اردو ڇا آهي؟
[15 ڊسمبر سنه 1938ع تي اُردو ڏينهن جي سلسلي ۾
خالق ڏنه هال ڪراچيءَ ۾ ڪيل صدارتي تقرير.
[
اڄ اسين هتي اردوءَ جو ڏينهن ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيا
آهيون. انهيءَ غير معمولي ڏينهن ملهائڻ جا ڪهڙا
خاص اسباب آهن، اهي اسان سڀني کي چڱيءَ ريت معلوم
آهن.
اسان شروع ۾ ئي ان ڳالهه جي وضاحت ڪري ڇڏيون ٿا ته
هيءَ سياسي گڏجاڻي هرگز ناهي، نه ڪو ان جو ڪنهن
سياسي پارٽيءَ سان تعلق آهي. اهڙيءَ طرح متان ڪو
هال کان ٻاهر بيٺل ماڻهو ائين سمجهي ته هتي اسان
ڪنهن احتجاج وغيره جي سلسلي ۾ گڏ ٿيا آهيون؛ سو
ائين به ناهي. اڄ اسين هتي صرف ان ڪري گڏ ٿيا
آهيون ته انهيءَ شيءِ جي قدرداني ڪريون جنهن کي نه
رڳو اسان قدر جي لائق سمجهون ٿا، بلڪ هندستان جا
سمورا ماڻهو ان جو قدر ڪن ٿا؛ پوءِ ڀلي انهن جو
تعلق ڪهڙي به ذات ۽ عقيدي سان هجي. اسان مان ڪي
ائين پڻ سمجهن ٿا ته ان جي وجود کي خطرو پيدا ٿي
چڪو آهي.
اسان هتي ڪوشش ڪنداسين ته انهن ڀائرن کي قائل
ڪريون جن جو اسان کان مختلف نقطئه نظر آهي ۽ اسان
اميد ٿا ڪريون ته شايد اسان جي هيءَ ڪوشش انهن کي
پنهنجي نقطئه نظر تي نظرثاني ڪرڻ ۾ مددگار ٿئي.
لفظ اُردو جي بڻ بڻياد بابت ايتريون اجايون
ڳالهيون مشهور آهن جو هتي ان باري ۾ ٻه- ٽي لفظ
چوڻ بيجا نه ٿيندا، هتي هيءَ ڳالهه به وڌيڪ يقين
سان چئي سگهجي ٿي ته هن ڌرتيءَ جو ٻچو ٻچو انهيءَ
لفظ اردو کان واقف آهي. تنهنڪري آءٌ هتي اهو واضح
ڪرڻ ٿو گهران ته واقعي اهو لفظ انهن ٿورن اوائلي
لفظن مان هڪ آهي، جيڪو آريا لوڪ هن سرزمين تي پهچڻ
وقت پاڻ سان کڻي آيا هئا. اهڙيءَ طرح اهو ثابت ڪرڻ
به ڪا ڏکي ڳالهه ڪونهي ته اهو لفظ ترڪي ٻوليءَ جو
ناهي، جيئن ڪي ماڻهو سمجهن ٿا. مون هن ڳالهه جو
خاص ڪري ان لاءِ ذڪر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ جو اها غلط
فهمي ڪيترن ذهنن ۾ جذباتي انقلاب آڻيو ڇڏي، وڏي
ڳالهه ته ان جي ڪري هو لفظ ”اردو“ کي ڌاريو سمجهڻ
لڳن ٿا. هت هيءَ ڳالهه پڻ واضعح ٿئي ٿي ته هڪ عام
ماڻهوءَ جي سوچ جو ڇا حال آهي. عجب لڳي ٿو ته اسان
کي اها به خبر ڪونهي ته اهو لفظ اسان جي هند-سنڌ
پرڳڻي اندر پڻ روزمره جي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿئي ٿو.
اسان سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ ”اڙد“ عام جام ڪتب آڻيون
ٿا، جنهن جي معنى آهي انبار، شين جو ڍڳ، يا ماڻهن
جو ميڙ، گروهه، ڊنبلو وغيره ان لفظ جي اها معنى
سنڌ ۾ عرب جي اچڻ کان ٽي هزار سال اڳ به استعمال ۾
ايندي هئي.
البت اها حقيقت پنهنجي جڳهه تي صحيح آهي ته اهو
لفظ ”اڙدو“ سنڌ يا هند ۾ وجود ۾ ڪونه آيو. مگر ان
جو وجود تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ به ملي ٿو، اهي
ماڻهن جن کي هند- جرمن ٻولين جي ڄاڻ آهي، انهن کي
خبر آهي ته اهو لفظ اسيڪنڊينيويا، ايران ۽
هندستان يعني آريا، قومن جي ٽن مُک علائقن ۾ ساڳئي
وقت ملي ٿو، اهڙيءَ طرح قديم ناردڪ (1)
(Nardic)
ديومالا ۾ اسان کي به ٻه لفظ ”اُردو“ يا ”ارٿ“ ملن
ٿا، جيڪي هڪ اهڙي نيم ديويءَ جي نالي کي ظاهر ڪن
ٿا، جنهن کي تقدير جي ديوي ڪوٺيو ويو آهي.
انهيءَ مان ثابت ٿيو ته ان کان اڳ جو هند- جرمن
ٻوليون ڳالهائيندڙ قبيلن پنهنجي اصلي وطن کي ڇڏي
اوڀر ۽ اولهه وڃڻ شروع ڪيو، هيءُ لفظ سندن استعمال
۾ هو. اهڙي طرح وري جڏهن اسين اوستا
(Avesta)
يا قديم پارسي زبان ڏانهن رجوع ڪريون ٿا ته اتي پڻ
اهو لفظ ملي ٿو. ”اردبيل“ جي شهر ۽ ”ارد شير“
بادشاهه جي نالي منجهان ان ڳالهه جي پڻ پڪي شاهدي
ملي ٿي. اڄڪلهه اسان وٽ سنڌ ۾ جنهن معنى ۾ اهو لفظ
استعمال ٿي ٿو، بلڪل ساڳي معنى ۾ جديد ايران اندر
پڻ ڪم اچي ٿو؛ يعني لشڪر، سپاهه، ميڙاڪو وغيره
انهن سڀني لفظن جي معنى جو اهو ساڳيو جزو نظر اچي
ٿو ۽ ان کي ميڙ، انبوهه يا اجتماع چئي سگهجي ٿو.
ليڪن شروع کان وٺي لفظ ”اڙدو“ هڪ خاص مفهوم جو
حامل آهي. جنهن ۾ دهشت يا خوف جو عنصر شامل آهي.
اها ساڳي معنويت مٿي ذڪر ڪيل ”اڙد“ ديويءَ جي بوتي
مان به ظاهر ٿئي ٿي، جيڪا ”تقدير“ جي عرفيت ۾
واقعي خوف پيدا ڪندڙ آهي.
دنيا جي تاريخ ۾ اسان کي اهڙا دؤر به ملن ٿا؛ جنهن
اهڙي انبوهه يا لشڪر جي روپ يا دهشت کي به فيصله
ڪن سمجهيو ويو آهي.
ٿيو ائين هوندو ته ڪو اڪيلو خانه بدوش ماڻهو، جنهن
تي هونئن ڪنهن به قسم جي جهل پل ڪونه هئي، اوچتو
ڪنهن انبوهه جي ور چڙهي ويو هوندو. پهريائين ته هن
کي غلام بنائڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي يا نه ته به
پنهنجي جانورن جي سنڀال لاءِ کڻي رکيو هوندو، تڏهن
ان ماڻهوءَ انهيءَ ”اڙد“ کي پنهنجي تقدير ڪري
سمجهيو هوندو. اهو ئي سبب آهي جو اهي آريا جيڪي
اسڪنڊينيويا (2) جي ملڪن ڏانهن راهي ٿيا، تن ان کي
اهو ئي نالو ڏنو.
اڳتي هلي نيون نيون تبديليون ٿيڻ لڳيون. اهو ساڳيو
لفظ بدلجي ”فَرڊ“ يا ”فرِڊ“
(Furd of Ferd) ٿي پيو؛ جيڪا ڪنهن به ٻوليءَ ۾ عام رواجي ڳالهه آهي. ليڪن ان
جي معنى اها ساڳي لشڪر واري آهي. تقريباً انهيءَ
ساڳئي عرصي ۾ اسڪنڊينيويا وارن ”اڙد“ ديويءَ سان
گڏ ٻن ٻين ديوين جو به اضافو ڪيو.
هڪڙي ”فرڊنڊي“
(Ferdandi)
ٿي ڪوٺيائون ته ٻيءَ کي ”اسڪلڊ“
(Skuld)
ٿي چيائون، هتي اها ڳالهه گهڻو واضح آهي ته لفظ
فرڊنڊيءَ جو پهريون حصو ”فرڊ“ لفظ ”اڙد“ جي بگڙيل
صورت آهي، باقي ”اسڪلڊ جو تعلق انگريزي لفظ کوپري
(Skull)
يا هڏائون پڃري
(Skeleton)
سان آهي. تقدير جي اها عجيب ترڪيب آهي،جتي لشڪر،
کوپڙي ۽ هڏاوان پڃرا ٿا نظر اچن. ها پر اسان کي
گهڻو پري وڃڻ نه کپي. هتي اهو ٻڌائڻ ڪافي آهي ته
لفظ ”فرڊ“ اڄ سوڌو لشڪر جي معنى ۾ استعمال ٿئي ٿو
۽ اسم خاص نالن وغيره جهڙوڪ: جرمن نالي ”فرڊيننڊ“
(Ferdinand)
۾ به ان جو اهو ئي مطلب آهي. مطلب ته اسان کي اهو
معلوم ٿيو ته لفظ ”اڙد“ آريائي ٻولين جو هڪ قديم
لفظ آهي، جيڪو اڄ ڏينهن تائين استعمال ٿي رهيو
آهي. هڪ لحاظ کان اهو لفظ آريائي تهذيب جي ابتدا ۽
ان جي اصل روح يعني انسان جي سماجي نو آباديءَ جو
اهڃاڻ آهي.
معزز حضرات، ته اهو آهي لفظ ”اردو“ جو بڻ بڻياد يا
جنهن مان اهو لفظ نڪتو آهي ۽ جنهن جي معنى آهي:”
انبوهه يا ”ڪٽڪ جي ٻولي“، جنهن ۾ هر قسم جي ماڻهو
شامل آهن. ليڪن موجوده دؤر ۾ اسان اردوءَ جو مطلب
”رابطي جي زبان“ يا ”مصنوعي جڳت ڀاشا“
(Esperanto)
پڻ وٺي سگهون ٿا.
هاڻي اسين خود اردو زبان تي ٿا اچون. اصل ۾ هيءَ
زبان سنسڪرت مان ڦٽي نڪتل آهي، پر شروعاتي دؤر ۾
دراوڙي زبان جا ڪافي لفظ پڻ ان ۾ شامل هئا. البت
اڳتي هلي سندس سينگار جو سامان سنسڪرت جي وڏي ڀيڻ
يعني پارسي زبان مهيا ڪيو. اهڙيءَ طرح جديد فارسي
شروعاتي پنج سؤ سالن جي رابطي دوران عربي ٻوليءَ
مان هزارين لفظ پاڻ ۾ جذب ڪيا، ايتري قدر جو انهن
جو ڳاڻيٽو سڀني يوروپي ٻولين جي برابر اچي سگهي
ٿو؛ اهڙي ساڳي غير محسوس طريقي سان فارسيءَ جا
ڪيترائي لفظ اردوءَ ۾ داخل ٿي ويا. ان جو مثال
ائين آهي، جيئن عربي ٻوليءَ جا هزارين لفظ قديم
فرينچ ٻوليءَ جي معرفت انگريزيءَ ۾ داخل ٿيا هئا.
بهرحال اردو ٻوليءَ جو پڻ بڻ بڻياد هر لحاظ کان
سنسڪرت سان وابسته نظر اچي ٿو. البت ايترو آهي ته
ان جي نشو و نما هار سينگار ۾ ايراني اثرات جو دخل
آهي ته اهو هو اردو ٻوليءَ جي نالي ۽ مواد جي باري
۾ هڪ مختصر جائزو.
باقي جيستائين اردو ٻوليءَ جي زندگيءَ ۾ موجوده
بحران جو تعلق آهي يا جيڪو اڻسڌي طرح هن اڄوڪي
معتبر ۽ غير معمولي ورسي جو ڪارڻ آهي؛ اهو هي آهي
ته هندستان جي هڪ خاص طبقي جا ماڻهو هن زبان کي
ختم ڪرڻ چاهين ٿا. هو انهيءَ گهڻو غير ترقي يافته
اوائلي لهجي کي وري آڻڻ گهرن ٿا جيڪو اسلامي تهذيب
جي آمد کان اڳ هندستان ۾ رائج هو ۽ اهڙيءَ طرح هو
چاهين ٿا ته گذريل ست سؤ سالن جي عرصي ۾ هن زبان ۾
جيڪا ترقي ٿي آهي، تنهن کي ڪڍي ڦٽو ڪجي يا رديءَ
جي حوالي ڪجي. دراصل اهو اڪبر اعظم (3) جو
زمانو هو، جڏهن زبان کي اهو نالو مليو يا جڏهن ان
کي صحيح معنى ۾ پوري اهميت ملي؛ يعني جڏهن ذات پات
۽ عقيدي جا اختلاف مٽجڻ لڳا هئا، يا جڏهن مغلن فخر
وچان هندستان کي پنهنجو گهر سمجهڻ شروع ڪيو هو، ۽
جڏهن هو سنجيدگيءَ سان هندستان جي ٻولي ڳالهائڻ
طرف راغب ٿيا هئا.
پر اسان کي پنهنجن ڀائرن جي انهيءَ خواهش تي به تعجب ڪونهي؛ ڇو ته هر اها
قوم جنهن کي اوچتو پنهنجي قومي وجود جي ساڃهه ملي
ٿي، ان وٽ شروع ۾ اهڙا اهڃاڻ مڙئي ظاهر ٿيندا آهن.
هن ڳالهه جي وضاحت لاءِ اسين هتي هڪڙي ئي مثال تي
اڪتفا ڪريون ٿا. هن سلسلي ۾ انگريز قوم جي تاريخ ۾
هينري اٺين (4) ۽ راڻي ايلزبيٿ (5)
جا دؤر انهيءَ ڳالهه جا چٽا ثبوت آهن. ان دؤر ۾
رومن چرچ کان علحدگيءَ ۽ هڪ آزاد قوم جي علحده
تشخص جي احساس، انگلينڊ جي ڪافي پڙهيل ڳڙهيل
ماڻهن ۾ هاو جذبو پيدا ڪيو هو ته انگريزيءَ کي
لاطيني ٻوليءَ جي لفظن ۽ اصطلاحن پاڪ ڪيو وڃي. هن
تحريڪ جو آغاز نهايت زور شور سان ٿيو؛ پر اڳتي هلي
ان جو ڪوبه سبب نظر نه آيو ۽ ائين اها ختم ٿي وئي.
عقلمند ماڻهوءَ لاءِ شروع کان ئي ان جو مثال ائين
آهي جيئن ڪو ماڻهو پرائي گلا واسطي پنهنجو نڪ
ڪپائي ويهي، پر انگريزن وارو اهو معاملو گهڻو سادو
هو. انگريزن طرفان رومن اثرات کان جان ڇڏائڻ جي
ڪوشش هڪ جذباتي فيصلو هو. ته به ان ڳالهه جو
اٽليءَ جي ماڻهن ان ڪو واسطو ڪونه هو. مگر هندستان
اندر مٿي ذڪر ڪيل خواهشن مسئلن کي نهايت پيچيده
بنائيندڙ ۽ مايوس ڪندڙ آهي. اها گهُر ڪرڻ ته گذريل
اٺن صدين ۾ جيڪي لفظ ٻوليءَ ۾ اچي چڪا آهن، تن کي
نيڪالي ڏيڻ جو هڪ طرف اهو مقصد آهي ته نه رڳو
انهيءَ ترقي کان انڪار ڪيو پيو وڃي جيڪا لفظن جي
صورتن ۾ وجود ۾ آئي؛ بلڪ ٻئي طرف ان جو مطلب آهي
ته ان ملڪ جا اهي لکين انسان جيڪي ان ترقيءَ جو
باعث آهن، اهي ڌاريا آهن ۽ غير ضروري آهن.
هاڻي اڳتي وڌڻ کان اڳ اسين ان ترقيءَ ۽ ان جي
اصليت بابت سرسري طور ڪجهه چوڻ چاهيون ٿا؛ بلڪ اهو
ٻڌائڻ گهرون ٿا ته ان ترقيءَ کان هندستان ڪيئن
متاثر ٿيو ۽ ٻيءَ دنيا تي ان جا ڪهڙا اثرات مرتب
ٿيا. جنهن ماڻهوءَ کي سچ جي ٿوري به ساڃهه آهي ۽
جيڪو تاريخ جي آئيني ۾ گهوري سگهي ٿو، اهو بنا
ڪنهن تڪليف جي ان نتيجي تي پهچي سگهي ٿو ته اها
قوت اسلام جي آهي، جنهن ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين
صديءَ جي دوران مغرب توڙي مشرق ۾ هڪ نئين ڏِس جي
ابتدا ڪئي ۽ وري انهيءَ ساڳي قوت چوڏهين پندرهين
صديءَ ۾ يورپ ۽ هندستان ۾ نشاة الثانيه يا نئين
سجاڳيءَ کي جنم ڏنو.
ابتدا ٻنهي کنڊن ۾ مذهبي اصلاحن يا سڌارن سان ٿئي
ٿي. فرانس ۾ ابيلارڊ (6) ۽ ان جا پوئلڳ ته
انگلينڊ ۾ راجر بيڪن (7) ۽ ان جهڙا ٻيا؛
تان جو جرمنيءَ ۾ مارٽن ليوٿر (8) نئين صبح
حيات جو تارو بڻجي اڀريو. هندستان ۾ وري مذهبي
سڌاري جون اهي ساڳيون تحريڪون ڪبير (9) ۽
نانڪ (10) ذريعي پنهنجي ڪمائي تي پهتيون.
ارسٽو (11)
(Aristo)
پيدا ٿيو ته هِتي امير خسرو (12) جنم ورتو،
بهرحال ٻنهي جي پويان ساڳي قوت ڪارفرما هئي. هُتي
اهو سڀ ڪجهه اسپين ۽ سسليءَ سان لاڳاپن جو نتيجو
هو ته هِتي وري ان جو ڪارڻ سنڌ ۽ پنجاب هئا.
تنهنڪري اهي ماڻهو جيڪي گُهرن ٿا ته آيل لفظن يا
ٿيل پيش رفت کي ختم ڪيو وڃي، پوءِ اهي يورپي ٻولين
۾ هجن يا هندستان ۾؛ انهن کي معلوم ٿيندو ته اهو
ڪم ناممڪن آهي، ڇو ته ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب آهي
ته گذريل هڪ هزار سالن ۾ دنيا جيڪا ترقي ڪئي آهي
ان جي نفي ڪئي وڃي.
هندستان ۾ نه رڳو شاعريءَ جو هڪ وڏو ذخيرو تباهه ۽
برباد ٿي ويندو پر مذهب به پٺتي هليو ويندو. يعني
نانڪ واري دؤر کان به اڳتي، جڏهن ان ۾ ڪيترن ئي
خدائن جو تصور هو. اهڙيءَ طرح نه رڳو فن تعمير جا
نادر نمونا يعني قطب مينار کان وٺي تاج محل تائين
ڊاهڻا پوندا، بلڪ گهڻن مهاراجائن جا ڪيترائي محل
پڻ زمين دوز ڪرڻا پوندا، جن ۾ يو- پي ۽ پنجاب جون
ڪيتريون عمارتون پڻ اچي وينديون ايتري قدر جو
بنگالي فن مصوري به قائم رهي نه سگهندو ڇو ته اهو
پڻ ايراني مصوري ۽ مغل آرٽ جي سٻنڌ جي پيداوار
آهي.
هن مهل تائين اسان پنهنجي ملڪي ڀائرن جي اهڙن ارادن ۽ خواهشن تي تنقيد ڪري
رهيا هئاسين، جنهن مطابق هو عجيب ويساهه ۾ مبتلا
آهن. هو هن ملڪ جي قديم کان قديم رهاڪن کي به
ڌاريو تصور ڪري رهيا آهن، پوءِ ڀلي اهو ماڻهو هن
ڌرتيءَ تي ٽي هزار سال اڳ يعني پهرين آريي جي اچڻ
کان به اڳ هتي آباد ڇو نه هجي يا هو آرين جي ان
جٿي سان گڏجي هتي آيو هجي جيڪي چار هزار سال اڳ
ايران مان هجرت ڪري هتي پهتا هئا؛ هو انهن کي
ڌاريو صرف ان ڪري سمجهن ٿا ڇاڪاڻ ته هو تاريخ جي
ان واضح حقيقت جو اقرار ڪن ٿا. گذريل هڪ هزار سالن
جي عرصي ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، اهو اسلام جي لاڳاپي سبب
ممڪن هو ۽ اهو سڀڪجهه يورپ توڙي برصغير جي فائدي
وٽان هو. هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو اها ڳالهه چوي ٿو
ته اسلام جي اثرات کي اڻمٽ قرار ڏئي ٿو يڪدم اهڙي
ماڻهوءَ جي تحقير ڪئي وڃي ٿي ۽ ان کي ”غير“ يا
”ڌاريو“ جهڙن لقبن سان نوازيو وڃي ٿو. بلڪ ان جي
اثرن کي تباهه ڪن قرار ڏئي، هن جي وجود کي ناقابل
برداشت ٻڌايو وڃي ٿو، چيو وڃي ٿو هن کي ختم ڪيو
وڃي ۽ هن جي نالي نشان کي مٽائي ڇڏڻ گهرجي. اردؤ
کي به هڪ اهڙو اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو.
هاڻي اچو ته تصوير جو ٻيو رخ به ڏسي وٺون. انهيءَ گروهه جا نظريات اڃا به
وڌيڪ عجيب و غريب آهن. هنن جي چوڻ موجب ڇاڪاڻ ته
ٻارهن سؤ سال اڳ تمام ٿورا ماڻهو هجرت ڪري هن
سرزمين تي پهتا هئا ۽ جن کي هو پنهنجا ابا ڏاڏا
تسليم ڪن ٿا، تنهنڪري هو پاڻ کي هندستاني نه بلڪ
اجنبي سمجهن ٿا. حالانڪ ان دؤر جو جڏهن يورپ جي
تاريخ سان مقابلو ڪجي ٿو ته ان جو مطلب ٿيندو
انگلينڊ جي سرزمين جي فاتح وليم (13) کان
ٽي سؤ سال اڳ يا نارمن بادشاهن (14) طرفان
ڇهه سؤ سال اڳ جڏهن هنن فرينچ ٻوليءَ کي ترڪ ڪري
انگريزيءَ کي اختيار ڪيو هو. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري
ٿو لڳي ته جڏهن ٻارنهن سؤ سال اڳ واري آمد جو ذڪر
ڪيو وڃي ٿو، ان وقت دراصل ويهين پتيءَ جيترا ماڻهو
به هندستان ۾ داخل ڪونه ٿيا هئا، جن مان تمام گهڻا
ته دراوڙ (15) هئا، جيڪي تاريخ کان اڳ جي
زماني کان وٺي هن سرزمين سان وابسته هئا.
هر ذي شعور انسان لاءِ سندس ڀائرن جو اهو پوين گروهه، اڳئين کان ڪنهن به ريت
چريائيءَ ۾ گهٽ ڪونه ٿو لڳي. ڪوبه هندستاني جيڪو
هن ڌرتيءَ تي ڄائو ۽ نپنو آهي، تنهن کي هن سندر
سرزمين سان نسبت بابت ڪنهن گهٽتائي محسوس ڪرڻ جو
سوال ئي پيدا نٿو ٿئي پوءِ ڀلي ان جو واسطو دراوڙن
سان هجي يا اوائلي آرين (16) سان يا بعد جي لوڪن
سان. بلڪ جيڪو ماڻهو هن سرزمين جي ادب ۽ فن کي، ان
جي تاريخ ۽ ماڻهن کي ويندي اسلام کان اڳ واري
تهذيب کي پنهنجو فخر لائق سرمايو نٿو سمجهي، ان کي
پڙهيل يا عالم چئي نٿو سگهجي.
اهڙيءَ طرح ڪوبه هندستان مسلمان يا ٻيو ڪو ماڻهو جيڪو ان ڳالهه جي اهميت نٿو
محسوس ڪري ته سندس لاڳاپو اهڙيءَ ڌرتيءَ سان آهي
جنهن ڪاليداس (17) ۽ گوتم ٻڌ (18)
پيدا ڪيا، ان کي مهذب انسان هرگز نٿو چئي سگهجي.
بلڪ ائين چوڻ گهرجي ته ان ماڻهوءَ کي اسلامي تمدن
و تهذيب جي شاد ئي ڪا خبر آهي. آءٌ اڃا به هيئن
چوندس ته جيتوڻيڪ هو پاڻ کي مسلمان سڏائي ٿو پر
کيس لفظ اسلام جي معنى جي به خبر ڪونهي. در حقيقت
اهڙو ماڻهو نه رڳو هندستان جي ڪا خدمت نٿو ڪري،
بلڪ هو اسلام لاءِ بدناميءَ جو باعث آهي، جنهن جو
ڪارڻ سندس نسوري جهالت ۽ لاعلمي آهي.
اصل موضوع ڏانهن موٽندي اسين چئي سگهون ٿا ته اردو هند- ايراني ٻولين ۾ سڀني
کان ننڍي نيٽي ۽ پياري ۾ پياري ٻولي آهي ۽ ان جو
وجود بين الاقوامي لاڳاپن ۽ ميل ميلاپ جو نتيجو
آهي، تنهنڪري جيڪو ماڻهو اردوءَ کي ڌاريو يا اوپرو
سمجهي ٿو ۽ هن ويهين صديءَ ۾ مهاڀارت (19) واري
ٻولي ڳالهائڻ گهرجي ٿو؛ يا هيءُ خيال ڪري ٿو ته ان
ڏورانهين دؤر جي لفظن م ڪنهن به قسم جو اضافو ڪرڻو
ناهي، پر انهيءَ ماڻهوءَ کي زندهه رهڻ جو ڪو حق
ڪونهي؛ ڇو ته هو هڪ اهڙي ناقابل برداشت تنگ نظريءَ
جو مظاهرو ڪري ٿو، جنهن لاءِ قوميت ۽ بين الاقوامي
جهڙا لفظ نه رڳو بي معنى آهن پر هو ته روشنيءَ جو
به دشمن آهي. ان جو مثال ائين آهي جيئن چٻري لاءِ
سج جي سهائي!
يورپ کان واپسيءَ بعد گذريل اٺن مهينن ۾ جنهن ڳالهه مون کي وڌ ۾ وڌ تعجب ۾
وڌو آهي، سا هندستان جي مسلمانن توڙي غير مسلم
هندستانين طرفان پنهنجي مادر وطن سان پيار ڪرڻ جون
دعوائون آهن، جنهن مان درحقيقت سندن وطن سان پيار
نه، بلڪ پنهنجي ذات سان پيار جي جهلڪ ملي ٿي. انهن
مان هڪڙو گروهه پاڻ کي ٽي هزار سال اڳ واري وقت ۽
حالتن سان ملائڻ گهري ٿو ته ٻيو وري اڄ کان ٽي سؤ
سال اڳ واري دؤر جو دلدادو آهي. صحيح معنى ۾
هندستان سان ٻنهي مان ڪنهن کي به دلچسپي ڪانهي. ان
جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اهي ٿورا ماڻهو جن هڪ نه
ٻئي طريقي سان پنهنجا پيٽ ڀريا آهن، سي خرمستيون
ڪري رهيا آهن، باقي ويچارو عوام اڃا جهالت جو شڪار
آهي ۽ هن ديس جي ڌرتي سڌاري جي محتاج آهي. هو رڳو
انهيءَ ڳالهه تي وڙهي رهيا آهن ته هن ملڪ ۾ تعليم
لاءِ ڪهڙي ٻوليءَ جو لهجو اختيار ڪيو وڃي؟ هوڏانهن
ملڪ وڃي ٿو ڏينهون ڏينهن جهالت جي کڏ ۾ ڪرندو. اڄ
هندستاني ادب علمي طور تي فنا ٿي چڪو آهي ۽
هندستاني آرٽ مرڻ ڪنڌيءَ تي آهي. هندستان جا
ڪارخانا بند ٿي چڪا آهن. هندستان جي زراعت غير
پيداواريت جو شڪار آهي. ليڪن اڄ به اهي خسيس ۽ تڇ
ڳالهيون جن جو ڪو نتيجو نڪرڻو ناهي. انهيءَ پيٽ
ڀريل طبقي مٿان هر وقت سوار آهن، ٻئي طرف هيڏو
سارو ملڪ جيڪو ڌڻي پاڪ کين سوکڙيءَ طور ڏنو آهي،
جنهن کي آباد ڪرڻ کپي ۽ سندر بنائڻ کپي، اهو وڃي
ٿو ڪمزور ٿيندو ۽ تباهي ۽ بربادي، طرف گهلبو.
جيڪڏهن هنن کي واقعي هندستان بابت ٿورو به خيال
هجي ها ته پوءِ هو انهن نظرين ۽ لفظن کي رد ڪرڻ جو
ڪڏهن به نه سوچين ها، جيڪي گذريل اٺن صدين جي عرصي
۾ عالمگير سڌاري ۽ واڌاري سان گڏ وٽن پهتا آهن.
اٽلو هنن کي کپندو هو ته ڏينهن رات هڪ ڪري دنيا جي
ڪنڊ ڪڙڇ ڏسي، نوان نوان خيال ۽ نوان نوان لفظ پاڻ
سان گڏ کڻي اچي ها ۽ پنهنجي ٻوليءَ کي وڌيڪ
شاهوڪار ڪن ها. هنن کي گهرجي ته انهن گلن کي به
حاصل ڪن جيڪي صرف جاپان ۾ پيدا ٿين ٿا؛ انهن ٻوٽن
کي به حاصل ڪن جيڪي برازيل جهڙي ملڪ ۾ ٿين ٿا ۽
اهو ميوو به حاصل ڪن جيڪو ڪيليفورنيا ۾ ٿئي ٿو.
مطلب ته هر اها شيءِ جيڪا هن ڌرتيءَ جي ڪنهن به
ڪنڊ ۾ موجود آهي، جيڪا هن سرزمين جي سينگار جو
باعث ٿي سگهي ٿي، يا هن ڌرتيءَ جي زرخيزيءَ جو
ڪارڻ بنجي سگهي ٿي، يا هن ملڪ جي ذهنن ۽ روحن کي
تازگي بخشي سگهي ٿي؛ اهڙيءَ ڪنهن به شيءِ لاءِ ذري
به دير نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه گهربي هئي. ڇا اڄ اسان
انهيءَ ڀرم ۾ مبتلا آهيون جنهن جو شڪار پراڻي
زماني ۾ گهٽ عقل وارا هوندا هئا، جيڪي اهو سمجهندا
هئا ته هندستان کي هڪ الڳ خدا خلقيو آهي ۽ ڌرتيءَ
جي ٻين ملڪن کي ٻين ڪمتر خدائن ٺاهيو آهي!
قوم پرستيءَ کي عقلمنديءَ تي مبني هئڻ گهرجي؛ يعني
پنهنجي شيءِ سان پيار جو مطلب ٻيءَ سان نفرت هجڻ
کپي، جيتوڻيڪ سنجيده قوم پرستيءَ جو مطلب اهو آهي
ته اسين پنهنجي هر قسم جي پورهئي يعني جسماني،
فڪري ۽ روحاني قوت سان هن ڌرتيءَ تي گل و گلزار
بنايون. هيءَ ڌرتي جنهن تي اسين رهون ٿا ان جي
خدمت ڪندي اسان کي ٻين قومن جي مقابلي ۾ پٺتي پوڻ
نه گهرجي. اسان کي ڪنهن به اهڙي شيءِ کان نفرت ڪرڻ
نه کپي جنهن جو ٿورو به ملهه آهي، پوءِ ڀلي اها
اسان ڪٿان به آندي هجي ۽ هينئر اها ڪٿي به هجي.
انهيءَ کي اعتراض قابل بنائڻ اجايو آهي؛ بلڪ اسان
جو اهو سڌو سنئون فرض آهي ته اها شيءِ اسان کي
جتان به ملي ۽ جڏهن به ملي ته ان کي پاڻ وٽ کڻي
اچون. آءٌ انهيءَ قوم پرستيءَ کانسواءِ ٻي ڪنهن
تصور جو سوچي به نٿو سگهان. خاص ڪري ڌرتيءَ جي
تاريخ جي هن موجوده مرحلي تي عقلمند ماڻهوءَ لاءِ
مون کي اها ئي ڳالهه مناسب نظر اچي ٿي.
ڇا هن ڌرتيءَ تي ڪو اهڙو پيءُ ٿي سگهي ٿو، جنهن جو
عقيدي جي لحاظ کان کڻي ڪنهن سان به تعلق هجي، پر
هو اهو چاهيندو هجي ته هن جو پٽ مها ڪوي ڪاليداس
جي ٻولي نه سکي سا به سنسڪرت جيڪا اردؤ جي معزز
ماءَ آهي؟ ڇا اهڙو به ڪو تنگ نظر پيءُ ٿي سگهي ٿو،
جيڪو گذريل نون صدين ۾ پيدا ٿيل خوبصورت شين تي
فخر نه ڪري، جن ۾ اردو به شامل آهي؟ اهو عرصو جيڪو
دراصل يورپ توڙي ڀارت ۾ نئين سجاڳي ۽ نشاة الثانيه
جو دؤر آهي.
باشعور انسانن جي نظر ۾ اردو جيئن ان جي نالي مان
به ظاهر ٿيو ته عالمگيريت ۽ بين الاقوامي
قومپرستيءَ جي علامت آهي. اڃا به هيئن چئجي ته اها
دنيا جي ٽن عظيم تهذيبن جو سنگم آهي، يعني هند ـــ
جرمن، سامي ۽ منگول تهذيبن جو ان ڪري، پوري ايشيا
لاءِ رابطي جي زبان واسطي نهايت موزون
ٿي سگهي ٿي. ائين به چئي سگهجي ٿو ته دنيا جي
جيڪڏهن ڪا مصنوعي جڳت ڀاشا ٿي سگهي ٿي ته ان ۾
اردوءَ کي بنيادي حيثيت هوندي.
هاڻي سوال آهي ته ڇا غلط قسم جي جذبات، تنگ نظري ۽
اجائي توهم پرستيءَ سبب اردوءَ کي ديس نيڪالي ڏجي؟
ڇا ان جو مطلب اهو نه ٿيندو ته اسين هندستان جي
موجوده ترقي يافته شڪل جو انڪار ڪري رهيا آهيون ۽
مستقبل ۾ سندس ترقي نٿا چاهيون!؟
انهيءَ ڪري هاڻي هن ڳالهه ۾ ڪو شڪ باقي نٿو رهي ته
جيڪي ماڻهو اڃا سوڌو ڪن اڻڄاتل سببن جي ڪري سنسڪرت
يا عربي ٻوليءَ کان غير عقلي نفرت جو اظهار ڪن ٿا،
اهي هندستان جي ترقيءَ جا گهڻگهرا ناهن. لڳي ٿو ته
اهي ماڻهو هن ڌرتيءَ سان پيار ڪونه ٿا ڪن؛ بلڪ اهي
سچائيءَ سان پيار ڪرڻ لاءِ هرگز تيار ناهن، پر اهي
ماضيءَ جي مدي خارج وڏائيءَ جو شڪار آهن. هو ڪنهن
فائديمند ڳالهه ڪرڻ کان عاري آهن ۽ هندستان جي
صحيح معنى ۾ ترقي يا مستقبل بابت کين ذرو به فڪر
ڪونهي، اهي ماڻهو جيتوڻيڪ جيئرا آهن پر ماضيءَ جي
طلسم ۾ زندگي گذارين ٿا يعني زنده درگور جي مصداق
آهن.
معزز حضرات اڄ شام اهو موضوع جنهن تي آءٌ ڳالهائي
رهيو آهيان، اڻ کٽ آهي، انهيءَ جا تمام گهڻا پهلو
آهن، جيڪي وڌيڪ تفصيلي غور و فڪر جا محتاج آهن. پر
اڄوڪي شام جيڪي اڻپوري ڪوشش مون کان ٿي سگهي آهي،
آءٌ سمجهان ٿو ته ان ۾ به سوچ وارن لاءِ ڪافي مواد
موجود آهي. ڇا به هجي، پر توهان مان اهي حضرات
جيڪي واقعي پنهنجي جنم ڀوميءَ لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرن
ٿا، تن لاءِ هيءُ وقت آهي. هيءَ ڌرتي جنهن توهان
کي هن وقت تائين پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏني آهي، ۽ خاص ڪري موجوده دؤر ۾ جڏهن ٻي ڪابه ڌرتي توهان کي ڪنهن قيمت تي
پناهه ڏيڻ يا داخل ٿيڻ جي اجازت ڪونه ٿي ڏئي.
آخر ۾ مون کي اجازت ڏيو ته هن تقرير جو خاتمو هن
چتاءَ سان ڪريان:
مهرباني ڪري اردو، هندي يا هندستاني تي وڙهڻ کان
اڳ ٻه دفعا سوچيو ته جنهن مزي خاطر توهان وڙهو ٿا،
ان ۾ ڪٿي گهڻي دير نه ٿي وڃي ۽ قديم جرمن ٻوليءَ
جو اهو ”اڙد“ جاڳي نه پوي ۽ ٿوري تباهي ڦهلائيندڙ
”فرڊ“ نه ٿي پوي. اهڙيءَ صورت ۾ تباهي ۽ بربادي
انهن تنگ نظر ويڙهاڪ ماڻهن جو مقدر بنجي مٿن نازل
ٿيندي، جيڪي اڳ ۾ انهن خوفناڪ نتيجن بابت سوچي به
نه سگهيا هوندا.
حوالا
(1)
ناردڪ
(Nardic)
اوڀر يورپ جا اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي ڊگهي قد، اُڀي مٿي کان سواءِ اين، چمڙي
۽ وارن جي هلڪي رنگ سبب سڃاتا وڃن ٿا، ان نسل جا
ماڻهو گهڻي ڀاڱي اسڪينڊينيويا ۽ اوڀر جرمني وغيره
۾ آهن.
(2) اسڪينڊينيويا
(Scandinavic)
جاگرافيءَ جي اصطلاح ۾ يورپ جي ملڪن سويڊن، ناروي ۽ ڊينمارڪ کي ان گڏيل نالي
سان سڏيو وڃي ٿو، انهن کان سواءِ ڪي ٻيا به ڀرپاسي
وارا ننڍا ٻيٽ ان ۾ اچي وڃن ٿا.
(3) اڪبر اعظم
(Akbar 1543-1605AD)
مغل شهنشاهه جلال الدين اڪبر سنه 1556ع ۾ تيرهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي پيءُ
همايون کان پوءِ تخت نشين ٿيو. جيتوڻيڪ هن باقاعدي
تعليم حاصل ڪونه ڪئي، پر هو نهايت ڪامياب حڪمران
ثابت ٿيو. هڪ لحاظ کان ڏسجي ته مغليه سلطنت جو
بنياد بابر 1526ع ۾ وڌو. هو جلدي يعني چئن سالن
کانپوءِ وفات ڪري ويو. اهڙيءَ طرح همايون 1530ع ۾
تخت تي ويٺو پر 1540 ۾ شير شاهه سوريءَ کان ڀاڄ
کاڌائين. شير شاهه سوريءَ جي مرڻ بعد پندرهن سالن
کان پوءِ همايون جڏهن وري تخت حاصل ڪيو ته هو جلدي
حادثي جو شڪار ٿي مري ويو. ان صورت ۾ اڪبر جو
چاليهه ساله دؤر حڪومت مغل شهنشاهيت جو عظيم الشان
دؤر ثابت ٿيو.
”آئين اڪبري“ ۽ ”اڪبر نامه“ مان اڪبر جي شخصيت ۽ ڪارنامن کان سواءِ سندس فڪر
۽ حڪومت تي مفصل روشني پوي ٿي. اڪبر جو ڪارنامو
هندو ۽ مسلمانن سان هڪجهڙو ورتاءُ هو مذهبي يال
کان هو ”صلح ڪل“ جي پاليسيءَ تي عمل پيرا رهيو، پر
سندس مذهبي مهم جوئي واري پاليسي جنهن کي ”دين
الاهي“ سان پڻ ياد ڪيو وڃي ٿو، کيس مسلمان عالمن ۾
هڪ اختلافي شخصيت بڻائي ڇڏيو.
ڊاڪٽر ايشوري پرساد اڪبر کي ان وقت جي دنيا ۽ يورپ جي همعصر حڪمرانن، خاص
ڪري انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ (1603ع-1533ع) ۽ اسپين جي فلپ دوم
(1598ع-1527ع) سان ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ کيس تاريخ جو
عظيم حڪمران سمجهي ٿو.
(4) هينري، اٺون
(Henry
vii1491-1547AD)
هو پنهنجي پيءُ هينري ستين کان پوءِ سن 1509ع ۾ تخت نشين ٿيو. يورپ ۾ اهو
نشاة الثانيه جو آغاز وارو دؤر هو. هو فنون لطيفه
خاص ڪري موسيقيءَ ۾ ماهر هو. هن انگلينڊ جي جهاز
راني خاص ڪري بحر قوت کي وڌائڻ طرف گهڻو ڌيان ڏنو.
طلاق جي مسئلي تي جڏهن ڪليسا سان هن جو اختلاف ٿيو
ته هن پادرين خلاف نهايت سخت قدم کنيا. ٿامس مور
جهڙي شخصيت کي به هن ئي ڦاسيءَ تي چاڙهيو. هن ڪلهه
ڇهه شاديون ڪيون ته جيئن ڪو تخت جو وارث ڇڏي وڃي.
(5) ايلزبيٿ1
(Elizabeth 1 1533-1603)
هينري اٺين جي ڌيءُ، پنهنجي ڀيڻ ميري کان پوءِ سن 1558ع ۾ تخت نشين ٿي. هن
سياست جي ميدان ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون، جنهن
۾ فرانس سان جنگ جو خاتمو ۽ اسڪاٽلينڊ سان معاهدو
شامل آهن. ان کانسواءِ انگلينڊ جي بحري آرماڙ هٿان
اسپين جي آڙماڙ جي شڪست سندس دؤر جو وڏو ڪارنامو
ليکجي ٿو.
ايلزبيٿ جي دؤر ۾ مذهبي جهيڙي ۽ ڇڪتاڻ جو پڻ عروج هو. هڪ لحاظ کان ان جو
آغاز سندس پيءُ کان ٿيو جيڪو مذهب جي اصلحي تحريڪ
(Refomation)
کان متاثر هو ۽ پروٽيسٽنٽ فرقي جو زبردست حامي هو
پر هن جي وفات کان پوءِ جڏهن راڻي ميري پهرين تخت
نشين ٿي ته هن وري رومن ڪئٿولڪ فرقي جي حمايت ڪئي
۽ پروٽيسٽنٽ فرقي جي ماڻهن تي وڏيون سختيون ڪيون.
اٽڪل 300 ماڻهن کي رڳو ان ڪري ڦاسي ڏني وئي. اهو
ئي سبب آهي جو ميري کي ”قاتل ميري“
(Bloody Mary) جي لقب سان به ياد ڪيو ويندو آهي.
ايلزبيٿ جو اهو ڪارنامو آهي ته جڏهن ميري کان پوءِ تخت سنڀاليو ته
هن مذهبي رواداريءَ جي پاليسي تي عمل ڪيو، جيتوڻيڪ
ان ڪري وقت جو پوپ مٿس سخت ناراض ٿيو ۽ کيس
عيسائيت کان خارج ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هڪ ٻي فتوى ۾
پوپ هن کي قتل ڪرڻ جي فتوى ڏني. مطلب ته هڪ حڪمران
جي حيثيت ۾ هن پاڻ کي مذهبي جنون جو ڪڏهن به شڪار
ٿيڻ نه ڏنو. هن سڄي عمر شادي پڻ نه ڪئي.
ايلزبيٿ جي دؤر کي انگلينڊ جي تاريخ جو سونهري دؤر چيو وڃي ٿو. انگلينڊ جي
عظيم ساعر شيڪسپيئر (1616ع-1564ع به هن جي زماني ۾
عظمت ۽ شهرت حاصل ڪئي.
(6) ابيلارڊ
(Abelard 1079-1142AD)
فرينچ فيلسوف ڪيترن ئي علمن جو ماهر هئڻ سبب نهايت
ممتاز حيثيت رکي ٿو. هن الـهـٰيات کي عقلي بنيادن
تي استوار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهنڪري مٿس ڪفر ۽
الحاد جي فتوى به لکي.
هيلوئز (Heloise)
نالي عورت سان سندس معاشقو ۽ خط و ڪتابت پڻ مشهور
آهي.
(7) راجر بيڪن
(Roger Bacon 1219-1294AD)
ڏسو تقرير نمبر 4 جو فوٽ نوٽ نمبر 13.
(8) مارٽن ليوٿر
(9) ڪبير:
بابت ڏسو مضمون نمبر 7 جو فوٽ نوٽ نمبر 36.
(10) نانڪ:
ڏسو ساڳئي مضمون جو فوٽ نوٽ نمبر 37.
(11) ارسٽو
(Aristo,1474-1533AD)
اٽليءَ ۾ نشاة الثانيه جو هڪ وڏو شاعر سندس روماني نظم
(Orland Furioso)
نهايت مشهور آهي. ان جي خاص خصوصيت اها آهي ته
منجهس واقعا نهايت تيزيءَ سان رونما ٿين ٿا،
جنهنڪري پڙهندڙن جي دلچسپي وڌندي رهي ٿي.
(12) امير خسرو
(Amir Khusro 1253-1325AD)
اصل ۾ ترڪ نسل جو هو. ابتدائي تعليم عربي ۽ فارسيءَ ۾ حاصل ڪيائين ۽ ڪجهه
وقت دهلي درٻار سان به وابسته رهيو. ساڳئي وقت هو
شيخ نظام الدين اوليا جو مريد ۽ پوءِ خاص خليفو پڻ
ٿي ويو. مرشد جو به ساڻس قرب هو ۽ گهڻو وقت هن جي
حاضريءَ ۾ رهندو هو. سن 1280ع کان 1285ع تائين
جڏهن سلطان بلبن جو پٽ خان شهيد ملتان جو حاڪم ٿيو
ته امير خسرو ان سان گڏجي ملتان آيو.
امير خسرو فارسي زبان جو نهايت اعلى شاعر هو ۽ کيس هندستان ۾ فارسي زبان جو
عظيم ترين شاعر سمجهيو ويو آهي. هن تمام گهڻو
لکيو، سندس ڪلام غزل، مثنوي، قصيدو، رباعي مطلب ته
تقريباً سڀني اصناف سخن تي مشتمل آهي. سندس شعر ۾
مقامي رنگ کان علاوه زبردست موسيقي ۽ نغمگي آهي.
دراصل هو موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ هندستاني
موسيقيءَ ۾ هن وڏي جدت آندي، قوالي سندس ايجاد چئي
وڃي ٿي، هو هنديءَ جو به نهايت اعلى شاعر هو.
(13) دراوڙ (16) آريا
دراوڙ، ڪاري ۽ سانوري رنگ جي ماڻهن سان تعلق رکندڙن کي چيو وڃي ٿو جيڪي
هينئر ڏکڻ هندستان جي علائقي کانسواءِ سريلنڪا ۾
ملن ٿا، ان جي مقابلي ۾ آريا انهن کي چئجي ٿو جيڪي
ڪڻڪ رنگا آهن يا سندن رنگ چٽو ۽ صاف ٿئي ٿو. هنن
جو قد به دراوڙن کان ڊگهو ٿئي ٿو. ننڍي کنڊ جا اصل
رهاڪو دراوڙ هئا، ڇو ته تاريخي لحاظ کان آريا هن
علائقي ۾ اٽڪل 2000 قبل مسيح ڌاري آيا هئا. آريا
اصل ۾ وچ ايشيا ۽ ان سان لڳ علائقن مان ايندا هئا.
کين هند ـــ يورپي
(Indo-European)
ڪوٺجي ٿو. اهڙيءَ طرح اهي يونانين، ايرانين ۽
رومين جا مائٽ لڳن ٿا.
ڪن عالمن جي راءِ آهي ته موئن جي دڙي جا رهاڪو به دراوڙ هئا ۽ 2500 کان 1500
قبل مسيح جو عرصو سندن عظيم الشان تهذيب جو دؤر
آهي. تقريباً انهيءَ عرصي ۾ آريا سنڌ ۾ داخل ٿين
ٿا، جنهنڪري اهو خاطري سان چئي سگهجي ٿو، ته موئن
جي دڙي کي آرين جي حملن تباهه ڪيو. مارٽيمر وهيلو
پنهنجي ڪتاب
“Civilizations of the Indus and Beyond”
۾ اهو ئي نتيجو قائم ڪيو آهي. رگ ويد مان به ڳالهه
جي اڻ سڌي شاهدي ملي ٿي.
(17) ڪاليداس:
ڏسو مضمون نمبر 7 جو فوٽ نوٽ نمبر 25.
(18) گوتم ٻڌ:
ڏسو مضمون نمبر 1 جو فوٽ نوٽ نمبر 2.
(19) مها ڀارت:
هندن جو مذهبي ڪتاب جنهن ۾ آرين جي ٻن ڌرين پانڊون ۽ ڪورون جي هستناپور جي
تخت لاءِ ويڙهه جو بيان آهي. ان ۾ ٻه لک ويهه هزار
سٽون آهن. مها ڀارت جي تصنيف جو زمانو اٽڪل
(100-500 قبل مسيح چيو وڃي ٿو. مها ڀارت کي هومر
جي
“lliad”
سمان عظيم رزميه
“Great-Epic”
سمجهيو ويو آهي.
|