سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب:صوفي لا ڪوفي

باب: 9

صفحو : 9

 

ڪردار

 

[علامه صاحب هيءُ ليڪچر پهرين جولاءِ  سنه 1929ع تي ٿيل سافيڪل هال ڪراچيءَ ۾ ڏنو، ۽ اهو سڀ کان پهريائين ”سنڌ هيرالڊ“ رسالي جي “Prophet lssue” ۾ 18 آگسٽ 1929ع ۾ شايع ٿيو.[

خواتين و حضرات، يا جيئن مون کي وڌيڪ موزون ٿو لڳي ته هاڻ توهان کي سچائيءَ سان پيار ڪندڙ ۽ خدا جا طالبو چئي مخاطب ٿيان. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته توهان عورت هجو يا مرد، پر ان جي باوجود توهان گهڻو مٿي وڃي سگهو ٿا، ڇو ته انهن بلندين جو ڇيهه ئي ڪونهي، جن تائين انسان جي رسائي ممڪن آهي.

مون کي افسوس آهي ته اسان جي فاضل چيئرمين هن ليڪچر جو تعارف انتهائي مبالغه آميز انداز ۾ ڪرايو آهي. مون کي ٻڌايو ويو آهي ته مون جهڙي غريب ماڻهوءَ مان هنن کي وڏي اميد آهي. پر مون کي عالم هجڻ جي گهٽ دعوى آهي، تڏهن به جيڪي ٿورو گهڻو اڄ آءٌ هتي چوڻ چاهيندس اهو منهنجي ذاتي غور و فڪر جو نتيجو آهي ۽ اهو ڪيترن سالن جي عرصي تي محيط آهي. اها به ٻه-ٽي ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي جو اسان جي هڪ پڙهيل ڪڙهيل دوست اهو چئي ڏنو ته، ”اسان کي مذهب نه گهرجي. اسان محض ڪردار چاهيون ٿا.“

هن جو مطلب چڱي طرح سمجهي ويس؛ حالانڪ لفظن جو انتخاب صحيح نه هو. ان کانسواءِ انهن جملن ۾ جيڪو ظاهر ظهور تضاد آهي اهو مون کي نه آئڙيو. بهرحال انهيءَ ڳالهه منجهان انهيءَ مونجهاري جو پتو پوي ٿو، جيڪو انهن ٻن اهم معاملن يعني مذهب ۽ اخلاق بابت عام طور پوري دنيا ۾ ۽ خاص طور تي هندستان ۾ پکڙيل آهي، اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ ساڳئي ڏينهن جڏهن مون کي هڪ ٻئي دوست هن  گڏجاڻيءَ ۾ خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني ته مون بي اختيار پنهنجي گفتگوءَ جي لاءِ ”ڪردار“ جو انتخاب ڪيو.

عام نطقئه نظر موجب ڪردار اهڙن اخلاقي صفتن جو مجموعو آهي جيڪي انسانذات ۾ مشترڪ آهن. ليڪن هتي آءٌ ان لحاظ کان ڪونه ڳالهائيندس.

جن صاحبن جي ڪردار ۾ انهيءَ لحاظ کان ڪا دلچسپي آهي، بهتر ٿيندو ته اهي پنهنجي رهنمائيءَ لاءِ هن موضوع تي ڪنهن ڄاتل سڃاتل مصنف جو ڪو ڪتاب مطالعو ڪن. انهيءَ ڪري توهان کي پڻ منهنجي اڄ هيءَ گذارش آهي ته ٿوري دير لاءِ اخلاق بابت پنهنجا رايا محفوظ رکجو؛ بلڪ مسئلي کي جيئن جو تيئن ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪجو.

آءٌ جيئن ته لفظ ”ڪردار“ (Character) بابت ڳالهائي رهيو آهيان، انهيءَ ڪري اهو وڌيڪ مناسب ٿيندو ته آءٌ انهيءَ لفظ جي لغوي معنى پڻ هتي پيش ڪريان، جيڪا اسان کي ويبسٽر جي لغات ۾ ملي ٿي، ان ۾ هڪڙي معنى هيءَ ڄاڻايل آهي: ڪنهن شيءِ جو اهڙو اهڃاڻ يا علامت جيڪا ان شيءِ جي ڪنهن خاص حقيقت ڏانهن اشارو ڪري، جنهن مان ان جي سڃاڻپ، اصليت ۽ منهن مهانڊي وغيره جي خبر پوي؛ مطلب ته اهڙو گڻ يا لڇڻ جنهن جي ڪري هڪ شيءِ ٻي شيءِ کان سڃاپجي يا الڳ ۽ ممتاز نظر اچي. ٻي معنى هيءَ ڏنل آهي: اهڙي وصف يا خوبي جيڪا هڪ فرد يا ڪنهن جنس ۾ ملندي هجي. هن مان واضح ٿيو ته ڪنهن فرد جي ڪردار مان مراد اهي خاصيتون هرگز ناهن جن ۾ هو عام طور تي ٻين سان ڀاڱي ڀائيوار آهي. بلڪ ان جو مطلب اهڙيون امتيازي خوبيون يا وصفون آهن جن جي ڪري اهو فرد ٻين کان جدا ۽ الڳ نظر اچي ٿو.

آءٌ هتي ان جا ڪي مثال ڏيان ٿو:

لوڻ جي اها خاصيت آهي ته اهو چهرو ٿئي ٿو ۽ شين کي محفوظ رکڻ لاءِ ڪتب ايندو آهي. اهڙيءَ طرح کنڊ مٺي ٿئي ٿي، بخمل نرم ٿئي ٿو ۽ ڪنڊو چڀندو هوندو آهي. رڍ مين مين ڪري ٿي ۽ شينهن گجگوڙ ڪري ٿو.

هتي اوهان تي واضح ٿي ويو هوندو ته جيستائين سندس ان خاص خوبيءَ جو تعلق آهي ته انهن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪري نٿي سگهجي. هڪڙي ٻئيءَ کان الڳ آهي ۽ هر هڪ جو پنهنجو ڪارج آهي. ان ڪري جيڪڏهن خدانخواسته انهن مان اها خاص خوبي ختم ٿي وئي، جنهن جي ڪري ان جي سڃاڻپ ٿي پئي سگهي، ته پوءِ چئبو ته ان جو ڪردار به ختم ٿي ويو.

هتي پهچڻ کان پوءِ آءٌ توهان کي باقي ٿورو اڳتي وٺي هلندس، جتي اها انفراديت اڃا غير ترقي يافته معلوم ٿئي ٿي.

آءٌ نٿو چاهيان ته توهان کي طبعيات جي پيچيده راهن تي وٺي هلان. توڙي جو کڻي مون ۾ اها صلاحيت هجي. هتي آءٌ اوهان جي ڌيان تي صرف هڪڙي حقيقت آڻڻ گهران ٿو، جنهن کي طبعيات جا سڀئي ماهر فيلسوف تسليم ڪري چڪا آهن، سا اها آهي ته اهو مادو جنهن کي اسين ٺوس تصور ڪريون ٿا ۽ جيڪو اڳئين زماني ۾ فيلسوفن لاءِ سخت شيءِ جي حيثيت رکندو هو، هينئر ڳري اهڙو ته پرڻ ٿي ويو آهي جو ان شيءِ جي حيثيت ڪڪرن يا هوا واري به نه رهي آهي. اهڙيءَ طرح هلڪي ۾ هلڪي گئس هئڊروجن پڻ اليڪٽرانن جي ٺهيل آهي. ان لحاظ کان هن موجوده مادي ڪائنات جو بڻ بڻياد هينئر ٻڌائي ٿو ته ان کي قديم اصطلاح مطابق مادي يا طبعي ته هرگز ڪوٺي نٿو سگهجي.

انهيءَ شيءِ (اليڪٽران) جي مکيه خاصيت لاڳيتي حرڪت آهي. پوءِ ان کي توهان فعلي توانائي چئو يا مخفي توانائي جو نالو ڏيو يا اڃا ڪو ٻيو نالو ڏيو. هتي منهنجو مقصد لفظن ۾ الجهڻ ناهي. ليڪن هڪڙي ڳالهه پڪي آهي ته اها شيءِ ”مادو“ هرگز ناهي، جيئن اسان جو مادي بابت عام تصور آهي.

آءٌ اها ڳالهه هڪ دفعو وري ورجايان ٿو ته موجوده دؤر جي سائنسدان کي اها خاطري آهي ته جنهن شيءِ کي مادو چيو ويندو  هو، اهو دراصل هڪ وڌيڪ بنيادي عنصر جي شڪل يا صورت هئي، انهيءَ ڪري هتي اهو مفروضو نهايت آسانيءَ سان اختيار ڪري سگهجي ٿو ته ان آفاقي عنصر جون ضرور ڪي پنهنجون خاصيتون هونديون. انهن مان هڪڙي خاصيت جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪري آياسون، اها ان جي لاڳيتي ذاتي حرڪت آهي.

هتي اسان انهيءَ تفصيل ۾ نٿا  وڃون ته انهيءَ عنصر جي ابتدائي شڪل ڪهڙي هئي، جن ۾ اليڪٽران ۽ گئسون شامل آهن، جيتوڻيڪ توهان کي خبر آهي ته انهن کي به پنهنجون مختلف خاصيتون آهن ۽ اهي پنهنجي مخصوص روش جو مظاهرو به ڪن ٿا؛ بلڪ انهن مان ڪي به ٻه پاڻ ۾ هڪجهڙا ناهن. هن ڳالهه کي هتي ڇڏي هاڻي اسان جمادات جي دنيا ڏانهن اچون ٿا.

توهان ڏٺو هوندو ته ڪنهن به قسم جي پٿر جو مادو ٻئي قسم جي پٿر جي مادي کان تمام ٿورو مختلف ٿئي ٿو، ته به تمام ٿورو هيڏي هوڏي، ڏسڻ سان اسان کي ڪي اهڙا عاليشان ڌاتو ۽ قيمتي پٿر ملن ٿا؛ جيڪي پنهنجي منفرد خاصيتن سبب پري کان پڌرا آهن. مطلب ته ان نموني ۾ اسان کي هڪ قسم جي پيچيدگي ۽ انفراديت جو وڌندڙ زور محسوس ٿئي ٿو.

معدنيات جي دنيا جي خاص صوبي هيءَ آهي ته اهي ٻاهران بلڪل ٺوس ٿين ٿيون ۽ منجهن اندروني عمل ٿئي ٿو. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين نباتات يا ڀاڄين سان به لاڳو ٿئي ٿي. مثلاً: اوهان سڀني کي خبر آهي ته وڻ حرڪت ڪونه ٿا ڪن پر اهي پنهنجون پاڙون ڌرتيءَ ۾ جتي اها بيٺا آهن، هيٺ وڌائيندا وڃن ٿا.

جيتوڻيڪ وڻن جا به تمام گهڻا قسم آهن؛ ايتري قدر جو هر قسم کي پنهنجو جدا رنگ، منهن مهانڊو، شڪل شبيهه هوندي آهي پر انهن ۾ پنهنجي نوع جو اصل خاصيتون به قائم رهن ٿيون. جهڙوڪ: غير متحرڪ هجڻ. پر جيڪڏهن ڪا شيءِ پنهنجي اصليت کان ٻاهر وڃي ٿي جيئن ڪي پيرڙا ساهوارا يا جيت جيڪي چر پر جي ڪوشش ۾ مصروف رهن ٿا، اهي ڄڻ ته نفرت يا بڇان جي علامت ٿي پون ٿا ۽ انهن لاءِ پوءِ ائين چيو وڃي ٿو ته اهي پنهنجون خاصيتون وڃائي ويٺا آهن.

انهن دنيا کي ڇڏڻ کان اڳ آءٌ هتي صرف ٻن هندستاني وڻن جو ذڪر ڪندس جيڪي ڪيترن سالن کان منهنجي دلچسپيءَ جو مرڪز رهيا آهن. اهي آهن بڙ ۽ پام يا کجي جا وڻ. بڙ جي وڻ جي مکيه خاصيت اها آهي ته ان جون نيون ڄاول شاخون هيٺ زمين طرف وڌڻ شروع ڪن ٿيون ۽ پنهنجي لاءِ انهيءَ وڻ جي پاڙ جي ويجهو ڌرتي ۾ جاءِ پيدا ڪن ٿيون. اهڙيءَ طرح انهيءَ اصلي وڻ جي بنهه ڀرسان اڀري ساڳي وڻ کي مضبوط ڪن ٿيون. منهنجي لاءِ اها ڳالهه نهايت دلچسپيءَ جو باعث رهي آهي ته جنهن ڌرتيءَ تي اهو وڻ پيدا ٿيو هو، ان ڌرتيءَ  ئي انسانذات لاءِ ”گڏيل ڪٽنب“ جو نظام وجود ۾ آندو.

ٻيو کجي يا پام جو وڻ آهي جنهن جو مون مٿي نالو ورتو ان جون وري بڙ جي برعڪس خاصيتون آهن. جيئن جيئن اهو وڌڻ لڳي ٿو تيئن ڄڻ اهو ڌرتي سان پنهنجا لاڳاپا ختم ڪندو وڃي، پوءِ ڀلي کڻي سندس پاڙ هيٺ ڪيتري ڇونه هجي، ليڪن ڌرتيءَ جي ڀرسان اهو پنهنجي ڪا شاخ نٿو ڇڏي. اهو هميشه سنئون سڌو اڀري ٿو ۽ سڌو مٿي وڃي ٿو، تان جو ان جي چوٽيءَ تيجيڪي ڪجهه شاخون ٿين ٿيون، انهن جو منهن به مٿي ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ اتي منجهس جهجهو ۽ قيمتي ڦل پڻ پيدا ٿئي ٿو. هنن ٻنهي وڻن جي باري ۾ اڃا ڪجهه وڌيڪ چئي سگهجي پيو، مگر اسان وٽ ايترو وقت ناهي، ان ڪري هاڻي اسان جانورن جي دنيا ڏانهن اچون ٿا.

سڀ کان پهرين ڳالهه جنهن جي ذريعي اسان نباتات ۽ جاندار ۾ تميز ڪري سگهون ٿا ۽ جيڪا نهايت  زوردار نموني ۾ اسان جي ذهن تي اثرانداز ٿئي ٿي، سا اها آهي ته نباتات جي مقابلي ۾ جاندار هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين چر پر ڪرڻ جي خاصيت رکن ٿا، ڇا اوچي اڏام کان سواءِ عقاب جو ۽ تکي ڇال کان سواءِ هرڻ جو تصور ڪري سگهجي ٿو! قدرت جو عجيب ڪرشمو آهي ته جيڪا شيءِ حرڪت نٿي ڪري، ان کي اکيون به ڪونه ڏنيون ويون آهن. مگر ان جي مقابلي ۾ نهايت تيز آهي ۽ ڊوڙڻ ۾ پڻ تکي آهي، ان جون اکيون به تيز نظر واريون آهن. جاندارن ۾ ڇڇوندر ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي.

ٿوري دير لاءِ ان موضوع کي اتي ڇڏي اسان ٻئي طرف واجهايون ٿا. دراصل اها ساڳي حالت نه رڳو مادي دنيا سان لاڳو آهي بلڪ فڪري ۽ روحاني دنيا ۾ پڻ ائين ٿئي ٿو. گيان يا سوچ هڪ قسم جي حرڪت پذيري آهي ته ڌيان وري هڪ قسم جو روحاني سڪوت آهي، تن ۾ پڻ آخرڪار فڪري ۽ روحاني نظر پيدا ٿئي ٿي. دنيا جا سڀئي ذڪر قابل فيلسوف، فڪر جي انهن ابتدائي حالتن مان گذريا آهن ۽ سڀئي پيغمبر وري پوئين روحاني حالت مان اُڪريا آهن. انهن ۾ زرتشت (1) ۽ گوتم ٻڌ (2) به آهن ته حضرت عيسى عه (3) ۽ حضرت محمد (4) پڻ. اهي پڻ انهيءَ گيان ۽ ڌيان جي منزل مان گذريا، جنهن کان پوءِ کين بصيرت جو نور حاصل ٿيو ۽ تبليغ ڪرڻ شروع ڪيائون.

مطلب ته اسان ڏٺو ته بڙ ۽ پام جي وڻ ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون هيون جيڪي انساني خاصيت آهي جيڪا پڻ انسان ۾ ملي ٿي. ليڪن ان جي باوجود انهن ڳالهين کي اسين انساني ڪردار جا اجزا قرار ڪونه ٿا ڏيون. هڪ لحاظ کان طبعي يا جسماني خاصيتون ڪردار جي دائري ۾ اچن ئي ڪونه ٿيون. البت هلندي هلندي ان ڳالهه طرف اشارو ڪري ڇڏجي ته موجوده دؤر ۾ هڪڙي طبعي خاصيت کي تمام گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي ۽ اهو آهي رنگ.

هن سلسلي ۾ هيءَ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته يوناني تهذيب جي عروج جي وقت وحشي (Berbarian)لفظ نفرت وچان ڪتب ايندو هو، جيتوڻيڪ ان جي لفظي معنى غير يوناني هئي. ليڪن پوءِ به ان جو مطلب هڪ غير مهذب ۽ غير ذهين انسان هو ۽ اها ئي معنى افلاطون (5) جي لکيت مان ملي ٿي. اسلامي تهذيب جي زماني ۾ وحشي، جو مطلب ”خدا جي وحدانيت کان ڦريل“ قرار ڏنو ويو. ليڪن موجوده دؤر ۾ مهذب جو مطلب گورو ۽ غير مهذب جو مطلب ڪارو يا رنگدار ورتو وڃي ٿو.

طبعي خاصيتن کي پاسيرو رکندي اسان ڏسون ٿا ته هڪ پکيءَ جي ٻچڙي جي ماءُ ۾ پنهنجي ٻچي تان جان قربان ڪرڻ جو جيڪو جذبو آهي، اهو ساڳيو جذبو اسان کي انسانن ۾ پڻ ڪارفرما نظر اچي ٿو. اهڙيءَ طرح ڪتي ۾ وفاداريءَ جو جذبو ۽ شينهن ۾ حڪمراني ڪرڻ واري سگهه اسان کي انساني خصويتن جي ياد ڏيارين ٿا؛ ليڪن انهن سڀني حقيقتن جي باوجود اسين ماڻهو انهن ڳالهين کي ”جبلت“ جي نالي ڏيڻ تي اصرار ڪريون ٿا، جيتوڻيڪ اسان جي راءِ آهي ته بني نوع انسان ۾ اڃا ڪي ٻيا گڻ آهن، جيڪي واقعي صرف اسان سان مخصوص آهن ۽ جنهن جي ڪري اسان نباتات ۽ ٻين جاندارن کان جدا آهيون. انهيءَ خاصيت کي اسان پنهنجي ذات جو شعور ڪوٺيون ٿا ۽ ان سان گڏ ”تصور جي قوت“ پڻ آهي جنهن سان آءٌ واري قوت سان آشنائي ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اسان ۾ علحده وجود جو تصور اڀري ٿو ۽ ان کان پوءِ اسان هڪ شيءِ کي ٻي شيءِ کان الڳ ڪري سمجهي سگهون ٿا. اڳتي هلي اسان منجهن مشابهتن ۽ غير مشابهتن جي ڳولا ڪريون ٿا، جنهن کان پوءِ وري ڪا نسبت ڳولي سندن صف بند ڪريون ٿا يا ٻين شين سان ملائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ٿورن لفظن ۾ هيئن چئجي ته عقل کي استعمال ڪندي اسان تجزيه ۽ ترڪيب جا هڙئي مرحلا طئي ڪريون ٿا. هتي پهچڻ کانپوءِ چئجي سگهي ٿو ته اِهو آهي گُڻ يا خصوصيت، جيڪا خاص انسانذات جي لاءِ آهي ۽ جنهن جي ڪري هو باقي ٻيءَ دنيا کان جدا نظر اچي ٿو.

اڳتي وڌڻ کان اڳ منهنجي اوهان کي هيءَ استدعا آهي ته ٿورو پوئتي نگاهه وجهي اهو سوچيو ته آخر ”ڪل“ جي انهن خاصيتن جي اوسر ڪهڙيءَ ريت ٿي آهي؟ هن سلسلي ۾ هڪڙي ڳالهه جيڪا نهايت واضح آهي اها وڌندڙ انفراديت جو تصور آهي. ان ۾ جيتوڻيڪ ڪيتريون پيچيدگيون به رونما ٿيون جيڪي وضاحت طلب هيون پر انهن جو مڪمل اظهار پڻ ان صورت ۾ ممڪن هو. بهرحال اهي سڀ ڳالهيون گڏجي هڪڙي اهم خاصيت جو سبب ٿين ٿيون ۽ اهو آهي شيءِ جو نارجي وجود يا ظاهري صورت. ان لحاظ کان ڏسجي ته انسان ۾ قديم عنصر جي ظاهري حرڪت هينئر پنهنجي اوج تي پهچي چڪي آهي. ليڪن ان کان وڌيڪ انهيءَ نئين حرڪت جو ظهور آهي، جنهن سبب سندس پهرينءَ سان رابطو مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي. پهرين مرحلي تي آءٌ، ۽ تون هڪٻئي کان الڳ معلوم ٿين ٿا. ليڪن پوءِ ”آءٌ“ جو نه رڳو ”تون“ سان رابطو قائم ٿئي ٿو، بلڪ هو سموري خارجي دنيا کي پنهنجي اندر ۾ ڳولي لهي ٿو. ان جو مثال اجهو هن ريت آهي:

آءٌ پاڻ کان ٻاهر جڏهن ڪنهن شيءِ جو سوچيان ٿو ۽ ان کي ڪو نالو ڏيان ٿو ته ڄڻ اهو سڀڪجهه منهنجو حصو آهي. اها خارجي دنيا جي نشو ونما ڪونه چئبي. بلڪ شين جي خارجي مظهر ڏانهن هڪ قسم جي نئين حرڪت آهي، جنهن کي اسان ”اندروني تحريڪ“ جو نالو ڏيئي سگهون ٿا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته انسان خارجي دنيا بابت شروعات پنهنجي اندر ۾ ان جي عڪس ٺاهڻ سان ڪري ٿو ۽ پوءِ ذهني طور تي وڌڻ شروع ڪري ٿو. اتي ئي خارجي ۽ داخلي يا ظاهري ۽ باطني دنيا جي سنگم جو احساس ٿئي ٿو. ان کان پوءِ جيئن هو وڌيڪ اونهائيءَ ۾ وڃي ٿو ته ان کي هو روحاني دنيا جو نالو ڏئي ٿو.

مطلب ته انفراديت جو احساس جيڪو سنگهڻ جي حواس کان وٺي شروع ٿئي ٿو، اهو ٻڌڻ ۽ خاص ڪري ڏسڻ جي وسيلي وڌيڪ پڪو پختو ٿي ادراڪ جي شڪل وٺي ٿو، اتي هڪ قسم جو جزو شيءِ جي پنهنجي وجود کان عليحده ڄاول صورت ۾ شيءِ جي تصور ۾ ظاهر ٿئي ٿو. تنهنڪري ڪنهن شيءِ جو تصور جيتوڻيڪ خارجي دنيا سان تعلق نٿو رکي، پر ان جو الڳ وجود ضرور آهي ۽ اتان ئي عقلي دنيا جي شروعات ٿئي ٿي. ٻين لفظن ۾ داخلي حرڪت جو آغاز ٿئي ٿو، جيڪو ان جي وجود جو ثبوت آهي. هن سلسلي ۾ وڌيڪ داخلي سفر کي اسان روحاني ڪوٺيون ٿا.

هڪ لحاظ کان اهو آهي وجود جو سڄو سارو مانڊاڻ، جنهن کي اسان پنهنجي تجزيي موجب ٽن مختلف مادي، فڪري ۽ روحاني سطحن ۾ ورهايو آهي. انهن ٽنهي سان انسان جو وجود قائم آهي ۽ انسان جون خاصيتون به انهن مان جنم وٺن ٿيون، ازانسواءِ انهن ٽنهي سطح جو هڪٻئي سان عمل ۽ ردعمل جو سلسلو برابر قائم آهي. اهڙي طرح انهن ٽنهي سطحن ۾ ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان مختلف قسم جا انسان وجود ۾ اچن ٿا. ڪنهن هڪڙي عنصر جي ٿورڙي گهڻائي به بلڪل مختلف قسم جي خصوصيتن واري انسان کي وجود ۾ آڻڻ جو سبب ٿئي ٿي. وضاحت لاءِ آءٌ هڪ مثال پيش ڪريان ٿو.

نباتات توڙي ساهوارن ۾ ڪنهن خواهش جو پيدا ٿيڻ ۽ ان کي پوري ڪرڻ جو عمل، ٻين لفظن ۾ ٻاهرين ڪنهن شيءِ بابت جاندار جو پنهنجو ردعمل، اهي هر حال ۾ ساڳيا انسان جي عمل جهڙا آهن مثلاً: جهڙي طرح پڪل ميوو هڪ پکيءَ کي هرکائي ٿو ۽ اهو اچي ان کي کائي، اها ساڳي حالت انسان جي به آهي جيڪو وري ان ميوي کي پٽي پنهنجي وات سان چکي کائي ٿو. اهڙيءَ طرح جنس جي بقا جي سلسلي ۾ نر-ماد جي موجودگي اتساهه جو سبب ٿئي ٿي ۽ ان جي نتيجي ۾ کانئس هڪ مخصوص فعل سرزد ٿئي ٿو.

ليڪن ان وقت بلڪل هڪ نئين صورتحال جنم وٺي ٿي جڏهن اهو حساس ردعمل کي اڀاري ٿو ۽ اهو جسماني عمل وسيع تر صورت اختيار ڪري ٿو، يعني جڏهن اهو پاڻ کي ذهني ۽ فڪري صورت ۾ ظاهر ڪري ٿو.

طبعي دنيا جي قاعدي موجب ته فوري طبعي ردعمل وجود ۾ اچي ٿو پر انهيءَ ردعمل سان گڏ جيڪا انڌي گرمي نڪري ٿي، اها پهريائين فعلي ۽ پوءِ روشني جي صورت اختيار ڪري ٿي. پر جيڪڏهن ڪو عملي طور مفيد ۽ فوري طبعي ردعمل وجود ۾ نٿو اچي ته پوءِ اهو هڪ ٻي نئين صورت اختيار ڪري ٿو ۽ انهيءَ صورتحال کي اسان پنهنجي زبان ۾ ”جمالياتي“ ڪوٺيون ٿا. اهڙيءَ طرح جڏهن اسان هڪ تصور مان ٻي تصور تائين پهچون يا خارجي دنيا جي شين سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جي بجاءِ اسان انهن جي تخليقي ۽ علامتي حيثيت سان رابطو قائم ڪريون بلڪ انهيءَ سطح تي ڇنڊ ڇاڻ ڪريون ۽ خارجي دنيا سان وڌيڪ لاڳاپي قائم ڪرڻ کانسواءِ ڪي عمومي نتيجا قائم ڪريون، ته پوءِ اهڙي صورتحال کي عقلي صورتحال سڏي سگهجي ٿو. ساڳي ريت جڏهن وڌيڪ سوچ ويچار ۽ غور و فڪر کان پوءِ اسان وڌيڪ گهراين ۾ هيٺ وڃون ٿا ۽ جتي اسان کي پهرينءَ نظر ۾ وڌيڪ گهراين جو انڪشاف ٿئي ٿو، پوءِ ان صورتحال کي اسان روحاني سمجهون ٿا.

ٻئي طرف اڪثر ائين به ٿئي ٿو ته فڪري قوت پنهنجي اظهار لاءِ فڪري صورت اختيار نٿي ڪري، بلڪ اها طبعي دنيا جو رخ ڪري ٿي ۽ هڪ ظاهري عمل جي شڪل ۾ صورت پذير ٿئي ٿي اهڙي صورتحال جڏهن ننڍي پئماني تي عوامي تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري ٿي ته ان کي قومي سطح سان مخصوص ڪيو وڃي ٿو. ليڪن روحاني قوت جڏهن خارجي شڪل اختيار ڪري ٿي ته پوءِ يقيناً عظيم تر تحريڪون جنم وٺن ٿيون. دنيا جا سڀ وڏا مذهب دراصل اهڙي قسم جي تحريڪن جي پيداوار آهن. انهن ٻنهي ۾ فرق هي آهي ته اها روحاني قوت جيڪا خارجي روپ اختيار ڪري ٿي، سا انسان جي سڄي ساري شخصيت کي متاثر ڪري ٿي. مگر ان جي مقابلي ۾ جيڪڏهن انهيءَ قوت جو دائرو ايترو وسيع ناهي، ته پوءِ اها انسان تي اثر به اوترو ئي گهٽ ڪري ٿي.

في الحال اسان وٽ ايترو وقت ناهي جو هن دقيق موضوع تي ڪجهه وڌيڪ ڳالهايون، هتي صرف ايترو ٻڌائڻ ڪافي ٿيندو ته اهڙا فرد جيڪي جمالياتي، فڪري ۽ روحاني قوت سان مالامال آهن، انهن جي چوڌاري ننڍا وڏا گروهه ضرور گڏ ٿيا آهن، جن پوءِ جماعت، قوم ۽ مذهبي سماج جي صورت اختيار ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح سندن رهبر جو خاص ڪردار ۽ جنهن ماحول ۾ هو رهن ٿا، تن منجهان انهن فردن جي ڪردار جي تعمير ٿئي ٿي. تنهنڪري ڌرتي جي ڏکڻ اوڀر (6) واري حصي جي اها خاصيت آهي ته اتي تمام وڏا گروهه وجود ۾ آيا، پر ان جي مقابلي ۾ اتر- اولهه (7) واري حصي جي اها خاصيت آهي جو اتي قومون پيدا ٿيون.

اهڙي طرح اتر ۽ ڏکڻ بلڪ جن اتر اولهه ۾ ڏکڻ يا اوڀر چوڻ زيادب مناسب ٿيندو انهن جي خاص خوبين متعلق ارسطوءَ (8) جو چوڻ آهي ته اترادي ماڻهو زندگي لاءِ سخت جدوجهد ڪرڻ سبب جنگجو ٿي ويا. اهو ئي سبب آهي جو گذريل ڪيئي هزار سالن کان وٺي انهن جو خاص ڌنڌو جانورن جو شڪار ڪرڻ ۽ هڪٻئي کي مارڻ پئي رهيو آهي. ليڪن جيستائين ڏکڻ- اوڀر جو تعلق آهي ته ائين ڪونهي ته ڪو اهي انهن ساڳين مرحلن مان گذريا، پر انهن جو ماحول ئي اهڙو هو جو اهي انهن مرحلن مان جلدي اُڪري پار پئجي ويا ۽ گهڻو اڳتي نڪري ويا.

هاڻي اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته لاڳيتي جنگ ۽ جهيڙي سبب ماڻهوءَ وٽ سوچ لاءِ  نه ته ڪو وقت بچي ٿو ۽ نه وري ڪنهن روحاني مشغلي لاءِ کيس فرصت ملي ٿي. بلڪ ان وقت مکيه مقصد اهو هڪڙو وڃي رهيو ٿو ته پنهنجي نسل جي حفاظت ڪيئن ڪجي ۽ ان کي ڪيئن وڌائجي. هن ڳالهه سان توهان کي ضرور دلچسپي هوندي جيڪڏهن آءٌ توهان کي اهو ٻڌايان ته ويندي موجوده زماني تائين قديم النسل جرمن قوم (Teutons) لاءِ اهڙن نالن ۾ وڏي ڪشش آهي، جن مان ڪنهن نه ڪنهن نموني ۾ جنگ جي بوءِ اچي ٿي. مقبول ترين نالا جهڙوڪ: گرٽرڊ (Gerturd) جي معنى آهي ”محبوب نيزو“، ٻيو آهي فرڊيننڊ- فرڊ معنى ٿي: ”لشڪر جي راحت.“ اهڙي طرح يورپ جي انتهائي مڌر موسيقيءَ جي خالق جو نالو ”وولف گانگ“ آهي، جنهن جي معنى آهي:  ”بگهڙ جو رستو“. ساڳي ڳالهه جرمني جو عظيم شاعر گوئٽي(9) ڪري ٿو،  حالانڪ مشرق ۾ ڳنوار به اهو نالو رکڻ گوارا نه ڪندا.

هتي توهان شايد اهو سوچيو ته مختلف قسم جا اهي ڪردار شروع کان وٺي ٻين خارجي اثرات کان پالها رهيا آهن. پر ائين ڪندي اسين هڪ تمام اهم حقيقت کي نظرانداز ڪري رهيا آهيون ته انسانذات پڻ هن ڌرتيءَ وانگر هڪ اڪائي يا کنڊ آهي. جهڙيءَ طرح موسميات جو عمل اسان کي ٻڌائي ٿو ته هوائون ان ڪري لاڳيتو لڳن ٿيون ته جيئن ڌرتيءَ جي گرمي کي معتدل رکي سگهن، تهڙيءَ طرح انساني تاريخ ۾ پڻ ڏکڻ کان اتر طرف تمام وڏيون تحريڪون هليون آهن، ساڳيءَ ريت اوڀر-اولهه طرف پڻ حرڪت ٿي آهي ته جيئن حالتن کي ممڪن حد تائين متوازن رکي سگهجي. انهيءَ لحاظ سان ارسطو (10) هلاڪو (11) ، چنگيز خان (12) ، قيصر (13) ، گوتم ٻڌ (14) ۽ حضرت عيسى عه (15) ڄڻ ته ساڳئي هڪ عمل جي ڪڙي آهن.

انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته عيسائيت اهڙن ماڻهن مٿان مڙهي وئي جيڪي ان تحريڪ کي قبول ڪرڻ جي قابئ ئي نه هئا. مثلاً: قديم جرمن قوم (Prussians) مٿان اها تلوار جي زور تي يارهين صديءَ ڌاري نافذ ڪئي وئي، سويڊ قوم سان البت ڪي قدر مانوس ٿيڻ کان پوءِ ائين ٿيو. حيرت ٿئي ٿي ته ڏهين صديءَ جي آخر تائين انساني جانين جي قرباني ڏني وئي، جيتوڻيڪ ٽي هزار سال اڳ انسانن جان جي نذراني کي گهوڙي جي قرباني سان تبديل ڪيو ويو. مطلب ته جيستائين قرباني وغيره جو تعلق هو ته پروشا (Purusha) جي جاءِ ”اوسا“ (Avsa) والاري هئي. ليڪن اها ئي ڳالهه يورپي لوڪن جي زندگيءَ ۾ هڪ مصيبت جي صورت اختيار ڪئي وئي؛ جيڪا سندن ماحول کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ ردعمل پڻ پيدا ڪري رهي هئي.

اها ڳالهه وڌيڪ هن حقيقت مان به ظاهر آهي ته هنن هفتي کي ست ڏينهن ۾ ورهايو، جنهن جا ڇهه ڏينهن هو پنهنجي پراڻي نموني گذاريندا رهيا ۽ باقي هڪڙي ڏينهن (Sabath) کي مقدس چيو. اهڙي طح هنن پنهنجي فن کي پڻ ٻن قسمن ۾ ورهائي ڇڏيو، يعني مقدس غير مقدس يا ديني ۽ دنياوي، تان جو اهو فرق يورپ جي شاعرن ۾ لافاني حيثيت اختيار ڪري ويو. جن ۾ هڪ طرف اسپينسر (16) ۽ کانئس پوءِ ايندڙ شاعر شامل آهن، ته ٻئي طرف ٽيٽان (17) جهڙو مصور ۽ ان جا همعصر، بلڪ ٻيا مصور ۽ موسيقار به انهيءَ لُڙ ۾ لڙهي ويا.

هن ڳالهه مان توهان جي ذهن ۾ متان اهو گمان اُڀري ته ڪو اتر ۽ اولهه جا اهي ماڻهو توهان جي مقابلي ۾ بلڪل هڪ ٻئي قسم جي مخلوق آهن ڇو ته توهان يعني اسين مذهب کي نه رڳو باطني زندگي لاءِ ڪافي سمجهون ٿا بلڪ ظاهري زندگيءَ لاءِ پڻ ان کي مڪمل سمجهون ٿا ۽ اسان جو اهو رويو هفتي جي هڪ ڏينهن لاءِ نه پر سال جي سڀني ڏينهن لاءِ آهي بهرحال ڇا به هجي خوشحاليءَ جي هنن ڏهاڙن ۾ هو پنهنجي اصل نسل کان ڪيترو به پري ڀڄن، پر آهن وري به اوهان جا سڳا سؤٽ. اهو ئي سبب آهي جو هڪ فرينچ يا آئرش جسماني لحاظ کان گهڻي حد تائين ايراني لڳي ٿو. چيو وڃي ٿو ته جڏهن زرتشت اهو اعلان ڪرايو ته الوهيت جو ديوا آدرش (Deva Ideal) خدا تائين پهچڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ بنجي چڪو هو ۽ اهو ديوا هاڻي شيطاني شڪلن ۾ بدلجي ويٺو هو، تڏهن هڪ تمام وڏي لڏ-پلاڻ (جيڪي اڳ ۾ يا پوءِ پڻ ٿيون آهن) رڳو ان ڪري واقع ٿي ته جيئن پنهنجي ”ڊيوس“ (Dieus) يعني خدائن جي حفاظت ٿي سگهي. اهو بلڪل ائين ٿيو جهڙيءَ طرح پيوريٽن فرقي جا ماڻهو مئي فلاور (18) جهاز ذريعي پنهنجي عقيدي جي تحفظ خاطر آمريڪا ويا هئا پر ڇاڪاڻ ته هنن کي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت به هئي تنهن ڪري هنن اتي يارڪ بدران نيويارڪ ٺاهيو. اهڙيءَ طرح پارسين وڃي پئرس ٺاهيو ۽ ايرانين اتي ايران بجاءِ ايرن (Erin) ٺاهيو. تڏهن به هنن جو ڪم تمام مشڪل به هو ڇو ته شديد سرديءَ واري ماحول ۾ زندگيءَ کي برقرار رکڻ به ڏکي ڳالهه هئي، ان جي مقابلي ۾ سندن اهي سؤٽ جيڪي هندستان جي سرزمين تي رهيا، انهن جو ڪم سولو هو ڇو ته هنن وٽ وڻندڙ ٻيلا هئا ۽ کيت هئا جتان هو آسانيءَ سان خوراڪ ۽ گرمي حاصل ڪري سگهيا ٿي. ان کان سواءِ کين ڪافي آسائش به ميسر هئي، جنهنڪري هو اڳتي وڌي سگهيا. تنهنڪري اهي ديواس مان اسوراس، ترمورتي مان برهما ۽ برهما مان اوم تائين  پهچي ويا. ليڪن مغرب ۾ ڊيو (Dieu) اڄ تائين تقريباً اهو ساڳيو ئي رهيو، اتي جيڪو وڌ ۾ وڌ روحاني وجود هو سو به ڦري گوشت ۽ پوست وارو خدا جو پٽ ٿي ويو.

اهڙيءَ طرح عيسائين جي پيدا ڪيل شدت جا جيڪي به نتيجا نڪتا، اهي سڀ گهڻو ڪري منفي قوتن جي پيداوار هئا، جن ۾ پراڻين سرگرمين کي ختم ڪرڻ پڻ شامل هو. عيسائين جو اهو اثر هڪ ردعمل جي صورت ۾ هڪ هزار سالن تائين قائم رهيو. بهرحال هڪ طرف اهو ردعمل جاري هو ته هوڏانهن مشرق مان هڪ ٻي نئين تحريڪ اُڀري، جيڪا مغرب طرف وڌڻ لڳي، جنهن جي ڪري اتي مثبت سرگرميون وجود ۾ آيون، يورپ جي سموري موجوده ادب تي ان جو احسان آهي. ان نئين فڪري سجاڳيءَ عيسائين جي موتمار اثر خلاف يورپ ۾ هڪ احتجاج (Protest) جي صورت اختيار ڪئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اتان جي ماڻهن پنهنجي ماضي سان قطع تعلق ڪري، نئين سر ان هنڌان اڳتي وڌڻ شروع ڪيو، جتي اچي هو بيهي ويا هئا. انهيءَ نئين ردعمل سان اهو فرق پيو ته پراڻين سرگرمين ۾ هاڻي سڌاري ۽ اصلاح جي صورت پيدا ٿي جنهنڪري فڪري اوسر ممڪن ٿي پئي.

مثلاً: انگلينڊ ۾ انهيءَ فڪري ترقيءَ خارجي شڪل ۾ هڪ اهڙي عمل جي صورت اختيار ڪئي جيڪو پوءِ علم جي باقاعده هڪ الڳ شڪل ۾ نمودار ٿيو جنهن کي اسين سياست ڪوٺيون ٿا. نامناسب نه ٿيندو جيڪڏهن اسين هت سياست جي اها وصف پڻ بيان ڪريون جيڪا ويهين صديءَ جي لغت جي ڪتابن ۾ موجود آهي. پاليٽڪ (Politic) يعني اسم جي صورت ۾ ان جي معنى آهي: ”پرواهه نه ڪندڙ“ يا”مذهب جو موسمي پوئلڳ“، صفت جي لحاظ کان ان جي معنى آهي:” اصولن جي مقابلي ۾ مروج نظام ۽ جوڙجڪ جو حامي“ يعني سٺن لفظن ۾ چالاڪ ۽ سياڻو ۽ ٻئي لحاظ کان مڪار، عيار ۽ ڦڙتي باز. اڃا به ٻين لفظن ۾ دانشمند، تيز فهم، ڪم سان ڪم رکندڙ پوءِ غلط هجي يا صحيح.

حيرت آهي جو شيڪسپيئر (19) جهڙو ماڻهو به انهن ڳالهين جو شڪار نظر اچي ٿو. هو پڻ هڪ لحاظ کان سياست باز هجڻ سان گڏ قوميت جي ڳالهه ڪري ٿو. ان هوندي به الهام ۽ اتساهه جي مرحلن وقت هو انهن ڳالهين کان پاڻ کي آجو محسوس ڪري ٿو، ليڪن اها سندس معمول واري سطح نه آهي. ان جي وضاحت هڪ مثال ذريعي ڪري سگهجي ٿي، جڏهن هو ان لفظ (Politic) جو استعمال ڪري ٿو. هو چوي ٿو: ”دوست سان نرميءَ سان دشمن سان ٺيڪ ٺاڪ هلڻ گهرجي.“ ايتري قدر وسيع المشرب هئڻ جي باوجود هن جو ذهن ”جون آف آرڪ“ (20) (joan of Arc)کي ڏائڻ سمجهي ٿو، جيتوڻيڪ ان ويچاريءَ جو ڏوهه صرف ايترو هو ته هن انگريز قوم جي مفادن جي مخالفت ڪئي هئي. شيڪسپيئر جي ڀيٽ ۾ شيلر (21) (Schiller) ۽ شا (22) (Shaw) هن کي برگزيده هستي سمجهن ٿا. اهڙيءَ طرح قيصر کي جيڪا هو وڏي ۾ وڏي گار ڏيئي سگهيو ٿي، سا اجهو هي آهي: قيصر اڻ هريل گڏهه آهي.

هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته قديم رومين ۽ يونانين جي اوڻهين صديءَ جي انگريزن ۽ جرمنن سان وڏي مشابهت معلوم ٿئي ٿي. مثلاً: يونانين جي خاص خوبي اها هئي ته اهي فڪري لحاظ کان ڏاڍا اڳتي وڌيل هئا ۽ اهي پنهنجو اظهار به انهيءَ فڪري سطح تي ڪندا هئا. ان ڪري ننڍڙيون رياستون هنن لاءِ نهايت موزون هيون. اهو ئي سبب آهي جو سڪندر اعظم (23) وڏي سلطنت هلائي نه سگهيو! ليڪن رومين، يونانين جي فڪري ترقيءَ جو فائدو وٺندي، طاقت ۽ قوت کي خارجي روپ ڏنو ۽ ان ڪري هڪ وسيع سلطنت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

رومين تي اهو ڪردار ايڏو غالب آهي جو جديد اٽليءَ جي رهاڪوءَ لاءِ اڄ تائين ان پاليسيءَ تي بهترين ڪتاب سورهين صديءَ ۾ لکيل ميڪاوليءَ (24) جو ”شهزادو“ (The Prince) ئي آهي. ٿورا ڏينهن اڳ مسوليني (25) پاڻ ان ڳالهه جو اقرار ڪيو آهي.

اهڙي ءَ طرح انگريز قوم جو اصل ۽ صحيح نظريو نتيجي پسند هجڻ آهي. يعني ڪاميابي ئي ڪنهن شيءِ جي غلط يا صحيح هجڻ جو فيصلو ڏئي ٿي. جيڪا ڳالهه بهتر نتيجو ٿي سامهون اچي، اها ئي بهترين آهي. مطلب ته چال چلت يا روش جو معيار پاليسي آهي.

مون عرض ڪيو ته جرمن قوم قديم يونانين جهڙي آهي. انهيءَ ڪري جرمن يونانين وانگر فڪري لحاظ کان گهڻو اڳتي وڌي ويا ۽ فڪري سطح تي هنن پنهنجو اظهار آدرشي يا تصوراتي فلسفي جي شڪل ۾ ڪيو. پر هن سلسلي ۾ وري هنن جا اڪابر ذهن ايترو ته محدود ٿي ويا جو هيگل (26) جهڙي فلسفيءَ وٽ به خدا جو تصّور هڪ ذهن (Mind) کان مٿي ناهي.

مطلب ته اسان ڏٺو ته انگريز پنهنجي فتوحات کي وڌائڻ ۽ هڪ عظيم سلطنت جي تعمير ۾ ڪهڙيءَ ريت ڪامياب ٿيا آهن. مطلب ته فڪري قوت کي جيڪڏهن ڄاڻي ٻجهي رڳو خارجي روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪبي ۽ ان کي پنهنجي فطري رخ ۾ وڌڻ نه ڏبو، ته پوءِ ان مان عظيم قوت وجود ۾ اچي سگهي ٿي. پر جيستائين ڪنهن سلطنت جي تعمير جو سوال آهي ته ان مان ڪا مدد ملي نٿي سگهي.

هن مهل تائين اسان انساني ڪردار جي بنيادي عناصر کي سامهون رکندي، مختلف قومن جي ڪردار جو جائزو ورتو آهي. مون اهو پڻ واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اهو انگريز قوم جو سياسي ڪردار يا خصوصيت آهي جنهنڪري اُهي برطانيا سلطنت کي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن.

اسان کي اهو وسارڻ نه کپي ته ڪنهن پاليسيءَ منجهان ئي ڪا عوامي تحريڪ جنم وٺي ٿي ۽ ان جي ذريعي عملي طور تي اهو ڪجهه حاصل ڪري سگهجي ٿو، جيڪو  هونئن فقط اصولي طور تي اسين ڄاڻون ٿا. ان کانسواءِ اها پاليسي ڄڻ ته انڌي آهي. ان جو مثال هن ريت آهي: انگريزن جي سياست مان برطانيا جي هيءَ عظيم سلطنت هرگز وجود ۾ نه اچي ها، جيڪڏهن جارج ٽئين (27) جي پاليسي نئين آمريڪا وارو لوڏو نه کائي ها. اصل ۾ ان واقعي کان پوءِ لاشعوري طور تي ئي سهي انگريز قوم کي جاڳائي وڌو ۽ ان کي هڪ نئين اصول يا متي کان واقف ڪرايو.

اڄ جو اهي آمريڪا جون نيون ڄاول آزاد قومون پنهنجي وطن جي سرزمين تي چوڌاري ڌيءُ وانگر چنبڙيل آهن ۽ جن تي برطانوي قوم کي ناز آهي، اهو سڀ ڪجهه پڻ آمريڪي احتجاج جو سنئون سڌو نتيجو هو.

جيڪڏهن انهيءَ جذبي کي وڌيڪ وسيع ڪيو ويو ته پوءِ ان ڳالهه جي چڱي خاصي اميد آهي ته ان جي ڪُک مان بين القواميت ضرور جنم وٺندي. هن حقيقت مان انگريزي ڪردار جي هڪ نئين پهلوءَ جي پڻ خبر پوي ٿي، جيڪو آهي ماحول سان مطابقت ۽ مناسبت اختيار ڪرڻ.

هتي اها ڳالهه ٻڌائڻ گهرجي ته جرمن سائنس ۽ جرمن فلسفو پڻ انگريز قوم جي ترقيءَ ۾ اهم عنصر جي حيثيت رکن ٿا.

هتي پهچڻ کان پوءِ اوهان آسانيءَ سان محسوس ڪري سگهو ٿا ته انگريز اصول جي بدران پاليسي جو اختيار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو ئي سندس ڪردار آهي ۽ جيڪڏهن هو ڪو ٻيو قدم کڻي ها ته پنهنجي ڪردار جي نفي ڪري ها. هاڻي جهڙيءَ طرح هر شيءِ جون خوبيون ۽ خاميون آهن، تهڙيءَ طرح اها ساڳي ڳالهه ڪردار سان به لاڳو آهي. وري اها به حقيقت آهي ته اهو ڪردار ڪجهه وقت تائين قائم رهي ٿو، پر وقت گذرڻ سان گڏ يعني دنيا جي ترقيءَ سان ڪن مرحلن تي اهو گهٽ ڪارآمد پڻ ٿي پوي ٿو. مثلاً: انگريز قوم اهو ڪردار سترهين صديءَ کان وٺي اختيار ڪيو آهي، جنهن جو آدرش قوم پرستي ۽ هڪ اعلى انسان (Gentleman) وارو چيو وڃي ٿو. انگريز ماڻهوءَ ۾ ننڍپڻ کان ئي اهڙيون خاصيتون ٿين ٿيون، جو اڳتي هلي بين الاقوامي دنيا ۾ هو ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي، جيتوڻيڪ پنهنجي اصليت جي لحاظ کان هو رجعت پرست قومي نظريي جو حامي هوندو آهي. آءٌ جڏهن آمريڪا کي ڪيترين جديد قسم جي قومن تي مشتمل هڪ ملڪ ڏسان ٿو ته منهنجي ذهن اندر هن سلسلي ۾ ڪو شڪ باقي نٿو رهي ته اهو ملڪ اڳتي هلي بين الاقوامي تحريڪ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪندو.

تضادات جو اهو هڪ اهڙو مجموعو آهي جيڪو هڪ وڏي هم آهنگيت کي جنم ڏئي ٿو، ۽ ان لحاظ کان آمريڪا ۾ بذات خود بين الاقواميت جو ٻج وجود آهي.

اهڙيءَ طرح جڏهن اڄ جي عوامي تحريڪ دنيا کي هڪ بين الاقوامي ڪٽنب جي صورت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي يا جڏهن مادي تحريڪ فڪري سطح کان اڳتي وڌي روحانيت جي درجي تي پهچندي، تڏهن مختلف مذهبن جي وچ ۾ موجود تضاد پڻ گهٽجڻ لڳندو ۽ هڪ اهڙي مذهب جو روحاني آدرش جنم وٺندو، جنهن کي دنيا جون قومون پنهنجو سمجهي ضرور اختيار ڪنديون.

هتي آءٌ اها ڳالهه وري چوان ٿو جيڪا مون ٿوري دير اڳ چئي هئي؛ يعني اڳ هندستان ۾ جيڪو ماحول هو ان ماڻهن جي فڪري توڙي روحاني ترقيءَ کي ڪٿي به نه روڪيو، مگر اتر يورپ ۾ جنگ و جدل جي ڪري ان جو رڪجڻ لازمي امر هو.

اهو ئي سبب آهي جو اسان اپشند جهڙا فلسفا تخليق ڪيا. ان کان سواءِ اسان روحانيت جا اڻ ڳڻيا صاحب پيدا ڪيا. ايتري قدر جو ان سلسلي ۾ اسان پنهنجين اهم ضرورتن کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو. وڏي ڳاهه ته اسان اهڙي دور رس نظريي جا متحمل ٿي پئي سگهياسون ۽ اهڙا آدرش رکي ٿي سگهياسون. اسان ڪنهن پاليسيءَ جي ڪڍ نه هئاسون، بلڪ اسان کي اصول ۽ متا پيارا هئا. اڄ جڏهن گهڻا ماڻهو انهيءَ اٿر هيٺ آهن ته سياست مذهب جي جاءِ والاري آهي، تڏهن اسان پنهنجي سياستدانن کي مهاتما، ساڌو، آچاريه ۽ مولانا سڏڻ شروع ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح

 وڌيڪ پڙهو

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com