سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب:صوفي لا ڪوفي

باب: 3

صفحو : 3

 

حقيقت جي ڳولا

 

[علامه صاحب 5- مارچ 1958ع تي ”سماجي علومن جي تحقيق ۽ اعلى تدريس“ جي موضوع تي بحيثيت وائيس چانسيلر سنڌيونيورسٽي ۽ چئرمين انٽر يونيورسٽي بورڊ پاڪستان جي هيءَ تقرير ڪئي. هن ڪانفرنس جو افتتاح پاڪستان جي تڏهوڪي صدر جنرل اسڪندر مرزا ڪرڻ فرمايو. [

آءٌ  انٽر يونيورسٽي بورڊ طرفان توهان سڀني صاحب جي آجيان ڪريان ٿو ۽ دعا ٿو ڪريان، ته توهان جا ويچار هن ڪانفرنس کي ڪامياب ڪن.

حضرات، اڄ شام جو اسين هتي ان ڪري گڏ ٿيا آهيون ته جيئن يونيورسٽي سطح تي انساني علمن جي اعلى اڀياس ۽ تحقيق بابت گفتگو ڪري سگهون، ان زمري اندر جيڪي علوم اچي وڃن ٿا، انهن جي تمام گهڻي اهميت آهي ڇو ته اهي انساني قدرن جي آبياري ڪن ٿا ۽ متوازن فڪري نقطئه نظر فراهم ڪن ٿا.

هن موقعي  تي مون کي اجازت ڏيو ته آءٌ ٻه- ٽي لفظ سماجي علمن ۽ سائنسي علمن جي پاڻ ۾ لاڳاپي بابت عرض ڪريان، ڇو ته هن کان اڳ انهيءَ لاڳاپي کي سمجهڻ جي ايتري سخت ضرورت ڪڏهن به محسوس نه ٿئي هئي.. گذريل ٽن چئن صدين جي عرصي ۾ انسانذات سائنسي حقيقتن کي گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ تمام وڏي ترقي ڪئي آهي، ايتري قدر جو انهن تي مبني زندگيءَ جو مناسب ۽ متوازن فلسفئه حيات تخليق ڪري سگهجي ٿو، پر ڇاڪاڻ ته انساني زندگيءَ ۽ مقدر بابت سوچ ويچار به انساني طبعيت جي خصلت آهي. تنهنڪري انسان اوائلي دؤر ۾ پڻ الهــٰياتي ۽ فلسفيانه غور و فڪر کان پاڻ بچائي نه سگهيو، جيتوڻيڪ ان وقت وٽس معلومات ۽ مراد تمام ٿورا هئا، ان جي نتيجي ۾ خدا ۽ فطرت بابت اڻپورا نظريا سامهون آيا. اهو اسلام جو هڪ وڏو  ڪارنامو آهي جنهن اچي غير ضروري الــٰهياتي ۽ فلسفيانه قياس کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

اهو قرآن پاڪ ئي آهي جنهن انسانذات جو ڌيان ففطرت جي حقيقتن، انساني ذهن ۽ انساني تاريخ ڏانهن ڇڪيو. قرآن پاڪ پنهنجي معتقدن تي اهو زور ڀريو ته دنيا جو مشاهدو ڪريو ۽ تجربا ڪريو، ان لاءِ سفر ڪريو ته جيئن ابتدائي آفرينش بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهو. ٻين لفظن ۾ قرآن پاڪ تجرباتي سائنس جي پُڙ کي وڌيڪ ڀاري ڪري ڇڏيو ۽ پيغمر اسلام پنهنجن پوئلڳن کي واضح لفظن ۾ ٻڌايو ته هو خدا پاڪ جي حقيقت بابت اجايا خيال ڇڏي سندس تخليقن ڏانهن ڌيان ڏين. انهن هدايتن تي عمل ڪندي مسلمان حقيقت جي ڳولا ۽ جستجو ۾ لڳي ويا، تنهنڪري اهو نهايت اتساهه وچان طلب، نباتيات، حياتيات، فلڪيات ۽ ڪيميا جي مطالعي ۾ جنبي ويا. هنن نهايت ڌيرج ۽ مذهبي جذبي سان فطرت جي هر پهلوءَ بابت حقيقتن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح فطرت جو سائنسي مطالعو مذهب جو نه رڳو حصو ٿي ويو، بلڪ ائين کڻي چئجي، ته اهو جذبو مذهب جي روح واري صورت اختيار ڪري ويو.

يورپ گذريل ٽن صدين جي عرصي ۾  مسلمانن جي انهيءَ ساڳي روايت کي پاڻ وڌيڪ تيز رفتاريءَ سان جاري رکيو. زندگيءَ جي علمي ضرورتن مٿان سائنس جي اطلاق انسان کي هڪ طرف فلسفيانه سوچ لاءِ وڏو مواد مهيا ڪيو، ته ٻئي طرف زندگيءَ لاءِ وسيع سهوليتون پيدا ڪري ڏنيون پر بدقسمتيءَ سان جنهن رفتار سان تجزياتي ۽ حقيقتن کي جمع ڪرڻ جو ڪم بغير ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهيو، ان رفتار سان انهن جي ترتيب ۽ تدوين لاءِ ساڳئي پيماني تي ڪوششون ڪونه ٿيون. نتيجو اهو نڪتو جو علم جي هر شاخ هڪٻئي کان ڇڄي ڌار ٿي وئي، ۽ اهڙيءَ طرح انساني ذهن جو تجزياتي پهلو ترتيب واري پهلوءَ کي نظرانداز ڪري گهڻو اڳتي وڌي ويو.

اڄ علم ذري گهٽ  خبرن ۽ اطلاعات تائين محدود ٿي ويو آهي. وري حد ته اها آهي جو اهي اطلاع به محدود نوعيت جا آهن ڇو ته جيئن پوءِ تيئن تخصص ۽ مهارت جو زور وڌندو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سائنس ۽ ٻين علمن جو هڪ اهڙو نظام  وجود ۾ اچي ويو آهي، جيڪو توازن ۽ هم آهنگيءَ کان وانجهيل آهي. اڄ هر عالم صرف پنهنجي مخصوص ميدان جو ماهر آهي ۽ ان ڪري انساني مسئلن کي به پنهنجي مخصوص نقطئه نگاهه کان ڏسڻ گهري ٿو ۽ هن سلسلي ۾ هو ٻين جي معلومات کي بلڪل نظرانداز ڪري ٿو. علم جي ڪنهن به ميدان ۾ جيڪي نظريا گهڙيا وڃن ٿا، تن لاءِ ٻين معاصر سائنسي علمن کان ڪابه مدد نٿي ورتي وڃي ۽ ان صورت ۾ اها فطري ڳالهه آهي ته اهڙا نظريا جيڪي هڪ طرف حقيقتن تي مشتمل هجن، اهي هڪ ڪُل واري نقطئه نظر لاءِ تباهه ڪُن ٿين ٿا، حالانڪ صحيح ڄاڻ لاءِ اهو لازمي شرط آهي.

اڄ اسان جي يونيورسٽين جي تعليم جو اهو ئي الميو آهي. اڄ اسين اهڙن استادن جي سخت اڻاٺ محسوس ڪري رهيا آهيون، جيڪي مضبوط ۽ متوازن نقطئه نگاهه جا مالڪ هجن ۽ ترڪيب جي صلاحيتن سان نوازيل پڻ. اسان کي اهڙن استادن جي ضرورت آهي جيڪي علم جي مختلف ميدانن ۾ ڇڙوڇڙ حقيقتن کي گڏ ڪري هم آهنگ بڻائي سگهن، جن وٽ ڪُل جو تصور موجود هجي، ۽ جيڪي پنهنجن شاگردن کي پڻ انهيءَ تصور سان ڪنهن حد تائين آشنا ڪري سگهن. هن اشد ضرورت جي پيش نظر ۽ ماهر استادن جي ڪميءَ کي مد نظر رکندي، اسان سنڌ يونيورسٽيءَ جي ”توسيعي ليڪچرن“ جو هڪ سلسلو شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ فلڪي طبعيات کان وٺي تصّوف جهڙا مضمون شامل آهن. ان جو مقصد آهي ته سڀئي استاد ۽ پروفيسر ٻين اهڙن مضمونن کان به مستفيد ٿين جن ۾ هو مهارت نٿا رکن، بلڪ جيئن هو هڪٻئي کان ڪجهه پرائي سگهن ۽ پنهنجي گڏ ڪيل معلومات کي مرتب ۽ مدون ڪري سگهن.

هاڻي آءٌ جيڪي ڪجهه مٿي چئي آيس، ان مان انساني علمن جي اهميت بلڪل ظاهر آهي. گهٽ ۾ گهٽ فلسفو، مذهب، تاريخ ۽ ادب علم جا اهرا شعبا آهن، جتي ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته طبعيات، فلڪيات، ارضيات، حياتيات، اقتصاديات ۽ سياسيات جي تحقيقاتي نتيجن جي آڌار تي کين مرتب ۽ مُدون ڪيو وڃي.

بدقسمتيءَ سان صنعتي ترقيءَ جي رجحان سبب اسان تاريخ، مذهب ۽ فلسفي جهڙن مضمونن طرف گهڻو ڌيان ڏئي نه سگهيا آهيون، آءٌ سمجهان ٿو ته وقت اچي ويو آهي ته اسين اهو محسوس ڪريون ته نه رڳو اهي مضمون پر ٻيا به جيڪي انساني علمن جي دائري اندر اچي وڃن ٿا، تن سڀني کي انهن سائنسي علمن جهڙي اهميت ڏني وڃي، جن جي ذريعي اسان کي حقيقتن جي ڄاڻ حصل ٿئي ٿي ۽ جيڪي سڌو سنئون اسان جي اقتصادي ۽ صنعتي زندگيءَ سان واسطو رکن ٿا. آءٌ صنعت ۽ حرفت جي اهميت کي گهٽائڻ ڪونه ٿو گهران، بلڪ آءٌ علم جي حصول لاءِ متوازن نقطئه نظر جي وڪالت ڪريان ٿو. سائنس ۽ صنعت پنهنجي جڳهه تي اوترو ئي اهم آهن جيترا انساني علم، ليڪن اهو سمجهڻ يقينًا غلطي آهي ته اهي علم اسان جي مادي ترقيءَ ۽ اقتصادي خوشحاليءَ ۾ ڪو حصو ادا نٿا ڪن، بلڪ حقيقت اها آهي ته انساني علم سائنس جي مقابلي ۾ ڪُلي نقطئه نظر ۽ متوازن رويي کي پيدا ڪرڻ ۾ وڌيڪ ڪارائتا آهن، جيڪو منهنجي خيال ۾ بني نوع انسان جي ترقي ۽ انسانذات جي ثقافتي هم آهنگيءَ لاءِ ضروري آهي.

مون توهان جو گهڻو وقت ورتو آهي، ليڪن ان کان اڳ جو پنهنجي تقرير ختم ڪريان، آءٌ پنهنجو اهو خوشگوار فرض ٿو سمجهان ته آءٌ معزز صدر جناب اسڪندر مرزا جي دل جي گهراين سان آجيان ڪريان ٿو جو هن صاحب ڀال ڀلائي هن ڪانفرنس جو افتتاح ڪرڻ قبول فرمايو.

مان سمجهان ٿو ته صدر صاحب کان وڌيڪ شايد ئي ڪو ٻيو ماڻهو ان متوازن نقطئه نظر ۽ هم آهنگيءَ جي جذبي جي ضرورت کي محسوس ڪندو هوندو، ڇاڪاڻ ته هن صاحب ويجهڙائي ۾ مسلسل پنهنجي تقريرن ۾ ڪردار جي اهڙين خاصيتن تي زور پئي ڏنو آهي، جيڪي سماجي هم آهنگي ۽ سياسي استحڪام لاءِ ضروري آهن. آءٌ انٽر يونيورسٽي بورڊ طرفان سندس شڪريو ادا ڪريان ٿو، جو هو صاحب پنهنجو ايترو قيمتي وقت ڪڍي هتي آيو ۽ ڪانفرنس کي رونق بخشيائين.

آءٌ پروفيسر هيملٽن گب، جيڪو صاحب اسان جي ملڪ ۾ عربي ٻوليءَ ۽ اسلاميات جي عالم هجڻ جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، تنهن جي پڻ دل جي گهرائين سان آجيان ڪريان ٿو. هتي اهو ٻڌائي ڇڏيان ته هيملٽن گب اها شخصيت آهي، جنهن کي ڪجهه وقت اڳ مصر جي حڪومت عربي ٻوليءَ جي لغت تيار ڪرڻ واسطي دعوت ڏئي گهرايو هو. سندس ڪتاب ”محمد ن ازم“ ۽ ”اسلامي معاشرو ۽مغرب“ ڪافي مشهور آهن ۽ اسان جي يونيورسٽين ۾ پڙهايا وڃن ٿا.

آءٌهن موقعي تي ”فورڊ فائونڊيشن“ جو به ٿورائتو آهيان جو هنن هن ڪانفرنس جي انعقاد ۾ سهڪار ڪيو، نه رڳو پنهنجي ”فورڊن“ جي ڪري مشهور آهي، بلڪ آمريڪا ۾ خاص ڪري سماجي ڀلائي واري اداري جي حيثيت ۾ وڌيڪ ڄاتل سڃاتل آهي ۽ اهڙيءَ طرح دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ علم ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون اٿس. مون کي اميد آهي ۽ آءٌ دعا ڪريان ٿو ته فائونڊيشن پنهنجي انهيءَ نيڪ مقصد ۾ جنهن تحت هن پاڪستان ۾ انساني علمن جي اڀياس ۽ سکيا لاءِ هٿ ونڊايو آهي، شل ڪامياب ٿئي!

آخر ۾ آءٌ وري به اوهان سڀني جو ٿورائتو آهيان جو توهان تعليم جي هن اهم مسئلي تي غور ويچار لاءِ هتي اچي گڏ ٿيا آهيو ۽ انهيءَ سان گڏ آءٌ صدر صاحب کي استدعا ڪريان ٿو ته هن ڪانفرنس جو افتتاح ڪري.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com