اهو ئي سبب آهي جو مون ڪيئي سال اڳ اقبال جي
شاعريءَ
کي ”نظريات جو عجائب گهر“ (18) ڪوٺيو هو.
هو ان دؤر جي هر نظريي کي پنهنجي فن لاءِ تحرڪ جو
باعث سمجهي ٿو ۽ ان جو
جائزو وٺي ٿو. هو انهن نظرين ۾ ڪشش محسوس ڪري ٿو ۽
اهي کيس ردِ عمل لاءِ اڀارڻ جو سبب پڻ بنجن ٿا. هو
نٽشي (19) جهڙي فيلسوف کي پڙهي ٿو ۽ ڪجهه وقت لاءِ
هن جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو، ڇو ته هن ان تي ڌيان
ڏنو، بلڪ هو ان حد تائين وڃي ٿو جو سندس اصطلاح به
استعمال ڪري ٿو. ان ڪري هو پرامن ماڻهوءَ کي رڍ
يعني گوسفند ڪوٺي ٿو. ٻي جڳهه تي وري هو گوئٽي کان
گهڻو متاثر نظر اچي ٿو. خاص ڪري گوئٽي جو اهو تصور
جنهن کي ”جنون“ يا ”آسيب زدگي“ سمجهندو هو. اقبال
جو ”شڪوه“ يا ”هيٺيون شعر ڏسو:
ما از خدائي گم شده ايم، او بجستجو ست،
چون ما نيازمند گرفتار آرزو ست.
[اسين خدا کان گم ٿي ويل آهيون ۽ هو اسان جي ڳولا
۾ آهي. اسان جهڙو نيازمند وري خواهشن جي چڪر ۾
گرفتار آهي.]
اهي شعر گوئٽي جي هنن شعرن جو ردعمل آهن، جيڪي هن
ديوتائن کي مخطاب ٿيندي چيا هئا:
تون اسان کي هن زندگيءَ ۾ وٺي آئين،
تنهن کان پوءِ غريب کي ڇڏي ڏنئه ته ڀلي ڏوهاري
ٿئي.
ان کان پوءِ وري کيس دک درد جي حوالي ڪيئه،
ڇاڪاڻ ته ڌرتيءَ کان هر گناهه جو بدلو وٺڻوهو.
گوئٽي پنهنجي جنوني جذبي ۾ اجهو ائين ٿو ڳالهائي؛
حالانڪ ويچارو حافظ (20) به ان حد تائين مس
ٿو وڃي:
گناهه گر چه نبود در اختيار ما حافظ!
تو در طريق اِدب کوش و گو گناهِ من است.
جڏهن اقبال ”لا احب الافلين“ پڙهي ٿو ته چئي ٿو:
”تراشيدم، پرستيدم، شکستم يعني مون پڻ ”بت“ گهڙيو،
جنهن کي پوڄيم ۽ پوءِ ان کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيم.
اتي هو پنهنجي ”خودي“ ۾ مصروف ڪونهي ۽ نه وري هيئن
چوڻ جو خيال اٿس:
خودي مين گم هي، خدا کي تلاش کر غافل،
يهي هي تيري لئي اب فلاح کي راه؟
انهيءَ ڪيفيت ۾ هو پنهنجي خوديءَ جي تعمير طرف
مائل نظر نٿو اچي، حالانڪ رومي ان معاملي م هر وقت
پنهنجي نفس سان مشغول نظر اچي ٿو ۽ چئي ٿو:”خادم
بُدم، پخته شدم، سوختم“ يعني ڪچو هيس پڪو ٿيس ۽
سڙي ويس، هاڻي انهن لفظن جي اقبال جي مٿين ٽن لفظن
سان ڀيٽ ڪريو، جيڪي هن شعر ۾ ڪم آندا آهن:
هزاران سال با فطرت نشستم
باو پيوسته و از خود گسستم
و ليکن سر گذشت اين دو حرف است
تراشيدم، پر ستيدم، شکستم.
[هزارها سال آءٌ فطرت سان گڏ ويٺو
هئس. انهيءَ سان پاڻ کي جوڙي ۽ ڳنڍي رکيم ۽ پاڻ
کان ڀڄندو ۽ دور ٿيندو رهيس. پر اهو سڄو قصو هنن
ٻن حرفن ۾ پورو ٿئي ٿو: ته گهڙي ٺاهيم، پوڄا ڪيم ۽
ڀڃي ڇڏيم.]
مٿئين ڪيفيت منجهان اقبال وٽ فطرت جي کوجنا بابت
هڪ اهڙي سائنسدان وارو نقطئه نظر جهلڪي ٿو، جيڪو
فطرت جو اڀياس ”باسم ربک الذي خلق“ کي ذهن ۾ رکڻ
کانسواءِ ڪرڻ لڳي ٿو. جيڪڏهن هو پنهنجي من ۾ باسم
ربک رکي ائين ڪري ها، ته پوءِ فطرت سان هزار سالن
جو عرصو گڏ گذارڻ جو اهو نتيجو نه نڪري ها. ڇو ته
”آفاق“ ۾ پڻ ڪافي ”آيات“ آهن.
ظاهر آهي ته ”خودگستن“ يعني پاڻ کي الڳ رکڻ سان ڪو
فرق نه پوي ها. ڇاڪاڻ جو ”في الافاق“ منجهان اهو
مقصد پورو ٿي رهيو هو، پر ان وقت هن جي ڪيفيت
دراصل ”لا“ واري هئي ۽ ”الاَّ“ جي. البت جيئن اسان
اڳ ۾ به چيو هو ته جيڪڏهن هو پنهنجي مطالعي جي
ابتدا باسم ربک الذي خلق سان ڪري ها ته پوءِ هو
”لا“ منجهان خود بخود ”الاَّ“ جي مقام تي اچي پهچي
ها.
اها ڳالهه هن حقيقت جو وڌيڪ ثبوت ڏئي ٿي ته شاعر
شعوري طور مطالعو نٿو ڪري، بلڪ اهو سندس مزاج يا
مٿس ڇانيل ڪيفيت تي منحصر آهي، جنهن جي رهنمائيءَ
۾ هو اڳتي وڌي ٿو. هو اتي زور سان لڳندي آهي، جتي
ان جو امڪان هوندو آهي، جيڪو ماڻهو فقط الزام
لڳائي ٿو، سو غلط آهي، اهو ماڻهو به غلط آهي، جيڪو
وڌيڪ ملڻ جي توقع ڪري ٿو. شاعر رڳو شاعر آهي ۽
فيلسوف يا مفڪر. ڪيترا خيال ۽ نظر يا هيجان پيدا
ڪندا رهن ٿا، ۽ شاعر به انهيءَ لحاظ کان پنهنجو
ردِ عمل ظاهر ڪندو رهي ٿو. فرق اهو آهي ته هتي
”نظريات“ ۽ نه ”محسوسات“ ترغيب ڏياريندڙ يا عامل
آهن.
ساڳي ڳالهه شيڪسپيئر لاءِ به چئي سگهجي ٿي، جيڪو
پڻ هڪ وڏو شاعر آهي. سندس قوم جا ماڻهو صدين کان
وٺي هن جي راين ۽ خيالن جي کوجنا ۾ لڳل آهن. ليڪن
اقبال جي مقابلي ۾ اتي به وڌيڪ ڪاميابي ڪونه ٿي
آهي آلڊس هڪسلي (21) شيڪسپيئر بابت پنهنجو
تجربو هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:
”جيڪڏهن توهان بلڪل سڀ ڳالهيون چوڻ چاهيندا ته اهي
هڪٻئي کي رد ڏينديون ۽ نتيجو ڪجهه نه نڪرندو. اهو
ئي سبب آهي جو شيڪسپيئر جو ڪو واضح فلسفو دريافت
ڪري نٿو سگهجي. پر ڏٺو وڃي ته هن جي مابعدالطبعيات
۾ حسن ۽ خوبصورتيءَ جو هڪ نظام آهي. اهڙيون سچايون
به آهن جيڪي هڪ شاعر پنهنجي تعلق وسيلي نظارن ۽
لکيل سٽن ۾ پيدا ڪري ٿو. ان لحاظ کان سندس ناٽڪن ۾
الهياتي رنگ پڻ وڏي عروج تي نظر اچي ٿو. البت
جيڪڏهن اوهين انهن منفي ڳالهين کي چونڊي نظرانداز
ڪريو جيڪي هڪٻئي جي منسوخي يا رد جو باعث ٿين
ٿيون، ته پوءِ توهان کي غير معمولي قسم جا؛ پر جدا
جدا هنڌن تي اهڙا قول ملندا جيڪي واضح دانائيءَ جا
حامل هوندا.“
آخر ۾ مون کي هيءَ تقرير اهو چئي ختم ڪرڻ ڏيو ته
اهي ورسيون بذات خود مقصد ناهن، بلڪ جيستائين اهي
ڪو واضح مقصد آڏو رکي نٿيون ملهايون وڃن، تيستائين
انهن جو ڪو فائدو ناهي ۽ اهي اسان کي ڪنهن منزل تي
ڪونه پهچائينديون. اچو ته انهن کي صحيح معنى ۾
اسلامي بنايون ۽ اهي تڏهن اسلامي ٿينديون جڏهن
انهن جي اصل ”معنى“ ۽ مطلب جي ساڃهه حاصل ڪبي ۽
انهن جو اهم مقصد سمجهيو ويندو، ڇاڪاڻ ته
اسلام جيتوڻيڪ ڪنهن حد تائين ”صورت“ يا ”ظاهر“ جو
استعمال ڪري ٿو. دراصل انهن کي اسلام عميق حقيقت
جو مظهر يا علامت قرار ڏئي ٿو، جيستائين انهن جي
اصل روح جي نشاندهي نٿي ڪئي وڃي ۽ جيستائين ان جو
اصل مقصد حاصل نٿو ٿئي، تيستائين اهي محض هڪ تماشي
يا ظاهري ڏيک ويک جي حيثيت رکن ٿيون، جيڪا ڳالهه
اسلام ۾ هڪ قسم جي بت پرستي آهي ۽ اسلام
ان جي منع ڪئي آهي. جيئن شاعر چوي ٿو:
حيات چيست؟ جهان را اسير جان کردن،
تو خود اسير، جهان را کجا تواني کرد.
حياتي ڇا آهي؟ دنيا کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ آهي. پر
تون ته پاڻ قيدي آهين، جهان کي ڪيئن قيد ڪري
سگهندين!؟
جيسين هنن ورسين جو مقصد ۽ ظاهري ڏيک ويک آهي ته
پوءِ اهي ”شرڪ“ آهن اهي فقط ان وقت اسلامي ٿي سگهن
ٿيون، جڏهن انهن جي اصلي روح کي ڳولڻ ۽ پنهنجو ڪم
ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي.
آءٌ شروع ۾ به اها ڳالهه ڪري چڪو آهيان ته منهنجي
هت اچڻ جو هڪڙو مقصد اهو به هو ته اسلامي رياست ۾
سائنس، فلسفي ۽ آرٽ جي صحيح مقام ۽ حيثيت جي وضاحت
ڪري سگهان. جيڪڏهن اسين زندهه رهڻ چاهيون ٿا ته
پوءِ اهو لازمي آهي ته اسان انهن مسئلن بابت صحيح
مؤقف اختيار ڪريون. نه ته جيئن هڪ مشهور انگريز جو
قول آهي ته هر هڪ تباهيءَ جي مٿان اهي لفظ لکيل
هوندا آهن ”هاڻي وقت نڪري چڪو.“ ٿي سگهي ٿو ته اڄ
ئي اسان منجهان ڪي ماڻهو هن يومِ اقبال جي موقعي
تي هن اسلامي ملڪ کي صحيح معنى ۾ اسلامي ٺاهڻ جو
عزم ڪن. ان لاءِ اسان کي بنيادي شين جي ڦير گهير
سان گڏ پاڻ ۾ ”حتى يغيرو ما بانفسڪم“ (جيسين اوهان
پاڻ کي خود بدلائڻ جي ڪوشش نه ڪندا) جو احساس
اجاگر ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي اسان پنهنجي نشاة ثانيه
جي لاءِ راهه هموار ڪري سگهون ٿا.
اي چشم جهان بين، به تماشائي جهان خيز،
از خواب گران خواب گران، خواب گران خيز،
از خواب گران خيز.
[اي جهان ڏسندڙ اک، هاڻي دنيا جي تماشي کي ڇڏ،
انهيءَ گهري ننڊ وچان، گهاٽيءَ ننڊ مان، اگهور ننڊ
مان جاڳ، گهري ننڊ ڇڏي اٿ!]
حوالا
(1)
مرزا
غالب
(27 Dec 1797-15Feb 1869AD)
اصل نالو مرزا اسدالله
بيگ اردوءَ جو عظيم ترين شاعر شمار ٿئي ٿو.
زندگيءَ جي آخري وقت ۾
انگريز سرڪار جو پينشن خوار ٿي رهيو. البت شروعاتي
زندگيءَ جو ڪجهه حصو آخري مغل تاجدار بهادر شاهه
ظفر جي دربار سان وابسته رهيو، جنهن پاڻ اردوءَ ۾
اعلى درجي جي شاعري ڪئي آهي. غالب فارسيءَ جو به
قادرالڪلام شاعر هو. ان کانسواءِ هو اردو نثر ۾ به
اعلى مقام رکي ٿو ۽ هن سلسلي ۾ سندس خطبن جا
مجموعا: ”اردوي معلى“ ۽ عود ”هندي“ مثالي حيثيت
رکن ٿا.
غالب 1857ع جي جنگ آزاديءَ جو اکين ڏٺو شاهد آهي ۽
ان جو ڪجهه تفصيل هن پنهنجي ڪتاب ”دستنبو“ ۾ پيش
ڪيو آهي. غالب جي زندگيءَ ۽ شاعري تي هونئن ته
گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، ليڪن مولانا حالي پنهنجي
ڪتاب ”يادگارِ غالب“ ۽ شيخ محمد اڪرام پنهنجي
تصنيفن ”حيات غالب“ ۽ ”غالب نامه“ ۾ ان جو حق ادا
ڪري ڇڏيو آهي.
(2)
مرقع چغتائي
(1899-19752A.D)
مشهور مصَّور عبدالرحمان چغتائي لاهور ۾ پيدا ٿيو.
شاهجان بادشاهه جو معمار اعلى
(Chief architect)
سندس جد امجد هو. هن مصوريءَ جي تعليم پنهنجي پيءُ
ميران بخش کان حاصل ڪئي. ليڪن هو پنهنجي جدا اسلوب
تخليق ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو، جنهن کي ”چغتائي آرٽ“ جو
نالو ڏنو ويو. سنه 1927ع ۾ سندس مرقع چغتائي شايع
ٿيو، جنهن ۾ غالب جي ڪلام جي مصَّورانه تشريح ٿيل
آهي.
علامه اقبال ڊاڪٽر تاثير جي چوڻ تي ان ڪتاب جو پيش
لفظ لکيو، جنهن جو هتي حوالو ڏنو ويو آهي. اهو
جيتوڻيڪ ٻن صفحن تي مشتمل آهي، تڏهن به اقبال
پنهنجو سمورو ”نظريه فن“ ان ۾ سميٽي ڏيکاريو آهي.
هينئر اهو مضمون ايس- اي وحيد جي مرتب ڪيل ڪتاب
“Thought and reflection of Iqbal” ۾ موجود آهي.
(3)
افلاطون لاءِ ڏسو 2- (2)
(4)
ٽالسٽاءِ، ليو
Leo Tolstoy (1828-1910AD)
هو روس جي صوبي ”طلا“ ۾ ڄائو. جوانيءَ جو عرصو هن
علم جي تحصيل سان گڏ يورپ جي سير و سياحت ۾
گذاريو. ڪجهه وقت لاءِ فوج ۾ به نوڪري ڪيائين.
سن 1862ع ۾ هن پاڻ کان عمر ۾ 18 سال ننڍي عورت سان
شادي ڪئي، جنهن سندس زندگيءَ ۾ وڏو انقلاب آندو.
انهيءَ دؤر ۾ فڪري طور ان اصول جو قائل ٿي چڪو هو
ته زندگيءَ کي فطرت جي بخشيل سادگيءَ موجب گذارڻ
کپي ۽ اجائي چالاڪيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. سندس
نالو ”جنگ ۽ امن“ ۾ اهو ئي مرڪزي خيال ڪارفرما
آهي؛ اهو ناول هن 1866ع ۾ مڪمل ڪيو. جلد ئي اهو
ناول فرينچ، جرمن ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو.هن
پنهنجو ٻيو ناول ”اينا ڪئريننا“ جو آغاز 1873ع ۾
ڪيو ۽ قسطوار شايع ڪندي ان کي 1877ع ۾ مڪمل
ڪيائين. هن ناول ۾ سندس انهيءَ ڪشمڪش جو کلم کلا
اظهار آهي جيڪا آخر حياتيءَ تائين مٿس ڇانيل رهي؛
يعني پنهنجي مذهبي نظرين جو دفاع، خوشحال زندگيءَ
کان پاسو ۽ موت جو انتظار. انهيءَ عرصي دوران هن
عدم تشدد يا اهنسا جي نظريي جا بنيادي خدوخال پڻ
واضح ڪيا، جن جو مڪمل اظهار هن پنهنجي تصنيف ”باس“
(Aconfession)
۾ ڪيو.
سن 1896ع ۾ هن ”فن ڇا آهي؟“
(What is Art) نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن مسيحيت
جي اخلاقي آدرش کي پنهنجو نصب العين بڻائي پيش
ڪيو. ان ڪتاب ۾ فن بابت ڪافي اعلى ويچار موجود
آهن. سندس هڪ ٻيو ڪتاب ”نيٺ ڇا ڪجي؟“
(What then most we do?)
آهي جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو
نورالدين سرڪي ڪيو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ طرفان
ڇپيل آهي. ٽالسٽاءِ جي آخري تصنيف سندس ناول
”قيامت“
(Resurrection) آهي جيڪو هن 1900ع
۾ مڪمل ڪيو. هن 1910ع ۾ وفات ڪئي.
اها عجيب ڳالهه آهي ته ٽالسٽاءِ جهڙي عظيم دانشور
جي فڪر جو اثر پنهنجي ملڪ کان ٻاهر دنيا جي ٻين
ملڪن ۾ گهڻو ٿيو.
(5) اٽيلا
Attila (406-453)
تاريخي قوم حُن جو بادشاهه، جنهن رومي سلطنت جي
شهنشاهه ٿيو ڊوسس کي شڪست ڏني هئي. هو پنهنجي قتل
و غارتگري سبب نهايت بدنام آهي.
(6) چنگيز خان
Genghis Khan (1162-1227AD)
منگولن جو اصل وطن صحراءِ گوبي هو ۽ اتي ئي چنگيز
خان پنهنجي مختلف قبيلن کي متحد ڪري چين تي حملا
شروع ڪيا، جلد ئي هن جو ايران ۽ وچ ايشيا جي
حڪمران خوارزم شاهه محمد سان تڪرار ٿي پيو. 1219ع
۾ چنگيز خان مٿس ڀرپور حملو ڪيو ۽ ايران ۽ وچ
ايشيا جي ملڪن تي قبضو ڪري ورتائين. ان کان پوءِ
هن افغانستان ۽ هندستان تي به حملا ڪيا.
چنگيز خان پاڻ ته 1227ع ۾ وفات ڪري ويو. البت هن
جي پوين فتح مٿان فتحون حاصل ڪيون. 1257ع ۾ منگولن
بغداد کي تاراج ڪري عباسي خلافت کي ختم ڪيو.
هوڏانهن منگولن يورپ جي ڪجهه حصن کانسواءِ روس تي
به قبضو ڪري ورتو. اهڙيءَ طرح 1279ع ۾ جڏهن قبلا
خان چين جو حڪمران ٿيو، تڏهن چين کان سواءِ روس،
ايران، وچ ايشيا ۽ ڏکڻ- اولهه ايشيا جا ڪيترا ملڪ
هنن جي قبضي ۾ هئا.
(7) رومي، مولانا جلال الدين
تفصيل لاءِ ڏسو خطبي نمبر 3 جو فوٽ نوٽ نمبر 2
(8) عمر رضه بن الخطاب
((584 AD/40AH-644 AD23AH
جليل القدر صحابي ۽ ٻيو خليفو دنيا جي عظيم
حڪمرانن ۾ شمار ٿئي ٿو، سندس دؤر حڪومت اسلامي عدل
۽ حڪمرانيءَ جو اعلى مثال آهي، هو اسلامي دنيا جو
پهريون عظيم مجتهد پڻ هو. شاعريءَ بابت سندس
انهيءَ راءِ مان به اجتهاد جي جهلڪ صاف نظر اچي
ٿي.
(9) ملٽن:
تفصيل لاءِ ڏسو خطبي نمبر 2 جو فوٽ نوٽ نمبر 14.
(10) امام غزالي،
امام:
ڏسو خطبو نمبر 3.
(11) ڊانٽيDante(1265-1326AD)
هو اٽليءَ جي مردم خيز شهر فلورينس ۾ ڄائو، شروع
جوانيءَ ۾ بيٽريس
(Beatrice)
نالي عورت جي محبت ۾ گرفتار
ٿيو. هو مطالعي جو شوقين ۽ موسيقي سان خاص شغف
رکندڙ هو.
سندس شاعريءَ جي پهرين مجموعي ”نئين زندگي“
(Vita Nuova)
ئي کيس شاعرن جي پهرين صف ۾
آڻي بيهاريو. عمر جي پوئين حصي ۾ هن لاطيني زبان ۾
(Dicine Comedy)
نالي هڪ عظيم نظم لکيو، جنهن
کيس امر بڻائي ڇڏيو. انهيءَ نظم ۾ هو پنهنجي
محبوبا جي معيت ۾ فڪري ۽ روحاني دنيا جو سفر ڪندو
نظر اچي ٿو.
ڊانٽي جو شمار دنيا جي عظيم شاعرن ۾ ٿئي ٿو. ان جو
هڪڙو خاص سبب اهو
آهي ته
جنهن طرز يا اسلوب جو هو خالق آهي، اهو ٻيو ڪو
شاعر اختيار ڪري نه سگهيو آهي. هن جو انداز بلڪل
نرالو
بلڪ بينظير آهي. ان جي باوجود سندس ٻولي تمام سادي
آهي. ڪهاڻي جو پلاٽ به سادو اٿس پر ان ۾ هن جيڪا
فڪر جي پالوٽ ڪئي آهي تنهن کيس لافاني شاهڪار جي
حيثيت ڏئي ڇڏي آهي. ڊانٽي جي انهيءَ طرز دنيا جي
گهڻن اديبن ۽ شاعرن کي متاثر ڪيو. علامه اقبال
پنهنجو ”جاويد نامو“ سندس انهيءَ طرز تحرير کان
متاثر ٿي لکيو. ڊانٽي شاعر هجڻ سان گڏ عملي سياست
۾ به حصو ورتو، جنهن ڪري جلاوطن پڻ ٿيو.
(12) شيڪسپيئرWilliam
Shakespeare (1564-1616AD)
انگريزي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏي ڊراما نگار ۽ شاعر
انگلينڊ جي اسٽريٽ فورڊ آن ايون نالي ڳوٺڙي ۾
ڄائو، سندس زندگيءَ جو شروعاتي احوال گهڻو واضح
ڪونهي. ايتري قدر جو اهو به خاطريءَ سان نٿو چئي
سگهجي ته هن ڪٿي ۽ ڪيتري تعليم حاصل ڪئي. ارڙهن
سالن جي عمر ۾ سندس شادي ٿي، ٻاويهن سالن جي عمر ۾
هو لنڊن آيو ۽ اتي هڪ مشهور ٿيٽر سان وابسته ٿيو،
جتي هن ڊرامانويس ۽ اداڪار جي حيثيت ۾ پنهنجي
صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. اتي ئي هن پنهنجا جڳ
مشهور 83 ڊراما تخليق ڪيا، جن مان ڪي ڊراما يقيناً
دنيا جي ڊرامائي ادب ۾ لاثاني شاهڪار آهن. لنڊن ۾
رهائش دوران شيڪسپيئر ڪجهه ڊگها نظم ۽ ڪل 154
سانيٽ پڻ
لکيا. شيڪسپيئر جي گهڻن ڊرامن جا ترجما دنيا جي
ڪيترين سڌريل ٻولين ۾ ٿي چڪا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾
سندس چونڊ ڊرامن جا ترجما مرزا قليچ بيگ ڪيا، جيڪي
سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل آهن.
شيڪسپيئر جي زماني ۾ ايلزبيٿ جو دؤرِ حڪومت
(1603-1558) هو جيڪو انگريز قوم جو سونهري دؤر
ليکيو وڃي ٿو، جيڪا ڳالهه انگريزي ادب تي به صادق
اچي ٿي. نقادن جو چوڻ آهي ته شيڪسپيئر جو ڪمال
زبان تي سندس مهارت، ڪردار کي اڀارڻ ۽ نڀائڻ ۾
آهي. هرحال هن جي ذات ۾ ڏات ۽ ڏانءَ جو عجيب ميلاپ
نظر اچي ٿو.
(13) گوئٽي لاءِ ڏسو ٽين تقرير جو نوٽ نمبر (20)
(14) ٽيون نمبر تقرير ڏانهن اشارو آهي.
(15) ٻيون نمبر تقرير ڏانهن اشارو آهي.
(16) ارسطو لاءِ ڏسو ٻيو نمبر تقرير جو فوٽ نوٽ
نمبر (4)
(17) ڪنفيوشس
Confucious (551BC-481BC)
چين جو هيءُ عظيم انسان اخلاق ۽ ڪردار جي اعلى
ڪسوٽي آهن. مثلاً: هيءُ قول به ڏانهس منسوب آهي ته
”جيڪي اوهان پنهنجي لاءِ پسند نٿا ڪريو، اهو ٻين
لاءِ به پسند نه ڪريو. هڪ مشهور حديث شريف ۾ پڻ
اهو ئي مفهوم سمايل آهي.
ڪنفيوشس جو ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ ڏي لاڙو هو. 21 سالن
جي عمر ۾ هن هڪ اهڙي درسگاهه کولڻ جو ارادو ڪيو،
جنهن ۾ نوجوانن کي صحيح سوچ ۽ حڪمرانيءَ جي صحيح
اصولن کان واقف ڪرڻو هو. ٿوري ئي عرصي ۾ هو پنهنجي
ان مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ اٽڪل ٽي هزار شاگرد
جنهن ۾ هر قسم جا امير توڙي غريب شامل هئا، سندس
ان درسگاهه ۾ تعليم وٺڻ لڳا.
ڪنفيوشس کي ٻاونجاهه سالن جي عمر ۾ پهريائين
ماجسٽريٽ ۽ پوءِ لو رياست جو وزير قانون مقرر ڪيو
ويو. اهي ٻئي عهدا هن نهايت ڪاميابيءَ سان هلايا،
پر پوءِ ڪن سياسي سازشن جي ڪري وزارت تان هٿ ڌوئڻو
پيس. اهو ئي عرصو هو جڏهن هن پوري چين جو سير سفر
ڪيو ۽ جڏهن واپس موٽي آيو ته کيس وزارت جي ٻيهر آڇ
ڪئي وئي، پر هن پاڻ انڪار ڪري ڇڏيو.
ڪنفيوشس جو خيال هو ته چين جي سياسي سماجي نظام جو
سڄو دارومدار اخلاقيات جي عملي نموني ۾ مضر هو.
معلوم ٿو ٿئي ته چين ۽ ان سان لاڳو ملڪن ۾ ڪنفيوشس
جي تعليم جو تمام ڳوڙهو ۽ دائمي اثر ٿيو.
(18) علامه اقبال
علامه قاضي، علامه اقبال جو همعصر هو. جيئن هن
ڪتاب جي چوٿين خطبي ۾ واضح ڪيو اٿس ته پاڻ جڏهن
لنڊن ۾ پروفيسر ايل- ٽي- هاب هائوس جا ليڪچر ٻڌڻ
ويندو هو، ته اقبال به انهن ۾ شريڪ ٿيندو هو. هڪ
ٻئي هنڌ به اها وضاحت ٿيل آهي ته سندن پاڻ ۾ علمي
صحبتون ٿيل هيون. ٻنهي ۾ اها به قدر مشترڪ نظر اچي
ٿي ته ٻئي جرمن ادب ۽ مفڪرن جا دلداده هئا. بهرحال
علامه صاحب پنهنجي هڪ ٻي تقرير ”علم ادب“ ۾ اقبال
جي فلسفئه خوديءَ تي هن ريت روشني وڌي آهي:
اهو لفظ آهي ”خودي“ جو اڄ هر ڪنهن ٻار جي وات ۾ آهي، ڇا لاءِ ته اقبال ان جو استعمال
ڪيو. ڪيتريون به ”رموز خودي“ اقبال لکي پر جيترو
نقصان لفظ ”خوديءَ“ جي استعمال رسايو، خاص ڪري
جوانن کي، تنهن جي تلافي ٿي نٿي سگهي. حقيقت هيءَ
آهي ته هن انهيءَ منزل کي ”خودي“ سڏيو جا منزل
”خوديءَ“ ۽ ”بي خودي“ ٻنهي کان مٿانهين آهي. محضر
غلط لفظ جي استعمال، ۽ نه سندس سمجهه جي چُڪ کان
هيترو نقصان ٿيو.
اڳتي هلي علامه صاحب پنهنجي راءِ هن ريت واضح ڪن
ٿا:
جيتري قدر آءٌ اقبال جو واقف آهيان ۽ ساڻس صحبت
رهي اٿم، هن جنهن حالت ۽ انساني منزل بابت ذڪر ڪرڻ
ٿي گهريو، تنهن کي ”خودي“ لفظ ڪنهن به صورت ۾ ظاهر
ڪري نٿو سگهي. خودي لفظ اسان جي زبان ۾ حقارت جي
معنى سان ڪم آيل آهي، جا منزل اقبال پيش ڪرڻ ٿو
گهري. انهيءَ حالت ۾ قرآن ”فرديت“ يا ”شخصيت“ جي
لفظ سان ادا ڪري ٿو، ۽ جيڪڏهن پارسي لفظ ڪم ۾ آڻڻو
هجي ته ويجهي کان ويجهو مون کي جيڪو هينئر سُجهي
ٿو اچي سو ”يگانگي“ آهي.
(19) نٽشي جي خيالات لاءِ هن ڪتاب جي پهرين مضمون
جو فوٽ نوٽ نمبر (2) ڏسڻ گهرجي.
(20) حافظ جي باري ۾ مختصر وضاحت اسان 5- (1) تحت
ڪري چڪا آهيون.
(21) هڪسلي،
Aldous Huxley (1894-1963AD)
انگريز اديب جيڪو پنهنجي ناول
(Brave new World)
سبب
مشهور آهي.
|