سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: اُڀر چنڊ پس پرين

باب:

صفحو:8 

هوءَ ان ڏينهن جڏهن وڃڻ لڳي ته مون کي ور ور ڪري ڀاڪر پائڻ لڳي. ائين جيئن سمنڊ جون لهرون ڪناري کي. ”ٻڌاءِ، پوءِ مان تو وٽ ڪيئن اچان ها؟ توکي ياد آهي تو ائين به چيو هو ته: جي هاڻي ايندي ته مان گاريون ڏيندي مانس. ۽ هونءَ به تو مون کي الائي ڪيترا ڀيرا در تان ئي موٽائي ڇڏيو آهي. زال کي خوش ڪرڻ جا ٻيا به گهڻا طريقا آهن، هروڀرو مون کي ذليل ڪري توکي ڇا ٿو ملي...؟ تو ائين به چيو هو، پر الائي ڪيترا ڀيرا چئي چڪو آهين ته: You should not come here.

ڏس ديوي ايڏي بي رحمي به چڱي ڪانهي.“ هن جي نيڻن جا ڪٽورا وري ڀرجي آيا ۽ ڳوڙها ڳلن تي وهي هليس.

منهنجو نڪ توکان ڊگهو آهي.“

نه، منهنجو ڊگهو آهي.“

ڏسان ڀلا“ مان هن کي کلائڻ لاءِ ٻيون ڳالهيون ڪرڻ لڳس.

“Take it easy my darling take it easy”

هوءَ اهي لفظ ٻڌي وري اچي سڏڪن ۾ ڇٽڪي.

مٺي.... تون ته ڪا ڏاڍي ستايل ٿي ڏسجين. مٺي هيڏي ته اچ.... هيڏي ته اچ.“ مون کيس چيو. ”هاڻي ڏاڍي دير ٿي وئي اٿئي، هل ته توکي ڇڏي اچان....“

هڪ ڏينهن هوءَ مون وٽ ويٺي هئي, مان حسب عادت کيس ستائڻ لڳس. اصل ۾ هوءَ منهنجي چرچي کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهندي هئي.

“Love is unlocked and it is very sacred.”

هن جي اکين ۾ وري ڳوڙها ڀرجي آيا, ۽ ڳلن تي وهي هليا.

تون ته ڪا ڏاڍي جذباتي ٿي ڏسجين.“

مون هن کي پنهنجي تصوير ڏني، هن ان کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو. مان اٿي بيٺس ۽ وڃڻ لڳس، هوءَ منهنجي اڳيان ٿي بيٺي ۽ پيرن کي جهليندي چوڻ لڳي: ”سڄڻ مون کي معاف ڪر.“

هاڻي اهو ناٽڪ نه ڪر، رهڻ ڏي.“

“Makes no difference”

هوءَ وري اٿي بيٺي ۽ ڪلهن کان جهليندي هن منهنجي سيني تي پنهنجو منهن رکيو.

“Don’t do that, there is nothing left behind us”

مان وري ويهي رهيس ۽ سگريٽ ڪڍي ڇڪڻ لڳس.

هن پنهنجي پرس مان Gold leaf جو پاڪيٽ ڪڍيو.

تو به سگريٽ ڇڪڻ شروع ڪيا آهن ڇا...؟

ها....“

ڪڏهن کان...؟

چار پنج سال گذري ويا آهن. گذريل چئن پنجن سالن کان ڇڪيندي ٿي اچان. گهڻو ڪري رات جو ڇڪيندي آهيان ۽ مون کي به سيني ۾ سخت سور پوندو آهي. پهريان تون چوندو هئين، مون کي يقين نه هو.“

هاڻي ته اچي ويو اٿئي نه...؟

ها... آه، ائين ڀائيندي آهيان ڄڻ ڪنهن سيني ۾ ڪٽار هڻي ڪڍي.“

مان توکي در تان موٽائي ڇڏيان، تون پوءِ به ايندينءَ؟

ها... پوءِ به اينديس.“

مٺي مان تنهنجي ڪري پٽ ڇڏيندس، زال ڇڏيندس ۽ تون ڪجهه به نٿي وڃائين...؟

تنهنجو مطلب آهي موٽ ۾ مون کي به ڪجهه نه ڪجهه وڃائڻ کپي ۽ پوءِ به چوين ٿو ته مٺي پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا.“

آخر هي منهنجا ٻار ناهن نه...

هنن جو  مون کان سواءِ دنيا ۾ ڪير به ڪونهي ۽ نياڻيون نه هجن ها ته شايد ڇڏي به ڏيان ها، پر اسان جو معاشرو هنن کي نه جيئڻ ڏيندو ۽ نه مرڻ. رلي وينديون، مون کان سواءِ.“

مٺي، منهنجو آواز ڏاڍو سٺو هو، سگريٽ ڇڪڻ ڪري خراب ٿي ويو آهي. مان وري ڳائڻ ٿو چاهيان.

“My dearest Nasim”

بڪواس ڇو ڪندا آهيو...؟

ماڻهو چوندا آهن، تو وٽ ڪار آهي، پيسو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته ڏاڍو خوبصورت به آهين، ڇوڪريون ڇو نٿو رکين.“

بڪواس ڇو ڪندا آهيو. It is not my problem پوءِ مون کي به انهن عورتن منجهان سمجهندو هوندين.“

“Believe me Nasim, it was not my intention.”

مان ڪو اهڙو ويل آهيان ڇا...؟  Did I say, I did not say.”

“You mean I should speak on my behalf.”

پيار ڪرڻ سک مٺي....“

تون پيار ڪرڻ سک... مون کي اچي ٿو. پنهنجي پيار ۾ سڄو راڄ کڻي ڪٺو ڪيو اٿئي. جڏهن ته:

It is entirely personal matter

He does not exist for me

It is part of my life

You need me and I need you.”

اڄ مان ڪيترو نه خوبصورت پيو لڳان. سڄي جڳ ڏٺو. تو نه ڏٺو ڄڻ ڪنهن به نه ڏٺو.“

“I am very plane to you, I am very sincere to you”

مٺي ڳالهائڻ ته سک... مان توکي Response نه ڏيان ته تون مون وٽ ڪيئن اچين...؟

توکي ياد آهي ته مون توکي پهرين ڏينهن چيو هو ته تون جي مون کي هينئر ڇڏيندين ته ايترو ڏک نه ٿيندو، پر پوءِ ڇڏيندين ته ڏاڍو ڏک ٿيندو ۽ تو سچ پچ ڇڏيو. تڏهن جڏهن مان توسان ڏاڍيintimate ٿي هيس، ۽ مون توکي هٿ ٻڌا هئا ته ڇڏڻو اٿئي ته هينئر هليو وڃ.

تون ته هليو وئين پر پوءِ مون ڪيترو رنو هو. تو ته مون کي ڇڏي ڏنو ۽ وري ڀلي ڀلائي ياد به نه ڪيو هيئي. پوءِ ڀٽڪڻ، منهنجا ڳهڻا ۽ رولڙا منهنجي سونهن بنجي ويا – ڀلا ڪنهن جي لاءِ پاڻ کي بچايان ها، ڪنهن جي لاءِ پاڻ کي سونهن ڀريو بڻايان ها...؟ پوءِ مون سوچيو هو ته هاڻي مان ڪڏهن به ڪنهن جي نه ٿينديس. دل ڀڄي ڀور ٿي پئي هئي – اندر تائين رسيل زخم ناسور بڻجي منهنجي هستيءَ کي روڳي بڻائي ڇڏيو- منهنجي هستي آهستي آهستي مٽجڻ شروع ڪيو- منهنجي ڪا به سڃاڻپ نه رهي. عورتن جو زيورن ۾ ڪيترو موهه هوندو آهي.... نٿو ڄاڻين ان کي، پر پوءِ مون اهي به پائڻ ڇڏي ڏنا. ڄڻ پنهنجو پاڻ وسري ويو هيم. منهنجي اندر مان آواز ايندا هئا، مان پاڻ کي ڪنهن جي لاءِ سنواريان ها ڪنهن جي لاءِ....؟

مٺي.... پنهنجي لاءِ...

پنهنجي لاءِ.... پاڻ کي ته مان هر حال ۾ وڻيس ٿي جهڙي به هيس، جيئن به هيس.“

“I was also in search of love

Did you get it?

نه توکان پوءِ ته بس رلڻو هيم جيئن مرد شراب ۽ عورت ۾ ڏک مِٽائڻ چاهيندا آهن تيئن مون به شروع ڪيو- اهو سڀ ڏک هو، توکان مليل گهرا زخم جيڪي مِٽجي نٿا مٽجن.“

“I do not believe in conditional love, but I got only conditional love that’s why. I repeat it”

 

هڪ ڳالهه پڇانءِ...؟

پڇ....“

تو مون کي خريد ته ناهي ڪيو نه...؟

نه....“

ته پوءِ اها ڳالهه نه وسارجانءِ تون هر وقت اهو ئي سوچي رهيو آهين نه، ته تو وٽ ڪار آهي، بنگلو آهي، شايد ڪجهه ڏوڪڙ بئنڪ ۾ رکيل هجن، ۽ ٿي سگهي ٿو زمين به هجئي – تڏهن ٿو ايترو ڳالهائين - ۽ جي مون جيان هجين ها ته اهو سڀ ڪجهه مون کي ٻڌڻو نه پوي ها. پر .... هونءَ به تنهنجي منهنجي Status ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي- توکي تنهنجي وڏ ماڻهپ تي گهمنڊ آهي ۽ مون کي منهنجي سچائيءَ تي، جنهن کي تون محسوس نٿو ڪري سگهين. تون سوچي رهيو هوندين ته جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي، ان لاءِ هر عورت واجهائيندي آهي- ائين نه...؟

ها....“

خدا نه ڪري.... ته پوءِ ڀلا ڪنگال ٿي ڏس ۽ پوءِ مون وٽ اچجانءِ، جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي اهو سڀ ڪجهه تون پنهنجن کي ڏئي اچ، مان ته آهيان پرائي- مون کي انهن شين جو کپ ڪونهي. منهنجا مائٽ به ته ڪي پنن ڪونه ٿا نه...

 

تون مون سان سدائين وڙهندو ڇو آهين...؟

توکي پنهنجو سمجهي.“

پنهنجن کي ته پاڻ گهڻو پيار ڏجي، مانُ ڏجي.“

هڪ ڏينهن هوءَ مون وٽ آئي. آئي ڪافي سالن کان پوءِ هئي. سندس اکڙين ۾ ڳوڙها هئا ۽ جيڪي ڳلن تي ٽمندا ٿي ويا. چوڻ لڳي:

مون سمجهيو هو ته تون مون کي پنهنجي آفيس مان ڌڪا ڏئي ڪڍندين.... ڏاڍو ڊپ پيو لڳيم- تون جي نه روڪين ته جيڪر مان تو وٽ روز اچان...

 تون مون وٽ نه ايندي ڪر- مون کي Disturb ٿي ڪرين.“

توکي سڄو جڳ ڏسي ٿو، پنهنجا ڏسن ٿا، پراوا ڏسن ٿا، دشمن ڏسن ٿا تڏهن ته تون Distrubڪونه ٿو ٿين. توکي سڄو جڳ ڏسي باقي مون ڏوهه ڪيو....؟

تون ايترو روئندي ڇو آهين...؟

اهو تون ٿو پڇين...؟

 

تون چپ ڇو ٿي وئي آهين...؟

جڏهن ڪجهه ڳالهائڻ جي اجازت نه هجي تڏهن سانت ئي بهتر آهي.“

ڇا ٿي سوچين...؟

ڳالهائڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه اٿم.“

نه ڪجهه ته ضرور سوچين پئي....؟

ٻڌي ڇا ڪندين...؟

نه تون ڪجهه ته ڳالهاءِ. ڳالهاءِ مٺي.“

ڳالهائينديس ته ڏک ٿي پوندئي.“

وري ڪو نئون ڏک مليو اٿئي ڇا...؟

ڏک منهنجي رت ۾ ائين سمائجي ويا آهن جيئن.... جيئن...؟

جيئن جيئن.... ڇا پئي چوڻ چاهين؟

ڪجهه به نه....“

تون ڳالهه شروع ڪري چپ ڇو ٿي ويندي آهين. مون کان ڊڄندي آهين ڇا...؟

ها....“

ڇو....؟ مان ڪو توکي ڪهي ڇڏيندس ڇا...؟

ڪهي ڇڏيندين ته ڪونه پر ڪاوڙ ته ڪندين نه ۽ تنهنجو ڏک تنهنجي ڪاوڙ مون کان سٺي نه ويندي آهي ديوتا.“

ديوتا...

هون.... اسان جيون جي ڪهڙي موڙ تي مليا آهيون. جڏهن ٻنهي جي نس نس ۾ بي رحمي سمائجي وئي آهي. ديوتا هيءُ تنهنجو ڪهڙو پيار هو، جيڪو چار ڏينهن به نه هليو؟ اسان جڏهن به ٻن گهڙين کي گهارڻ چاهيو ته وڙهي پياسين. ائين ته شايد دشمن به نه ڪندا هجن. ڪٿي اڳلي جنم ۾ متان هجون به کڻي- ديوتا تون حياتيءَ ۾ وري مون وٽ ڪڏهن به ڪونه ايندين...؟“ ۽ ائين هن ڪيترا ڀيرا خط لکيو هو. اڄ هن وري به پنهنجي ديوتا کي خط لکڻ چاهيو هو- پر ڳوڙهن جي رم جهم اکرن کي ڊاهيندي وئي- ۽ هوءَ چپ چاپ ڳوڙهن جي ورکا ڪندي رهي- ديوتا ڀلا ايترو ته ٻڌاءِ جيترو مان توکي ٿي ساريان ايترو ڪڏهن تو ساريو هوندو؟ نه نه ديوتا ڀلا مون وٽ ڇاهي...؟

نيڻن ۾ رهندڙ ديوتا ڪڏهن ته انهن ڳوڙهن کي اگهڻ به سک جن کي ڏاج ۾ ڏئي رمندو رهيو آهين. قسمت ائين ٻار جيان مون سان کيٽو ڪندي. جڏهن مون ڪنهن کي به دائمي طرح پنهنجو بنائڻ چاهيو – روئڻ اچي ويو. اسان جو ليک ته تقدير واري ڪري به ڇڏيو. ڪهڙو ٿو فرق پوي جو اسين ٻئي جسماني طرح گڏ ناهيون. سڄو جڳ ٿرٿلي ۾ اچي ويندو جي مان تنهنجي نه ٿي سگهيس.

ديوتا مان ڄاڻان ٿي ته تون ڇو رٺل آهين..؟

ڪوئي ڪيئن ڄاڻندو ته ديوتا مون کان هميشھ لاءِ ڇو رسي ويو. ڪير هئا منهنجي اڻ کٽ پيار جا ويري؟ هن ڌرتيءَ تي شايد ڪڏهن ايڏو وڏو ناٽڪ رچيو ويو هجي. جنهن کي تون نه سمجهي سگهئين؟ تون ڏاڍو ڪروڌي آهين ديوتا- پوءِ به ڪيڏو نه پيارو – تون پنهنجي مٿان ڪيترا به کڻي بي رحميءَ جا خول چاڙهين، پر مون کان اهو مٺڙو مٺڙو نرمل نرمل- چندرما جي ڪرڻن جيان ڪومل ڪومل انسان کي لڪائي ناهين سگهيو ديوتا- مان ڄاڻان ٿي تون بيحد ڪروڌي ۽ هوڏي انسان آهين، تون مون وٽ ڪڏهن به ڪونه ايندين- پر پوءِ به هڪ آس آهي انڌيرن ۾ گم ٿيل منهنجي هستيءَ مٿان چندرما جي ڪرڻن جي ورکا هميشھ ڪندو رهندين- تنهنجي يادن جي ورکا ۾ هميشھ مان ڀڄندي رهنديس.

مون کان وڌيڪ خوشنصيب هوائون آهن، جيڪي توکي روز ڇُهن ٿيون- مون کان وڌيڪ خوشنصيب ته اهي ڌارين جون نهارون آهن، جيڪي توکي روز ڏسي سگهن ٿيون. ڪاش اها چئن ڏينهن جي پنهنجائپ مون کي ملي نه ها. مان انهن ڌارين منجهان هجان ها- هاڻي ته خوش آهين نه ديوتا..؟ تو مون کي وسارڻ پئي چاهيو نه.... تنهنجو قسم ته مان ان معاملي ۾ تنهنجي ڏاڍي مدد ڪئي، ٻڌين ٿو نه ديوتا تون؟ مون کان نفرت ڪري سگهين ان لاءِ مون پاڻ توکي سوين بهانا ڳولهي ڏنا.

مون کي پنهنجي جيون مان تڙي.... هاڻي ته تون خوش آهين نه....؟؟

ديوتا تون ٻڌي ٿو نه... توکي مون سان گهاريل هڪ به گهڙي ياد نٿي اچي نه... تڏهن ئي ته تو ايترو پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو پر ديوتا پوءِ به مون کان ته ڪجهه به ناهي وسريو. تو وٽان مليل ڏک.... پيار.... نفرتون... رنجشون.... ذلتون سڀ هينئين ۾ سمائجي ويون آهن- ها سچ ديوتا جيون جو حصو بڻجي چڪيون آهن.

هن ڪڙي حياتيءَ لاءِ اهي يادون امرت بڻجي مون کي ٻلوان بڻائي ڇڏينديون آهن. تو ماڻهن جو سهارو ورتو ۽ مون دل جو. تون جتي هئين، مان تنهنجي پاڇي سمان پويان پويان هيس- اصل ۾ ديوتا تون پنهنجي پويان پنڌ ۽ پيچرا لٽي ويو آهين- جنهن به واٽ تان هلي تو تائين رسڻ چاهيان ٿي، پل کن ۾ اها راهه ڪنڊن سان ڀرجي ٿي وڃي. اڳيان انڌڪار ئي انڌڪار آهي ۽ ٿڙندي ٿاٻڙندي مان پنهنجو پاڻ کي ئي اڄ تائين رتوڇاڻ ڪندي رهي آهيان. گهرا گهاءَ مون کي رسيا آهن- تو ته ڪجهه به ناهي وڃايو- هر پل ۽ هر وک تي ڪارين گهٽائن رت جي ورشا مون تي ٿي ڪئي- جڳن جا جڳ گذري ويا آهن، پر اڄ ڏينهن تائين پريت ڪندڙن کي رڳو ڏک ڏولاوا مليا آهن-

سڄڻ هڪ وار تون مون وٽ اچي ته ڏس منهنجون اکيون روئي تنهنجي آجيان ڪنديون- چپ مرڪي آجيان ڪندا- منهنجي هستيءَ جو ذرو ذرو توکي پنهنجي رت ۾ سمائڻ لاءِ تڙپي اٿندو- خوشي ۽ ڏک جا مليل سليل جذبا ڪٿي منهنجي موت جو سبب نه بڻجي پون- ٻڌاءِ پوءِ به تون مون وٽ نه ايندين...؟ ڪٿي ملي سگهندو توکي ايڏو پيار! مان ڀي سچ ٿي چوان ته ڪڏهن نه ڪڏهن منهنجي خون ۾ پاڻ کي رڱيل ڏسي تون به جڳن جا جڳ روئيندين، سچ ته ڪڏهن به سک سان رهي نه سگهندين.

گيتن جو سنسار، چندرما جي ڪرڻن جي ورکا، سرمئي رنگ جي ڪڪرن جي ورشا هجي يا ڪارين اماس راتين ۾ تارن جي جهرمر- هر شيءِ ديوتا! ڪائنات جو ذرو ذرو تنهنجي ياد ڏياريندو آهي- پر تون نه هوندين بس رڳو تنهنجون ياد هونديون آهن. ڪڏهن رئارينديون آهن ڪڏهن کلائينديون آهن ۽ ڪڏهن راتين جون راتيون اوجاڳا ڪرائينديون آهن. مان مان نه رهي آهيان. وکريل سوچون- ڪڏهن به سک ناهي ڏٺو. هونءَ ته جيئڻ جا گهڻا بهانا آهن مون وٽ. گيتن جو سنسار آهي پورو- ٻڌڻ ۽ ڳائڻ منهنجي اجهاڻل حياتيءَ کي جيئارڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڏئي سگهن ٿا ديوتا- پر اهي به مون کان ڦريا ويا آهن- گيت ئي ته منهنجي ڪڙي جيون لاءِ امرت آهن.

 

آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه....!

 

اڄ ڳوٺ ۾ زندگيءَ جا اهڃاڻ ڪجهه وڌيڪ ٿي نظر آيا. خاص ڪري مردن ۽ ٻارن ۾. عورتن جي معمول ۾ ڪو خاص فرق نه آيو هو. ساڳيون ئي ميريون، پگهريل ۽ ڪم ۾ رڌل، رڙين ۽ واڪن ۾ پوريون. باقي مردن کي نوان ويس وڳا پهريل هئا. اڇيون پڳون ڪلف لڳل. ٻار به اڇا اجرا هئا. صبح کان ڪنهن ڄاتل خوشيءَ جو انتظار ٿي رهيو هو. اها ڪهڙي خوشي هئي، جنهن هارين نارين جي چهرن کي ٻهڪايو هو ۽ وڏيرن کي وڌيڪ ڦونڊ ۾ وڌو هو؟ عيد به ڪانه هئي، نه ڪا شادي هئي، پوءِ ڪهڙي خوشيءَ ۾ سڄو ڳوٺ جهوميو پئي. ضرورت کان زياده گهُٽ ۽ ٻُوسٽ هئي. بافتي جي نون ڪپڙن وڌيڪ گرمي ڏئي ڳوٺاڻن کي پگهر ۾ ٻوڙي ڇڏيو هو. وَڻ ٽڻ خاموش هئا، اڳين کان وڌيڪ جهڪيل ۽ ماٺ ۾. آڪاش ۾ سرڻين جا لامارا وڌيڪ تيز، ڪتن به وڌيڪ پئي ڀؤنڪيو ۽ ڪانون جي ڪان ڪان به زور تي هئي، اهي اهڃاڻ ڇا جا آهن؟ تنهن جي سڌ پدما کي چڱيءَ طرح هئي. اڄ ”مروان موت ملوڪان شڪار“ جي هفتي جو پهريون ڏينهن هو.

اڄ رڇ ۽ ڪتن جو ميل هو،

سڀاڻي سوئر ۽ ڪتن جو ميل،

پرينهن ڏاندن جي گوءِ،

ارينهن ڪڪڙن جو.

۽ هي سڄو هفتو:

مروان موت ملوڪان شڪار“ وارن جو هو ۽ آخر ۾ وڏيري جي اوطاق تي ڪڃري نچڻي هئي، اهو ته هر سال ٿيندو آهي. ڳوٺ جي روايت آهي ۽ سنڌي قوم جو ٺٺول ڀريو ناٽڪ هر ڳوٺ ۽ واهڻ ۾ رچندو آهي، خاص ڪري جت وڏيرن جو تعداد سرس هجي، اتي بزدلن. چاپلوسن ۽ ڪُٽڻن جو تعداد ڳچ هوندو آهي. صدين جي غلامي ۽ وڏيرن جي ڏاڍ جون باهيون اسان گگدام جانورن مان، زالن مان ۽ ٻارن مان ڪڍندا آهيون. ڏاڍن جي ڏاڍ، ظلم ۽ پيڙجڻ کي لنوائڻ لاءِ ۽ وک وک تي پنهنجي بي عزت وجود جي تصور ۽ ان جي ذلت ڀريئي ڏک کي مٽائڻ لاءِ سنڌي ماڻهو هر واهڻ هر ڳوٺ ۾ اهو ٺٺول ڀريو ناٽڪ رچائيندا آهن! جنهن کي:

مروان موت ملوڪان شڪار“ چئبو آهي، اڄ اهو ئي هفتو ملهائجي رهيو هو، تنهنڪري غريب هارين کان سندن غربت وسري وئي هئي، بک وچان ٻارڙن جو روئڻ بند ٿي ويو هو. اکين ۾ حسرتن جا انبوهه کڻي هلندڙ مائرن کان ڪجهه ڏينهن لاءِ رڙيون ۽ واڪا ڪرڻ وسري ويا هئا. ٻارن منجهان ٻاڪر ڪٽو ڪجهه جهڪو ٿيو هو، ڇو ته عورتن مٿان موچڙن جا زيپٽ ڪجهه جهڪا ٿيا هئا ۽ لٺيون ۽ گهوٻاٽا ائين ئي پٽ تي پيا هئا، وسريل هئا مردن کان، اڄ ڪلهه هو ڊگهن شهپرن کي تيل هڻي تاءُ ڏئي هلڻ ۾ مگن هئا. ڇو ته اڄ:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org