سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي

باب: 1

صفحو :1

صوفي لا ڪوفي

علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون

 

فيلسوف ڪير آهي؟

 [سنه 1927ع جي خزان جي موسم ۾ علامه صاحب جو معمول مطابق انگلينڊ وڃڻ ٿيو، اتي انگلينڊ جي فلاسافيڪل سوسائٽيءَ طرفان نڪرندڙ رسالو ”فلاسفر“ سندن نظر مان گذريو، انهيءَ شماري ۾ هڪ عورت جو لکيل مضمون ”فيلسوف ڪير آهي“ شايع ٿيو هو، جنهن تي کيس سوسائٽيءَ طرفان انعام پڻ ڏنو ويو هو. دراصل سوسائٽيءَ وارن پاڻ ان موضوع تي لکڻ جي دعوت ڏني هئي.

ليکڪا انهيءَ مضمون ۾ جرمن فيلسوف نٽشي (Nietzsche) تي مڙئي ڪجهه زياده ڇوهه ڇنڊيو هو ۽ آخر ۾ اهو نتيجو قائم ڪيو هئائين، ته هڪ گهريلو عورت جيڪا توهان ائين ڪريو جيئن توهان سان ٿيندو واري اصول تي عمل ڪري سگهي ٿي، اها فيلسوف آهي.

علامه صاحب کي ليکڪا جو اهو خيال نهايت دلچسپ لڳو ۽ پاڻ رسالي جي ايڊيٽر ڏانهن هڪ خط لکي موڪليائون، جنهن جو ترجمو هيٺ اسين پيش ڪري رهيا آهيون، اهو مضمون ”فلاسفر“ جي جولاءِ- سيپٽمبر 1928ع واري شماري ۾ شايع ٿيو هو، خط ڇپجڻ جي دير هئي، نتيجي طور علامه صاحب کي سوسائٽي جو تاحيات فيلو مقرر ڪيو ويو.]

مون کي اهو تسليم ڪرڻ ۾ ڪو تامل ڪونهي ته هر فيلسوف کي اهو حق پهچي ٿو، ته هو هن سوسائٽيءَ جو رڪن بنجي سگهي، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اهو وڌيڪ بهتر ٿو لڳي ته آءٌ پڻ محترم وهيلر صاحبه جي ان جامع وصف کي اختيار ڪريان، جيڪا هن پنهنجي انعام يافته مضمون ۾ ڏني آهي.

جيڪڏهن هڪ گهريلو عورت توهان  ائين ڪريو، جيئن توهان سان ٿئي؟ جهڙي متي تي ”عمل“ ڪندي هن سوسائٽي جي رڪن بنجڻ جو اعزاز ماڻيو آهي، ته آءٌ سمجهان ٿو ته آءٌ پڻ پنهنجي لاءِ ساڳئي حق جي دعوى ڪرڻ ۾ ناڪام نه ٿيندس، بلڪ آءٌ لفظ جي صرف عقلي استعمال تي زور ڏيئي، اهو ساڳيو حق ثابت ڪندس بهرحال ليکڪا صرف لفظ فيلسوف جي رواجي معنى کي ئي ورتو آهي، جيڪا عام ۾ رائج آهي. هونئن به لغت جي عام ڪتابن ۾ مروج معنى کي ضرور ظاهر ڪيو ويندو آهي.

ليڪن آءٌ لفظ فيلسوف جي ان بڻ بڻياد تي زور ڏيندس، جنهن کي عالم تسليم ڪن ٿا، بلڪ زياده صحيح لفظن ۾ ته آءٌ ان جي لغوي ۽ لساني پهلوءَ کي واضح ڪندس، ڇا پوءِ اها ڳالهه صاف ظاهر نه پئي آهي ته جيڪو ماڻهو دانائي سان پيار ڪندڙ آهي ۽ ان کي ئي ٻين لفظن ۾ فيلسوف ڪوٺي سگهجي ٿو.

آءٌ سمجهان ٿو انهيءَ صورت ۾ انصاف جي تقاضا آهي ته وڌيڪ پٽاڙ ۾ وڃڻ کان سواءِ منهنجي دعوى کي اتي ئي تسليم ڪيو وڃي. لهاذا سوسائٽي کي منهنجي هيءَ گذارش بذات خود دعوى جي دليل طور مون کي ان جي رڪنيت جو اهل بنائي ٿي. بهرحال هيستائين مون پنهنجو مقدمو هڪ وڪيل جي حيثيت ۾ لڙيو آهي، جيڪو منهنجو پيشو آهي. ليڪن ان صورت ۾ منهنجو ضمير مون کي ڏنگي ٿو.

جيتوڻيڪ اهو هڪ دلڪش مضمون هو، ان هوندي به آءٌ محسوس ڪريان ٿو ته جڏهن هڪ فلاسافيڪل سوسائٽي ڪنهن موضوع تي مضمون لکرائڻ جي دعوت ڏئي ٿي، پوءِ ڀلي اهو ”فلاسفر“ جهڙو موضوع ڇو نه هجي؛ ان جو مطلب آهي ته سوسائٽي کي هڪ عاميانه نقطئه نظر يا لغوي پهلوءَ کي واضح ڪندڙ مضمون نه گهرجي، بلڪ اهو واقعي فلسفيانه هجڻ کپي!

هاڻي ان حقيقت کان سڀ باخبر آهن ته الفاظ اسان جي تصورات لاءِ واضح علامتن جو ڪم ڏين ٿا؛ پر ڪنهن شيءِ جي علامت خود اها شيءِ نه هوندي آهي. توڻي جو اها علامت ٻين اجاين ۽ اضافي ڳالهين کان خالي ڇو نه هجي، جيڪي هڪ عام ماڻهو ان سان وابسته  سمجهي ٿو، ٻين لفظن ۾ جڏهن علامت جي حيثيت طور ان جي بنيادي اهميت کي ڪو جوکم نه رسيو هجي، ليڪن اهو نقطئه نظر لسانيات جي هڪ ماهر جو ته ٿي سگهي ٿو، پر ان جي مقابلي ۾ هڪ فيلسوف جو نٿو ٿي سگهي، ڇو ته فلسفو علامت جو نه، بلڪ اصل ”شي“ يا ماهيت جو متلاشي آهي. ٻين لفظن ۾ فلسفو ”حقيقت“ جو متلاشي آهي ۽ نه ظواهر يا عڪسيات جو. ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته لسانيات جو ماهر، فيلسوف جو اولڙو يا عڪس آهي، هڪ فيلسوف هميشه ”تصورات“ متعلق سوچي ٿو ۽ نه علامات متعلق، ڇو ته هو وقت بوقت نيون علامتون خلقي ٿو يا ٺاهي ٿو ته جيئن پنهنجي ڳالهه سمجهائي سگهي.

هاڻي ٿوري دير لاءِ اسين وري واپس لفظ ”فلاسافر“  (Philosopher) تي اچون ٿا. اهو هڪ مرڪب لفظ آهي.  (Philo) معنى محبت يا پيار يعني (Love) ۽ (Sophia) معنى دانائي يا ڏاهپ يعني (Wisdom) ۽ انهن جي پڇاڙي (er) کيس اسم جو فاعل بڻائي ٿي. يعني  دانائي سان محبت ڪندڙ يا ڏاهپ سان پيار رکندڙ!

هتي ان ڳالهه کان ڪير واقف ناهي ته اهو پهريون لفظ ”محبت“ ئي آهي، جيڪو دنيا جي پوري ادب جي ٽن حصن کان به وڏي حصي جي تخليق جو سنئون سڌو ڪارڻ آهي. پر جيڪڏهن اها محبت ايتري واضح يا روشن ناهي جو ان جو مقصد بيان ڪري سگهجي ته پوءِ اها ڦهليل ٿي معلوم ٿئي، اهو ڄڻڪ اوندهه ۾ ٿاڦوڙن هڻڻ جو فطري نتيجو آهي.

هاڻي اچو ته ٿوري دير لاءِ ”محبت جي ديوتا“ (Eros) کي ”روح جي محبوبا“ (Psyche) سان اڪيلو ڇڏي، اسان سندس پهرين اولاد ”دانائي“ (Wisdom) سان دل وندرايون ٿا. ها، پر اهو ٻار به اسان لاءِ ڪافي وڏو آهي! انهيءَ جي پهرين پد (Wis) کي ئي کڻي وٺو. ٻين سڀني معنائن کي  ڇڏي، رڳو پراڻي انگريزي ۾ ئي ان جي عام مروج معنى کي وٺو ته اها آهي ”ڄاڻڻ“ (Know) ڏسو ته محض اهو هڪڙو پد ئي انهن سڀني ”تنقيدن“ (Critiques) کي پاڻ ۾ سمائي ٿو ڇڏي، جيڪي امانيوئيل (ڪانٽ) (1) جهڙي عالمِ رباني جي محنت جو ثمر آهن. بلڪ اهو گذريل ڏيڍ صديءَجي باقي علمي نظرين (Epistemilogy) تي پڻ حاوي نظر اچي ٿو، حالانڪ اهي  تمام قليل آهن. گويا اهو يد موسى جي عصا وانگر آهي! هوڏانهن اها ڳالهه به هرگز وسارڻ نه گهرجي ته ”علم جي درخت“ جو پهريون نگهبان ”نانگ“ هو ۽ ان جي ڪري کيس ڇا ڇا نه سهڻو پيو ۽ ان حمايت عيوض کيس ڪهڙن ڪهڙن خطرات کي منهن ڏيڻو پيو. پر هن جي لاءِ علم جي نظرئي يا فلسفي جي ڪهڙي اهميت ٿي پئي سگهي! هو ته رڳو ”گياني“ ۽ ”اُتساهڪ“ هو ۽ ان ڪري هن کي ”ڀوڳنا“ هيٺ اچڻو پيو.

 

پر ڇا هر ”سوچ ۽ لوچ“ بذات خود هڪ ”پيڙا“ ناهي! ليڪن اها سوچ ۽ لوچ ئي ته اسان جي اشرف هئڻ جو راز آهي.

”آءٌ سهان ٿو،“ ان ڪري آءٌ آهيان.“ نه رڳو ائين پر جڏهن آءٌ سهان ٿو تڏهن ته آءٌ آهيان.

جٽاءُ ڪرڻ معنى سهڻ يا برداشت ڪرڻ آهي.

جيستائين ”جياپو“ آهي تيستائين ڀوڳنا ۽ خود ڀوڳنا ۽ پيڙا آهي. هائو، پر اهو ”هئڻ“ يا وجود ڇا آهي؟ ڪنڀار جي چڪ تي بيشمار چڪر کائڻ يا واڍي جي هٿان وڍجڻ ۽ گهڙجڻ يا لوهار جي سنداڻ تي مترڪا کائڻ يا اهو سڀ ڪجهه- ها، ائين ته ڪنهن شيءِ کي وجود ملي ٿو!

زندگي جي انهيءَ پهلوئن ماڻهن کي گهڻو متوجهه ڪيو آهي ته ڪن وري ان تي ڪو خاص خيال نه ڏنو آهي، پر سوال آهي ته پوءِ به اسان جو ”پيار“ انهيءَ ”لوچ“، انهيءَ ”پيڙا“، اهڙي زندگيءَ، اهڙي ”سور“ ۽ اهڙي دراصل اها هڪ ڳجهاندر ڳالهڙي آهي، بلڪ صحيح معنى ۾ ان طرف ڪو ڌيان ئي ڪونه ٿو ڌري، مهاتما ٻڌ (2) جهڙو عظيم انسان پڻ ان کي مايا ۽ فريب جهڙن ويل لفظن سان ياد ڪري مطمئن ٿي ويهي رهي ٿو، ڇا اها ڪنهن عاشق جي دل ۾ چهنڊڙي وانگر ناهي، جنهن جو هو خود تمنائي هوندو آهي؟

هتي مون کي ويچارو نٽشي (3) ٿو ياد اچي، جنهن سان مائي وهيلر صاحبه ڪجهه مڙئي زياده سختي ڏيکاري آهي، ها پر هن جي ديوانگيءَ ۾ به فرزانگي آهي، هن جا سوانح نگار ٻڌائن ٿا، ته هو سال جي 365 ڏينهن مان 200 ڏينهن سقراط (4) جي زهر وارو پيالو پيندو هو. ۽ ائين ڪيترا سال لاڳيتو  ڪندو رهيو، ليڪن ان جي باوجود هو درد ۽ پيڙا کي اتم سمجهي ٿو ۽ زندگيءَ جو انهيءَ ڪري اقرار ڪري ٿو؛ ڇاڪاڻ ته اها درد سان ڀريل آهي.

ڳالهه اها آهي ته اسان جي مقابلي ۾ هن ”محبوب جي موجودگي“ کي محسوس ڪيو هو ۽ محبوب کان مليل درد سان پيار ڪيو هو، جيتوڻيڪ اهو درد کيس سوايو نصيب ٿيو هو!

اهڙي طرح شوپنهار (Schopenhauer) (5) جنهن جو جنس ۽ جنسي اخلاق بابت پنهنجو مخصوص رويو آهي، تنهن کي صرف ان هڪڙي ڳالهه جي ڪري هن معتبر فهرست مان خارج ڪري نٿو سگهجي؛ ڇاڪاڻ ته هو پڻ زندگيءَ سان پيار ڪندڙ هو، ڇا هن ٻيو سڀڪجهه ان ڪري نه تياڳيو هو ته جيئن هو رڳو زندگيءَ بابت سوچي سگهي، ڇو ته اها پُرفريب پڻ آهي، انهيءَ چوٽ ئي ته کيس کڻي ڏنو ۽ هو سوچ جي ان پيڙا سان پڇاڙيءَ تائين پيار ڪندو رهيو.

مون گهڻيون هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪيون آهن؛ بلڪ آءٌ سمجهان ٿو، ته هڪ ننڍي ٻهاڻ گهوڙي وانگر بيهي ٻڌا ٽپا ڏنا اٿم. ليڪن اصل موضوع ڏانهن واپس ورندي، آءٌ ان راءِ جو آهيان ته درحقيقت نه ته وهيلر صاحبه جي ڏنل وصف اعتماد جي قابل آهي ۽ نه وري آءٌ پنهنجي پيش ڪيل وصف مان مطمئن آهيان. (اسان کي اصل موضوع بابت فلسفيانه ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهربي هئي، جيڪا اسان پاڻ ڏٺو ته ڪيڏي نه ڏکي ۽ گنڀير آهي.

فيلسوف! هائو، ڪير آهي اهو فيلسوف؟! ان جو مطلب آهي وڌيڪ روشني محبت بابت وڌيڪ روشني، ڄاڻ ۽ ساڃهه بابت روشني ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ محبت جي مارڳ جي مام!! وڌيڪ وضاحت گهربل آهي.

 

حوالا

 

(1)                              امانيوئيل ڪانٽ (Immanuel Kant) (1724-1804 AD)

جرمن فلسفي ڪانٽ هونئن ته فلسفي جي دنيا ۾ پنهنجي آدرشيت يا عنيت پسند (idealist) نظريي سبب مشهور آهي پر هو پنهنجي مخصوص نظريئه علم (Epistemilogy) سبب انتهائي ممتاز آهي. هن جو چوڻ آهي ته خارجي دنيا بابت اسان جو علم حواسن جي مدرڪات تي مدار ضرور رکي ٿو، ليڪن اهو وري به عقل ئي آهي جيڪو انهن کي ترتيب ڏئي علم جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو. بهرحال عقل جي لاءِ وري فطرت طرفان ڪي حد بنديون (Categories) اڳيئي مقرر ٿيل آهن. جهڙوڪ: زمان، مڪان ۽ علت معلول جهڙا قانون وغيره.

مطلب ته ڪانٽ تجربيت پسند (Empiricist) فيلسوفن جي ان نظريي کي ته علم جو ماخذ صرف ۽ صرف حواس آهن، ناڪافي قرار ڏئي ٿو.

ان سلسلي ۾ هو علم يا ڄاڻ جي حاصل ڪرڻ لاءِ تجربي کان ماورا (Apriori) ذريعي جهڙوڪ: عقل جي مرڪزي ڪردار جو نهايت کليل اعتراف ڪري ٿو، اهو سمورو بحث هن پنهنجي ڪتاب ”خالص عقل جي ڇنڊ ڇاڻ“ (Critique of Pure reason)  ۾ ڪيو آهي جيڪو پهريون ڀيرو سنه 1781ع ۾ شايع ٿيو.

ڪانٽ هونئن ته ٻين موضوع تي به ڪتاب لکيا. ليڪن  (Critique) جي نالي سان هن هڪ ٻيو ڪتاب ”عملي عقل جي ڇنڊڇاڻ“ (Critique of Pure reason) 1786ع ۾ لکيو. ان ڪتاب ۾ هن ڄاڻايو ته مذهب جو بنياد اخلاقيات آهي ۽ اها اخلاقيات آفاقي غير متبدل، ۽ پڪي پختي آهي، ان جو بنياد محض اسان جا تجربا نٿا ٿي سگهن، بلڪل اهي تجربي کان مٿانهان آهن.

(2) گوتم ٻڌ (Gautma Buddha (563-483BC)

گوتم ٻڌ جو اصل نالو سڌارٿ هو ۽ هندستان جي رياست ڪيل وستوءَ جي راجا سڌوڌن جو پٽ هو. سورهن سالن جي عمر ۾ سندس شادي ڪرائي ويئي. پر هو شروع کان ئي مختلف قسم جو انسان هو، جيتوڻيڪ هو وڏ گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو، پر اڪثر پنهنجي چوڌاري غريبن ۽ مسڪينن کي تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ مبتلا ڏسي، پاڻ کي به دکايل ۽ پريشان محسوس ڪندو هو. آخر 29 سالن جي عمر ۾ هڪ رات هو پنهنجي بادشاهي محل، زال ۽ پٽ کي ڇڏي جهنگ منهن ڪري هليو ويو. انتهائي سخت تڪليفن، ڪشالن ۽ رياضتن کانپوءِ کيس منزل مقصود حاصل ٿي، جنهن کي هن ”نروان“ جو نالو ڏنو. يعني جيڪڏهن انسان چاهي ته کيس نروان حاصل ٿئي ته پوءِ نفساني خواهشن کي ختم ڪرڻو پوندو، جيڪي دراصل ڏکن ۽ مصيبتن جو سرچشمو آهن. سندس قول آهي ته اي منهنجا پيرؤ، ياد رکو دنيا جي هر شيءِ فنا ٿيڻ واري آهي، ان ڪري توهان کي گهرجي ته پنهنجي جذبات تي قابو حاصل ڪري حقيقي نجات حاصل ڪريو!

هڪ لحاظ کان چئي سگهجي ٿو، ته سندس تعليمات جو نچوڙ ”اصلاح نفس“ آهي. هن اِهو به چيو ته حرص و هوس ئي تمام تڪليفن ۽ ڏکن جو بنياد آهي. نروان کي ٻين لفظن ۾ ”دل جو اطمينان“ چئي سگهجي ٿو.

گوتم ٻڌ جي تعليمات ۾ ذات پات جي ڪابه تفريق ڪونهي ان ڪري بجا طور چيو ويو آهي ته تاريخي لحاظ سان يعني ارتقائي نقطئه نظر موجب اهو مذهب هندو ڌرم لاءِ هڪ اصلاحي تحريڪ هو، هيٺيون چار ڳالهيون ٻڌ ڌرم جو نچوڙ ٻڌايون ويون آهن ته:

1- انساني زندگي خود به خود ڏک ۽ درد جو نالو آهي. (سروم دکم دکم).

2- انهيءَ دک جو اصل ڪارڻ انسان جي خواهش ۽ هوس آهي.

3- جيڪڏهن انسان چاهي ته انهن خواهشن ۽ سڌن جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو ۽ انهيءَ حالت کي ”نروان“ ڪوٺجي ٿو.

4- انسان کي اها نجات يا نروان حاصل ڪرڻ لاءِ هي اٺ ڳالهيون گهربل آهن:

1- صحيح خيال 2- صحيح سوچ 3- صحيح قول 4- صحيح عمل 5- صحيح روزگار 6- صحيح ڪوشش 7- صحيح تفڪر 8- صحيح گيان.

(3) نِٽشي (Nietcsche1844-1900AD)

جرمن مفڪر نٽشي پيشي جي لحاظ کان پروفيسر هو ۽ بنيادي طور تي فيلسوف کان وڌيڪ هو هڪ اديب هو. هو اڪثر ڪري بيمار رهندو هو. آخرڪار هن 1879ع ۾ نوڪري ڇڏي ڏني ۽ ڪجهه عرصي لاءِ اٽليءَ ۽ سئٽزرلينڊ ۾ وڃي رهيو. 1888ع ۾ هو دماغي توازن وڃائي ويٺو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ائين رهيو.

فلسفي جي دنيا ۾ سندس نظريئه اخلاق ۽ مذهب جو ناقدانه جائزو هڪ لحاظ کان قابل ذڪر آهي. هن جا نظريا متضاد قدرن جا ميلاپ آهن. هڪ طرف هو جنگ، بيرحمي ۽ شاهاڻي شان جو مداح آهي ته ٻئي طرف فڪر ۽ فلسفي، ادب ۽ فنونِ لطيفه ۽ خاص طور تي موسيقيءَ جو متوالو آهي.

ليکڪا وهيلر صاحبه، نٽشي جي جنهن اصول کي هتي بحث هيٺ آندو آهي. اهو هن پنهنجي ڪتاب ”خير ۽ شر کان پري“ (Beyond Good and Evil)  ۾ ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ نٽشي ”خير ۽ شر جي تصور تي جا سخت تنقيد ڪئي آهي، بلڪ ڪن هنڌن تي هو صاف صاف شر جي حمايت ڪري ٿو ۽ خير جي مذمت! هو چوي ٿو اهو اصول غلط آهي ته هڪڙي شيءِ جيڪا منهنجي لاءِ صحيح آهي، اها ٻئي لاءِ به صحيح هجي. هن جا پنهنجا لفظ آهن ته: ”توهان ٻئي ماڻهوءَ سان ڪا ڳالهه رڳو ان ڪري ڪرڻ کان نه ڪيٻايو، ته متان هو به توهان سان ائين ڪري.“ (Do not to others that Which you would not that they should do unto you)

نٽشي جو اخلاقي نقطئه نظر پڻ جدا آهي. هو تنظيم جي ڪارڻ دک درد سهڻ جو پرچار ڪري ٿو ۽ ان لاءِ انساني ارادي کي ٻي هر شيءِ مٿان فوقيت ڏئي ٿو، ليڪن ان جو مقصد هو اهو ڄاڻائي ٿو، ته جيئن انسان قوت ۽ دٻدٻو (Energy and Greatness) حاصل ڪري سگهي. پر ان عمل کي به هو چند وڏ گهراڻن انسانن لاءِ مخصوص سمجهي ٿو. دراصل نٽشي، نيپولين جو وڏو مداح هو ۽ ان جي شخصيت کان گهڻو متاثر پڻ هو ۽ ان ڪري سندس گهڻو تڻو فڪر انهيءَ شخصيت جي چؤڌاري گهمندي نظر اچي ٿو. بهرحال ڪجهه به هجي جرمنيءَ ۾ نٽشي جي خيالات جو ڪافي اثر ٿيو.

هو جيتوڻيڪ فيلسوفن کي ايترو متاثر ڪري نه سگهيو، پر اديبن ۽ فنڪارن جي ذهن تي ڇانيل رهيو. ايتري قدر جو پنهنجي موت کان جلدي پوءِ يعني ويهين صديءَ جي پهرين ٽن ڏهاڪن ۾ سندس فڪر جا اثرات گهڻو نمايان نظر اچن ٿا. هڪ لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته انهيءَ عرصي ۾ هٽلر جي شخصيت سندس فڪر جو پڙاڏو آهي. علامه قبال پڻ انهيءَ زماني ۾ جرمنيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي هئي، جتي سندس واسطو نٽشي جي فڪر سان پيو ۽ ان ڪري هن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ زير بحث آندو اٿس. پر ساڳئي وقت هو کيس ”مجذوب فرنگي“ چئي ڪنهن حد تائين ميار کان آجو ڪري ٿو.

برٽرانڊرسل جي راءِ آهي ته نٽشي هڪ اهڙي بيماريءَ جو اهڃاڻ آهي، جيڪا پوري انسانذات ۾ ڦهليل آهي ۽ ان  لحاظ کان ئي هو اسان جي توجهه ۽ همدرديءَ جو مستحق آهي.

(4) سقراط (Socrates470-399BC)

هو يونا جي شهر اٿينس ۾ ڄائو سندس پيءُ سنگتراش هو.

هو عظيم فيلسوف هجڻ سان گڏ هڪ عظيم انسان پڻ هو. سقراط جي پنهنجي ڪابه لکيت محفوظ نه رهي آهي. البت شاگردن هٿان محفوظ ٿيل مڪالمات مان وري معذرت (Apoligy) منجهان خاص ڪردار سقراط جي شخصيت ۽ تعليمات جي خبر پوي ٿي. هيءَ اها تقرير آهي، جيڪا سقراط پنهنجي بچاءَ ۾ عدالت جي آڏو ڪئي هئي، مٿس الزام هو ته هو پنهنجين تقريرن جي ذريعي نوجوان نسل جو اخلاق بگاڙي رهيو آهي ۽ انهن ديوتائن جي پوڄا نٿو ڪري جيڪي سرڪاري طور تي مقرر ٿيل آهن.

سقراط لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو بدشڪل هو پر هن جي آواز ۽ گفتگوءَ ۾ ڄڻ ته ڪو جادو هو، شايد اهو ئي سبب هو جو نوجوان نسل لاءِ هن جي شخصيت سحر انگيز ثابت ٿي. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته افلاطون ”مڪالمات“ ۾ سقراط جي جيڪا تصوير چٽي آهي، ان لحاظ کان هو زبردست عالم ۽ فاضل شخصيت معلوم ٿئي ٿو، هن جي سادي زندگي، هن جو صبر و تحمل ۽ توڪّل کيس هڪ غير معمولي انسان جي روپ ۾ پيش ڪن ٿا، بلڪ مٿس مڙهيل الزامن جي برخلاف هو اسان کي اخلاقي اصلاح جي علمبردار نظر اچي ٿو، وڏي ڳالهه ته سقراط جي گفتگوءَ مان ائين ٿو لڳي ته ڄڻ کيس پنهنجي لاءِ مامور من الله هجڻ جو از حد يقين هو ۽ هو خدا جي وحدانيت ۾ ويساهه رکندو هو.

سقراط جو ذاتي ڪمال اهو آهي ته ان وقت جي دستور مطابق جيڪڏهن هو پنهنجو ڏوهه تسليم ڪري ها، ته کيس گهٽ سزا ملي ها يا گهٽ ۾ گهٽ موت جي بدران ٻي ڪا هلڪي سزا ملي ها، پر هن آخر وقت تائين اهو مڃڻ کان انڪار ڪيو ته هو ڪو ڏوهي آهي، جيتوڻيڪ سندس يار دوست جن ۾ افلاطون به شامل هو، بار بار کيس سمجهائيندا رهيا؛ پر هن جو آخر تائين اهو موقف هو ته هن ڪنهن به قسم جو ڏوهه نه ڪيو هو. بلڪه هن جو چوڻ هو ته هو مصلح آهي ۽ قوم جو محسن آهي ۽ هنن کي کپي ته سندس قدر ڪن.

آخر 399 قبل مسيح ۾ هيءُ عظيم انسان پنهنجي هٿن سان زهر جو پيالو پي انساني تاريخ ۾ امر ٿي ويو.

(5) شوپنهار (Schopenhauer1788-1860)

جرمنيءَ جو هيءُ فيلسوف پنهنجي قنوطيت پسنديءَ سبب هڪ الڳ حيثيت جو مالڪ آهي. هو عيسائيت جي مقابلي ۾ ٻڌمت ۽ هندو مذهب کي اهميت ڏئي ٿو، هو چوي ٿو ته هن پنهنجي فلسفي ۾ اپنشدن مان  رهنمائي حاصل ڪئي آهي. هو روحانيت ۽ جادوءَ ۾ عقيدو رکندڙ هو. هو پنهنجيءَ تصنيف “The World as will and idea” ۾ اها دعوى ڪري ٿو ته ان جا ڪي حصا، مٿس روح القدس جي معرفت لٿا آهن.

جيتوڻيڪ شوپنهار جرمنيءَ جي عظيم فيلسوف ڪانٽ (Kant) کان گهڻو ڪجهه پرايو آهي، پر ٻنهي ۾ فرق به وڏو آهي. مثلاً: زمان ۽ مڪان، ڪانٽ توڙي شوپنهار جي خيال ۾ مظاهر فطرت سان واسطو رکن ٿا، ۽ انهن جو شيءِ جي اصليت (Thing in itself) سان ڪو واسطو ڪونهي، ليڪن شوپنهار انهيءَ ارادي (Will) جو دائرو وڌائيندي چوي ٿو، ته جيڪي ڪجهه حقيقي آهي، اهو دراصل انهيءَ عظيم ارادي جو جز آهي، جيڪو وري سڄي ڪائنات ۾ جاندار توڙي غير جاندار شين ۾ موجود آهي، هتي پهچڻ کان پوءِ هو انهيءَ آفاقي ارادي کي ”خدا“ جو نالو ڏئي ٿو؛ ليڪن ساڳئي وقت هو ان ارادي کي ظالم ظاهر ڪري ٿو، جنهنڪري زندگيءَ جي باري ۾ قنوطيت پسند رجحان جنم وٺي ٿو. ان ڪري چوي ٿو ته درد يا پيڙا زندگيءَ جو بنيادي پٿر آهي، ۽ جيئن ڄاڻ وڌي ٿي، ان پيڙا ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن جي خيال ۾ دنيا ۾ خوشيءَ جو وجود ڪونهي، جڏهن تمنائون پوريون نٿيون ٿين، ته اسان کي ڏک ٿئي ٿو ۽ جڏهن پوريون ٿين ٿيون ته اسان کي طمانيت ٿئي ٿي، باقي خوشيءَ جهڙي ڪنهن به شيءِ جو وجود ڪونهي. بهرحال فلسفي جي دنيا ۾ شو پنهار ٻن ڳالهين جي ڪري ممتاز آهي، هڪ سندس قنوطيت پسندي ۽ ٻيو اهو نظريو ته انساني خواهش يا تمنا علم ۽ ڄاڻ کان مٿانهين يا اعلى آهي. سندس اهو پورو نظريو چڱو مقبول ٿيو. خاص ڪري نٽشي، برگسان ۽ جيمس ڊيوي ان کان گهڻو متاثر ٿيا، جيڪي اڻويهين ۽ ويهين صديءَ جا وڏا فيلسوف آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com