سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب:صوفي لا ڪوفي

باب: 11

صفحو : 11

 

قبرستان ۽ ڪتبخانا

 

[علامه صاحب هن موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن ۽ شاگردن کي يونيورسٽيءَ لئبرري ۾ خطاب ڪيو. اها تقرير پهرين تڏهوڪي انگريزي رسالي ‘Echo’ ۾ شايع ٿي هئي.]

ڪي ڏينهن اڳ جڏهن لطيف جي ٻه سؤ ساله ورسي ملهائي ٿي ويئي ته منهنجي هڪ اهڙي شخص سان ملاقات ٿي جنهن کي مون ان بحر جو غواص ٿي سمجهيو. کيس عرض ڪيم ته هو ان پاتال ۾ بيهي ڪجهه ماڻڪ موتي سوجهي اچي ته جيئن انهن ماڻهن کي آڇي سگهون جيڪي پاڻ ائين ڪري نٿا سگهن، آءٌ هن کي هميشه بصيرت جو صاحب ۽ فاضل شخصيت سمجهندو هوس.

ليڪن منهنجي اچرج جي حد نه رهي جڏهن هن شخص انهن سڀني ڳالهين کي ٺٺولي ڪئي ۽ انهن جي ندا ڪرڻ شروع ڪئي جن کي مون پيارو ٿي سمجهيو.

هن شخص قلم، لکڻ، پڙهڻ ۽ ڪتابن جي گلا شروع ڪري ڏني ۽ آخر ۾ يونيورسٽين ۽ لئبررين کي به نه ڇڏيائين، هو ڪنهن شيءِ مان نه مڙيو. هن انهن سڀني شين جي گهٽتائي ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي جن جو انساني ذهن سان واسطو آهي مطلب ته هو ڪٿان آيو ٿي، ۽ ڪٿان ويو ٿي ۽ آخر ۾ انهن سڀني شين کي بلڪل بي سود ۽ بيڪار چئي رد ڪري ڇڏيو. ان کان وڌيڪ تعجب جي ٻي ڪهڙي ڳالهه چئجي جو هن سمجهيو ٿي ته ائين ڪرڻ سان هو خود لطيف جي خيالات جي ترجماني ڪري رهيو هو. هن کي اها ڳالهه به سمجهه ۾ نٿي آئي ته قلم جي تحقير ڪندي هو خود قرآن شريف جي ٻن اهڙين سورتن جي توهين ڪري رهيو هو جن ۾ پڙهڻ تي زور ڏنل آهي. هن کي شايد اها خبر نه هئي ته قرآن پاڪ خود هڪ ڪتاب آهي ۽ ان جي هڪڙي سورة ۾ تحرير کي زندگيءَ جو مکيه مقصد بنائڻ لاءِ انسانذات کي تلقين ڪئي وئي آهي. هو ان ڳالهه کان به بي خبر ٿي ڏٺو ته قرآن پاڪ اهل ڪتاب کي دنيا جي ٻين قومن کان وڌيڪ معزز چيو آهي ۽ انهن سان لاڳاپا رکڻ کي ترجيح ڏني آهي. اسين پڻ لاکيڻي لطيف جي ان ڪري عزت ۽ تڪريم ڪريون ٿا جو هو ”صاحب ڪتاب“ آهي.

اهڙيءَ طرح اسين عظيم شاعر مولانا رومي جي تعريف ان ڪري ٿا ڪريون جو جيتوڻيڪ هو پيغمبر ناهي پر هو به ”صاحب ڪتاب“ (1) آهي. اهي سڀئي ڳالهيون هن عجيب شخص يا ته وساري ڇڏيون هيون يا انهن کان بلڪل اڻ واقف هو. ان واقعي کان ٻه ڏينهن اڳ اهو ساڳيو شخص لطيف جي مزار تي ويو هو جتي ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد اچي گڏ ٿيو هو. ليڪن اڄ وري اهو ماڻهو هڪ وڏي لئبرري ۾ اچي ويٺو آهي، جتي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار ڪتاب رکيل آهن. هاڻي اهڙي ماڻهوءَ جي ڪورچشميءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!

ماڻهو صدين کان وٺي پيرن فقيرن جي مزارن تي ويندا رهيا آهن ۽ اوليائن جي مقبرن جي زيارت ڪندا رهيا آهن. هنن نه رڳو اهڙن ولين ۽ شاعرن جي ماڳ مڪان کي ساهه سان سانڍي رکيو آهي، بلڪ انهن جي پوشاڪ، ننهن ۽ وارن کانسواءِ سندن جي قدمن جي فرضي نشانن کي به تبرڪ طور پئي سنڀاليو آهي. اڄ جڏهن مسلمان ڪنهن قبرستان وٽان لنگهن ٿا ته هيئن چئي مخاطب ٿين ٿا؛ ”اسلام عليڪم يا اهل القبور“ يعني اي قبرن جا رهواسيو، توهان تي الله جي سلامتي هجي. عيسائي وري قبرستانن کي ”خدائي زمين“ (God’s Acreڪوٺين ٿا.

هو اڪثر ڪري قبرستان وڃن ٿا ۽ اتي وڃي تازا گل رکن ٿا. خاص ڪري ”ارواحن جي ڏينهن“(All souls Day)تي هو قبرن کي گلن ۽ روشنين سان ڏاڍو سينگاريندا آهن. قبرن جي معمولي بيحرمتيءَ کي به هو سخت ڏوهه تصور ڪن ٿا ۽ اهڙي بيحرمتي ڪرڻ واري کي سخت سزا ڏني وڃي ٿي. ويچاريءَ نورجهان (2) تڏهن ته اهڙو خدشو ظاهر ڪيو هو ته سندس قبر تي ڪوبه گلن جي ورکا ڪرڻ نه ايندو ۽ نه ئي وري ڪو اچي شمع ٻاريندو. مطلب ته قبرستانن کي ايتري عزت ۽ اهميت ڏني ويندي هئي.

                مصر جي فرعونن اهرام صرف انهيءَ ڪري ٺهرايا ته جيئن مئلن جي لاشن کي مصالحا لڳائي محفوظ رکي سگهن. اهي اهرام اڄ سوڌو دنيا جي عجائبات ۾ شامل آهن. دنيا جي بهترين فن تعمير جو ايڏو وڏو حصو انهن مقبرن ۽ مزارن تي مشتمل آهي جو اهو سوال ڪرڻ تي دل ٿيندي آهي ته، ڇا انساني تاريخ ۾ اهڙو دؤر به ايندو جڏهن هو هن ڌرتي جي لائق ۽ فائق انسانن لاءِ به واقعي ايڏيون خوبصورت ۽ عاليشان عمارتون جوڙائيندا؟

البت هڪڙي ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته اسين پنهنجن بزرگن جا بيحد ٿورائتا آهيون. ايتري قدر جو پنهنجن وڏن جي تقديس به قابل جواز آهي. اسان وٽ جيڪي ڪجهه آهي اهو اسان کي هنن کان ئي مليو آهي. اسان کي انهن کان ڇا ڇا نه مليو آهي؟ خود اسان جو وجود هنن جو مرهون منت آهي انهيءَ ڪري اسان جو وَڙُ اهو آهي ته کين عزت ۽ مان سان ياد ڪريون. هائو، اسان کي پنهنجي مئلن جي تعظيم ڪرڻ گهرجي. پر سوال آهي ته ڇا اسين به کين ساڳئي دقيانوسي طريقي سان ياد ڪريون جنهن مطابق سندن تبرڪات ۽ مٽيءَ کي مان ڏنو ٿو وڃي يا ان جو ڪو ٻيو طريقو ٿي سگهي ٿو.

پيغمبرِ اسلام ۽ سندن ڪتاب کي هينئر دنيا ۾ تيرهن سؤ سال ٿيڻ تي آهن، انهن ٻنهي هن ڳالهه تي زور پئي ڏنو آهي ته معمولي قسم جا معاهدا به لکت ۾ ڪريو، ۽ اها صرف ذهني يا فڪري زندگي آهي جيڪا عزت جي لائق آهي. پر اسان جي طريقي ۾ اڃا تائين ڪا تبديلي ڪونه آئي آهي. اسان اڄ به قبر پرست آهيون.

ڪو وقت هو جڏهن اسان جن ابن ڏاڏن جي فڪر جو سمورو دارومدار روايتن، لوڪ ڪهاڻين، ڏند ڪٿائن ۽ فرضي داستانن تي هو. ليڪن جڏهن کان وٺي انساني ذهن پوري ريت ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، تڏهن کان وٺي انساني فڪر کي محفوظ ڪرڻ جا الائي ڪيترا طريقا وجود ۾ آيا آهن. اڄ انسان جو پنهنجو آواز هوبهو محفوظ ڪري سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح هن جي شڪل ۽ مهانڊا به محفوظ ڪيا وڃن ٿا. ڏٺو وڃي ته عملي طور تي انسان پاڻ کي پنهنجي فڪر کي تاريخ ذريعي نه، بلڪ پنهنجي تخليقي ڪوشش جي ذريعي محفوظ رکي سگهي ٿو. انهيءَ لحاظ سان ڪنهن ڪتاب جو مصنف، شعر جو خالق ۽ ڪنهن تصوير جو مصّور لافاني آهن ۽ هو اسان سان گڏ زنده آهن.

انهيءَ ڪري موجوده دؤر ۾ ڪنهن به قوم جي امرتا کي پرکڻ جو اهو طريقو آهي جو معلوم ڪجي ته منجهس ڪيتري قدر زنده جاويد اجزا موجود آهن ۽ هن موت تي ڪيئن فتح پاتي آهي، يعني اها قوم هر سال ڪيترا ڪتاب ۽ فنونِ لطيفه جا ڪيترا شاهڪار پيدا ڪري ٿي. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو لڳي ته اها تلوار جنهن کي ماضيءَ ۾ فيصله ڪن حيثيت حاصل هئي، جيتوڻيڪ ان جي جڳهه ”عقل“ ۽ ”قلم“ والاري آهي، پر اڃان تائين ان جو استعمال ترڪ نه ٿيو آهي.

پيغمبرِ اسلام جي هن قول ڏانهن ته ”مصنف جي قلم جي مس شهيد جي خون کان وڌيڪ مقدس آهي.“ ڪو ڌيان نه ڏنو ويو آهي. واقعي انسان اڃا تلوار کي نه ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري هو مذهبي خيال کان اڄ به قبرستانن جي تعظيم و تڪريم ڪري ٿو پر کيس ڪتب خانن لاءِ ڪا عزت يا پيار ڪونهي. اهڙيءَ طرح جڏهن هو تصويرن جي ڪنهن گئلري ۾ گهڙي ٿو يا ڪنهن لئبرري ۾ داخل ٿئي ٿو ته کيس انهن جي عظمت جو خير ڪو خيال اچي ٿو. انهيءَ ڪري هن ڳالهه ۾ ڪو تعجب ٿيڻ نه کپي ته مذهب کي ڇو مدي خارج سمجهيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته مذهب انسان جي صرف هيٺين درجي جون ضرورتون پوريون ڪيون آهن ۽ اوستائين مذهب جي رسائي نه ٿي آهي، جتي اڄ جو انسان بيٺو آهي.

اسان کي خبر آهي ته اوائلي مسلمان ڪڏهن به ڪنهن خوبصورت گل کي پنهنجي پيرن هيٺان نه لتاڙيندا هئا. اهڙيءَ طرح هو هڪ لکيل ڪاعذ جي ٽڪري کي به زمين تان کڻي وٺندا هئا ته مبادا پيرن هيٺان اچي ان جي بيعزتي نه ٿئي. لکڻ پڙهڻ ڏانهن اهو لاڙو ئي سندن مذهب جو روح هو، تڏهن به اها ڳالهه مسلمه حيثيت اختيار ڪري نه سگهي. ان ڪري اڄ جا مسلمان قبرن تي ته ويندا رهن ٿا پر هو ڪتب خانن کي بيڪار ۽ بيسود سمجهن ٿا. ڇا هو سمجهن ٿا ته ڪتب خانو يا لئبرري ڪهڙي شيءِ آهي؟ ڇا لئبرري اهو عاليشان گهر ناهي جنهن ۾ ڏهه هزار بهترين انساني دماغ دفن ٿيل آهن؛ بلڪ اهي اتي واقعي زنده رهن ٿا. اهي لائق ۽ فائل شخصيتون جن سان اڄ به صلاح مشورو ڪري سگهجي ٿو، جن جي صحبت ۾ رهي سگهجي ٿو ۽ کانئن پنهنجي مسئلي جو حل پڇي سگهجي ٿو. اهي اسان جي اصلاح ترقيءَ روشن خياليءَ جو باعث بنجي سگهن ٿا. ٿورن لفظن ۾ هيئن چئجي ته هو زنده آهن. بلڪل زنده انسان!؟ هوڏانهن جڏهن اسين نام نهاد وڏن ماڻهن ڏانهن وڃون ٿا ته ادب وچان جهڪي بيهون ٿا. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي وقت اچڻ تي پنهنجي خيالات جو پورو اظهار به ڪري نٿا سگهن؛ حالانڪ اها انسان جي بنيادي صفت آهي جنهن کان سواءِ کيس انسان ڪوٺي نٿو سگهجي. ڇو ته ان ٻيءَ صورت ۾ انسان ٻوڙن ۽ گونگن وانگر هڪ جانور آهي.

اچو ته هن ٻيءَ ڳالهه جي ڪجهه وڌيڪ وضاحت ڪريون، اسين انسان ان ڪري ڪوٺجون ٿا، ڇاڪاڻ ته اسين پنهنجا خيالات بيان ڪري سگهون ٿا، نه ته اسين حيوانن يا پِسون وانگر گونگا ۽ ٻوڙا چئباسون. ان لحاظ سان جيڪڏهن ڪا قوم ڪو معياري ڪتاب پيدا ڪري نٿي سگهي ته پوءِ اسين ان قوم کي گونگو ۽ ٻوڙو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون؛ يعني اها هڪ جانورن جي قوم آهي. اهڙيءَ طرح وري جيڪڏهن هو خداتعالى جي هن حسين ترين ڪائنات جي مشاهدي جي سگهه نٿا رکن ته اهي پنهنجو پاڻ کي انڌو ثابت ڪن ٿا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اها قوم جانورن جي هڪ اهڙي ڌڻ وانگر آهي جيڪي بينائيءَ کان محروم آهن، ته ڪنن کان گهٻرا پڻ آهن؛ بي زبان آهن، بي سمجهه آهن، ۽ انهن تي ڪنهن نظاري يا آواز وغيره جو ڪو اثر ڪونه ٿو ٿئي. هو پنهنجي طرفان ڪجهه نٿا ڪري سگهن ۽ نڪو پنهنجي راءِ ظاهر ڪري سگهن ٿا. دنيا ڀلي کڻي انهن کي ڪيڏو وڏو ماڻهو ڇو نه سمجهي. اهي بادشاهه هجن يا وزير يا حڪمران؛ انهيءَ سان ڪو فرق نٿو پوي. اهي دراصل اڃا انسانيت جي درجي تائين نه پهتا آهن. انهن جا ذهن خالي آهن، غير ترقي يافته آهن، يا ٻاراڻي سطح تي آهن. بلڪ دماغي طور تي هو مفلوج ۽ مرده آهن.

اڄ کان سوين سال اڳ (3) حافظ چيو هو؛

”سويل ئي پنهنجي روح جي زندگي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪر، ڇو ته هيءَ فاني دنيا تنهنجي مٽيءَ مان رڳو سرن ٺاهڻ جي انتظار ۾ آهي.“

حافظ جون اهي سٽون وري مون کي شيڪسپيئر (4) جي هيمليٽ منجهان هي خوبصورت سٽون ياد ڏياريون ٿيون:

”شهنشاهه قيصر مري ويو ۽ سندس هڏا به مٽي ٿي ويا، اها مٽي جيڪا هينئر شايد صرف هڪ سوراخ بند ڪرڻ جي ڪم اچي ته جيئن هوا کي روڪي سگهجي؛

”ڪاش، ڌرتي جي انهن جوڌن جي مٽي جن جو دنيا ۾ ڌاڪو هو، ايتري ميسر ٿئي ها، جو ان مان ديوار کڙي ڪري سياري جو اولو ڪري سگهجي ها!“

واقعي اسان جي مٽي ان کان وڌيڪ ڪنهن ڪم جي ناهي پر اسان سالن کان وٺي هزار نمون ۾ ان جي شيوا ڪندا رهون ٿا. حقيقي انسان ته صرف پنهنجي تخليقات ۾ ملندو. جيئن زيب النساءِ (5) چيو هو:

”جيڪڏهن توهان مون کي ڏسڻ چاهيو ٿا ته مون کي منهنجن شغرن ۾ ڳوليو.“ مولانا رومي (6) ته نهايت واضح طور تي چيو هو:

”مون کي مرڻ پڄاڻان قبر ۾ نه ڳولهجو!“

ساڳي ڳالهه ڪيتري اثرائتي نموني ۾ اسان جي جديد شاعر اصغر (7) ڪئي آهي، جڏهن هو چوي ٿو:

”اسين اصغر سان ملياسين، پر اسان هن کي ڏٺو ڪونه! اسان کي چيو ويو ته اصغر توهان کي البت ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي شعرن ۾ ملي سگهي ٿو!“

وقت اچي ويو آهي ته اسان مان ڪي ماڻهو انهن جهنگلي ماڻهن کي اهو چئي ڏين ته جڏهن لئبرري ۽ ڪتب خاني جهڙي مقدس جاءِ ۾ داخل ٿيو ته نهايت تعظيم ۽ عزت واري انداز ۾ داخل ٿيو. بلڪ اسين کين ائين ڇو نه چئون جيئن خداتعالى حضرت موسى (8) کي حڪم ڪيو هو: ”اي موسيٰ، تون پنهنجا جوتا لاهه ڇو ته هيءَ مقدس جاءِ آهي.“ ڇا لئبرري هڪ قبرستان جيتري عزت به نه لهڻي جو توهان ان جي باري ۾ ايڏيون عاميانه ڳالهيون ٿا ڪريو؟ جيڪو ماڻهو اها سوچ رکي ٿو سو هڪ لفظ به پرائي نه سگهندو، توڙي جو کڻي هزارها ڪتاب سندس آڏو کولي رکو. وڌ ۾ وڌ هو ويٺو انهن کي اٿلائيندو. قرآن پاڪ انهيءَ ڪري چيو آهي: ”لا يمسّھ الاالمطهرون“ يعني دل جي پاڪائي کانسواءِ مون کي ڪوبه نه ڇُهي.“

مطلب ته جيستائين اسان صدق دل سان ارادو نٿا ڪريون، تيستائين اسان کي ڪجهه حاصل نه ٿيندو، اسين پڙهڻ خاطر پڙهي وينداسين، پر ان جو مثال ائين آهي جيئن ڪا ٻلي ڪتاب سان راند ڪندي هجي يا جيئن ڪو گڏهه ڪتابن جو بار کڻي ويندو هجي!

تنهن ڪري اها ڳالهه سمجهي ڇڏيو ته اوهان جڏهن ڪنهن لئبرريءَ ۾ داخل ٿيو ته ائين سمجهو ته اوهان ڪنهن مقدس جاءِ ۾ داخل ٿيا آهيو؛ ڇو ته اها جڳهه عظيم ۽ مهان انسانن جو آسڻ آهي، جن کان جيڪهن فيضياب ٿيڻ چاهيو ٿا ته نهٺائي ۽ نياز جو مظاهرو ڪيو. اوهان جيڪڏهن واقعي روشنيءَ جي متلاشي آهيو ۽ فيض پرائڻ گهرو ٿا ته اهو تڏهن ملندو جڏهن اوهان جي نيت سچي هوندي جڏهن اوهان علم جي چوري ۽ ناجائز استعمال کان پرهيز ڪندا. ياد رهو اها جڳهه مئلن جي ناهي، بلڪ زنده هستين جي آهي. توهان کي انهن سان مئلن وارو سلوڪ اختيار ڪرڻ نه گهرجي، بلڪ هو ته توهان لاءِ روشنيءَ جا مينار آهن.

حوالا

 

(1)            صاحبِ ڪتاب

علامه اقبال، ڪارل مارڪس ۽ سندس تصنيف ”سرمايو ‘Das Capital’ بابت چيو هو؛

نيست پيغمبر و ليکن در بغل دارد ڪتاب

يعني هو پيغمبر ناهي پر وٽس ڪتاب آهي.

علامه صاحب اها ساڳي ڳالهه شاهه صاحب لاءِ چئي آهي ته پنهنجي رسالي جي ڪري هو به ”صاحبِ ڪتاب“ آهي.

(2) نورجهان:

 مغل شهنشاهه نورالدين جهانگير جي محبوبا ۽ پياري زال، جنهن کي جهانگير جي جيئري ئي حڪومت جي ڪمن ۾ چڱو خاصو دخل هو ۽ رائج الوقت سڪي تي سندس نالو اڪريل هوندو هو، جڏهن جهانگير جو آخري وقت ٿيو ته هِن جي مرضي هئي ته تخت جو وارث سندس ناٺي ۽ جهانگير جو پٽ شهريار ٿئي ۽ نه شهزادو شاهجهان جو حال شاهجهان جي مسند نشينيءَ کان پوءِ کيس ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. سندس مزار لاهور ۾ شاهدره ۾ آهي. نورجهان ڏانهن منسوب اهو شعر هينئن آهي.

بر مزارِ ما غريبان ني چراغي ني گلي،
ني پر پِروانه سوزد، تي سرايد بلبلي.

 

(3) حافظ لاءِ ڏسو 5-1

(4) شيڪسپيئر لاءِ ڏسو 4-12

(5) زيب النساء (1688-1635ع)

اورنگزيب عالمگير جي ڌيءُ هئي. سندس تخلص مخفي هو. سندس مڪمل ديوان موجود آهي. اورنگزيب جا جڏهن پنهنجي پٽن سان اختلاف ٿيا ته هن پنهنجي ڀاءُ اڪبر جو پاسو ورتو جنهن سان گڏ کيس سليم ڳڙهه جي قلعي ۾ قيد ڪيو ويو. آخر سن 1688ع ۾ هن وفات ڪئي. سندس وصيت موجب کيس لاهور ۾ دفن ڪيو ويو.سندس شعر جي اها سٽ هن ريت آهي.

هرکه ديدن ميل دارد در سخن بيند مرا

(6) مولانا روميءَ لاءِ ڏسو 4-2

(7) اصغر گونڊوي (1884-1936AD)

هن جا ابا ڏاڏا گورکپور مان لڏي اچي گونڊه ۾ رهيا، سندس پيءُ تفضل حسين عينڪن ٺاهڻ جو ڌنڌو ڪندو هو ۽ اصغر شروع ۾ پاڻ اهو ڪم ڪيو. پر پوءِ اهو الهه آباد هليو ويو ۽ اتي هندُستان ادبي اڪيڊمي جي ٽماهي رسالي ”هندستاني“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. سندس ڪلام جو پهريون مجموعو ”نشاط روح“ سن 1925ع ۾ ۽ ”سرورِ زندگي“ سن 1935 ۾ شايع ٿيو.

(8) حضرت موسى عليھ السلام (وفات: 1272 قبل مسيح)

حضرت موسى عه جو زمانو تيرهين صدي قبل مسيح چيو وڃي ٿو. ان وقت مصر جو حڪمران فرعون رعميس ٻيو هو، جنهن جو سن 1237 قبل مسيح ۾ خاتمو ٿيو. يهودي، عيسائي ۽ مسلمان حضرت موسى عليه السلام کي خدا جو برگزيدو پيغمبر سمجهن ٿا. بائبل جو وڏو حصو جيڪو ”عهدنامه قديم“ سڏجي ٿو. يهودين جي مذهبي ادب تي مشتمل آهي. ان جا پهريان پنج ڪتاب جن کي ‘Pentateuch’ چئجي ٿو، حضرت موسى عليه السلام ڏانهن منسوب آهن، جن کي ”تورات“ پڻ سڏجي ٿو. مشهور روايت موجب حضرت موسى عليه السلام اهي لفظ تڏهن ٻڌا جڏهن پاڻ طور سينا جبل تي خدائي حڪمن وٺڻ لاءِ ويو هو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com