سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب:صوفي لا ڪوفي

باب: 12

صفحو : 12

 

صحت ۽ پاڪائي

 

[علامه صاحب هيءَ تقرير سن 1952ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج شاگرد يونين جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ڪئي هئي.]

ڪجهه چوڻ کان اڳ آءٌ پنهنجن ٻنهي پاسن تي ويٺل حضرات جو نهايت شڪرگذار آهيان جو هنن منهنجي باري ۾ اهڙن سٺن ۽ نيڪ خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

آءٌ سمجهان ٿو ته اهي حضرات جيڪي آرٽس ڪاليج يونين جي افتتاهي تقريب وقت موجود هئا، اهي لفظ (Auguration) (فال ڪڍڻ) جي باري ۾ منهنجا خيال تڏهن ئي ٻڌي چڪا آهن ته ان لفظ جي ڇا معنى ۽ مطلب آهي. مون اهو پڻ ذڪر ڪيو هو ته رومي لوڪ پکين کي اُڏاري فال ڪڍندا هئا ۽ ايندڙ واقعن جي اڳڪٿي ڪندا هئا. اهو به واضح ڪيو هو ته ٻڌيءَ (Union) جو وجود مخصوص حالتن جي پيداوار هو، ۽ جيڪڏهن اهي حالتون موجود نه هجن ها ته ٻڌيءَ جو وجود ڪنهن اڻ ڄاول ٻار جهڙو هجي ها، يا ان جو مثال اهڙي معصوم ٻار جهڙو هجي ها، جيڪو ڄمڻ کان پوءِ جلد مري ويندو آهي.

هتي آءٌ اهو به ٻڌائي ڇڏيان ته اسان جي ملڪ ۾ تازو ڄاول ٻارن جي موت جي شرح هڪ هزار پويان 180 آهي. جڏهن ته سويڊن ۽ ڊينمارڪ ۾ اها شرح، هڪ هزار پويان صرف ويهه آهي. اسين هر لحاظ کان پوئتي پيل آهيون. ڏسو ته اسان جي طبي تعليم جو ڇا حال آهي. هن سلسلي ۾ پڻ اسان ڪا خاص ترقي نه ڪئي آهي. اڄ جي صورتحال کي ذهن ۾ رکندي آءٌ طبي تعليم ۽ فني لحاظ کان روشني وجهندس.

طب کي مسلمان قوم اندر تمام پراڻي تاريخ حاصل آهي. هنن طبي سائنس جي بنيادي ڳالهين جي ڄاڻ يوناني کان پرائي ۽ ان کي تعليم جو هڪ لازمي جز قرار ڏنو؛ بلڪ طب جي تعليم کانسواءِ نصاب کي اڻپورو سمجهيو ويندو. ڪنهن به شاگرد کي ايستائين فارغ التحصيل نه سمجهيو هو جيستائين هن انساني بدن جي علم کي زباني ياد نه ڪيو هوندو ۽ ٻين بيمارين کان شفاياب ڪرڻ جا طريقا نه سکيا هوندا. امام غزالي (1) ته هڪ به اهڙو ڪتاب نه لکيو جنهن ۾ ”طبِ جسماني“ ۽ ”طبِ روحاني“ ٻئي مضمون شامل نه ڪيائين. پهرئين حصي ۾ انساني جسم جي بيمارين جو بيان ڪيائين ته ٻئي حصي ۾ انساني روح جي بيمارين جو ذڪر ڪيائين. عام مروج لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته پهرئين ڀاڱي ۾ بدني تندرستيءَ تي زور ڏنو ويو ته ٻئي ۾ نفس جي تندرستيءَ تي روشني وڌل آهي.

اسان جي موجوده زماني ۾ سڀني ملڪن ۾ تعليمي ماهرن هر فرد لاءِ طبي تعليم جي اهميت تي ور ڏنو آهي. هبرٽ اسپينسر (2) ان نقطي جي وضاحت پنهنجي ڪتاب ”تعليم“ ۾ ڪئي آهي، جنهن کي ڪي ماڻهو معمولي سمجهن ٿا پر دراصل اهو هڪ اعلى درجي جو ڪتاب آهي.

منهنجي حقير خيال موجب ته هربرٽ اسپينسر جهڙو عظيم تعميري ذهن انگلينڊ ٻيو ورلي پيدا ڪيو آهي. هو پنهنجي دعوى جي شروعات ان سوال سان ڪري ٿو ته انسان لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪهڙو علم مفيد آهي. ان جي جواب ۾ هو ٻڌائي ٿو ته اهو سڀ کان وڌيڪ ”علم بدن“ آهي جيڪو هر اسڪول ويندڙ ٻار کي سيکارڻ گهرجي. هن جو چوڻ آهي ته انسان ذات لاءِ انتهائي اهم ڳالهه سندس وجود جي پنهنجي بقا آهي. ان لحاظ کان پهرين فرد ۽ پوءِ قوم جي تندرستي اهم آهي. جيستائين مائرن کي اها ڄاڻ ناهي ته پنهنجي ٻار جي زندگيءَ جي سار سنڀال ڪيئن لهڻ گهرجي، ته پوءِ باقي ٻي ڪهڙي تعليم جي اميد رکي سگهجي ٿي؟ چيو وڃي ٿو ته يونانين ڊيلفيءَ جي عبادت گاهه جي ڪانس تي هي لفظ لکرايا هئا ”پنهنجو پاڻ سڃاڻو“ پيغمبر اسلام وري نهايت صراحت سان فرمايو ته ”جنهن پاڻ کي سڃاتو، تنهن خدا کي سڃاتو.“ انهيءَ ڪري آءٌ جڏهن طالبعلم هئس ته مون سوچيو ”جيڪڏهن آءٌ پاڻ کي سڃاڻڻ چاهيان ٿو ته پوءِ مون کي طبعيات کان شروعات ڪرڻ کپي ۽ مابعدالطبعيات کان: ڇو ته قرآن حڪيم جي فرمان موجب انسان جي تخليق به مٽيءَ مان ڪئي وئي آهي. طبعيات کان پوءِ مون ڪيميا ڏانهن رخ رکيو. ان کان پوءِ حياتيات، نفسيات ۽ ٻيا سماجي علم جهڙوڪ: اقتصاديات، سياسيات، تواريخ، ۽ آخر ۾ فلسفو ۽ وجوديات جو مطالعو ڪيو.

اڄ شام جو آءٌ اهو وڌيڪ بهتر سمجهان ٿو ته توهان سان پنهنجي هن ڪاليج جي نئين تجويز ڪيل سڃاڻپ جي نشان (Insignia) بابت ڪجهه گفتگو ڪريان. انهيءَ جي چوٽي تي توهان هڪ ساهميءَ جا ٻه پُڙ ۽ هڪ ڪتاب ڏسو ٿا. انهن ٻنهين شين جي هيٺان وري هي لفظ اڪريل آهن.

”رهنمائي ۽ شفا!“ (Guidance and healing) انهن جي هيٺان هڪ عورت جي شڪل آهي جنهن جي هڪ هٿ ۾ ڪرنفل ۽ ٻئي ۾ نشتر نظر اچي رهيا آهن، سندس جهوليءَ ۾ ڪي جڙي ٻوٽيون ۽ ڪي گل پيا آهن. اهڙيءَ طرح سندس پيرن هيٺان بيماريءَ جو نانگ ڏيکارل آهي؛ بلڪل هيٺيان تختيءَ تي وري هي لفظ آهن ”صحت ۽ پاڪائي هڪ ڪُلَ جا جزا آهن.“

مطلب ته اهو نشان فنڪارانه نموني ۾ وضع ڪيل آهي.

هاڻي هتي جيڪڏهن آءٌ اوهان کي رڳو ”ڪتاب ۽ ساهميءَ“ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايان ته ان لاءِ به تمام گهڻو وقت کپي. اهڙيءَ طرح قرآن پاڪ ۾ پڻ ڪن هنڌن تي اوهان کي ساڳيا لفظ ”ڪتاب ۽ ساهمي“ ملندا. البت پوئين حصي ۾ اها ترتيب بدليل آهي ۽ ان جي بدران ”عدل ۽ رهنمائي“ جا لفظ ملن ٿا. انهيءَ ڳالهه جا پڻ ڪي قابل غور اسباب آهن.

آءٌ هتي ڪوشش ڪري اختصار کان ڪم وٺندس. پهرين ته هڪ ڊاڪٽر ۽ ڪيميادان لاءِ تارازيءَ جي اهميت مسلم آهي. اهو ٻنهي لاءِ هڪ اهڙو اوزار آهي جنهن کانسواءِ هو پنهنجو ڪم ڪري نٿا سگهن. انهيءَ ڪري ان نشان ۾ سندس موجودگي غير مناسب ناهي. ڪتاب مان مراد رهنمائي ۽ طبي تعليم جي سکيا آهي. ساڳئي وقت ان جو اشارو سڀني ڪتابن جي ڪتاب ڏانهن پڻ آهي. هتي مون کي هڪ واقعو ياد ٿو اچي، جنهن جو واسطو هڪ ععظيم انگريز پروفيسر ايل. ٽي. هائوس سان آهي. هو هڪ دفعي سماجيات جي ڪلاس ۾ اسان سان هيئن مخاطب ٿيو:

”نوجوانو، دنيا ۾ تارازيون ۽ ساهميون ئي آهن. هڪڙي قسم جون تارازيون هي آهن جيڪي عام دڪاندارن وٽ هونديون آهن. ٻيون اهي جيڪي ڪيماگرن وٽ ٿين ٿيون. هاڻي اهو دڪاندار جيڪو پنهنجي سامهميءَ ۾ ڀاڄيون پڻ توري ٿو، ان جي تارازي لاءِ پائونڊ جي اڌ يا چوٿين پتيءَ جي ڪا اهميت ناهي. مگر ڪيميا گر جي تارازيءَ لاءِ آڱر جو هڪ هوائي اشارو به ان جي توازن کي هيٺ مٿي ڪري وجهي ٿو.“

هن جو مطلب اهو فرق واضح ڪرڻ هو جيڪو هڪ نفيس ماڻهوءَ ۽ ان جي مخالف ۾ ٿئي ٿو. پهريون فڪري ڪم ڪرڻ جو عادي ٿئي ٿو ۽ ان تي ٿوري ڳالهه جو به گهڻو اثر ٿئي ٿو. ٻيو ماڻهو جيڪو مشقت طلب ڪم ڪري سگهي ٿو، تنهن لاءِ گهڻو حساس ٿيڻ سندس ڪم ڪار ۾ ڪا مدد نه ڪندو، اٽلو هن لاءِ رنڊڪ جو باعث ٿي سگهي ٿو.

آءٌ سمجهان ٿو ته تارازين بابت وڌيڪ گفتگو بند ڪري، مون کي ڪجهه وضاحت انهن لفظن جي ڪرڻ کپي جيڪي انهيءَ خاص نشان جي هيٺين حصي تي اُڪريل آهن؛ يعني ”صحت پاڪائي“ هڪ ڪُل جا جزا آهن.

هاڻي سوال آهي ته صحت ڇا آهي؟ پاڪائي ڇا آهي؟ ۽ ”ڪليت ڇا آهي؟ منهنجي هڪ دوست جو خيال آهي ته ”صحت ۽ پاڪائي“ جي بجاءِ ”صحت ۽ خوشي“ ڇو نه؟! منهنجو کيس اهو جواب آهي ته لفظ خوشيءَ جي ”ڪل“ سان اها نسبت ناهي. جيڪا پاڪائي جي آهي. ان ڪري لفظ بدلائڻ بي معنى ٿيندو، مان هڪ لحاظ کان ڪتابي ڪيڙو آهيان ۽ اڪثر ڪري لغت جي ڪتابن ڏانهن رجوع ڪندو آهيان. ليڪن توهان مان تمام ٿورا ماڻهو اها تڪليف گوارا ڪن ٿا. جيڪڏهن توهان اها ٿوري تڪليف ڪريو ها ته جيڪر توهان کي خبر پئجي وڃي ها ته اهي ٻئي لفظ يعني ‘Health’۽ ‘holiness’ لغوي لحاظ کان لفظ ‘Whole’ وري ‘Whole’ لفظ جيڪو اينگلو- سيڪس اصل ‘Hail’ آهي، ان جي جرمني ٻوليءَ ۾ معنى آهي ‘Harling’ ٿو چئجي. انگريزي لفظن؛ ‘Saund’ يعني درست ‘Healthy’ يعني تندرست ۽ ‘Healed’ ۽ شفايافته؛ انهن سڀني لاءِ جرمن ۾ هڪ لفظ ‘Heil’ آهي. ڇوٽڪاري کي پڻ جرمنيءَ ۾ “Heil’چئبو ۽ ‘Heilkrant’ جو مطلب ”شفا ڏيندڙ ٻوٽي“ ٿيندو. سالم يا سچائيءَ جو مطلب ئي آهي درست يا تندرست، ويبسٽر جي انگريزي لغت ۾ ‘Whole’ جي معنى هيءَ ڏنل آهي: درست، چڱو ڀلو، مڪمل ۽ تندرست، اهڙي طرح انجيل ۾ به اهو ساڳيو ٻيو لفظ انهيءَ معنى ۾ استعمال ٿيل آهي.“ جيڪي صحيح سالم آهن، انهن کي معالج جي ضرورت ناهي.“ (ميٿيو) وري سنڌيءَ ۾ به ”هٿ-سڄو معنى تندرست. عجيب ڳالهه اها آهي ته لفظ ‘Whole’ جي اها تندرستيءَ واري معنى تقريباً دنيا جي سڀني زبانن ۾ آهي، تي مون کي شاگرد طبقي جي حوالي طور اهو ٻڌائڻو آهي ته اهڙو ڪو به مواد جيڪو زخم کي چيٺڻ لاءِ ڪم ايندو آهي، ان جو ٻين لفظن ۾ مطلب هوندو آهي ته فٽ واري حالت کي وري صحيح سالم صورت ۾ آڻجي.

اهڙيءَ طرح علم حيوانات ۾ اسان کي اهڙن جانورن جا مثال ملن ٿا جيڪي هڪ عضوي جي ضايع ٿيڻ کان پوءِ ازخود هڪ ٻيو عضوو حاصل ڪري وٺن ٿا ۽ وري ساڳي سالم حالت ۾ اچي وڃن ٿا. ساڳي ريت نباتات ۾ جڏهن ڪنهن وڻ جي سڌي ۽ مضبوط شاخ ٽٽي پوي ٿي ته پوءِ وري اهو هڪ ٻي پاسيري شاخ کي جنم ڏئي ٿو ته سندس بيهڪ برقرار رهي سگهي. انهيءَ نموني ۾ هر جيوا پنهنجي سالميت قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، يعني پاڻ کي سگهو ۽ تندرست رکڻ چاهي ٿو.

”جيوت جو مطلب ئي سالميت“ يا ڪليت آهي. اهڙيءَ طرح جي وڌاري جو مطلب آهي ته ان جا سڀ حصا ان ريت سهمت آهن جو اهي ساڳي وقت وسيلو به آهن ته حاصل مطلب پڻ. انهيءَ لحاظ سان هڪ عضوي جي گم ٿيڻ يا غائب ٿيڻ جو مطلب آهي ته پوري ڪل جي نوعيت ئي بدلجيو پوي. پر هتي آءٌ توهان کي ٻڌايان ته جنهن کي اسين غير ناميائي يا جيوت کان خالي سمجهون ٿا، تنهن ۾ پڻ اهي خاصيتون هونديون آهن.

ڪائنات ۾ پهريون ڪلڪ جيڪو اسان کي ملي ٿو، اهو اڻو يعني ايٽم آهي. ليڪن توهان کي خبر آهي ته ايٽم اليڪٽران ۽ پروٽان تي مشتمل آهي ۽ هر ايٽم ۾ اليڪٽرانن جو تعداد به مقرر آهي. ايٽم منجهان ڪنهن هڪڙي اليڪٽران جو غائب ٿيڻ ان جي ساخت کي بدلائي ڇڏي ٿو، بلڪ اهو ايٽم ان ڪوشش ۾ رهي ٿو ته پنهنجو وڃايل اليڪٽران هٿ ڪري پنهنجي سالميت کي برقرار رکي. سو توهان هتي ڏٺو ته لفظ ”سالميت“ مان مراد ان شيءِ جو خود پنهنجو وجود آهي. حالانڪ ان کي اوهين علم ڪيميا ۾ اڃا توڻي ”غير نامياتي“ ڪوٺيو ٿا.

اڳتي هلي مادو جڏهن اعلى قسم حاصل ڪري ٿو ته ان کي خليو (Cell) ڪوٺجي ٿو. دراصل حياتيات جو اهو ئي ايڪو آهي جيڪو ڀاڄين توڙي  جاندارن ۾ ملي ٿو. اهڙيءَ طرح توهان کي خبر آهي ته خليي تي ڪنهن به حصي جو زيان ان جو موت آڻي ٿو. مطلب ته اها ان جي سالميت ئي آهي جنهن تي سندس جيوت ۽ تندرستيءَ جو مدار آهي.

تندرستيءَ جي معنى آهي سالميت جو برقرار رهڻ. انهيءَ ڪري طبعي توڙي حياتيات جي ڪائنات ۾ سالميت ناگزير حيثيت رکي ٿي.

هڪ دفعي جرمني ۾ گهمندي منهنجي نظر هڪ بورڊ تي وڃي پئي جنهن تي لکيل هو:”روحاني معالج“ (Seelen Heiler) اڄ ويهين صديءَ ۾ ذهني روحاني صحتمنديءَ جو مٿو ايتري قدر ڦري چڪو آهي جو رومن مقولو ”جسم صحتمنديءَ جو مٿو ايتري قدر ڦري چڪو آهي جو رومن مقولو ”جسم صحتمند ته روح صحتمند“ ڄڻڪ هينئر الٽو ٿي چڪو آهي؛ يعني روح صحتمند ته جسم صحتمند“ مطلب ته ذهني دٻاءُ جو جهٽڪو نه رڳو بدهاضمي جو ڪارڻ بڻجي ٿو. بلڪ پيٽ ۾ سور ۽ ٻين اُگرين بيمارين جو سبب ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح غصي ۽ ڪاوڙ جو دؤر سائيءَ جو مرض پيدا ڪري سگهي ٿو، ٻيون اعصابي بيماريون الڳ رهيون.

اڄ مهذب دنيا جي تقريباً هر گهٽيءَ ۾ جتي هڪ عام طبيب ويهي ٿو، اتي سندس ڀرسان هڪ نفسياتي معالج به آهي. اهڙيءَ طرح موجوده دؤر ۾ اوهان نفسياتي علاج (Psychotherapy)جهڙا لفظ به عام جام ٻڌو پيا، جيڪي هاڻي علم طب جو حصو بنجي چڪا آهن. هينئر ڊاڪٽر کي رڳو جسماني صحت جو خيال رکڻو ناهي. بلڪ ان کان وڌيڪ کيس ذهني صحت جو خيال رکڻو آهي. جيستائين لفظ ‘Hygiene’جو تعلق آهي ته اهو يوناني لفظ ‘Hygia’مان نڪتو آهي ۽ يونانين مطابق اها تندرستيءَ جو روح آهي ۽ اسڪيوليپس (Asculepius) حڪيم جي ڌيءُ آهي، جنهن جي نالي چيو وڃي ٿو ته هوءَ مئلن کي جياريندي هئي. جيئن اسان مٿي به ذڪر ڪيو ته عرب هن سائنس جا مباديات يونانين کان هٿ ڪيا ۽ انهيءَ ڪري هنن انتهائي مروت وچان پنهنجي طب کي طب يوناني ڪوٺيو. ڇو ته اها ڳالهه سندن فطرت ۾ داخل هئي ته هو ڪنهن به قوم جي ننڍڙي احسان کي به نه وساريندا هئا. اهڙيءَ طرح اڳتي هلي عرب يورپ وارن لاءِ سچائي ۽ سورميائي جو ڪارڻ بڻيا. پر موجوده يورپ وارن جي اها حالت آهي جو جيتوڻيڪ هو چين ۽ جپان مان ڄاتل نالن وارا گل کڻي وڃن ٿا؛ مگر اتي انهن کي وري به پنهنجا نالا ‘Fuchise’ ۽ ‘Clacia’ ڏين ٿا. عرب طبيب ابن سينا (3) جيتوڻيڪ ان قسم جي مباديات سان پنهنجي ڪم جو آغاز ڪيو، پر پوءِ ان علم کي ايترو ته اڳتي وڌايائين جو سندس ڪتاب ”القانون“ (Cannon) ان وقت جي وڏي ۾ وڏي طبي يونيورسٽيءَ ‘Salerno’ ۾ اڙهين صديءَ تائين پڙهايو ويندو هو.

اصل موضوع ڏانهن واپس ايندي ذهني صحت بابت ان نتيجي تي صداقت وڌيڪ چٽي ٿئي ٿي ته جسم جي مٿان ٻي ڪنهن شيءِ جي مقابلي ۾ ذهني اثرات يقيني آهن، البت اڄ جي ذهني صحتمندي واري رجحان ۽ غزاليءَ جي ”طب روحاني“ جي نقطئه نظر ۾ اهو فرق آهي ته هو ذهن کي بذات خود اهڙيءَ طرح ارتقا پذير ايڪو سمجهي ٿو، جهڙيءَ طرح ايٽم يا خليو آهن. ان کانسواءِ هو ان جي بيمارين کي به ان لحاظ سان ڏسي ٿو ۽ خود ذهن يا روح مٿان ان جي تاثير جو جائزو وٺي ٿو. هو جسم مٿان ان جي محض ثانوي اثرات جو قائل ناهي. جهڙيءَ ريت جسم جو مرڪزي نظام ان  جي ٻين ڀاڱن سان رابطو رکي انهن کي هلائي ٿو، غزالي جو خيال آهي ته اهڙيءَ ريت نفس يا روح لاءِ به هڪ مرڪزي قوت آهي جنهن کي پڻ پنهنجي حصن سان رابطو رکي ڪل جي صورت ۾ جنم ڏيڻو آهي. انساني ذهن جي انهيءَ ”ڪليت“ يا سالميت کي ئي ”پاڪائي“ ڪوٺجي ٿو. ان نمموني ۾ اسان کي اهي ٻه الفاظ ”صحت“ ۽ پاڪائي (Holiness) ملن ٿا. دراصل انهن جي معنى ئي آهي جسم جي سڄائي ۽ ذهن جي سڄائي. انهيءَ ڪري نه رڳو لغوي لحاظ سان بلڪ واقعتاً انهن ٻنهي لفظن يعني صحت ۽ پاڪائي جو منبع يا سرچشمو اها سڄائي آهي. توهان جي انهيءَ سڃاڻپ واري نشان جي تختيءَ تي لکيل آهي لفظن جو اهو ئي مقصد آهي.

هتي آءٌ اوهان کي اهو به ٻڌائڻ چاهيندس ته غزالي ذهن جي ڪليت بابت ڪيتري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار هو. هن جو ويساهه ته ذهن انساني جسم مٿان ايترو اختيار حاصل ڪري سگهي ٿو جو اهو جسم جي خاتمي جو وقت پڻ مقرر ڪري سگهي ٿو ۽ ان کي هو ”موت مٿان ضابطي“ جو نالو ڏئي ٿو. امام غزالي نه رڳو اها ڳالهه چئي، بلڪ هن پاڻ عملي طور پنهنجي موت ذريعي ان کي ثابت ڪري ڏيکاريو. پروفيسر ميڪڊونالڊ اها ڳالهه هن ريت ٻڌائي ٿو: هڪ ڏينهن صبح جو امام غزالي وهنجي سهنجي پنهنجي ڀاءُ احمد کي ڪفن کڻي اچڻ لاءِ چيو، جيڪو هن پنهنجي لاءِ دمشق مان آندو هو. هن پوءِ اهو ڪفن کڻي پاڻ ائين پاتو، جيئن اهو مردي کي پارايو ويندو آهي. تنهن کان پوءِ هو سڌو ٿي کٽ تي سمهي پيو ۽ ڀاءُ کي چيائين هاڻي آءٌ پنهنجي مالڪ ڏانهن وڃي رهيو آهيان؟ ان کان پوءِ احمد ڏٺو ته غزالي واقعي وفات ڪري چڪو هو. اتي پهچڻ کان پوءِ مئڪڊونالڊ چوي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي صحيح معنى ۾ خدا رسيده چئي سگهجي ٿو ته پوءِ اهو واقعي غزالي هو.

مطلب ته انسان هڪ اهڙي صلاحيت جو مالڪ ٿي سگهي ٿو جيڪا هونئن جسم کان مڪمل طور الڳ هجي پر جسم مڪمل طور ان جي اختيار ۾ هجي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ انسان کي نه رڳو علم بدن جي تعليم کپي بلڪ اهو سڀڪي ڄاڻڻ کپي جيڪو ذهن ۽ روح جي تندرستي ۽ زندگيءَ جي باري ۾ آهي، پوءِ اهو هپناٽزم هجي، نفسياتي تشخيص هجي يا نفسياتي علاج جو ڪو سلسلو هجي يا کڻي انهن کان مٿي ڪا ٻي شيءِ جيڪا آمريڪا ۽ يورپ ۾ اڃا تائين وجود ۾ نه آئي آهي.

جيتوڻيڪ وقت جي تنگي آهي. پر آءٌ ٻه- ٽي لفظ ان مؤنث شڪل لاءِ به چوڻ گهرندس جيڪا نشان جي وچ ۾ نظر اچي ٿي. اها شڪل نه رڳو صحت جي روح جي نمانده آهي، بلڪ اها ان جي ڀيڻ آهي جيڪا مريضن جي سار سنڀال ڪري ٿي. گويا اهو مادرانه روح آهي جيڪو ڪمزور، نحيف ۽ نٻل ماڻهوءَ جي خبر گيري ڪري ٿو، بلڪ اهو اڃا به ڪو اعلى اهڃاڻ آهي. جرمن شاعر گوئٽي (4) پنهنجي عظيم تصنيف ”فائوسٽ“ جي بلڪل آخر ۾ هڪ اهڙي ”ابري عورت“ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا اان کي مٿي بلندين تائين ويندي جنت ۾ وٺي وڃي ٿي. فائوسٽ کي شيطان جي چنبن مان بچائڻ واري به اها ئي قوت آهي. هتي مون کي هڪ نظم ياد اچي ٿو جيڪو مون توهان کي پوري جو پورو ٻڌائڻ گهريو ٿي، پر في الحال آءٌ صرف ان جي آخري سٽن تي اڪتفا ڪريان ٿو. انهن سٽن ۾ چيل آهي، ته جيڪڏهن عورت سچ پچ پنهنجي اصل مقصد کان واقف هجي ته هوءَ نه رڳو وحشين کي انسان بڻائي سگهي ٿي پر انهن کي خدا تعالى تائين پڻ پهچائي سگهي ٿي.

منهنجي گهر واريءَ توهان جي ڪاليج لاءِ اهو نشان تجويز ڪيو آهي ۽ مون کي پڪ آهي ته ان ۾ اڃا گهڻو ڪجهه آهي جيڪو پهرين سٽ ۾ نظر اچي ٿو، بلڪ مون کي اميد آهي ته جيئن وقت گذرندو ويندو ته توهان کي پاڻ ان ۾ گهڻيون شيون ملنديون، ان کان به گهڻيون جيڪي هتي بيان ڪيون ويون آهن.

مون توهان کي تقريباً هڪ ڪلاڪ تائين ريجهائي ويهاريو جنهن لاءِ آءٌ معافي ٿو گهران سو خدا حافظ! شال خدا اوهان جو ساڻي ٿئي!

 

حوالا

 

(1)                امام غزالي ڏسو 4-(4)

(2)                هربرٽ اسپينسر لاءِ ڏسو 2- (1)

(3) ابن سينا بو علي(Avicenna 980-1037AD)

هو مشهور شهر بخارا جي ويجهو ڄائو. ارڙهن سالن جي عمر تائين هن تقريباً سڀني علمن ۾ مهارت حاصل ڪئي بلڪ تصنيف و تاليف به شروع ڪري ڏنائين.

ابن سينا هڪ عظيم فيلسوف ماهر، طبيب، ماهر موسيقار ۽ جامع العلوم شخصت هو. سندس تصنيفات ۾ ڪتاب الشفا، ڪتاب القانون في الطب ڪتاب الاشارات وغيره تمام گهڻو مشهور آهن.

(4) گوئٽي لاءِ ڏسو 4-(20)

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com