سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب:صوفي لا ڪوفي

باب: 14

صفحو : 14

 

شري ڪرشن جو تاريخي پهلو

 

[علامه صاحب هيءَ تقرير هندن طرفان شري ڪرشن جي جنم ڏينهن ملهائڻ جي موقعي تي ڪراچيءَ ۾ ڪئي. [

مان سمجهان ٿو  مون کان وڌيڪ ڪنهن ماڻهوءَ اهو شايد محسوس ڪيو هجي ته آءٌ پاڪ ڌرتيءَ تي گهمي رهيو آهيان. پر آءٌ وري پاڻ کان ئي سوال ڪيان ٿو؛ ڪهڙي شيءِ پاڪ ناهي؟ ڇا اها مٽي جنهن جي مٿان هينئر آءٌ بيٺو آهيان، اها پاڪ ناهي؟ ڇا ڪيتريون پاڪ ۽ متبرڪ هستيون ان مان نه ٺهيون آهن؟

انهن ڳالهين منجهان منهنجو خيال محترم ميئنل (Meynell) جي هنن خوبصورت لفظن ڏانهن هليو وڃي ٿو. ”مان توکي پنهنجن پيرن هيٺان ڪيئن لتاڙيا ها، پر منهنجي پيرن ۾ ڪي گل ته ڪريل آهن!“ اوچتو منهنجي ذهن تي وڄ کنوڻ جو عجيب و غريب منظر تري اچي ٿو. اهو ڪيڏو نه عجيب منظر ٿئي ٿو. پهريائين بجلي چمڪڻ جو حيرتناڪ مظاهرو ٿئي ٿو، جنهن سان چڻ ته ماڻهوءَ جي ڏسڻ جي قوت کسجيو وڃي، تنهن کان پوءِ گجگوڙ ٿئي ٿي جنهن سان ڄڻ ته ماڻهوءَ جا ڪن ڦاٽڻ لڳن ٿا. هتي وري آءٌ پاڻ کان سوال ڪيان ٿو. ”پر اهو سڀڪجهه منهنجي اونداهي ڪمري کي روشن ڪندڙ ان بجليءَ جي بلب  ۽ اڻ ڏٺل هوا جنهن ۾ آءٌ ساهه کڻان ٿو، تنهن کان ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت مختلف آهي؟“

هتي ان ڳالهه جو انڪار ڪري نٿو سگهجي ته پهرين صورتحال توڙي ٻيءَ جا بنيادي اسباب ساڳيا آهن، تاهم ٻنهي ۾ ڪيڏو نه فرق آهي! جيتوڻيڪ ٻنهي ۾ ساڳيائي آهي به سهي، پر نه به آهي! بهرحال هتان اسان کي انهن ٻنهي جي وچ ۾ جيڪا نسبت آهي تنهن جو هڪ احساس ضرور ٿئي ٿو، پوءِ انهن ۾ وڏ ننڍائي جو کڻي ڪيڏو به فرق ڇو نه هجي! گوئٽي (1) جو قول آهي ته اسان پهريائين خداوندي طاقت جو اظهار پاڻ کان  مٿانهين شين ۾ پسون ٿا، پوءِ پاڻ جهڙين شين ۾ ۽ آخر ۾ پاڻ کان گهٽ شين ۾ ڏسون ٿا.

بهرحال هن سلسلي ۾ هينئر اسان جي جيڪا به ڄاڻ آهي، ان موجب اهو سڀڪجهه ان ناقابل فهم و ادراڪ ذات منجهان ظهور حاصل ڪري ٿو ۽ اسان جي ڄاڻ انهن جي ظاهري صورت تائين محدود آهي. اهڙيءَ طرح اسان کي هينئر ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته ڀارت جي مهارشين کي هن ڪائنات جي ارتقا بابت بنيادي ڄاڻ حاصل هئي. اوتارن جي ننڍ وڏائي واري سلسلي منجهان ئي ان ڳالهه جو ثبوت ملي ٿو وڃي. مڇي ۽ سوئر قديم ترين اوتار آهن ته ڪهاڙو کڻي هلندڙ رام رحمدل رام کان گهڻو اڳ ظاهر ٿئي ٿو. مطلب ته ڳالهه گهڻي واضح آهي. وري مڇيءَ کان وٺي ٿڻائتا جانور ۽ غارن ۾ رهندڙ انسانن کان وٺي اڄوڪا معزز انسان؛ اهي پڻ سڀ جو سڀ مظهر خداونديءَ جي صورت ۾ اهم حيثيت رکن ٿا.

اهڙيءَ طرح انجيل ۾ مسئله آفرينش جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته ڪو وقت هو جڏهن ارواح پاڻيءَ جي سطح تي تري رهيا هئا. ان کان پوءِ اڳتي هلي اهو ساڳيو روح خدا جي پيارن پيغمبرن ۽  حضرت عيسى تي خود نازل ٿي.

محمد صلي الله عليه وسلم پڻ ان ڳالهه جي شاهدي ڏني آهي. اهو هيئن ته هن پنهنجي الهام جي سلسلي ۾ جيڪو لفظ استعمال ڪيو آهي، اهو ٻئي هنڌ ڪئلي ماڪوڙيءَ جي صورت ۾ پڻ ڪم آندل آهي. اهڙيءَ طرح جلال الدين رومي (2) جنهن کي محمد صلي الله عليه وسلم جو بجا طور پوئلڳ چئجي، سو پڻ تمام واضح لفظن ۾ اوسر ۽ ارتقا جي مرحلن جي نشاندهي ڪري ٿو.

هتان اوهان تي واضح ٿي ويو هوندو ته هر هنڌ ۽ سڀني شين ۾ اهو ساڳيو روح ڪم ڪري رهيو آهي. سڀ خدائي روح جون صورتون آهن. اسان کي صرف ايترو ڪرڻو آهي ته هر صورت ۽ مظهر جي بنيادي ڪردار ۽ ان جي تاريخي اهميت کي اجاگر ڪرڻو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون پنهنجي لاءِ هي خاص موضوع منتخب ڪيو يعني ”شري ڪرشن جي زندگيءَ جو تاريخي پهلو.“

هتي اسان  شري ڪرشن جو حضرت عيسى (3) سان موازنو ڪيو آهي. اهو ائين آهي جيئن اسان ڪنهن رزميه يا ناصحانه شاعر جو مقابو شيڪسپيئر سان ڪريون، ۽ پوءِ اهو نتيجو قائم ڪريون ته واقعي ٻئي عظيم شاعر آهن. مگر ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه نه چئي سگهون.

خصوصيت جو مطلب امتيازي خاصيت هجڻ کپي ۽ نه مشترڪ خاصيت.

اهڙيءَ طرح ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ به اهو چوڻ ته هو معاشري جو گل آهي، ڪنهن خاص مطلب جي نشاندهي نٿو ڪري. ان جي مقابلي ۾ ڪنهن وڻ يا ٻوٽي تي گلن جو ظاهر ٿيڻ سندس زندگيءَ جو هڪ مخصوص مرحلي جي ڄاڻ ڪرائي ٿو ۽ ان ڪري ان جي پنهنجي اهميت آهي.

اسان ڪجهه اڳتي هلي اهو ثابت ڪنداسين ته اها تشبيهه گوتم ٻڌ جي مقابلي ۾ شري ڪرشن تي وڌيڪ صحيح ثابت ٿئي ٿي، ڇو ته جيستائين تاريخ جو تعلق آهي ته ڪرشن ئي بني نوع انسان جي درخت جو پهريون ٽڙندڙ گل آهي. هن ڳالهه جي وڌيڪ وضاحت خاطر اسان ان درخت جي واڌ جي اوائلي مرحلن جي جانچ ڪنداسين.

هينئر اها هڪ تسليم شده مڃيل حقيقت آهي ته انساني معاشرو يا سماج به انهن مرحلن مان گذري ٿو جن منجهان هڪ فرد جي زندگي گذري ٿي؛ يعني ان ۾ به اهي ساڳئي قسم جا مرحلا اچن ٿا، ان ڪري ڪو به تاريخدان نفسيات جي مطالعي کانسواءِ اڳتي وڌي نٿو سگهي. اهڙيءَ طرح وري نفسياتدان کي مستند تاريخ جو مطالعو ڪڏهن به ترڪ ڪرڻ نه گهرجي ته جيئن هو پنهنجن حاصل ڪيل نتيجن جي تصديق ڪري سگهي. انسان ۽ حيوان جي سماجي بناوت ۽ سندس جبلت جو مطالعو ٻڌائين ٿا ته انسان ۾ ٻن قسمن جا اعصاب ڪم ڪن ٿا؛ هڪڙا حسياتي اعصاب (Sensory Nerves) ۽ ٻيا متحرڪ اعصاب (Molor Nerves) عام مشاهدي موجب حواسن کي حرڪت ۾ آڻڻ جو سبب ڪابه شيءِ ٿي سگهي ٿي ۽ ان کان پوءِ محترڪ اعصاب از خود پنهنجو ردِعمل ڏيکارڻ لڳن ٿا. تنهنڪري اوائلي انسان توڙي حيوان جي مکيه عمل جو هڪڙو ئي مقصد هو ته پنهنجي ذات ۽ نسل جي بقا جو بندوبست ڪري.

ليڪن ان کان پوءِ جيئن جيئن انسان جو شعور وڌندو ويو ۽ هو واضح تصورات قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ته پوءِ سندس جبلي ردعمل به رڪجڻ لڳو ۽ اعصابي ردعمل به فوري نوعيت جو نه رهيو. اڳتي هلي زندگي وڌيڪ پيچيده ٿيڻ لڳي ۽ خاص ڪري بدويانه زندگيءَ کان پوءِ جڏهن انسان هڪ هنڌ آباد ٿيڻ جو خيال ڪيو ۽ انساني سماج ۾ ملڪيت جو آرنڀ ٿيو، تڏهن گويا دريائي تهذيب جو دؤر قائم ٿي چڪو هو. ٻين لفظن ۾ ان کي اسين ”آريائي تهذيب“ جو نالو ڏيون ٿا. هونئن به اهو ”آري“ لفظ ”هري“ آهي، جيڪو وري ”ار“ مان نڪتو آهي، جنهن کي اسان ”هر“ به ڪوٺيون ٿا. انهيءَ مرحلي تي پهچڻ کان پوءِ انهن ماڻهن جي اٿڻي- ويهڻي لاءِ قاعدن قانونن جو وجود به لازمي ٿيو پوي. انهن قاعدن جي مقصد سڀني فردن لاءِ سٺو وهنوار قائم رکڻ ۽ سماج جي وڌيڪ ترقيءَ کي يقيني بنائڻ هوندو آهي. دنيا جي تاريخ جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته هر قوم ۾ اهڙي مرحلي تي هڪ قانون ڏيندڙ شخصيت پيدا ٿي آهي. زرتشت، (5) منو، (6) حمورابي، (7) حضرت موسى (8) وغيره انهيءَ سلسلي جا چند مثال آهن. قانون ڏيندڙ اهڙين شخصيتن لاءِ اهو ضروري هو ته هنن جو سڄو سارو زور ان تي صرف ٿئي ٿو ته ”ڇا نه ڪرڻ گهرجي.“

بهرحال ان قسم جي منع يا جهل جا نفسياتي اثرات انساني جسم تي پون ٿا، جنهنڪري اهڙا روڪيندڙ مرڪز وجود ۾ اچن ٿا. ان نموني ۾ انسان جي ردعمل تي زياده کان زياده پابنديون عائد ٿي پون ٿيون ۽ سندس اعصابي قوت جي اخراج جو رستو تنگ ٿي پوي ٿو. ان کان پوءِ اها نوبت اچيو پهچي، جو وڌ ۾ وڌ احساسات وکرڻ لڳن ٿا ۽ ان جي بجاءِ اعصابي اخراج پوريءَ ريت ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏئي ٿو. ان مرحلي تي اسان کي شين جي باهمي ربط جو گهرو شعور ملي ٿو ۽ اسان کي احساس جي وحدت ملي وڃي ٿي. اڳتي هلي ان منجهان اها صورتحال جنم وٺي ٿي. جنهن کي اسان نفسيات جي شعبي ۾ ”جماليات“ جو نالو ڏيون ٿا.

هتي ٿوري غور ڪرڻ سان اها ڳالهه معلوم ٿيندي ته جيستائين فوري ۽ متحرڪ ردعمل کي پابند نه ڪيو ويو آهي، تيستائين ان مٿين ڏس ۾ ڪابه پيش رفت ممڪن ناهي. ٻين لفظن ۾ جيڪڏهن ممنوعاتي مرڪز اخلاقي طور تي تاريخ جي اصطلاح موجب هيئن چئجي ته اخلاق جو استاد هميشھ حسن ۽ سونهن جي سبق ڏيڻ واري کان اڳ ۾ ايندو آهي. مطلب ته حسن شناس ان وقت هڪ گل جيان ظاهر ٿيندو آهي جڏهن اخلاقيات جي سندر ٽاري ٻور جهلڻ تي هوندي آهي. ليڪن ايڏو فرق آهي جيڪو بدليل پنن مان ئي ظاهر ٿي ويندو آهي، جيستائين اسان جي تاريخي ڄاڻ جو تعلق آهي ته ڪرشن اها پهرين مکڙي آهي، جنهن کان انساني ارتقا  ۾ حسن شناسيءَ جي دؤر جي شروعات ٿئي ٿي.

انهيءَ روح کانسواءِ هندستان ۾ شاعريءَ جو وجود ناممڪن هو. وري ڇاڪاڻ ته شاعر سائنسدان کان اڳ ۾ ايندا آهن، تنهنڪري حسن ۽ جماليات جا پيغامبر وري شاعرن کان به اڳ ۾ اچن ٿا. هاڻي جيستائين ڪرشن جي جسماني بناوت جو سوال آهي ته هو ٻالڪپڻ کان ئي حسين هو ۽ حسن شناسيءَ جي حوالي سان بلند اخلاقيءَ جو  مجسمو پڻ هو. کيس شين جي سونهن ۽ سندرتا پاڻ ڏانهن موهيندي هئي. هو پنهنجي بانسري ننڍڙي عمر کان وڄائڻ شروع ڪري ٿو ۽ اهو بلڪل ائين آهي جيئن اڄ کان ٻه صديون اڳ اسان موزارٽ کي ڏٺو هو. اهڙيءَ طرح هو نرت يا رقص جو آغاز پڻ ڪري ٿو ۽ هر قسم جي پابندين کان آزاد حرڪت ۾ هو مسرت محسوس ڪري ٿو. ايتري قدر جو جذبات کي ڇيڙيندڙ مشغوليون به هن لاءِ عام ماڻهوءَ وارين خواهشن کان بالاتر آهن، هر ڳالهه کي هو ان جي پنهنجي حد اندر رکي ٿو. ان ڪري هڪ اگهاڙو انسان هن لاءِ ڄڻ ته هڪ اگهاڙو گل آهي.

بدقسمتي اها آهي ته جن ماڻهن کي حسن شناسيءَ جي ان تجربي جو احساس ناهي، انهن کي اها ڳالهه ڪنهن به ريت سمجهائي نٿي سگهجي. اهو ائين آهي جيئن رنگن جي شناس نه رکندڙ ماڻهوءَ کي ويهي رنگن بابت سمجهائجي. ليڪن هينئر دنيا گهڻو اڳتي وڌي ويئي آهي ۽ يورپ ۾ گهڻن ماڻهن کي اهو احساس ٿيو آهي ته حسن جي تجربي جو پنهنجي ذات کان ٻاهر ٻيو ڪو مقصد ناهي. البت جيڪو ماڻهو ان نظر سان نوازيل ناهي، ان تي ميار نٿي رکي سگهجي، ڇو ته هو ٻين ماڻهن بابت به پنهنجي خيال مطابق سوچي ٿو. هن سلسلي ۾ ”ڀڳوت پران“ (9)  ۾ هڪ سٺو مثال ملي ٿو، جنهن مان اسان جي مطلب جي وڌيڪ وضاحت ٿيندي.

ڳالهه ٿا ڪن ته وياس جو پٽ سکديو هڪ ڏينهن پنهنجي پيءُ کان موڪلائي ڪيڏانهن وڃي رهيو هو.  پويان پڻس سندس پيڇو ڪندو ٿي آيو. رستي تي سکديو جو گذر هڪ اهڙي هنڌان ٿيو جتي ڪي عورتون ڪپڙا لاهي وهنجي رهيون هيون. توڻي جو هنن عورتن جي مٿس نظر پئي پر هنن پاڻ کي ڍڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي. پر ساڳئي هنڌان جڏهن وياس اچي لانگهائو ٿيو ته هن يڪدم ڪپڙا پائي کي ڍڪڻ شروع ڪيو. وياس کي ان تي تعجب ٿيو ۽ انهيءَ خاص ورتاءَ جو سبب معلوم ڪرڻ گهريائين. ان تي عورتون وراڻيو: سکديو جي نظر ۾ عورت ۽ مرد هڪ نوع سان تعلق رکن ٿا ۽  هو انهن ۾ جنسي تفريق نٿو ڪري، پر وياس ائين نٿو ڪري سگهي!

اهو آهي مسئلي جو حل جيڪو ٻن مختلف قسم جي انسانن کي سمجهڻ ۾ اسان جي رهنمائي ڪري ٿو. هڪڙو جسماني ضرورتن جي متحرڪ ردعمل جو هڪدم شڪار ٿئي ٿو، جڏهن ته ٻيو انهن تي ڄائي ڄم کان قادر آهي.

اهو ئي سبب آهي جو اسين عام فهم ٻوليءَ ۾ اهو پڻ چوندا آهيون ته شاعر ۽ فنڪار ڄم کان ئي هوندا آهن؛ انهن کي ڪو ٺاهي نه سگهندو آهي. وري اهو ساڳيو سبب آهي جو گوئٽي چيو هو ته سچي فنڪار کي اهو ٻڌائڻ جي هرگز ضرورت ڪونهي ته هو تخليق ڪرڻ وقت اخلاقي ضابطن کي نظر ۾ رکي، ڇو ته هو ڪڏهن به غير اخلاقي چيز پيش ڪري ئي نٿو سگهي.

هتي اسان ڪرشن جي رنگ بابت ڪجهه چوندا هلون ته بهتر ٿيندو، تاريخ ۾ اهڙا ڪيئي مثال ملن ٿا، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته سانوري رنگ وارا انسان ٻين جي مقابلي ۾ وڏي سهپ ۽ ڌيرج وارا هئا. مثلاً: حضرت موسى لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو پڪي رنگ جو هو. اهڙيءَ طرح حضرت سليمان پڻ ائين هو، جيڪا ڳالهه سندس نظم مان ظاهر آهي. نه رڳو ايترو پر ڪيترن شاعرن سانوري رنگ کي سونهن ۽ سوڀيا جي نشاني قرار ڏنو آهي؛ جيئن حافظ (10) پنهنجي محبوب لاءِ چيو آهي:

آن سيه چرده که شيرينيء عالم با اوست.

”اهو سانوري رنگ وارو محبوب جنهن کان سڄي جهان ۾ مٺاڻ آهي.“

هاڻي اها ڳالهه خاص ڳالهه آهي جنهن کي تمام وڏو ۽ اهم ڳڻ سمجهيو ويو آهي، ۽جيڪا ڪرشن پاڻ وڏن انسانن يعني راجائن وغيره لاءِ ضروري سمجهي آهي.

اصل موضوع ڏانهن واپس ايندي اسين ڏسون ٿا ته جيئن ڪرشن وڏو ٿئي ٿو، تيئن سندس اندر واري شڪتي کيس غلط ڪمن کي درست ڪرڻ ۽ پاپ ڪندڙ کي سزا ڏيڻ طرف مائل ڪري ٿي. هتي اها ڳالهه به وسارڻ نه گهرجي ته اهي راڪشس پڻ هڪ قسم جا بگڙيل انان آهن، جيڪي ڪن نسلن کان وٺي اخلاقي ضابطن جي غير موجودگيءَ ۾ پنهنجي اصلي فطرت کان هٽي ويا آهن. ان ڪري هينئر انهن جو علاج مڪمل خاتمو آهي.

اهڙيءَ طرح ان وقت ڌرتي- آتما جي عمل جو دائرو صرف طبعي شين تائين محدود هو. ان ڪري بگڙيل ۽ غير صالح عناصر جي خاتمي لاءِ طبعي جنگ ائين ضروري هئي، جيئن اڄ اهو ضروري آهي ته غير صالح ۽ شر پکيڙيندڙ نظرين جو خاتمو ڪيو وڃي.

انهيءَ ڪري صحيح تاريخي شخصيت جي حيثيت ۾ ڪرشن لاءِ اهو لازمي ٿي پيو هو ته هو انهيءَ ڪم کي نهايت شاندار نموني ۾ مڪمل ڪري ڏيکاري ۽ هن ائين واقعي ڪري ڏيکاريو. هن جوارجن (11) کي اهو ئي مشورو هو ته هو ضرور يُڌِ ڪري توڙي جو سندس آڏو سوٽ ڇو نه هجن. جديد علم جي روشنيءَ ۾ پڻ ائين ٿو لڳي ته دنيا جي ترقيءَ لاءِ اهو ئي هڪڙو صحيح رستو بچيل هو، جنهن کي اختيار ڪرڻ ضروري هو.

هتان اها ڳالهه واضح ٿي وئي هوندي ته جيستائين تاريخي اهميت جو تعلق آهي ته ڪرشن (12) جو حضرت عيسى سان موازنو ڪرڻ ڪيڏو نه بي معنى آهي؛ ڇو ته حضرت عيسى کاٻي ڳل تي چماٽ کائڻ کان پوءِ چئي ٿو ته ورائي ٻيو ڳل ڏيو. سو جيڪڏهن ان وقت ان ڳالهه کي انساني عمل جو سرچشمو قرار ڏجي ها، ته پوءِ جيڪر هينئر ڌرتيءَ تي سڀڪجهه بگڙيل نظر اچي ها.

”نرڳ ڏانهن چڱا ارادا وٺي وڃن ٿا ڇا؟ مطلب ته جنس پرستيءَجي ڪري گهڻين زالن رکڻ جو رواج ڪونه پيو،  بلڪ اهو انساني ضرورت تحت هو. انهيءَ ڪري ڪرشن جيڪو هونئن سڀاويڪ فقط حسن پرستي مان لطف اندوز ٿئي ٿو، تاريخ جي ان دؤر ۾ عملي مثال قائم ڪرڻ واسطي مجبور ٿي وڃي ٿو. هن کي ڪيتريون ئي شاديون ڪرڻيون پون ٿيون ۽ مثالي نموني ۾ ٻارن جي پرورش ڪرڻي پوي ٿي. ڪو غير ماڻهو جيڪڏهن هن ڳالهه کي غلط سمجهي ٿو ته هو يا اياڻو آهي يا هو ٺڳي ٿو ڪري. بهرهال هن کي کپي ته ”سابين جي زوري ميلاپ“  (Rape of The Sabina) ۽ ‘Dirot deseigneur’جي واقعات کي ياد ڪري.

هتي اسان ساڳئي قسم جو هڪ ٻيو مثال ڏيون ٿا، ته جيئن اسان جي هن نظريي جو ثبوت ملي سگهي ۽ اهو مثال سامي تهذيب مان آهي. سامي تهذيب ۾  منو جي ڪردار جي نمائندگي حضرت موسى ٿو ڪري، حالانڪ ٻنهي ۾ وڏي وقت جي وٿيءَ سبب هو گهڻو ڪري منفرد به لڳي ٿو. ان لحاظ کان حضرت سليمان، ڪرشن جي دؤر جي نمائندگي ڪري ٿو؛ توڙي جو هو ان کان هڪ هزار سال پوءِ جو آهي، جن ماڻهن حضرت سليمان (13) جي ڏاهپ جي واکاڻ ۽ جذبات انگيز يا مبالغه آميز گيت پڙهيا آهن، اهي ساڳئي وقت ڌاري عورت بابت سندس ڏنل تنبيهه کان به واقف آهن. ان مان سندس مراد شهوت پرستيءَ کي روڪڻ هو) توڙي جو سندس هڪ هزار شاديون ٿيل هيون. ان لحاظ کان ڪرشن جو مبالغه آميز حُسن پرستيءَ جو پنهنجي ليکي موجوده وقت تائين ٻيو ڪو عملي مثال ملڻ مشڪل آهي. البت گوئٽي (14) ۽ موازرٽ (15) جي رجحانن کي ملائڻ کان پوءِ ڪي قدر سندس حسن جي نظريي جي وضاحت ڪري سگهجي ٿي. پر پنهنجي ليکي اهو به گهڻو ئي ڪجهه هوندو.

بهرحال انهن سڀني ڳالهين کان مٿي سندس گيتا (16) آهي. جديد دؤر جا ڪي نقاد ان دؤر ۾ گيتا جهڙي ڪتاب جي تصنيف کي ناممڪن سمجهن ٿا ۽ ان کي هو گهڻو پوئين دؤر جي تخليق ڄاڻن ٿا. بلڪ هو ان ڳالهه کي ڀلجي وڃن ٿا ته ارجن کي باطني طور تي ان جو ڀاڳ مليو هو. تنهن کان پوءِ وياس (17) کي ان جو الهام ٿيو ۽ هن ايندڙ نسلن لاءِ ان کي محفوظ ڪيو.

هتي اسان وٽ ايتري جڳهه ناهي جو ان جي حسن ۽ سونهن بابت ڳالهايون. اسان صرف اهو عرض ڪري ٿا ڇڏيون ته ڪرشن جي شخصيت ئي موسيقي، رقص ۽ شاعريءَ جو روح آهي؛ بلڪ هن جي ڪري ڀارت ۾ فنون لطيفه وجود ۾ آهي. هو ٻالڪپڻ کان حسن پرستيءَ جو اعلى معيار قائم ڪري ٿو. هڪ جنگجوءَ جي حيثيت ۾ هو نهايت وڏا ۽ ڏکيا ڪم سرانجام ڏئي ٿو. پر ان جي باوجود هو دياوان، پنهنجي نسل کي بچائيندڙ ۽ هڪ سکيا ڏيندڙ جي روپ ۾ سامهون اچي ٿو. انساني تاريخ ۾ اهڙين خوبين جو سنگم محال آهي. پر انهن سڀني ڳالهين کان مٿي جيڪي ڪجهه هن ڪيو يا سيکاريو، اها سندس خالص حسن پرستي آهي، جنهن تي موجوده دؤر جو انسان به مست ٿي جهومي ٿو. اهو سندس حسين روح آهي جيڪو اڄ جي انساني روح کي هڪ طرف سونهن بخشي ٿو ۽ ٻئي طرف سندن دلين کي گرمائي ٿو

مطلب ته هر لحاظ کان هو انسانيت جي درخت مٿان هڪ اهڙو پهريون گل آهي، جيڪو سونهن ۽ سندرتا جو احساس ڏياري ٿو.

حوالا

(1)                گوئٽي لاءِ ڏسو 4-20

(2) جلال الدين رومي لاءِ ڏسو 4-2

(3) حضرت ‎عيسى لاءِ ڏسو 4-16.

(4) گوتم ٻڌ لاءِ ڏسو 1-2

(5) زرتشت لاءِ ڏسو 4-15 ۽ هن ڪتاب جو مضمون 12.

(6) منو:

منو سمرتي ۾ ڪل 12685 شعر يا اشلوڪ آهن، جيڪي سندس شاگرد ڀرگو جي وسيلي رشين تائين پهتا. هڪ اندازي موجب اهي 200 قبل مسيح کان وٺي 200 بعد مسيح جي زماني ۾ مرتب ٿيا.

 منو معاشري جي تنظيم چئن ورنن يا ذاتين ۾ ڄاڻائي ٿو. ان کانپوءِ هو هر ذات جي حقن ۽ فرضن جي وضاحت ڪري ٿو. چئن ذاتين کان پوءِ هو معاشرتي زندگيءَ لاءِ چار آشرم به تجويز ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هو شادي، ۽ زال مڙس جي لاڳاپن بابت پڻ پنهنجا خيالات پيش ڪري ٿو. مطلب ته هندومت جي انفرادي توڙي معاشرتي قاعدن قانون جو گهڻو دارومدار سندس تعليم تي آهي.

(7) حمورابي Hamurabi

بابل جو بادشاهه ۽ تاريخ جو عظيم قانون ساز ارڙهين صدي قبلِ مسيح ۾ ٿي گذريو. سندس دارالسلطنت عراق جي شهر بغداد جي ويجهو هو. انساني تاريخ ۾ مصر کان پوءِ بابل جي تهذيب جي اهميت مسلم آهي. ليڪن مصر جي تهذيب بنيادي طور تي هڪ زرعي معاشري واري تهذيب هئي جڏهن ته بابلي تهذيب ۾ شهري معاشرت نمايان آهي. ان ڪري حمورابي جا قانون ملڪيت، ازدواج، ڪاروبار، تجارت وغيره جي باري ۾ پڻ آهن. حمورابيءَ جو اهو ڪارنامو ليکيو وڃي ٿو ته هن اهي قانون فرمانن جي شڪل ۾ 285 ٿنڀن تي اُڪرائي ڇڏيا هئا.

(8) حضرت موسى لاءِ ڏسو 11-8. حضرت موسى کي جيڪي ڏهه احڪام (Tnc Commandments)، مليا هئا، سي عهدنامه عتيق يا تورات جي ٻئي باب ۾ موجود آهن.

(9) ڀاڳوت پران:

پران (Purana) لفظ جي لغوي معنى پراڻو يا قديم آهي. اهو هڪ قسم جو ديومالائي ادب آهي، جيڪو رزميه نظمن کان گهڻو پوءِ مرتب ٿيو. ڪي پران منظوم آهن ته ڪي وري مڪالماتي ۽ نثري شڪل ۾ آهن. ڪل ارڙهن پران آهن. ليڪن انهن کان علاوه ڪجهه نڍا يعني ”اپ-پران“ پڻ آهن، جن جو تعداد 180 ٻڌايو وڃي ٿو. ڪجهه مشهور پران هن ريت آهن:

(1) وشنو پران (2) ڀڳوت پران، (3) نرديا پران (4) پدم پران  ۽ (5) وراهه پران.

پران ان دؤر ۾ مرتب ٿيا هئا، جڏهن هندومت ۾ مختلف فرقا جهڙوڪ: وشنومت، شِومت وغيره واضح شڪل اختيار ڪري چڪا هئا. هڪ لحاظ کان اهو ئي سبب آهي جو انهن ۾  ”هيرو ورشپ“ (Hero Worchip) جو تصور بلڪل نمايان نظر اچي ٿو.

(10) حافظ لاءِ ڏسو 5-1.

(11) ارجن (12) ڪرشن:

”مهاڀارت“ ۾ بيان ٿيل باندون ۽ ڪورون جي جنگ ۾ ارجن پانڊؤن جو سپھ سالار آهي. ڪرشن مهاراج جيڪو اصل ۾ (وشنو جو اوتار آهي) ارجن جي مدد لاءِ اچي ٿو ۽ هو ارجن جو رٿبان آهي. جنگ جو ميدان تيار ٿئي ٿو ۽ فوجون هڪ ٻئي جي سامهون اچن ٿيون. ارجن ان مرحلي تي پنهنجن مخالفن سان جيڪي سندس سوٽاڻ مان آهن، وڙهڻ نٿو چاهي ۽ خونريزيءَ کي پسند نٿو ڪري. ان وقت ڪرشن مهاراج ارجن کي سمجهائي ٿو ته اها خير ۽ شر، حق ۽ ناحق جي جنگ آهي، ڀڳوت گيتا ۾ اها گفتگو نظم جي صورت ۾ ملي ٿي. سڄو نظم نهايت اعلى قسم جو آهي. ان ۾ تقريباً ست سؤ شعر آهن. هونئن ڀڳوت گيتا مهاڀارت جو ڇهون حصو آهي.

جيستائين مهاڀارت جي تصنيف جو سوال آهي ته اهو اندازاً 500 قبل مسيح جو واقعو چيو وڃي ٿو. ليڪن ان کي موجوده صورت ۾ تقريباً 400 عيسوي سن ڌاري مرتب ڪيو ويو ۽ اهو ڪم وياس سرانجام ڏنو هو.

(13) حضرت سليمان عليھ السلام لاءِ ڏسو 7-18.

البت هتي اها ڳالهه ٻڌائجي ته عهدنامه عتيق جي ڪتاب (1 Kings) جي باب يارهين ۾ ڄاڻايل آهي ته حضرت سليمان کي ست سؤ حرم ۽ ٽي سؤ ٻانيهون هيون. ان جي مقابلي ۾ ڪرشن مهاراج لاءِ چيو وڃي ٿو ته کيس سورنهن هزار زالون هيون.

(14) گوئٽي لاءِ ڏسو 4-20.

(15) موازرٽ  لاءِ ڏسو 7-26.

(16) گيتا (17) وياس لاءِ ڏسو مٿي 11-12.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com