرو
ڪرائي تي ورتو هو. ڪمري جي بالڪنيءَ ۾ ويهي هو
رستي تي ايندڙ ويندڙ گاڏين ۾ واٽهڙن کي تڪيندو
رهندو هو.
پنج سال اهڙيءَ طرح گذري ويا.
هڪ ڏينهن هُو معمول مطابق تمام گهڻي ٿڌ ۾ رُلي
رهيو هو ته هڪ عورت کي ڏسي بيهي رهيو. عورت سان گڏ
هڪ قدآور مرد ۽ ننڍي عمر جو ٻار به هو. اُتي ٽيئي
ڄڻا چهل قدمي وانگر هن کان ڏهن ٻارنهن قدمن جي
فاصلي تي هلي رهيا هئا. عورت جي پٺي هِن ڏانهن
هئي. هُن جي خاص نموني جي هلڻ سان هو سُڃاڻي پيو.
هُو غور سان هن جي چرپر جو جائزو وٺندو رهيو.
اوچتو، عورت جي ٻانهن هڪ خاص انداز ۾ حرڪت ڪئي.
پيرنٽ جي دل جي ڌڙڪن بيهڻ لڳي. هوءَ يقيناً هن جي
زال جولي هئي ۽ هن سان گڏ ڪو ٻيو نه، هن جو دوست
ليموزين ئي هو ۽ ننڍيءَ عمر جو ٻار هن جو پنهنجو
”جارج“ هو. اُهو وچينءَ درجي جو هڪ خوشحال خاندان
نظر اچي رهيو هو. ليموزين پهرين کان ڪجهه وڌيڪ
ڪمزور لڳي رهيو هو، جڏهن ته جولي ٿوري ٿلهي نظر
اچي رهي هئي. سڀ کان وڌيڪ تبديلي جارج ۾ آيل هئي.
پنجن سالن ۾ هن چڱو قد ڪڍيو هو. جارج اُنهن سان گڏ
نه هجي ها ته شايد پيرنٽ هنن کي سڃاڻي به نه ها.
هن وچون فاصلو گهٽايو ۽ خاموشيءَ سان هنن جي پويان
لڳو رهيو. هن جي دل زور سان ڌڙڪي رهي هئي. اوچتو
اُهي ٽيئي هڪ دوڪان جي سامهون بيهي رهيا. اُنهن جي
ويجهو گذرندي پيرنٽ اکيون ڦيرائي اُنهن کي ڏٺو.
ليموزين جا وار چٽا ٿي ويا هئا ۽ هو ڪمزور لڳي
رهيو هو. گذريل پنجن سالن هن جي عمر ۾ گهٽ ۾ گهٽ
ڏهن سالن جو اضافو ڪري ڇڏيو هو. اُن جي ابتڙ جولي
پهرين وانگر سهڻي ۽ وڻندڙ نظر اچي رهي هئي. پيرنٽ
جو ارادو هو ته هو ڪجهه اڳتي وڌي وڃي موٽي ايندو ۽
ٻيو دفعو اُنهن کي سامهون کان ڏسندو. اُنهن جي
ويجهو لنگهندي هنجي دل ۾ جارج کي ننڍي ٻار وانگر
ٻانهن ۾ جهلڻ جي خواهش پيدا ٿي. الائي ڇا ٿيو، هو
اوچتو جارج سان ٽڪرايو. ڇوڪري مُڙي ڪاوڙ ۽ نفرت
سان ان اڌيڙ عمر وري شخص کي ڏٺو. پيرنٽ جون ٽنگون
ڏڪي رهيون هيون. جارج جي نظرن هن جي مٿان ڏکن جي
ڇپ ڪيرائي وڌي. هن کي خوف ٿيو ته متان جولي ۽
ليموزين به مُڙي ڪري هن کي ڏسن. هو تقريباً ڊڪندو
اڳتي نڪري ويو ۽ آخرڪار هڪ ريسٽورانٽ ۾ هليو ويو،
جتي هو منجهند جو ماني کائڻ چاهي پيو.
هن اتفاقي ملاقات جو اثر هن تي ڪيترائي مهينا
ڇانيل رهيو. هو جڏهن به اکيون بند ڪندو هو ته هن
کي اُهو خوشحال خاندان نظر ايندو هو، جيڪو هن جي
ماهوار وظيفي تي زندگي گذاري رهيو هو. اُنهن جي وچ
۾ ڪيڏي نه محبت هئي! اُنهن شايد ڪڏهن هڪ گهڙي لاءِ
به اڪيلائيءَ جو زهر نه پيتو هو. پيرنٽ کي سڀ کان
وڌيڪ اذيب جارج جي اوپرين نظرن سان پهتي، ڄڻ جارج
۽ هن جي وچ ۾ ڪو رشتو ئي نه هو!
هوريان هوريان پنهنجي دوزخ ۾ هو پوڙهو ٿيندو ويو.
هن جا وار ڇڻندا ويا. شرابخانو هن جو گهر بڻجي ويو
۽ اُتان جا گراهڪ هن جو خاندان. شرابخاني جي
مالڪياڻيءَ جي مرڻ کان پوءِ هن جي ڌيءَ شادي ڪري
ڇڏي ۽ ٻار وڪڻي پنهنجي مڙس سان گڏ انگلينڊ هلي
ويئي. نئين مالڪه هڪ عام نوجوان ڇوڪري وقتي طور تي
نوڪرياڻي رکي. ٻين لاتعداد ڇوڪرين وانگر هن به
پنهنجن اکين ۾ بيشمار خواب ڏٺا هئا ۽ پيرنٽ جهڙي
بي ضر ۽ خوش اخلاق گهراهڪ جي سامهون هوءَ پنهنجا
خواب ٻڌائڻ ۾ ججهڪ محسوس نه ڪندي هئي. ڪجهه سالن
کان پوءِ هوءَ هلي ويئي ته اُن جي جاءِ تي ٻي آئي.
هيءَ نئين ڇوڪري به پوئين وانگر هئي، بس هن جو
نالو ٻيو هو. هن کي پيرنٽ سان دلچسپي ٿي ويئي هئي.
هوءَ اڪثر هن کي صحت جو خيال رکڻ لاءِ چوندي هئي ۽
هن کي اصرار ڪندي هئي ته ٻين ماڻهن وانگر هن کي به
هر سال ڪنهن صحت بخش جاءِ تي موڪليون گذارڻ گهرجن.
پيرنٽ سندس اِهو مشورو پسند آيو. هن وٽ دولت به
هئي ۽ وقت به هو. هن هر سال چار پنج ڏينهن ڪنهن
صحت بخش جاءِ تي وڃڻ شروع ڪيو، پر هن کي ڪنهن جاءِ
تي سڪون نه ملندو هو. اوپرن شهرن ۽ اوپرن ماڻهن جي
وچ ۾ هن کي وڌيڪ مونجهه ٿيندي هئي. اُتي اڪيلائپ
جو احساس اڃا به وڌيڪ ٿيندو هو. تفريح وارين جاين
تي سڀيئي جوڙا جوڙا ايندا هئا. اُنهن سڀني ماڻهن
جي وچ ۾ هي ماڻهو اڪيلو هوندو هو.
شاديءَ کان پوءِ شرابخاني جي ان ڇوڪريءَ به نوڪري
ڇڏي ڏني ۽ وڃي پنهنجو گهر آباد ڪيائين. پر هفتي ۾
هڪ ڏينهن پابنديءَ سان هوءَ پيرنٽ سان ملڻ ايندي
هئي. ان بي سهاري زندگي ۽ اڪيلائيءَ ۾ ويهه ورهيه
گذري ويا. هر سال ڪجهه ڏينهن ڪنهن صحت واريءَ جاءِ
تي وڃي تفريح ڪرڻ هن جي عادت ۾ شامل ٿي ويو هو. هن
جي روزمره ۾ ڪا تبديلي آئي هئي ته بس ايتري.
هن سال هو سينٽ جرمن ويو هو. اُتي جولاءِ ۾ اُس
ڏاڍي وڻندي هوندي آهي ۽ ساوڪ ڪنهن سمنڊ وانگر پري
تائين ڦهليل هوندي آهي. اسٽيشن جي ڀرسان هڪ هوٽل ۾
پنهنجو مختصر سامان رکي هُو چهل قدمي لاءِ نڪري
ويو. ٻپهريءَ تائين هو ڏاڍو ٿڪجي پيو ۽ بک لڳس ته
هڪ ريسٽورانٽ جي ميز تي ويهي رهيو. ريسٽورانٽ جي
سينگاريل وڏي ڪمري کان سواءِ سياحن لاءِ فٽ پاٿ تي
خاص ميزون ۽ ڪرسيون رکيون ويون هيون ۽ ويٽر تڪڙ
تڪڙ ۾ آرڊر جي تعميل ڪري رهيا هئا. هن ويٽر کي
آرڊر ڏنو ۽ چوگرد ڏسڻ لڳو. هن جي ڀر واري ٽيبل تي
ٽي ماڻهو ماني کائي رهيا هئا. ماني جي انتظار ۾
ائين ئي هن جي نظر ڪيترائي دفعا اُنهن تي پيئي. هن
کين ڪا اهميت نه ڏني. پوءِ اوچتو هن کي عورت جو
صاف ۽ وڏو آواز ٻڌڻ ۾ آيو: ”جارج، ڪڪڙ جا ٽُڪر ته
ڪر،“ عورت پنهنجي ويجهو ويٺل نوجوان کي چيو. ”ييس
ممي.“ نوجوان سعادت منديءَ سان جواب ڏنو ۽ ڇريءَ
سان ڪڪڙ کي ٽُڪر ڪرڻ لڳو.
پيرنٽ جو جسم سُن ٿي ويو!.... بيشڪ هيءُ هِن جي
زال جي آواز هو! هو جوليءَ کي ڪيترائي ڀيرا ڏسڻ
کان پوءِ به سڃاڻي نه سگهيو هو. پر جوليءَ جو آواز
بدليو ڪونه هو. پيرنٽ جون بي چين نظرون اُتي ئي
کُپي ويون. ويهن سالن گذرڻ کان پوءِ به اُهو
خاندان اُنهن ٽن ڀاتين تي ٻڌل هو. جوليءَ جا سڀ
وارا اڇا ٿي ويا هئا. هوءَ ڏاڍي ٿُلهي ۽ پوڙهي ٿي
ويئي هئي. ليموزين جي پُٺي پيرنٽ جي پاسي ڏانهن
هئي. هو صرف ايترو ڏسي سگهيو ته ليموزين ڏاڍو
ڪمزور ٿي ويو هو. هن جا ڪلها جهُڪي ويا هئا. سڀ
کان وڌيڪ تبديلي جارج ۾ آئي هئي. هوُ هاڻي ٽيهن
سالن جو تندرست نوجوان ٿي ويو هو. اِهي ٽيئي نهايت
خوش نظر اچي رهيا هئا.
ويهن سالن کان وٺي لاڳيتو محروميءَ جو احساس ۽
اڪيلائيءَ جو لاوو پيرنٽ جي سڄي وجود ۾ ڦهلجي ويو.
پنهنجي زندگيءَ جي وڃايل ويهن سالن جي حوالي سان
هُو اُن خاندان سان ڪُرڻ لڳو. گناهگار ڪير هو ۽
سزا ڪنهن کي ملي. تباهه ۽ برباد ڪير ٿيو؟ ويهن
سالن جو عذاب ڪنهن ڪَٽيو. هن ڪهڙي جرم جي سزا ۾
ڪنڊن تي عمر گذاري. پندرهن سال پهرئين به هن اُن
شخص کي ۽ اُنهن ٽنهي کي ڏٺو هو. اُن وقت به اُهي
اهڙائي خوش ۽ بي فڪر نظر اچي رهيا هئا. جهڙا اڄ!
ائين لڳو ٿي ڄڻ اُنهن ڪڏهن ڪو ڏک ڏٺو ئي نه هجي ۽
اُنهن کي ذهني عذاب جي معنيٰ جي خبر ئي نه هجي.
”ويهن سالن کان وٺي اُهي منهنجيءَ دولت تي عيش ڪري
رهيا آهن. اُنهن کي سڀ ڪجهه ميسر آهي: گهر، سڪون،
محبت، اولاد، صحت مند ۽ فرمانبردار پٽ.“ جارج کي
ڏسي هاڻي هن جي دل ۾ درد جون سَٽون نه پئي
اُڀريون، جن هن کي سالن جا سال بيقرار ڪري رکيو
هو. حقيقت اِها هئي ته هِنن کي ڏسي پهريون دفعو
پيرنٽ جي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪل نفرت نڪري آئي.
”هُو يقيناً حرامي آهي. هُو ليموزين جو ئي پُٽ لڳي
پيو، نه ته ليموزين ايڏي وڏي عرصي تائين ڪيئن ڪنهن
ٻئي جي اولاد کي پنهنجي گهر ۾ برداشت ڪري ها ۽
گهڻو پهرئين ٻنهي ماءُ پٽ کي ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏي
ها.“ هاڻي جولي ۾ ڪا ڪشش نه رهي هئي. هو گوشت ۽
چرٻيءَ جي ڇپ ٿي ويئي هئي ۽ ظاهر هو ته اها تبديلي
هڪ رات ۾ ظاهر نه ٿي هوندي، اُن جي شروعات اٺ سال
اڳ ئي ٿي چڪي هئي.
ماني کائڻ دوران موسيو پيرنٽ کي لڳاتار اُهي عذاب
وارا ڏينهن ياد ايندا رهيا، جيڪي هِن تي گذريا
هئا. ويهن سالن کان هِن جو روح دوزخ جي باهه ۾
سڙيو هو. اُنهن ٽنهي هن کي ڇا مان ڇا ٺاهي ڇڏيو
هو! هن جي ته سڄي زندگي ضايع ٿي ويئي هئي. هن جو
قصور ڇا هو، فقط سادگي ۽ سچائي، پر اڄ قدرت هِن کي
بدلي وٺڻ جو موقعو ڏنو هو. هن کي اِهو موقعو وڃائڻ
نه گهرجي. مانيءَ کان پوءِ تيز شراب جو جام پيئندي
هن کي مختلف داستان ياد آيا، جيڪي هُو اخبارن ۾
پڙهندو رهندو هو. دشمنن کي جيئري ساڙڻ جا واقعا،
اُنهن جي جسمن کي ٽڪرا ڪرڻ جون وارداتون، پٿرن سان
مغز ڦاڙڻ جون ڳالهيون ـــ هُو مختلف طريقن تي غور
ڪندو رهيو، پر اُنهن مان ڪوبه طريقو هن کي مطمئن
ڪري نه سگهيو. سزا ته ڏوهه مطابق هجڻ گهرجي. جيڏو
وڏو ڏوهه، اوتري خطرناڪ سزا. اوچتو هڪ عجيب خيال
هِن جي ذهن ۾ ڦِرڻ لڳو ۽ هن جي چپن تي مُرڪ ڦهلجي
ويئي. هن مطمئن طريقي سان ويٽر کي اشارو ڪيو ۽
بليڪ ڪافي گهريائين، پوءِ هو انتظار ڪرڻ لڳو.
ريسٽورانٽ هوريان هوريان ڀرجي ويو هو، اِن ڪري هو
اُتي پنهنجي ارادي کي عمل ۾ نه آڻي سگهيو ۽ هن کي
ايڏي تڪڙ به نه هئي. موقعو ڏسي ئي هن کي قدم کڻڻ
گهرجي.
ڪافي دير کان پوءِ اهو خاندان ريسٽورانٽ مان اُٿيو
۽ سياحن وانگر بي مقصد چهل قدمي ڪرڻ لڳو. پيرنٽ
ٿورو فاصلو رکي هنن جو پيڇو ڪرڻ لڳو. بازار جي ڪنڊ
کان اِهي ٽيئي گهمندا ڳوٺ کان ٻاهر نڪري ويا. ڳوٺ
جي ٻاهران چوگرد ساوڪ سان ڀريل پهاڙيون ڦهليل
هيون. هر هنڌ گلن جا ٻارا، آبشار ۽ ڊگها وڻ ڦهليل
هئا. سڀ سياح اُنهن باغيچن جو سير ضرور ڪندا هئا.
اُهي جنت جهڙا نظارا ۽ ڦهليل ساوڪ ئي اُنهن کي هتي
ڇڪي آڻيندا هئا. ٿڪجڻ تي هو ڇٻر جي فرش تي ليٽي
پوندا آهن. نوجوانن کي جهنگل جا پاسا محبت ڪرڻ جا
موقعا ڏيندا آهن. جهنگل ۾ چهل قدمي ڪندي هو ڏاڍو
پري تائين نڪري ويندا آهن. نوجوان جارج پنهنجي
والدين کان ڪجهه قدم پويان سگار جا ڪَش هڻندو هلي
رهيو هو. آخر اُهي ٽيئي ٿڪجي هڪجانءِ تي گاهه تي
ويهي رهيا. پيرنٽ وڏا ساهه کنيا ۽ تيز تيز قدم
کڻندو اُنهن جي سامهون پهچي ويو. ٽنهي حيرت ڀريل
نظرن سان هن کي ڏٺو. هنن جي اکين ۾ سڃاڻپ جي چمڪ
نه اُڀري.
”مان پيرنٽ آهيان.... هينري پيرنٽ.... توهان
سمجهندا هوندؤ ته هاڻي ڪڏهن به اسان جي ملاقات نه
ٿيندي پر هڪ ڏينهن مون کي توهان سان ضرور ملڻو
هو.... ڪجهه اڌ رهيل ڳالهيون.... اڌ رهيل معاملا
نبيرڻ لاءِ... ڪجهه وضاحتن لاءِ....“
پوڙهي جوليءَ کان رڙ نڪري وئي. هن ٻنهي هٿن سان
چهرو لڪايو. ”اُف، منهنجا خدا!“
پنهنجي ماءُ کي دهشت ۾ ڏسي نوجوان جارج ٽِپ ڏيئي
اُٿي بيٺو.
ليموزين تي ڄڻ بي حس ٿي ويو هو. هن جو منهن ڦاٽي
ويو. پيرنٽ هن کي پهاڙي کان وڌيڪ مضبوط ۽ ڊگهو نظر
اچي رهيو هو.
جارج اڳتي وڌي پيرنٽ جي ڪلهن تي پنهنجا ڳورا هٿ
رکيا.
”ڇا ڳالهه آهي پوڙها؟.... هِتان تڪڙو نڪري هليو
وڃ، تون مون کي چريو لڳي رهيو آهين.“
”پري ٿي گستاخ....“، پيرنٽ جارج جا هٿ ڌڪيندي چيو.
”توکي پنهنجي پيءُ سان ڳالهائڻ جي تميز نه آهي....
اکيون ڦاڙي ڇا ڏسي رهيو آهين؟.... پر سُٺو آهي ته
چڱيءَ طرح ڏسي وٺ.... نوجوان! مان تنهنجو پيءُ
موسوي پيرنٽ ۽ تنهنجو نالو جارج پيرنٽ آهي....
يقين نه هجئي ته پنهنجي ماءُ کان پڇ“، حيرت ۾ ٻُڏل
نوجوان مُڙي پنهنجي ماءُ ڏانهن ڏٺو. پيرنٽ چيو،
”هن کي ٻُڌاءِ جولي! مان ڪير آهيان؟..... هن کي
ٻُڌاءِ ته مان موسيو آهيان ۽ قانوني طور تي هن جو
پيءُ ’مان‘ ئي آهيان... هن کي سمجهاءِ ته هن جي
نالي سان گڏ پيرنٽ لڳائڻ ڇو ضروري آهي ۽ تو شايد
هن کي اِهو ناهي ٻڌايو ته قانوني طور تي تنهنجو
مڙس ڪير آهي؟... تو شايد اِها حقيقت به هن تي نظر
نه ئي هوندي ته توهان ٽيئي منهنجي خيرات تي عيش
ڪندا رهيا آهيو ۽ اِهو ته توکي هر مهيني منهنجي
بئنڪ مان هڪ وظيفو ملندو آهي، جيڪو اُن وقت کان
لاڳيتو ملي رهيو آهي جڏهن ويهه سال اڳ مون توکي ۽
تنهنجي هِن عاشق کي...“ پيرنٽ آڱر سان ليموزين
ڏانهن اشارو ڪيو. ”.... ڌڪا ڏيئي پنهنجي گهر مان
ڪڍيو هو ڇو ته اُن رات مون کي هن مفت خور عياش سان
گڏ سڳ سوڌو پڪڙي ورتو هو... جارج کي ٻڌاءِ ته مان
هڪ شريف ۽ عزتدار ماڻهو آهيان، جنهن سان تو هن جي
دولت جي ڪري شادي ڪئي هئي ۽ شاديءَ جي چوويهن
ڪلاڪن کان پوءِ تو ساڻس بيوفائي ڪرڻ شروع ڪري ڏني
هئي. هِن کي ٻڌاءِ ته مان ڪير آهيان ۽ تون ڪير
آهين؟.... خاموش ڇو آهين جولي!... سُٺو اِهو آهي
ته هن کي اُهو سڀ ڪجهه معلوم ٿيڻ گهرجي. پوءِ ڪهڙو
وقت ايندو؟“ پيرنٽ رڙيون ڪري چيو.
”هِن کي جهلي ليمي! خدا جي واسطي هِن کي جهل.“
جولي روئيندي ليموزين کي لوڏيو. ”هي سڀ ڪجهه تباهه
ڪرڻ وارو آهي. هي سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيندو.“
”خاموش ٿي پيرنٽ.“ ليموزين اُٿندي هلڪي آواز ۾
چيو.
”توکي خبر آهي ته تون ڇا چئي رهيو آهين؟“
”ها مون کي خبر آهي.“ پيرنٽ زهريلي لهجي ۾ چيو. ”۽
اڄ مون کي اِن سوال جو جواب به کپي، جنهن ويهن
سالن کان وٺي مون کي عذاب ۾ رکيو آهي.“ هن پنهنجو
منهن ڦيري نوجوان ڏانهن ڪيو. جارج وڻ سان ٽيڪ ڏيو
وڏا وڏا ساهه کڻي رهيو هو.
”بُڌ جارج!.... جڏهن تنهنجي ماءُ منهنجي گهر مان
نڪتي هئي، تڏهن هوءَ منهنجي عزت مٽيءَ ۾ ملائي مون
کي ڌوڪو ڏئي، مون سان بيوفائي ڪري مطمئن نه ٿي
هئي. هُن مون کي مايوسيءَ جي دوزخ ۾ ڌڪي ڇڏيو. هڪ
تون ئي منهنجو مقصد هئين. تون ئي منهنجي زندگيءَ
جي خوشي ۽ مرڪز هئين. هن عورت قسم کائي چيو هو ته
مان تنهنجو پيءُ نه آهيان پر تنهنجو پيءُ هن جو هي
عاشق آهي.“ جوليءَ جي نڙيءَ مان درد ڀريل آهه
نڪتي. ”خبر ناهي ته هيءَ ڪوڙ ڳالهائي رهي هئي يا
سچ.“ پيرنٽ ڳالهه جاري رکندي چيو: ”مان گذريل ويهن
سالن کان وٺي ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو پاڻ کان
اِهو سوال ڪندو آهيان ته منهنجي پُٽ جارج جو پيءُ
ڪير آهي؟ ڪير آهي هن جو پيءُ، جولي؟“ هن پنهنجي
بيوفا زال ڏانهن ڏٺو، پوءِ هوريان هوريان هن جي
ويجهو پهچي ويو. جولي پنهنجو چهرو لڪائي سُڏڪا ڀري
روئي رهي هئي.
پيرنٽ بي رحميءَ سان هن جي هٿن کي سٽ ڏيئي پري
ڪيو، ”ٻڌاءِ جولي!.... اسان ٻنهي مان ڪير جارج جو
پيءُ آهي؟.... ليموزين يا مان؟.... تنهنجو مڙس يا
تنهنجو عاشق؟.... ٻڌاءِ جولي، جواب ڏي.“
ليموزين چرين وانگر هن کي جهليو. پيرنٽ ٻنهي هٿن
سان هن کي جهلي پوريءَ طاقت سان ڌڪو ڏنو. ليموزين
ٿاٻڙجندو زمين تي ڪري پيو. ”هڪ پوڙهي ۾ ايڏي همت!“
پيرنٽ هن تي ٿڪندي چيو. ”تون اُها رات وساري ويٺو
آهين، جڏهن مون تنهنجي زندگي بخش ڪئي هئي. جولي
جواب نٿي ڏئي ته تون ئي ٻڌاءِ. ڇا تون ئي هن
نوجوان جو پيءُ آهين؟ چُپ ڇو آهين، دغاباز!
ڳالهائين ڇو نٿو؟“
ليموزين کي خاموش ڏسي هُو هڪ دفعو ٻيهر پنهنجيءَ
زال کي مخاطب ٿيو: ”جيڪڏهن تون مون کي نٿي ٻڌائڻ
چاهين جولي! ته ڪا ڳالهه نه آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ
پنهنجي پُٽ کي ته هن جي اصل پيءُ جي باري ۾
ٻُڌاءِ. هي هاڻي ٻار ته نه آهي، پورو مرد ٿي ويو
آهي ۽ هِن کان اِها حقيقت ڄاڻڻ جو پورو حق حاصل
آهي. مون کي خبر نه آهي، نه مون کي ڪنهن ٻڌايو
آهي، نه ئي مان ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿو، جارج! ته تون
ڪنهن جو پٽ آهين؟“ پيرنٽ تي چريائپ ڇانيل هئي. هو
رڙيون ڪري ڳالهائي رهيو هو ۽ زور زور سان هٿ لوڏي
رهيو هو. ”اِها ڳالهه تون پنهنجيءَ ماءُ کان ئي
معلوم ڪر جارج! مان يقين سان چوان ٿو ته هن کي به
خبر نه آهي ته تنهنجو پيءُ ڪير آهي! مان يا هن جو
عاشق؟ ها ها ها.... ڪهڙي ته عجب جهڙي ڳالهه آهي ته
تنهنجي ماءُ کي به خبر نه آهي، هن کي معلوم به نٿو
ٿي سگهي، ڇو جو هوءَ هڪ ئي وقت اسان بنهي کي راتين
جي شريڪ ڪندي هئي. پوءِ هوءَ ڪيئن ٻُڌائي سگهي ٿي
ته حقيقت ۾ تنهنجو پيءُ ڪير آهي؟ تون ڪڏهن به ڄاڻي
نه سگهندين ته تون پنهنجي ماءُ جو جائز اولاد آهين
يا ناجائز.“ پيرنٽ زهريلو ٽهڪ ڏنو. ”پوءِ به توکي
سچ ڄاڻڻ ۽ اصليت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي. ها ها
ها.... جيڪڏهن ڪڏهن تنهنجي ماءُ تنهنجي ان سوال جو
صحيح جواب ڏيئي سگهي ته مهرباني ڪري مون کي به
ٻُڌائي ڇڏجانءِ، يا پوءِ تون پاڻ ئي اسان ٻنهي مان
ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪجانءِ. منهنجي يا هِن جي! چڱو
دوست، خدا حافظ! سُٺو وقت گذريو، خدا حافظ!“
اُنهيءَ رات هُو پنهنجي شهر موٽي آيو ۽ اسٽيشن کان
لهي سڌو شرابخاني هليو آيو. نوجوان ويٽريس هن کي
ڏسي حيران ٿي ويئي: ”موسيو! توهان موٽي آيا
آهيو... اڃا اڄ صبح جو ئي نه توهان ويا هُيو.“
”ها، مان اچي ويو آهيان پياري اُمي! هاڻي مان ڪاڏي
نه ويندس. مهرباني ڪري جدائيءَ ۾ مون کي ڪجهه پيئڻ
لاءِ ڏي.“
انهيءَ رات شراب خاني ۾ هِن کي پوريءَ طرح مدهوش ۽
بي حس ڏٺو ويو.
محمد انور بلوچ
زندگيءَ جي رڻ ۾....
پڪي عمر جي پوڙهي، ٻن ٻارن سان گڏ هلندي، مقام جي
اولاهينءَ ڪنڊ ۾ ڪجهه مهينا اڳ واري اُن قبر تي
اچي بيٺي، جنهن تي پيل گل سُڪي چڪا هئا ۽ هرک جون
اڇيون اڳڙيون ميريون ٿي ويون هيون. قبر وٽ پهچي،
هن هٿ ۾ جهليل پاڻيءَ جي بوتل، اگربتيون ۽ ڪاغذ ۾
ويڙهيل گل هڪ طرف رکيا ۽ بُٺيءَ جي پاسي ۾ ويهي
مٽي ٺاهڻ لڳي، جيڪا گذريل چئن پنجن مهينن دوران
پوري طرح کنڊري ۽ هيٺ مٿي ٿي چڪي هئي. هن قبر جي
هڪ ڪنڊ وٽ ڦُٽل ڊڀ جا تيلا پٽيا. پاسي تي پيل
سروٽو کڻي ڌڪ هنيا ته قبر جي ڄميل ڪچي مٽي ڀُرڻ
لڳي ۽ بُٺي جي پيراندي ۾ ويهي رهي: ”ملان چون ٿا
ته قبر جي پيرن کان ويهي قرآن نه پڙهجي، پر مان
اڳي به تنهنجي پيرن ۾ ويهندي هئس ته هاڻي بي ادبي
ڪيئن ڪريان.“ هوءَ چپن ۾ ڀُڻڪي ۽ پوءِ خاصي دير
الائي ڇا ڇا چوندي رهي. ائين هن جون اکيون ڪڪر
بڻجي وسڻ لڳيون ته ڳوڙها ڳلن تان تِرڪي سندس چولي
جو آڳنڌ آلو ڪندا ويا.
”تون ڇو هليو وئين.... مون ته توسان هر طرح
نڀايو... پوءِ به تون رُسي وئين“ ڪنهن موڳي انسان
وانگر، ڪجهه به سوچڻ بنا هوءَ چوندي رهي... ”ماڻهو
چون ٿا ته مان توکي وساري ڇڏيان، پوءِ کين ڪهڙي
خبر ته توکي وساري ڏاڍو ڏکيو ڪم آ.... گهٽ ۾ گهٽ
مان ته ائين نٿي رڪي سگهان.“ ائين ڪافي دير تائين
هوءَ مٽيءَ ۾ دفن اُن شخص سان ڳالهائيندي رهي،
جيڪو مُئي کان پوءِ به سندس من مان نڪري نه سگهيو
هو. هن جو مڙس، پيارَ، محبت، زندگي ۽ الائي ڇا
ڇا... ائين ڪنهن ڪنهن مهل هوءَ سڏڪا ڀري رُني. هن
مونن ۾ منهن هنيو ۽ پوءِ توبنهون ڀري ماٺ ٿي ويئي.
آڪاش جي بلندين تان ساري جڳ تي سوجهرو ڪندڙ سورج
ديوتا، سندس ڏک جو تماشو ڏسڻ لاءِ اُن وقت تائين
ٽِڪ ٻڌيون بيٺو رهيو جيسين قبر جي مٽي ٺاهي، زيبو،
اُن مٿان پاڻي هاريو، اگربتيون ٻاريون، رابيل جا
گل وڌا ۽ پکين جي چڳڻ لاءِ اَن کنڊرايو. ائين وري
به ڪٿجي نه سگهندڙ دير تائين ساڳيءَ جاءِ تي ويهي
هوءَ ڪجهه سوچيندي ۽ چَپ چوريندي رهي. اَڌ پهر يا
پهر تائين هوءَ بخشش جون ڪي قرآني آيتون، وظيفو يا
ڪي دعائون پڙهي رهي هئي ۽ پوءِ کيس ماحول تي
ڇانئجندڙ ميري اوندهه جو احساس ٿيو ته قبر جي پيرن
کان ويٺي ئي هن ڪجهه مٽي کڻي اکين تي رکي، اُن کي
چميو ۽ اُٿي ٻار وٺي پوڙهيءَ عورت سان گڏ هوريان
هوريان واپس موٽڻ لڳي.
زيبو، قبرستان کان اڌ ميل کن اوڀر طرف هڪ ڳوٺڙي جي
ويٺل هئي. ننڍي نيٽي، وڌ ۾ وڌ به ٽيهن سالن جي، پر
وهيءَ ۾ مڙس مُئو ته رَت جا ڳوڙها رُئندي رهي!
هوءَ پنهنجن مائٽن جي سڪيلڌي هئي. حد کان وڌيڪ
دادلي، ارڏي ۽ ضديري، تڏهن ئي پنهنجو پيار حاصل
ڪرڻ لاءِ پنهنجن جو پيار وڃايائين. پر سڀ ڪجهه
ماڻي نه سگهي هئي. سندس مڙس وقت کان اڳ مري ويو
هو، رڳو چار مهينا اڳ ۽ اڄ هن جي سوءَ لٿي هئي.
سج اڃا ڪانو کن به مس چڙهيو ته سڄي راڄ جون مايون
سندن گهر ۾ گڏ ٿيون. ڄاڻ سُڃاڻ ۽ پاڙي وارا ته
سندس ڀائر ۽ پيءُ ماءُ به. هن جي ماءُ، پاسي ۾
ويهي کيس ڇاتيءَ سان لاتو ته هوءَ اوڇنگارون ڏئي
رُني. ائين زيبوءَ جي روئڻ تي ”پٿر پرايو، سور
سڀڪو پنهنجا روئي“ وانگر ڪيئن اکيون آليون ٿي ويون
۽ پوءِ منجهند ڌاري هن جو ”مٿي ڌوپ“ ٿيو. پڪين
پوڙهين گڏجي سندس ڪپڙا مٽايا. خيرات جي ماني مان
ٻه گرهه وڌا ۽ هن جي ماءُ سميت هرڪا عورت ٻانهن
ورائي، منهن منهن وٽ آڻي، دلاسو ڏيئي، کانئس
موڪلائي ويئي.
”منهنجو هن سان جسم جو نه پر روح جو رشتو هو، ۽
روح ڪڏهن به ناهن مرندا.“ پيءُ ماءُ ۽ ڀائرن جي
ايلازن تي به منصور جو گهر نه ڇڏيندي زيبوءَ چيو
هو: ”هُو ناهي ته ڇا ٿيو، هن جو گهر ته آ... اولاد
۽ سندس انيڪ يادون آهن.“
”تنهنجي زندگي ننڍي ناهي امان! جبل جيڏي وهي آ...
ماڻهن جون بُکيون اکيون تنهنجو جيئڻ وِههُ ڪري
ڇڏينديون... هونئن به مُئن پويان ڪير مُئو آ.“ هن
جي ماءُ کيس سمجهايو، پر زيبوءَ نه مڃيو. هن ماءُ
کي جواب ڏيندي چيو: ”ڪنهن جي مرڻ پويان هزارن ۾ ڪو
هڪ به جسماني طور مرندا آهن، پر اهڙا کوڙ هوندا
آهن، جي جيئرا رهي به ذهني توڙي روحاني طور مري
پرزا پرزا ٿي ويندا آهن.“ ريبوءَ ڄاتو ٿي ته هن جڳ
۾ انيڪ اهڙا ماڻهو هئا جن جا پاند خوشين کان خالي
هئا پر سندن من ۾ پيار ڪندڙن جي ياد هئي.... ۽
پيار جي اُنهن يادن جي سهاري هو ڪئين جُڳ گذاري
ويا. تڏهن ئي هن مائٽن کي چيو: ”هو ڏک ڏسي
مُئو.... ۽ هاڻي سُکن لاءِ کيس وساري ٻيو ڏٺو
ڪيان، سو مون کان نه پُڄندو. هاڻي ته هن گهر مان
منهنجو مري ئي کٽولو کڄندو.“ ۽ پوءِ اُن شام، پاڙي
جي هڪ عورت پنهنجن ٻارن کي وٺي هوءَ مڙس جي قبر تي
هلي آئي هئي.
حاجي امين شهر جي سکر ماڻهن مان هو. شهر ۾ سندس
قوم جا سؤ کان مٿي گهر هئا. جيڪي ذري گهٽ اڌ صدي
اڳ، جڏهن تمام ننڍو شهر هو، هتي اچي آباد ٿيا.
حاجي امين ڪاٺ جو واپاري هو. هن ويهه پنجويهه سال
اڳ اُن وقت هي ڌنڌو شروع ڪيو هو، جڏهن هڪ ڏينهن
سندس پيءُ حاجي رزاق، روڊ ٽپندي، ٽرڪ هيٺان اچي
مري ويو. شهر جي مک روڊ تي ٻيلي کاتي واري پراڻي
نرسريءَ جي پاسي ۾ حاجي امين جو ڪاٺ جو وڏو دِڪو ۽
آرا مشين هئي. هن رڳو زمينداري ڪاٺ ورتو. ٻٻر جون
هُڙيون ٻولي کنيون. وڏيرن جي واهڙن ۽ زمين تي بيٺل
وڻ خريد ڪيا ۽ پنهنجن مزدورن کان وڍرائي، ڪاٺ
ڪراچي، ڪوٽڙي ۽ حيدآباد موڪليو. سندس آرا مشين تي
چير جو ڪم هلندو هو، جتان داستان، پٽيون، دروازن
جو مال يا هلڪي ڪاٺ مان کوکا ٺاهڻ وارا تختا ڪڍي
وڪرو ڪيائين. ائين وڻن جي پاڙن ۽ اڏوهيءَ کاڌل
بُنڊن مان گُٽڪا ٺهرائي هن يا ته اُتي ئي ٻاڪڙا
هوٽل وارن کي ڏنا يا اُنهن جون ٽرڪون ڀرائي
اُماڻيون، جتي خاص طور سياري ۾ کيس خاص نفعو مليو.
حاجي امين، ضلعي جي شگر ملن ۽ ڪوٽڙيءَ ۽ ڪراچيءَ
جي ڪارخانن کي به ٻارڻ جو ڪاٺ ڏيندو هو ۽ ”ٿورو
نفعو، گهڻي برڪت“ واري اصول تي هلي پيٽ گذر ڪندو
آيو. شهر ۾ ڪاٺ جا ٻيا به کوڙ واپاري هئا، پر حاجي
جو وهنوار سٺو رهيو ۽ گهڻو ڪري هرڪو وٽس لڙي آيو.
زيب النساء هن جي هيڪلي ڌيءُ هئي. اُن کان سواءِ
کيس چار پٽ به هئا، پر سڀ وڏا، پنهنجيءَ وارا،
پرڻيل ۽ هرڪو الڳ رهندو هو. اُنهن مان شايد ئي
ڪنهن پيءُ وارو ڌنڌو ڪيو. زيبو تن ڏينهن ۾ انٽر ۾
هئي. وهيءَ چڙهيل، تڏهن ئي سندس مائٽن کيس وڌيڪ
پڙهائي نوڪري ڪرائڻ بجاءِ سٺو گهر ڳولهي، هٿ ڳاڙها
ڪرڻ جو رٿيو. پر سٺا وَرَ ۽ گهر ته رڳو ڀاڳ وارن
کي ئي ملندا آهن. حاجي جي پنهنجائپ ۾ به اهڙي
موزونيت ڪانه هئي، جتي پنهنجي نياڻي اُٿاري.
برادريءَ ۾ هن جي ڀائرن سميت ڪيترن ئي ويجهن مائٽن
۾ ٻه ـــ ٽي، ٻه ـــ ٽي نينگريون ويٺل هيون. انڪري
ئي جڏهن به ڪٿي ڪو چڱو سڱ سُجهيو ته هڪ ڇوڪر ۾ اٺ
اٺ اکيون اٽڪيون رهيون. پر ڇوڪرا به پنهنجي مرضيءَ
وارا. نئون دور، نوجوان خيال، ته ڪنوار به چونڊي
کڻبي! توڙي کڻي زيبوءَ ۾ ڪوبه عيب نه هو، پر لکئي
جا ليک ته آسمانن تي هوندا آهن. دنيا ۾ ڪنوار کي
گهوٽ سان ملائڻ جو رڳو رسم ئي ملهائبي آهي، انڪري
حاجي ۽ جوڻهنس هر وقت ڌيءَ جي سٺي نصيب بابت
دعائون پيا گهرندا هئا. کين اِها خبر ڪانه هئي ته
زيبوءَ جي من ۾ ڪنهن لاءِ پيار پيدا ٿي چڪو آهي،
جنهن جي ياد، رات جي ڪنهن به پهر هوريان هوريان
سندس دل ۾ داخل ٿي هن جي ننڊ ڦٽايو ڇڏي. ”لوڪ لڏڻ
۾، چرڻ اڏڻ ۾“ وانگر، برادريءَ جي اڌي صدي اڳ
جيان، اڄ به ڌارين ۾ مائٽي کان لنوايو ٿي، پر
زيبوءَ لڪ ڇپ ۾ پنهنجي ڪاليج جي هڪ اُستاد منصور
سان پيار ڪرڻ لڳي.
منصور، مقامي ڪاليج ۾ پڙهندو هو. اهڙي گهر جو فرد
هو، جو سَکن جي رڳو سَڌ ڪئي هئي، پر ڪمتريءَ جي
احساس ۾ وڪوڙجي، زندگيءَ جي رڻ ۾ رلڻ بدران هو
محنت سان چڱي درجي تي وڃي رسيو. منصور سچو، سادو ۽
پيار ڪندڙ شخص هو. وڻندڙ مهانڊن ۽ ڪشش رکندڙ وڏين
ڪارين اکين واري هن جوان ۾ خبر نه ته الائي ڇا هو
جو کيس ڏسي جيڪو ڪير ڪنهن به طرح پاڻ کي ساڻس پيار
ڪرڻ کان روڪي نه سگهي. هن جا مائٽ ڀرپاسي وارن
رئيسن جا هاري هئا، جن پيٽ تي پٿر ٻڌي کيس پڙهايو.
سندس هڪ ڀاءُ ميٽرڪ ۾ ۽ ٻيو اڃا ننڍو هو. منصور کي
پنهنجي گهرو حالتن جي خبر هئي، تڏهن ئي سوڙ آهر
پير ڊگهيريائين. هو چوندو هو:
“One has to cut the coat according to his
standard”
وٽس هڪ اڌوڻي موٽر سائيڪل هئي، جنهن تي روز ڪاليج
ايندو ويندو هو. غريباڻي حال جي باوجود به هو
زندگيءَ کان مايوس نه هو. جيون کي هن مڪمل جنگ
ڀانيو ۽ هر طرح کٽڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس چوڻ موجب:
”ضروري ناهي ته ماڻهو هر ويڙهه کٽي، پر پوءِ جنگ
ضرور وڙهبي..... ميدان خالي ڇڏڻ مڙسن جو ڪم ناهي.“
تڏهن ئي ”خفي مان نفعو“ واري اصول موجب، هو رات
ڏينهن، سُکئي وقت لاءِ جاکوڙيندو رهيو. ڪاليج ۾ هو
انگريزيءَ جو استاد هو، پر کيس تاريخ ۽ ادب سان به
دلچسپي هئي ۽ اڪثر ڪنهن به موضوع تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ
ڳالهائي سگهندو هو. بنيادي طور تي هو خراب شخص نه
هو. تڏهن ئي اڪثر چيائين: ”پنهنجي محنت سان جيڪڏهن
ڪو سُکي جيون گهاري ٿو ته ڪنهن کي رنج ٿيڻ نه کپي،
ڇو ته ڪنهن جي به سٺي کائڻ يا پائڻ سان ٻئي کي
ڪهڙي تڪليف آ.... بدي جي عمر گهڻي ناهي... ماڻهوءَ
کي سدائين سٺو سوچڻ کپي. سٺو سوچڻ وارا، سٺو نه
ڪندي برو نه ڪندا آهن پر برو سوچيندڙ رڳو برو ئي
ڪندا آهن.“ ائين جهيڙن، ڌڪار ۽ نفرتن ختم ڪرڻ
وارين ڳالهين پويان هن چيو: ”محبت اها ميراث آ.“
هو چوندو هو: ”نيڪي به اُها چڱي، جا ثواب جي لالچ
بنا ڪجي ۽ ڇا اِهو صحيح ناهي ته ڪنهن ٻئي جي ڪلهن
تي چڙهي بهشت ۾ وڃڻ بدران ماڻهو پاڻ ئي پنهنجن
پيرن تي هلي دوزخ قبولي.“ سندس خلوص، سچائي ۽ سهپ
جي ڪري کيس چئن چڱن ۾ مثال طور پيش ڪيو ويندو هو.
ڪاليج يا ڳوٺ ۾ هن بابت ڄاڻندڙ اڪثر عورتون کيس
چاهينديون هيون. منصور کي چاهيندڙن ۾ ڪاليج ۾
پڙهندڙ زيب النساء به هئي. |