جيت جي ڪهاڻي
[علامه صاحب هيءَ تحرير پهرين عالمگير جنگ جي پيش
منظر ۾ لکي هئي، جيڪا پهريون دفعو ڊي- جي- سنڌ
ڪليج ميسليني ۾ شايع ٿي هئي.
[
ڪالهه آءٌ هڪ چراگاهه مان لنگهي رهيو هوس. آسمان
جيئن پوءِ تيئن ميرانجهڙو ٿيندو ٿي ويو، چؤ طرف
اڇو ڪوهيڙو پکڙجي رهيو هو. گاهه جا پن هڪٻئي سان
ائين چنبڙي پيا هئا جو ڄڻ سيءَ منجهانئن سمورو
سَتُ ڪڍي ڇڏيو هو ۽ مجبوريءَ ۾ اهي هڪٻئي سان ٻکيل
هئا. پري تائين سوراخن وارا مٽيءَ جا ننڍڙا ننڍڙا
ڍڳ لڳل هئا، جن مان لڳي رهيو هو ته اتي ڪئليون
ماڪوڙا به گهٽ محنت ڪندڙ آهن. اتي ئي هڪڙي ڍڳ جي
ڀرسان هڪ ڳريل پن پيو هو، جنهن ۾ ڪيترائي ننڍڙا
آرپار گول سوراخ هئا.
جيئن مون ان کي گهوري ڏٺو ته مون کي هڪ ننڍڙو جيت
منجهس وات چوريندي نظر آيو. ايڏيءَ وڏي عمر ۾ به
ڪنجوسيءَ سان گذر ڪري رهيو آهين. مون کيس مخاطب
ٿيندي چيو. هن وراڻيو، ضرورت جي لاءِ ڪو قاعدو
ڪونهي ۽ بک ۾ بصر به مٺا! پر آءٌ توکي ٻڌايان ٿو
ته منهنجا وڏا سٺي طعام تي گذر ڪندا هئا. شانائتو
کاڌو کائيندا هئا. ايتري قدر جو هينئر ان کاڌي جي
ڳالهه ڪڻ به مشڪل آهي. آءٌ شروع کان وٺي پنهنجن
ابن ڏاڏن کان اها ڳالهه ٻڌندو پيو اچان جنهن کي
ٻڌڻ سان هڪ طرف فخر وچان ڪنڌ مٿي ٿيو وڃي، ته ٻئي
طرف موجوده دؤر ۾ ساڳي ڳالهه تي افسوس پڻ ٿيندو
آهي. اهو وري ڪيئن؟ مون کيس چيو. پر پوءِ اها
ڳالهه واقعي مزيدار هوندي. هن چيو هائو، واقعي
ائين آهي. هاڻي جيڪڏهن توکي وقت آهي ۽ هڪ ڪنو ٿي
ويهي ٻڌين ته پوءِ مون کاڌو کائي ورتو آهي ۽ آرام
سان ويهي ٿو توکي اها پراڻي ۾ پراڻي ڳالهه ٻڌايان.
هونئن به هاڻي اسان وٽ بچيو ئي ڇا آهي. بس اهي ڪي
مزيدار ڳالهيون ئي ته آهن. بهرحال اسان لاءِ اها
ڳالهه تسليءَ جو باعث آهي ته اسان جا ابا-ڏاڏا جن
جا اسين ڄاوا آهيون، اهي تمام وڏا ماڻهو هئا، ۽
اسان کي به پنهنجي زندگي ائين گذارڻي آهي. البت هو
پنهنجي زندگي ايڏي شان و شوڪت ۽ عيش و عشرت واري
نموني ۾ گذاري ويا جو ڪو به سندن همسفري ڪري نٿي
سگهيو، کانئن مٿي هجڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿي ٿيو.
ان ڪري توکي ڄاڻڻ کپي ته جڏهن هيءَ ڌرتي اڃا نئين
وجود ۾ آئي هئي ۽ مٿس اهي ديوقامت جانور اڃا پيدا
نه ٿيا هئا، تڏهن اسين ئي ان جا اڪيلا مالڪ
هئاسون. سڀ کِيت ۽ چراگاهه ۽ مٿن هر قسم جي اوڀڙ
تي صرف اسان جو حق هو. ننڍڙي ٻوٽي کان وٺي وڏي ۾
وڏي درخت سميت اسان جي قبضي ۾ هئا سواءِ انهن چند
جي، جيڪي ڪؤڙا يا اڻ وڻندڙ هئا. پر اهي ايترا ته
ٿورا هئا جو اسان کي انهن جي ڪا پرواهه نه هئي. هڪ
لحاظ کان جيڪڏهن هو ڪنهن جي ڪم نٿي آيا ته انهن ڄڻ
پنهنجو ئي نقصان ٿي ڪيو. اهو عمل تمام ڊگهي عرصي
تائين هليو ۽ اسان پڻ سڀئي ان ۾ حد درجي خوش
هئاسين. اهڙيءَ طرح اسان سموري آباد زمين جا مالڪ
هئاسين، سواءِ انهن چند غير آباد ٽڪرن جي، جن کي
اسان پاڻ اجايو بيفائدي سمجهي ڇڏي ڏنو هو.
بهرحال وقت گذرڻ سان اسان جا ڪي ڀائر هر لحاظ کان
وڌندا ۽ وڏا ٿيندا ويا ۽ ڪن ته پنهنجي صورت ئي
بدلائي ڇڏي، پر ان جو سڄو دارومدار انهيءَ علائقي
تي هو جنهن ۾ هنن جي رهائش هئي. هو جتي به هئا پر
پنهنجي هر صورتحال کي منهن ڏيندا رهيا. هنن ضرورت
مطابق پاڻ کي ڍڪيو ۽ حملي ڪرڻ جا نت نوان طريقا
اختيار ڪيائون ته جيئن پنهنجن مخالفن کي هيسائي
مڪمل ضابطي ۾ رکي سگهن. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو
ته انهن مان ڪي ايڏا ته وڏا ٿي ويا جو سڃاڻپ کان
ئي ٻاهر نڪري ويا. قدرت انهن کي جيئري گهڻي مدد
پئي ڪئي، اوترو وڌيڪ هو لالچي ۽ غير مطمئن رهڻ
لڳا. ايتري قدر جو بيشمار ساهوارا سندن تابعداريءَ
۾ موجود رهندا هئا، جيڪي ويچارا هر وقت سندن کاڄ
بنجڻ لاءِ تيار هئا، پر تڏهن به هو پنهنجي تقدير
تي راضي نه هئا. انهيءَ غير اطمينان بخش صورتحال
جو ڏاڍو خراب نتيجو نڪتو. هاڻي هنن پاڻ کان ڪمزور
۽ هيڻن کي هيسائڻ ۽ کائڻ شروع ڪري ڏنو. پنهنجي
اهڙي شيطاني عمل تي به هنن کي پڇتاءُ محسوس ڪونه
ٿيو. جيترو هنن وڌيڪ پئي کاڌو، اوترو سندن خون جي
اڃ ۾ اضافو ٿي ٿيو. آخرڪار جڏهن هنن جي اها اڃ حد
کان وڌي وئي ۽ ننڍن لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو رستو
نه بچيو ته انهن شيطان صفت جانورن کان الڳ ٿلڳ رهن
۽ انهن سان ڪو تعلق نه رکن. اهو ئي سبب هو جو پوءِ
هنن پنهنجي لاءِ الڳ وستيون قائم ڪرڻ شروع ڪيون ۽
هنن کان جدا رهڻ جو هر جتن ڪرڻ لڳا.
”انهيءَ عرصي ۾ اهڙن اڻ وڻندڙ طريقن تي عمل ڪندي
هو لاڳيتو وڌندا رهيا، تان جو اها سندن عادت ٿي
پئي ته هر وڏي ساهواري ننڍي ساهواري کي ڳڙڪائڻ
شروع ڪري ڏنو، اسان کي اها ڳالهه بنهه سمجهه ۾ نٿي
آئي ته آخر اهو ڪم ڪيئن هلندو؟ ائين ٿي نظر آيو ته
جيڪو به پوءِ ٿي آيو، اهو چڻ ته پهرئين کي ختم ڪرڻ
لاءِ آيو هو. اهڙي عجيب نموني ۾ هو جلد ئي پنهنجي
جنس جو پاڻ دشمن ٿي ٿيو ۽ وري آخر ۾ پاڻ شڪار به
ٿي پئي ويو. اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ کان پوءِ به ڪنهن
فطرت جي سادن طريقن ڏانهن ڌيان نه ڏنو بلڪ اٽلو
زندگيءَ ۾ اها ئي ڏاڏاڻڪي ڪار ڪندا آيا، جنهنڪري
کين نقصان پڻ برداشت ڪرڻو پيو. اسان به صبر سان
اهو سڀ ڪجهه سهندا آياسين، گهڻو وقت اڳ جي ڳالهه
ناهي جو اسان کي ان صبر جو ڦل به مليو. ٿيو هيئن
ته انهن مان ڪي جيڪي پنهنجي جنس جي ٻئي ساهواري کي
ماري کائي نٿي سگهيا يا انهن کي کائڻ پسند نٿي
ڪيائون،، اهي وري موٽي اچي گاهه ۽ ٻي نباتات تي
گذران ڪرڻ لڳا ۽ اسان سان صلح سانت ۾ رهڻ شروع ڪري
ڏنائون. پهرين ته اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي ته هو وري
پنهنجن پراڻن طور طريقن ڏانهن موٽي آيا هئا. پر
جلد ئي اسان جي پريشانيءَ جي حد ئي نه رهي جڏهن
اسان کي معلوم ٿيو هو ته هر شيءِ بنا ڪنهن حساب جي
ڳڙڪائي ٿي ويا. اسان ان جي مخالفت ڪئي ۽ ڏنڊ جي
طلب ڪئي. هو انصاف پسند ٿي لڳا ۽ اسان سان واعدو
ڪيائون ته اسان هينئر ان حصي کي ڇڏي ڏيون جيڪو هو
کائي چڪا آهن. البت ان جي بدلي ۾ هو جڏهن پاڻ مري
ويندا ته سندن ماس اسان کي کائڻ لاءِ ملندو. اسان
کي اها به پڪ ڏني وئي ته اهو کاڌو وڌيڪ لذيذ هوندو
جيڪو اسان جي ضرورت کي پورو ڪندو، بلڪ اسان جي
لاءِ وڏي جُڃ ثابت ٿيندو. اسان اها ڳالهه جلدي
قبول ڪئي ۽ سمجهيوسين ته اهو سڀ ڪجهه انهيءَ صبر
جو بدلو هو، جنهنڪري اسان پنهنجن ڀائرن کي مارڻ
کان پرهيز ڪئي هئي. انهيءَ ڳالهه تي اسان خوش
ٿياسين ۽ هنن جي مهرباني مڃي سين.
هتي پهچڻ کان پوءِ جيت چيو، ”مون کي اميد آهي ته
تون ٿڪجي نه پيو هوندين جو جيتوڻيڪ هاڻي هو پاڻ
ڪافي تنگ ٿي نظر آيو. ڳچي کڻي اُڀي ڪئي هئائين ۽
هر هر سندس اکين مان باهه جا شعلا ٿي نڪتا، مون
کيس وراڻيو، ”نه، آءٌ بلڪل ڌيان
سان
ٻڌي رهيو آهيان، مون کي لڳي ٿو ته تنهنجي ڪهاڻي
وڌيڪ مزيدار ٿيندي پئي وڃي.“ انهيءَ پڪ ڏيارڻ کان
پوءِ هن وري چوڻ شروع ڪيو: مون توکي ٻڌايو پئي ته
ڪهڙيءَ ريت اسان جي وڏن ڪنهن کي مارڻ يا نابود ڪرڻ
کانسواءِ ان نئين نموني ۾ پنهنجو قوت گذر حاصل ٿي
ڪيو. اها ڳالهه هنن لاءِ پڻ وقت اطمينان جو باعث
هئي. جڏهن به انهن مان ڪو اهڙو ڀلوڙ ساهوارو مري
ويندو هو ته هنن کي پنهنجي کاڌي جي ضرورت کان به
وڌيڪ لذيذ کاڌو ملي ويندو هو. اهو ڏاڍو سٺو وقت
هو. هفتن جا هفتا مهمانيون هلنديون هيون ۽ اهي سڀ
هزارن جي تعداد ۾ اچي سرسبز ۽ شاداب چراگاهن ۾ گڏ
ٿيندا هئا ۽ هر قسم جا مزا ڪندا هئا. اهڙي ڪنهن به
شيءِ جي ڪمي نه هئي. جنهنڪري هو پنهنجي هن دنياوي
زندگيءَ مان لطف اندوز ٿيندا هجن.
”هيڏانهن اهو ڪم ائين هلي رهيو هو ته ٻئي طرف اسان
جا ظالم سؤٽ جن جي تعداد ۾ پڻ تيزيءَ سان اضافو ٿي
رهيو هو، سي اڃا انهن پراڻين غلط ڪارين ۽ برادر
ڪشي ۾ مصورف هئا. هميشھ وانگر هو هڪٻئي کي ڳڙڪائي
رهيا هئا ۽ ان ڪري هڪ ٻئي کان لڪي ڇپي پئي هليا.
اهڙيءَ طرح گوهي ڏيئي ڀڄڻ جي مشق ڪندي ڪندي هو هوا
۾ اڏامڻ جا به ماهر ٿي ويا. هاڻي جيتوڻيڪ هو هوا ۾
ڪافي مٿي ٿي اڏاڻا ته به جيڪا مصيبت سندن سر تي
هئي سا هئي. بدقسمتيءَ سان اسان کي هنن هڪ نئون
رنج پهچايو، ڇاڪاڻ ته هاڻي هو هر ڪنهن پاسي اڏامي
ٿي سگهيا، تنهنڪري هنن جون خراب عادتون اسان لاءِ
وڌيڪ آزار جو سبب بڻجي ويون. اسان کي هنن کان پاڻ
بچائڻ وڌيڪ ڏکيو ٿيندو ويو. جتي به هو اسان کي
ڳولي لهندا هئا، اتي اسان کي ماري چٽ ڪندا هئا. پر
هڪ دفعو وري اسان کي تڪليفن ۽ صبر جو اهو صلو مليو
جو نيٺ اسان انهن حالتن تي به قبضو ڪري ورتو.
اوچتو ئي اوچتو هنن جي ان اڻ سڌريل ۽ بگڙيل
زندگيءَ جو خاتمو اچي ويو ۽ گهڻي عرصي تائين اهي
پاڻ کي اسان کان پري رکي نه سگهيان. انهن جي ڪري
اسان جي مهمانين ۾ پڻ هڪ قسم جو نئون سواد پيدا ٿي
پيو. انهيءَ عرصي ۾ اسان جي واڌ-ويجهه برابر جاري
رهي، البت اسان کي انهن وڏن وڏن وڻن تان مالڪيءَ
وارو هٿ کڻڻو پيو ليڪن جڏهن به هنن مان ڪو هڪڙو
مرڻ کان پوءِ هيٺ ڪرندو هو ته اسان لاءِ اهو نهايت
خوشيءَ جو ڏهاڙو هوندو هو. هڪ طرف اسان کي سوادي ۽
لذيذ کاڌو ملندو هو ته ٻئي طرف اسان کي اهو
اطمينان ٿيندو هو ته هڪ ٻئي تباهي ڦهلائيندڙ جو
خاتمو ٿيو.
انهيءَ کي ڪي جُڳ گذري ويا. تنهن کان پوءِ اسان
ٻڌو ته هڪ نئين ۽ عجيب قسم جو جانور ڌرتيءَ تي
رونما ٿيو هو، جيڪو هونئن ته هر لحاظ کان ٻين
جانورن جهڙو ٿي لڳو، پر هلڻ ويل هو پين ٻن ٽنگن تي
گهمي رهيو هو، ائين ٻڌڻ ۾ آيو ته هن هر شيءِ کي
پنهنجي ملڪيت ٿي سمجهيو، ۽ جيڪي به کيس هٿ ٿي لڳو
ان کي کائيندو کپائيندو ٿي ويو. ان کان سواءِ جيڪي
به سندس آڏو ٿي آيو، ان کي خوامخواهه تباهه برباد
ٿي ڪيائين. ٿوري عرصي ۾ اسان کي اها خبر به پئي ته
ٺاهه موجب جيڪي جانور اسان مان هئا، انهن کي قدرتي
موت مرڻ کان اڳ ماريو ٿي ويو ۽ کين ڪٿي پري ڦٽو
ڪيو ويو. نه رڳو ايترو، پر اهي سبزيون يا ڀاڄيون
جيڪي اڃا پوري ذائقي واريون به نٿي ٿيون، ته ان
کان اڳ انهن کي پٽي ٿي ڇڏيائون. سڀ کان خراب ڳالهه
اها ئي ته جتي به هنن جي نظر اسان تي ٿي پئي ته
هنن بنا ڪنهن سبب جي پنهنجو ڳرو پير کڻي اسان کي
چيڀاٽي ماري ٿي ڇڏيو. ٿورن لفظن ۾ هيئن هر هنڌ
رڙَو-رڙ پئجي وئي.
بهرحال اسان جي بزرگن مان ڪي انهن تباهي
ڦهلائيندڙن جي نشاندهي ڪري ٿي سگهيا. هنن ٻڌايو ته
اهي به وڏيون مصيبتون اسان جي انهن پري جي سؤٽن جا
پونير آهن، جن سان ڪيئي صديون اڳ هر قسم جا لاڳاپا
ختم ڪري چڪا هئاسين. انهن اهو پڻ ٻڌايو ته اهي ٻئي
هڪٻئي کان ائين پري ڀڳا هئا، جيئن ڪو وبائي مرض
کان ڀڄي. ساڳئي وقت انهن مان جيڪي ڏاڍا ۽ مضبوط
هئا تن پنهنجي ئي جنس وارن مگر ڪمزورن کي اڦٽ ماري
ٿي ڇڏيو. تڏهن اسان جو ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ئي نه
رهيو ته اهي دراصل انهيءَ ڪريل نسل جا پونير آهن،
جن کان ڪا به شيءِ سلامت رهڻ مشڪل هئي.
”هن مرحلي تي توهان منهنجي اچرج جو اندازو ڪري
سگهو ٿا. جيتوڻيڪ منهنجي دلچسپيءَ ۾ برابر اضافو
ٿي رهيو هو، پر آءٌ هاڻي ورچجي پيو هوس ۽ چيم: پر
انهيءَ جانور سان ته منهنجو سڌو نسلي واسطو آهي.“
ان تي جيت وراڻيو، مون کي پڪي خبر ڪونهي. مون کي
معاف ڪج، مون کي سندس شڪل بابت جيڪي ڪجهه ٻڌايو
ويو تنهن مان هڪجهڙائي معلوم ٿئي ٿي. پر آءٌ يقين
سان ڪجهه نٿو چئي سگهان. هن اٻهرائي وچان چيو.
البت کيس ورثي ۾ مليل ٻن خامين منجهان پڪ ڪري
سگهجي ٿي. اهو ٻڌي شرم وچان آءٌ ڪجهه نه چئي سگهيس
۽ جيت پنهنجو بيان هيئن جاري رکيو:
”انهيءَ نسل ايڏي ته تباهي مچائي جو ڪنهن جيئري يا
مئل شيءِ کي هن ڌرتيءَ تي نٿي ڇڏيائين. ائين ٿي
معلوم ٿيو ته سندس اهي ٻئي پراڻيون خاميون وڌي وڻ
ٿي ويون هيون. بدلي ۽ انتقام واري آڳ ۾ به ڪو فرق
نه آيو هو. هڪڙي ٻئي کي ٿي ماريو ته ٻئي لاءِ وري
ٽيون اڳتي گهاٽ گهڙيو ويٺو هو.
”اسان لاءِ اهي ڏاڍا ڏکيا ڏينهن هئا. توهان
آسانيءَ سان سمجهي سگهو ٿا ته اسان لاءِ اهو ڪيڏو
نه تڪليف زده هو ته اسين اهڙي آرام واري زندگيءَ
منجهان وڃي مصيبت جي منهن ۾ پياسين. اسان تڏهن به
صبر ۽ شڪر جو دامن هٿان نه ڇڏيو، هونئن به شروع
کان وٺي اسان کي صبر جو ڦل مليو هو تنهنڪري اسان
جو ان ۾ ويساهه هو. آخرڪار اسان کي هڪڙي ڏينهن اها
خبر پئي ته انهن مان هڪڙو مري پيو آهي. اسان جي
ساٿين ٻڌايو ته ان کي کائڻ ۾ هنن کي ايڏو مزو نه
آيو، جيڏو سندن اڳي کسيل شيءِ ۾ مزو هو. ته به ڪي
نه هجڻ کان اهو بهتر هو. وري وڃي ٿوري تسلي ٿي. ان
کان پوءِ ڪافي ڊگهي عرصي تائين اسان جو اهو ئي کاڄ
رهيو، جن جي ڪري اسان ٻي هر شيءِ کان محروم ٿيا
هئاسين.
”پر اڃا ڪا خراب ڳالهه ٿيڻي هئي. ائين ٿي لڳو ته
هنن مان ڪن کي ان ڳالهه جو پتو پڻ پئجي ويو هو. هو
ايترا ته حاسد ۽ وير وٺندڙ هئا جو هنن پنهنجي موت
کان پوءِ به اسان کي، جن کي هنن ڦريو لٽيو هو،
ڪنهن به قسم جي رعايت ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا.
تنهنڪري هنن هڪ نئون طريقو اختيار ڪيو. مرڻ کان
پوءِ هنن پاڻ کي ڪاٺ جي مضبوط پيٽين
۾ بند ڪرائي پوءِ ڌرتيءَ ۾ دفنائڻ شروع ڪرايو. اهو
نيچ ۽ ڪڌو ڪم هو. ڇو ته انهن سان اسان جي لاءِ هڪ
وڌيڪ رنڊڪ پيدا ٿي ويئي هئي. اسان کي هاڻي وڏي
محنت سان ڪاٺ ۾ سوراخ ٿي ڪرڻا پيا ته جيئن ان
تائين اسان پهچي سگهون. هڪ ڀيرو ڪامياب ٿيڻ کان
پوءِ اسان کي ٿوري وقت لاءِ کاڌو خوراڪ ملي ٿي
وئي.
”تون آساني سان سمجهي سگهين ٿو ته اهو ساهوارو
آسانيءَ سان جهلجڻ وارو نه هو. ايتري خونريزي ۽
قتلام کان پوءِ به هو اسان کي پنهنجو اهو بيڪار
جسم ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. پنهنجي نيچ مقصد کي حاصل
ڪرڻ لاءِ جلدي هن وري هڪ ٻيو طريقو اختيار ڪيو.
کيس ساڙ ۽ حسد سبب باهه جا شعلا به بهتر نظر آيا.
هن پاڻ کي ساڙائڻ کان پوءِ پنهنجي سڙيل خاڪ کي به ڌرتيءَ تان کڻائي پاڻيءَ ۾
اڇلائڻ شروع ڪيو. مطلب ته انهيءَ هر قسم جي تباهي
ڦهلائيندڙ ساهواري جي من مستيءَ ۽ خود پسنديءَ جو
اجهو اهو حال آهي. پر جيئن تون سمجهي سگهين ٿو ته
اهو سڀ ڪجهه گهڻو گهڻو وقت اڳ ٿيو هو، تڏهن شايد
منهنجو تڙ-ڏاڏو به پيدا نه ٿيو هوندو. پر آءٌ توکي
ٻڌايان ٿو ته جڏهن اسان ننڍا هئاسين ۽ هو اسان کي
اها ڳالهه ڪري ٻڌائيندو هو، تڏهن اسين سڀ رڙيون
ڪري ان ساهوارن جي عقل ۽ سمجهه کي پاراتا ڏيندا
هئاسين. مون کي ياد آهي ته جئين اسان پنهنجي وڏي
ڏاڏي کان ان نقصان رسائيندڙ ساهواري بابت پڇندا
هئاسين ته ان اسان کي اهو ٿي ٻڌايو ته وقت گذرڻ
سان گڏ اهي ساهوارا وڌيڪ تباهيءَ طرف مائل ٿيندا
ويا ۽ وڌيڪ خراب ٿيندا ويا، بلڪ مٿن اهي پراڻيون
خصلتون غالب اچڻ لڳيون.
هتي پهچڻ کان پوءِ جيت کڻي ماٺ ڪئي ۽ آءٌ ماٺ ميٺ ۾ اٿي کڙو ٿيس. پاڻ کي
سنڀالڻ جي گهڻي ڪوشش ڪيم ته جنهن مون کي هيڏي وڏي
تاريخ ٻڌائي ان جا ٿورا مڃان پر وڌيڪ ڳالهائڻ کان
سواءِ ئي آءٌ اتان روانو ٿيس. سو پڙهندڙن کي
التماس آهي ته مون کي معاف فرمائين جو ان کان وڌيڪ
مخاطب ٿيڻ لاءِ مون وٽ به ڪي لفظ ڪونهن. مون کي
ڳنڀير خاموشي ويڙهي وڃي ٿي ۽ سچ پچ آءٌ نٿو ڄاڻان
ته وڌيڪ ڇا چوان!؟
|