ان کانسواءِ هن برطانيا جي جهنگلي گلن ۽ انهن جي
اور بابت پڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا. اهڙيءَ طرح هن
1887ع ۾
(Pleasurs of life Massage, Totemism and
Religion)
لکيا.
(18) حضرت سليمان عليھ السلام (اٽڪل
933-970 قبل مسيح)
بني اسرائيل جي پيغمر حضرت دائود جو پٽ جيڪو اڳتي
هلي پاڻ بني اسرائيل جي عظيم الشان بادشاهت جو
مالڪ ٿيو. يهودين جي روايت مطابق هن يروشلم يا بيت
المقدس ۾ هيڪل سليماني تعمير ڪرايو.
قرآن شريف ۾ پڻ کيس وڏي مان مرتبي وارو بادشاهه
ڏيکاريو ويو آهي، جنهن جي تمام وڏي بادشاهت هئي،
جن ۽ انسان سندس مطيع هئا. قرآن شريف ۾ هڪ جن هٿان
پنهنجي جڳهه تان ويهي اٿڻ کان اڳ يعني تمام ٿوري
دير اندر بيبي بلقيس جي تخت کڻائي اچڻ کان سواءِ
ساهوارن خاص ڪري ماڪوڙين جي ٻولين ڄاڻڻ جو ذڪر پڻ
ٿيل آهي.
(19) مارلو، ڪرسٽوفر
(Cristopher Marlow, 1564-1592)
مارلو هڪ معمولي خاندان جو فرد هو. هو ٽيويهن سالن
جي عمر ۾ ڪئمبرج مان تعليم پوري ڪري لنڊن هليو آيو
هو. هڪ مڪمل آزاد منش انسان هو ۽ ڪنهن به قسم جي
پابنديءَ کي پسند نه ڪندو هو. 29 سالن جي عمر ۾ هو
نشي جي حالت ۾ هڪ شراب خاني اندر جهيڙو ڪندي مارجي
ويو.
مارلو جي ڊرامن ۾ ڊاڪٽر فاسٽس
(The Tragic History of Doctor Faustus)
کي هڪ شاهڪار تسليم ڪيو ويو آهي، جيڪو 1601ع ۾
شايع ٿيو. ان ڊرامي ۾ هو جرمنيءَ جي عالم ڊاڪٽر
فاسٽس کي هيرو بنائي پيش ڪري ٿو، جيڪو وڏي عالم
هئڻ جي باوجود شيطان کان جادوگري سکي ٿو ۽ ان جي
بدلي شيطان کي پنهنجو روح حوالي ڪري ٿو. فاسٽس ان
روپ ۾ يوناني حسينا هيلن جي روح کي گُهرائي ٿو ۽
ان جي حسن جي تعريف ۾ هڪ زبردست غنائيه نظم تخليق
ڪري ٿو. انهيءَ مرحلي تي معاهدي مطابق فاسٽس کي
پنهنجو روح شيطان جي حوالي ڪرڻو پوي ٿو، هڪ هنڌ
ڊرامي ۾ زبردست ڪشمڪش جا منظر ڏيکاريا ويا آهن.
مارلو جيتوڻيڪ پاڻ دين جو منڪر هو، پر ڊرامي جي
آخري منظر ۾ ڪفر ۽ ايمان جي وچ ۾ جيڪا ڪشمڪش
ڏيکاري وئي آهي، اها ان دؤر جي ڊراما نگاريءَ جو
ڪمال آهي.
مارلو نشاة الثانيه
(Ranaissance)
جي ٻين اديبن وانگر ان دؤر جي هڪ علامت آهي ۽ مٿس
انهن نظرين جو اثر آهي. شيڪسپيئر کان اڳ هجڻ جي
حيثيت ۾ کيس وڏي اهميت حاصل آهي. کيس تاريخي ڊراما
نگاريءَ جو بنياد وجهندڙ پڻ سمجهيو وڃي ٿو.
(20) يورپيڊس
(Euripides, 480-406Bc)
يونان جو هيءُ عظيم ڊراما نويس پنهنجن حزينه
(Tragedy)
ڊرامن جي ڪري مشهور آهي. هن اٽڪل 80 ڊراما لکيا جن
مان 18 محفوظ آهن، افيجينا انهن مان خاص ڪري مشهور
آهي.
(21) گرجيف
(Gurdjiff)
روسي نسل جو صوفي ۽ دانشور جنهن 1930ع ۾ پيرس جي
ويجهو پنهنجي فڪري تحريڪ شروع ڪئي. جلد ئي ڪيترا
اديب ۽ عالم سندس حلقي ۾ داخل ٿيا، هن پنهنجي
نظرين کي نهايت عجيب و غريب نموني ۾ بيان ڪيو آهي،
جيڪي سندس فلسفيانه ناول
All and every thing
۾ شامل آهن.
(22) وليم جيمس
(William James 1842-1910)
هو اصل ۾ نفسيات جو عالم هو؛ پر فلسفي جي دنيا ۾
هو ”انقلابي تجربيت“ ۽ عمليت
(Pragmatism)
جي نظرين سبب مشهور آهي. هن پنهنجو جڳ مشهور ڪتاب
(Varieties of Religious Experience)
سنه 1890ع ۾ لکيو، جنهن کانپوءِ هو آمريڪي فلسفي
جي هڪ معتبر هستي سمجهيو وڃي ٿو.
جيمس مذهبي طور تي پروٽيسٽنٽ فرقي مان هو ”عمليت
پسندي ۽ مذهب“ تي بحث ڪندي چوي ٿو: ”اسين اهڙي
ڪنهن به مفروضي کي رد نٿا ڪري سگهون، جيڪو زندگيءَ
لاءِ مفيد ثابت ٿيو آهي. ان ڪري هو چوي ٿو ته
جيڪڏهن ڪنهن مفروضي جا بهتر نتيجا نڪرن ٿا ته پوءِ
اهو واقعي سچ آهي. ڪائنات بابت مختلف نظرين جي
وضاحت ڪندي هو چوي ٿو ته ان جو بنيادي سبب اسان جو
سڀاءُ آهي. مثلاً: نرم دل فيلسوف هميشه تصّوريت
پسند
(Idealist)
ٿين ٿا ۽ سخت دل ماديت پرست
(Materialist)
هوندا آهن. هن جو خيال آهي ته فلسفو اهڙن سوالن جو
اجتماعي نالو آهي، جنهن جا جواب، پڇندڙن کي پوريءَ
ريت مطمئن نٿا ڪن. ان ڪري جڏهن اهڙا جواب ملي
ويندا ته اهي خاص قسم جي سائنس ڪري سمجهيا ويندا.
(23) ارسطو:
ارسطو جي لاءِ ڏسو تقرير نمبر 2 جو فوٽ نوٽ نمبر 4
(24) اسڪائيلس
(Aeschyles, 524-456Bc)
هن کي يوناني ٻوليءَ ۾ حزينه ڊرامي
(Tragedy)
جو باني چيو وڃي ٿو. هن ڪيترا ڊرامي لکيا، ليڪن
انهن مان رڳو ست ڊراما محفوظ رهيا آهن، جن ۾ وري
“Promethus Bound”
خاص ڪري قابل ذڪر آهن.
(25) ڪاليداس
سنسڪرت زبان جو مهان ڪوي ۽ ناٽڪ نويس ڪاليداس اٽڪل
چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ٿي گذريو. هو راجا چندر گپت
ٻئي جي دربار سان پڻ وابسته رهيو، جنهن سندس ڏاڍي
عزت ڪئي. هو گهڻو وقت اُجين ۾ رهيو جيڪو ان وقت
علم و ادب جو مرڪز هو. شاعريءَ ۾ سندس ”سنڀو
ڪمار“، ”ميگهه دوت“ ”اگهو ونشي“ ۽ ”نل دمينتي“
مشهور آهن ته ناٽڪ جي صنف ۾ شڪنتلا سڀ کان زياده
مشهور آهي.
ڪاليداس جي تخليق جا دنيا جي گهڻين زبانن ۾ ترجما
ٿي چڪا آهن. ”نل دمن“ کي ملا فيضي پهريون ڀيرو
فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو، سنڌيءَ ۾ ان جو ترجمو ڏيارام
گدومل ڪيو، جنهن مان مدد وٺي مرحوم رشيد احمد
لاشاريءَ ان قصي کي سنڌي مثنويءَ ۾ منظوم ڪيو،
جيڪو سنڌي ادبي بورڊ سنه 1955ع ۾ شايع ڪيو. ان کان
سواءِ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شڪنتلا جو سنڌي ترجمو
پڻ 1958 ۾ شايع ٿيو آهي.
(26) موزارٽ
(Mozart, Wolfgang Amadeus 1756-1791)
هو آسٽريليا جو رهاڪو هو. موسيقي سندس فطرت ۾
وديعت ٿيل هئي، سندس تخليقات جو تعداد 626 چيو وڃي
ٿو. اٽليءَ جي مشهور موسيقار روزني کيس دنيا جو واحد موسيقار تسليم ڪيو ويو آهي! موسيقيءَ جي
تاريخ ۾ سندس هيٺيون ٽي اوپرائون
(Operas)
عظيم شاهڪار آهن:
(1) Massage of Fiagro 1786.
(2) Don Giovanni 1787.
(3) The Magic Flute 1791.
هن مدي جي بخار ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ اوچتو ننڍي
ڄمار ۾ يعني 35 ورهين ۾ لاڏاڻو ڪيو.
(27) حافظ شيرازي:
ڏسو تقرير نمبر 5 فوٽ نوٽ نمبر 1.
(28) بريڊ لي
(1851-1935AD)
انگريز نقاد جيڪو شيڪسپيئر تي پنهنجين منفرد
تنقيدن جي ڪري مشهور آهي، هو پنهنجي تنقيدي نظرين
۾ نفسياتي نطقئه نظر کي گهڻو اڀاري ٿو. هن خاص ڪري
شيڪسپيئر جي الميه ناٽڪن
(Tregedis)
جي ڪردارن جو دقيق نفسياتي مطالعو ڪيو آهي. سندس
تصنيفات ۾ ”آڪسفورڊ ليڪچرس آنِ پوئٽري 1909ع“
نهايت مشهور آهن.
(29) برائوننگ رابرٽر
(Robert Browning 1812)
انگريزي ادب ۾ براؤننگ پنهنجي مشڪل پسنديءَ ڪري
مشهور آهي. هن شادي به هڪ انگريز شاعره ايلزبيٿ
باريٽ سان ڪئي. ايڪويهن سالن جي عمر ۾ هن جا نظم
ڇپجڻ لڳا. هن جا موضوع نهايت متنوّع آهن. مجموعي
طور سندس شعاري نفسياتي تحليل ۾ اخلاقي تنقيد جي
آئينه دار آهي، سندس طويل ترين نظم” The Ring and Book“
نهايت عجيب و غريب نظم آهي.
براؤننگ جي شاعري سائنس جي دؤر جي بهترين آئينه
دار آهي ۽ رومانيت جي انتها تي پڻ پهتل محسوس ٿئي
ٿي. هن هڪ طرف سائنس ۽ شاعري کي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي ته ٻئي طرف فلسفي ۽ شاعري کي هم آهنگ ڪرڻ
گهريو آهي. فني جدت جيڪا رومانوي شاعرن جي خصوصيت
چئي وڃي ٿي، اها وٽس بلڪل هڪ نئين فن جي روپ ۾
ظاهر ٿئي ٿي.
(30) بيٿوون
(Ludwig Van Beethoven1770-1827)
جرمني جو هي مايه ناز موسيقار بون شهر ۾ ڄائو.
ننڍپڻ کان وٺي سندس پيءُ ڪوشش ڪئي ته هن جو پٽ
وڏو موسيقار ٿئي. دراصل هو پاڻ به فن موسيقيءَ سان
وابسته هو. يارهن سالن جي عمر ۾ هن هالينڊ جي هڪ
شهر ۾ پنهنجي فن جو پهريون مظاهرو ڪيو. ان کان
پوءِ جلد ئي سندس بون جي هڪ ڪليسا
(Chapal)
۾ سندس تقرر ٿيو هو جڏهن تيرهن سالن جو ٿيو ته کيس
وقت جي عظيم موسيقار موزارٽ جي صحبت نصيب ٿي، جنهن
سندس قدرداني ڪئي.
سترهن سالن جي عمر ۾ هو ويانا ۾ وڃي رهيو ۽
زندگيءَ جا باقي ڏهاڙا اتي پورا ڪيائين، جيتوڻيڪ
کيس هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڪين ايندو هو ۽ عادتون به عجيب
هئس، پر جمهوريت جو دلداو هو. هن پنهنجي
(Eroica Symphany)
جو انتساب پهريائين نيپولين ڏانهن ڪيو هو مگر جڏهن
نيپولين جمهوريت کي ترڪ ڪري بادشاهي تاج مٿي تي
رکيو، تڏهن هن پنهنجي انتساب کي ڦاڙي ڦٽو ڪيو.
پهريائين 1798ع ۾ هو ڪنن کان گهٻرو ۽ پوءِ 1814ع ۾
پوري طرح ٻوڙو ٿي پيو، ان هوندي به هن پنهنجي اٺين
سمفوني مرتب ڪئي. فني لحاظ کان هو موزارٽ جي
سادگيءَ ۽ ويگنر جي پيچيدگيءَ واري سلسلي جي وچ
واري ڪڙي آهي.
(31) رچرڊ ويگنر:
(Richard Wagner 1813-1883)
هو جرمنيءَ جي شهر لپزگ ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان ٿيٽر جو
شوقين هو. موسيقيءَ سان ڏاڍو چاهه هئس. چوڏهن سالن
جي عمر ۾ هن ان جو عملي مظاهرو ڪيو. ٽن سالن کان
پوءِ يعني 1830ع ۾ هن باقاعدي هڪ موسيقار جي حيثيت
۾ ورز برگ ۾ نوڪري شروع ڪئي. 1836ع ۾ هن هڪ
اداڪاره سان شادي ڪئي، جيڪا اڳتي هلي ڪامياب نه
ٿي.
هن جو فن جدت سان ڀرپور هو هر لحاظ کان نئون نڪور
هو. جنهنڪري ڪيترا ماڻهو سندس مخالف ٿي پيا. سن
1848ع ۾ کيس ملڪ نيڪالي ڏني وئي ۽ مٿس اهو الزام
لڳايو ويو ته هن انقلاب ۾ حصو ورتو هو. جرمنيءَ جو
مشهور فيلسوف نٽشي، جنهن جو ذڪر هن ڪتاب جي پهرين
مضمون ۾ ٿيل آهي، سندس زبردست مداح هو. ويگنر
ڪيترائي اوپيرا تخليق ڪيا، پر هن جڏهن پيرس ۾
(Tannhanser)
نالي اوپيرا پيش ڪيو ته هن کي زبردست مشهوري ملي.
آخرڪار انهيءَ مشهوريءَ جي ڪري پنهنجي ملڪ جرمنيءَ
۾ پڻ وڏو مال مليو، جنهن جي ڪري هو جلد ئي وطن
واپس موٽي آيو.
(32) ٿامپسن
(Francis Thompson 1859-1907)
هو ڪئٿولڪ فرقي سان تعلق رکندڙ هو. سندس مشهور
تخليق
(The Hound of Heavan) آهي جنهن جي پڙهڻ سان انگريزيءَ
جي ٻئي مشهور مذهبي شاعر
(Richard Crashaw)
جي ياد اچي ٿي، سندس شاعريءَ ۾ صوفي نظرين جو
پرچار صاف جهلڪي ٿو. سندس هڪ شعر جي سٽ آهي.
“O World invisible, We view thee.”
مٿئين نظم
(The Hound of Heaven) ۾ هو انسان کي خدا جو محبوب قرار ڏئي ٿو. هو ڏيکاري ٿو ته
انسان خدا جي محبت جو اقرار ڪرڻ جي بدران دنياوي
محبت ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو، پر آخرڪار خدا جي محبت
مٿس غالب اچي ٿي ۽ هو ان جو اقرار ڪري ٿو.
(33) ڀوري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾
(The
Brown girl in Her Search for God)
هن ڪتاب جو پس منظر اهو آهي ته 1932ع ۾ انگريزي
ادب جي مشهور شخصيت جارج برنارڊشا جو ڪتاب
(Adventures of the black Girl in Her Search for
God
لنڊن ۾ شايع ٿيو. برنارڊشا جي قابليت ۽ قدآور
شخصيت سبب هن ڪتاب ڇپجڻ سان وڏي ڌوم مچي وئي. هن
ڪتاب ۾ برنارڊشا انسان جي اوسر ۾ مذهب جي ڪردار تي
سخت تنقيد ڪئي ۽ آخر ۾ اهو نتيجو قائم ڪيو هئائين
ته مذهب انساني زندگيءَ ۾ ڪنهن بامعنى ڪردار ادا
ڪرڻ کان عاري آهي.
علامه صاحب ۽ سندس گهر واري جيڪي ان زماني ۾ لنڊن
۾ هئا، تن ان ڪتاب جو نهايت سنجيدگيءَ سان مطالعو
ڪيو ۽ پنهنجي نقطئه نظر ۾ هڪ ناول
(Adventures of the Brown Girl in Her Search for God) ۾ آندو جيڪو سال 1933 ۾ لنڊن ۾ شايع ٿيو. هنن پنهنجي ان
ڪاوش کي برنارڊشا جي ڪتاب جو ساٿي
(Campanion)
ڪوٺيو. هن ڪتاب ۾ هنن دنيا جي سڀني مک مذهبن جي
بانين ۽ انساني تاريخ جي چونڊ دانشورن جي فڪر جي
حوالي سان اهو واضح ڪيو ته انساني زندگيءَ جي اوسر
۾ مذهب جو ڪيڏو نه مثبت ۽ اٽل ڪردار آهي. اهڙي طرح
هن ڪتاب ۾ مذهب ۽ فلسفي ۽ تاريخ تي انساني اوسر جي
حوالي سان نهايت مدلل ۽ بصيرت افروز بحث ٿيل آهي.
اهو ڪتاب سال 1968ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پڻ ڇاپيو ۽
تازو ان جو سنڌي ترجمو پڻ شايع ڪيو اٿس.
(34) نشاة الثانيه
(Renaissance)
نئين سجاڳي يا فڪري احيا جي تحريڪ چوڏهين صدي
عيسويءَ کان وٺي شروع ٿئي ٿي ۽ اٽڪل سورهين صديءَ
تائين هلي ٿي. نشاة الثانيه مان مراد دراصل اهو
فڪري لاڙو آهي، جيڪو يورپ وارن کي اونداهي دؤر
(Dark Ages)
مان ڪڍي نئين روشنيءَ ۾ وٺي آيو. ان عرصي ۾ ڇا ڇا
نه ٿيو. ڇاپخانن جي ايجاد، آمريڪا جي دريافت،
مذهبي اصلاح جي عظيم تحريڪ يعني پروٽيسٽنزم، ادب ۽
آرٽ جا نوان قدر ۽ نظريا، ڪليسا ۽ پاپائيت جو
زوال، معيشت جو تجارتي بنيادن ڏانهن وڌڻ مطلب ته
يورپ جو انسان واقعي نئين سر ڄاپي رهيو هو.
هاڻي سوال آهي ته انهيءَ ايڏي ساري عمل جو وڏي ۾
وڏو محرڪ ڪهڙو هو؟ يورپ وارن جو هڪڙو نطقئه نظر
اهو آهي ته ان جو مرڪز اٽلي ٿو ۽ اهو سڄو عمل اڳي
پوءِ يوناني ڪلاسڪ اثرات جو نتيجو هو، ٻيو نقطئه
نظر هيءُ آهي ته ان عظيم عمل جي پويان اصل محرڪ
اسلام آهي ۽ اهو ئي علامه صاحب جو نظريو آهي.
علامه آءِ. آءِ . قاضي جي گهر واري مسز ايلسا قاضي
انگريزي ۾ ناول جو انداز ۾ هڪ ڪتاب
(Civilization through the Ages)
لکيو آهي، جنهن ۾ هن نهايت ڪاميابيءَ سان اهو
ڏيکاريو آهي ته يورپ ۾ نشاة الثانيه ۾ اسلامي
تهذيب جو ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت عمل دخل ٿيو. هن انهن
ماڳن ۽ مڪانن، شخصيت ۽ ڪتابن جا حوالا نهايت تفصيل
سان ڏنا آهن، جن جي ڪري اهو سڄو سارو عمل واقع
ٿيندو رهيو. هن انهن ذريعن ۽ واسطن جا حوالا ڏنا
آهن، جن جي ڪري اسلام جي فڪري قوت يورپ ۾ احيا ۾
پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. مطلب ته ان ڪتاب جو خلاصو
هيءُ آهي، ته اسلامي اثرات کان سواءِ يورپ جي نشاة
الثانيه ناممڪن هئي. اهو ڪتاب پهريون ڀيرو سن
1956ع ۾ ڇپيو هو ۽ تازو انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي
ٻيهر ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
(35) تحريڪ اصلاح
(Reformation)
اها اصل ۾ مذهبي اصلاح جي تحريڪ هئي، جنهن جي
شروعات مارٽن ليوٿر (1546ع-1438ع) پهريائين
جرمنيءَ کان ڪئي. اسان ليوئر جي تفصيلي احوال ۾
لکيو آهي ته هن جو مقصد عيسائيت جي عقيدن جي اصلاح
هئي، جنهن ۾ هو ڪامياب پڻ ويو. پر کانئس پوءِ
عيسائيت ٻن وڏن فرقن پروٽيسٽنٽ ۽ رومن ڪئٿولڪ فرقن
۾ ورهائجي وئي.
فڪري لحاظ کان عيسائين جي تاريخ ۾ اهو هڪ وڏو
انقلاب هو. ڪليسا جنهن کي هڪ عيسائي زندگيءَ تي
پورو اختيار هو ان جو اثر گهڻو گهٽجي ويو، اهو
عقيدو جنهن موجب روحن جي ڇوٽڪاري جو مدار پادريءَ
جي سفارش تي هو ۽ جنهن لاءِ پادري باقاعدي معافي
ناما
(Indulgences)
لکي وڪڻندڙ هئا. اهو پروٽيسٽنزم جو بنياد بڻيو
يعني انسان جي ڇوٽڪاري جو مدار ان جي ايمان ۽ عمل
کي چيو ويو. هن کان اڳ بائبل مقدس کي صرف پادري
پڙهندا هئا، پر ليوٿران کي جرمنيءَ ۾ ترجمو ڪيو،
مطلب اهو هو ته جيئن هر ماڻهو بائبل کي پڙهي سگهي.
مختلف ماڻهن جي بائبل تائين رسائي ٿي ته هنن جا
ذهن کليا ۽ هنن پاڻ کي آزاد محسوس ڪيو. ايتري قدر
جو سورهين صديءَ ۾ ئي عيسائين اندر ڪل فرقن جو
تعداد 180 تي وڃي بيٺو. بهرحال پاپائيت جي اثر
گهٽجڻ کان پوءِ هڪ طرف جديد قومي رياست جو وجود
ممڪن ٿي سگهيو. ٻئي طرف جمهوري سوچ وڌڻ ويجهڻ لڳي.
(36) رامانج
(Remanaj 1016-1137AD)
رامانج مدارس جي ڀرسان ترو پاٺي ڳوٺ ۾ جنم ورتو،
هن جو پيءُ دراودئي برهمڻ هو. هن سنڪارا (نائين
صدي) جي پوئلڳن کان باقاعدي تعليم حاصل ڪئي، پر
پوءِ انهن سان ئي اختلاف ڪيائين. اڳتي هلي هن
اپنشدن ۽ گيتا جي نئين انداز سان تشريح ڪري پنهنجي
فڪري مڪتب جو بنياد رکيو.
هن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو سير و سفر ۾ گذاريو
۽ ڪافي وقت سنياس ۾ رهيو. هن شنڪر آچاريه جي فلسفه
ادَويت
(Monism)
جي اصلاح ڪئي ۽ خدا جي تصور کي واضح ڪيو.
شنڪر آچاريه وٽ خدا غير ذاتي آهي ۽ رامانج وٽ
ذاتي. اهڙي طرح هن وٽ خدا جو تصور نهايت ارتقا
يافته معلوم ٿئي ٿو. ساڳيءَ ريت هن وٽ روح جو به
واضح تصور موجود آهي ۽ هو ان کي خدائي منظر يا ان
جي هڪ وصف قرار ڏئي ٿو.
خدا تائين پهچ يا خداتعالى کي حاصل ڪرڻ جو طريقو
هو ڀڳتيءَ کي چوي ٿو، سندس فڪر جو ترقي پسند پهلو
اهو آهي ته هو شودرن کي پڻ پوڄا پاٽ جا هڪجهڙا حق
ڏيڻ گهري ٿو. ڊاڪٽر تارا چند پنهنجي ”ڪتاب هندو
تهذيب تي اسلام جو اثر“ ۾ اها ڳالهه قبول ڪئي آهي،
ته اتر هندستان ۾ مسلمانن جي اوائلي آبادڪاريءَ
سبب مذهبي اصلاح جون سڀ تحريڪون اتي پيدا ٿيون.
پندرهين صدي ۽ ان کان پوءِ وري اهو فڪر ڏکڻ
هندستان ڏانهن پکڙجڻ لڳو، جنهن جو مکيه ذريعو
رامانج جو هڪ پوئلڳ رامانند
(1400-1470AD)
هو. ڊاڪٽر رڌا ڪرشن پڻ پنهنجي ڪتاب
(Hindu View of life) ۾ نهايت وضاحت سان چوي ٿو ته رامانج جي نظرين جو فڪري
محرڪ اسلام هو.
(37) ڪبير
(Kabir 1398-1518)
ڪبير بنارس جي نبيرو نالي مسلمان ڪوريءَ جو پٽ هو.
ڪن جو چوڻ آهي ته هو هڪ هندو وڌا جو پٽ هو، جنهن
کيس ڄڻڻ کان پوءِ بنارس ۾ پاڻي جي هڪ تلاءَ وٽ
ڇڏي ڏنو، جتان کيس ان ڪوريءَ کڻي وڃي پاليو ۽
نپايو. اهڙيءَ طرح ڪبير جي ڄم جي تاريخ به پوري
ريت معلوم نه ٿي سگهي آهي. ڪن جي چوڻ مطابق هو
1425ع ۾ ڄائو، جنهن مطابق سندس عمر 93 سال ٿئي ٿي.
چيو وڃي ٿو ته ڪبير شروع کان ئي گنگا جي گهاٽ تي
ويهي راتيون جاڳندو هو ۽ مجاهدا ڪندو هو. ائين
ڪندي کيس هڪ رات ننڊ کڻي ويئي. اوچتو ان وقت سامي
رامانند (1470ع-1400ع) جنهن کي رام ڀڳتي تحريڪ جو
باني چيو وڃي ٿو، اتان لنگهيو، سندس پير جو ٿڏو جو
ڪبير کي لڳو ته هو جاڳي پيو ۽ ان ڳالهه کان متاثر
ٿي ڪبير سندس معتقد ۽ مريد ٿي پيو. هڪ ٻي روايت
موجب ڪبير هڪ مسلمان صوفي تقيءَ کان به فيض حاصل
ڪيو هو. هن زندگيءَ جو گهڻو حصو سير سفر ۾ به
گذاريو پر آخرڪار موٽي اچي بنارس ۾ رهيو.
ڪبير هندي زبان ۾ نهايت اعلى شاعري ڪئي آهي ۽ کيس
هندي زبان جو پهريون ۽ وڏي ۾ وڏو شاعر تسليم ڪيو
وڃي ٿو. ڊاڪٽر تارا چند لکي ٿو ته ڪبير جي شاعري
جيتوڻيڪ هندي ڀاشا ۾ آهي پر ان تي اثر فارسي
شاعريءَ جو گهڻو آهي. سندس شاعريءَ جا ڪي عنوان
فريدالدين عطار جي پندنامه سان ملندڙ جلندڙ آهن.
ان کان پوءِ مٿس مولانا روميءَ ۽ سعديءَ جي
شاعريءَ جو به اثر آهي.
ڪبير رام ڀڳتي تحريڪ ني نظريه ۾ وڌيڪ اصلاح ڪئي ۽
ان کي توحيد سان هم آهنگ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي. هن
جو چوڻ هو ته رام جيڪو راجا دسرٿ جو پٽ هو، تنهن
جي پوڄا ڪرڻ اجائي آهي. اصل پوڄا انهيءَ هڪڙي رام
جي جڳائي مطلب ته ڪبير وٽ وحدانيت جو تصور گهڻو
صاف ۽ واضح نظر اچي ٿو، سندس هڪ دوهو آهي:
ڪهه ڪبير جن ايڪو پوجهئا،
گور پرساد مئي، سڀ ڪجهه سوجهئا.
(چؤ ڪبير ته هن هڪڙي کي ڄاتو ۽ سمجهو گرؤ جي ديا
سان مون کي سڀڪنهن ڳالهه جي سمجهه ملي آهي.)
هڪ ٻئي دوهي ۾ چوي ٿو:
ڪبير الهه ڪي ڪر بندگي، جهه سمرت دُڪ
جاءِ،
دل مهين سائين پر گهٽي، ٻجهي ٻلنتي ناءِ.
(ڪبير بندگي ڪر الله جي جنهن کي سنڀرڻ سان دک درد
دور ٿيو وڃن سائين ته دل منجهان ئي پر گهٽ يعني
ظاهر ٿيندو ۽ (تنهنجي دل ۾) ٻرندڙ باهه وسامي
ويندي.)
ڪبير ذات جي هر تفريق جي خلاف هو. هن پيار ۽ محبت
جو درس ڏنو. هن وٽ مذهب جو اصل روح ڀڳتي آهي. هن
هندومت توڙي اسلام ٻنهي جي اصل صداقت تي زور ڀريو.
ڊاڪٽر بلوچ جي چوڻ موجب سندس زبان جي اوائلي
ڪلاسيڪي شاعرن خاص ڪري قاضي قادن، شاهه ڪريم جي
دوهن ۾ ڪبير جو اثر نمايان آهي. بلڪ اهو اثر شاهه
لطيف جي ڪلام تائين پڻ نظر اچي ٿو. جنهن جو ثبوت
رسالي ۾ آيل هندي بيت آهن. سنڌيءَ ۾ ڪبير جي
شاعريءَ تي ورهاڱي کان اڳ ڪافي ڪم ٿيو. هن سلسلي
۾ ڪبير صاحب جن جا سلوڪ، ارٿ ڪيل جيئو مل لوڪ
سنگهه لال واڻي جا گورسنگ حيدرآباد 1924ع ۾ ڇپيل
خاص ڪري قابل ذڪر آهن.
(38) نانڪ، گرو
(Gru Nanak 1469-1538AD)
گرو نانڪ موضع تلونڊي شيخوپوره جي ڀرسان مهتا
ڪلوچند جي گهر پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم هندي ۽
فارسيءَ ۾ حاصل ڪيائين. ڪجهه عرصي لاءِ نواب دولت
لوڌي جي جاگير تي نوڪري ڪيائين. ارڙهن سالن جي عمر
۾ شادي ڪيائين. ٻه پٽ ٿيس ٽيهن سالن جي عمر ۾ کيس
ويراڳ لڳو ۽ فقير بنجي سير سفر لاءِ نڪري پيو.
ڪيترن جوڳين ۽ صوفي فقيرن سان صبحتون ۽ رس رهاڻيون
ڪيائين. خاص ڪري بابا فريد گنج شڪر جي درگاهه تي
پاڪ پتن ۾ آيو ۽ گادي نشين شيخ ابراهيم کان گهڻو
ڪجهه پرايائين ايتري قدر جو گرو گرنٽ جنهن کي گرو
ارجن ديو سن 1605ع ۾ مرتب ڪيو، ان ۾ شيخ فريد جي
نالي 112 سلوڪ ڏنل آهن. خليق احمد نظامي جنهن بابا
فريد جي سوانح ۽ فڪر تي ڪافي ڪم ڪيو آهي، ان جو
خيال آهي ته اهي، سلوڪ بابا فريد جا نه بلڪ شيخ
ابراهيم جا آهن، جنهن سان گرونانڪ جون ڪافي صحبتون
رهيون.
ڊاڪٽر تارا چند جي لکڻ موجب گرو نانڪ هندومت جي
مقابلي ۾ اسلامي تعليمات کان زياده متاثر هو. هو
خدا جي وحدانيت جو اقرار ڪري ٿو ۽ ذات پات جي فرق
۾ ويساهه ڪونه ٿو رکي. هو وڌيڪ ائين به چوي ٿو ته
گرو نانڪ کي هندن جي مذهبي ڪتابن ويدن ۽ پراڻن جي
تمام گهٽ بلڪ نه جي برابر ڄاڻ هئي.
جيتوڻيڪ گرو نانڪ کي سک مذهب جو باني سمجهيو وڃي
ٿو پر حقيقت اها آهي ته سندس نظرين کي هڪ مذهب جي
صورت ۾ منظم ڪري هلائڻ ۽ ان ۾ مخصوص ريتن رسمن جو
اضافو، گهڻو پوءِ جي ڳالهه آهي.
(39) تلسيداس
(Tulsidas 1532-1623AD)
ڊاڪٽر تارا چند پنهنجي ڪتاب ”هندستاني تهذيب تي
اسلام جو اثر“ ۾ لکي ٿو ته، وچئين دؤر جي هندستان
(Medieval India) ۾ جيڪي ٻه وڏيون شخصيتون پيدا ٿيون اهي آهن: ڀڳت ڪبير ۽
تلسيداس، جيڪي وري رامانند جي ڀڳتي تحريڪ جي
پيداوار هئا جنهن جو باني مباني رامانج هو. ڪبير ۽
تلسيداس جي فڪر ۾ بنيادي فرق هيءُ آهي ته ڪبير رام
جي نالي ۾ هڪ خدا جي عبادت جو سبق ڏي ٿو، جڏهن ته
تلسيداس رام پٽ دسرٿ کي خدا جو اڪيلو اوتار سمجهي
پوڄا ڪري ٿو.
بهرحال تلسيداس هندي ٻوليءَ جو هڪ تمام وڏو شاعر
آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڏاڍو سوز و گداز آهي جنهن کان
ڪوبه انسان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي.
تلسيداس اڪبر جي رتن مرزا عبدالرحيم خان خانان جي
تمام قريب هو، جيڪو پاڻ هندي زبان جو اعلى شاعر
هو. ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ آهي ته شاهه لطيف جي دؤر
تائين تلسيداس جي شاعريءَ کي سنڌ ۾ چڱي خاصي
مقبوليت هئي ۽ ان جو سبب خان خانان جا سنڌ سان
تعلقات چئي سگهجن ٿا.
تلسيداس جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو هندن جي ڌرمي ڪتاب
رامائڻ کي ٻيهر نظم جو ويس ڍڪائڻ آهي. جيتوڻيڪ
کانئس گهڻو گهڻو اڳ والميڪي رامائڻ کي اٽڪل
330-500 قبل مسيح ڌاري نظم جو روپ ڏئي چڪو هو.
تلسيداس پنهنجي مخصوص فڪر کي رامائڻ جي ذريعي پيش
ڪيو.
(40) باخ
(Bach 1685-1750)
جرمنيءَ جي هن شخص کي موسيقي، خاندان مان ورثي ۾
ملي هئي؛ يعني هو ست پيڙهائتو موسيقار هو. پندرهن
سالن جي عمر ۾ هو لپزگ جي اسڪول ۾ پڙهڻ ويو، جتي
هن موسيقيءَ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ کان علاوه پنهنجي
روزگار جو وسيلو به ڳولي لڌو. اتي هن ڪيترن سازن
وڄائڻ جي مهارت حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ هن ٻين
ڪيترن هنڌن تي پڻ نوڪري ڪئي. پر هن لپزگ ۾وڏو نالو
ڪڍيو.
هو پاڻ سخت مذهبي ماڻهو هو ۽ موسيقيءَ کي عبادت جو
ذريعو ڪري سمجهندو هو. هن ٻه شاديون ڪيون جن مان
ڪُل ويهه ٻار ٿيس 1747 ۾ فريڊرڪ ٻئي جيڪو پاڻ علوم
و فنون جو دلدادو هو، تنهن کيس پنهنجي دربار ۾
گهرايو. بادشاهه سندس وڏي عزت ڪئي ۽ پاڻ وٽ رکيل
پيانو وڄائڻ جي فرمائش ڪيائين. اٽڪل ٻن سالن کان
پوءِ سندس نظر بلڪل ختم ٿي وئي. آخر 18 جولاءِ
1750ع تي لپزگ شهر ۾ وفات ڪيائين.
(41) رومي: ڏسو مضمون 4 فوٽ نوٽ نمبر 3.
|