سچ چيو اٿن ماڻهن لڳي ڪاٺ به ڀڄيو پون، سومر ڪامل
سان ٻه چار ڳالهيون مس ڪندو هو ته ماڻس سڏ ڪندي
هئس. الائي ته ڪهڙا ويڻ ويهاريندي هئس، جو ساڳيو
سومر، ڪامل جي اکين ڪڍڻ لاءِ به تيار ٿي ويندو هو.
ڪامل کي شاديءَ ڪئي ٻيو ڏينهن هو جو ماڻس اچي سومر
کي چيو هو:
”ابا
اها زال ڪهڙي جيڪا ڪم کي اوڏو نه پوي. ڪنوار اٿي
ڪم ڪر، ڇڏ مڙس جي پچر. ابا زال ذات موچڙي جي آهي،“
وري چوندي هئس ”سهڻا ٽوهه پٽن تي پيا آهن، هن کي
اولاد ڪونه ٿيندو. اڳي پوءِ توکي ٻي شادي ڪرڻي
پوندي. پر جي پيڙهي ڪا هيءَ رن ڪانه قائم ڪندي، جو
هروڀرو ڪڪڙ وارو آرو ڪيو پيو آهين.“ تڏهن کان سومر
ماءُ جا اهي لفظ ڄڻ دل تي اُڪيري ڇڏيا هئا. سومر
دل تي اها ڳالهه ويهاري ڇڏي هئي ته کيس اولاد ڪونه
ٿيندو ۽ پوءِ پنهنجي زال کان منهن موڙيندو ويو،
جڏهن سال کان پوءِ
ڪامل کي پٽ ڄائو هو، تڏهن سومر ڏاڍو ٽڙيو پئي، ور
ور ڏئي ٿي پٽ کي
چميائين. تڏهن ماڻس کي اها ڳالهه ڪانه وڻي هئي.
سوچيائين ته متان پٽ ننهن کسي وٺي، تنهن کان اڳ
چلهه ۾ باهه سوريندي هلي.
”ابا،
ڌيءُ ۽ پٽ خدا جي پوک آهن، پٽ پٺيان ڌيءُ به اجها
آئي، تو واري رن آهي واري تي، ايندڙ سال اجهو ڌيءُ
ٺهي رکي آهي.“
پر سومر پٽ جي خوشيءَ ۾ ماءُ جي ڳالهه تي ڪن ڪونه
ڏنو ۽ ٻئي سال ڪامل کي جو ڌيءُ ڄائي تڏهن ته سسڻس
کي بهانو هٿ آيو. ”ابا مون ڪونه ٿي چيو ته جوڻهين
آهي واري تي، اجهو ٿي ڌيءُ ڪڍي، ڌيئن جو ڌڻ
آڻيندي، ڌيءُ آهي پرائو ڌڻ، ڪاڏي ڪنداسين ايڏيون
ڌيئون.“ تڏهن سومر اچي ڪامل
جي وارن کان جهليو ۽ ٻه چار لتون هڻي ڪڍيائينس.
ٻنڌڻن ۾ ٻڌل صبحان کي به ٻه چار گهوگها ڏئي
ڪڍيائين. تڏهن به سس جو پيٽ نه ڀريو. پٽ جا ڪن ڀري
ڪامل تي پهاڄ آندائين. هاڻي ڪامل ڪم ڪري ۽ هوءَ
بيبي کٽ چڙهي کائي، ڪامل جو گهر ويو ته ور به ويو.
بي سائٿڻ جو اولاد به
بي سائٿي. ڪامل ئي نه وڻي ته ڪامل جو اولاد ڪيئن
وڻندو. ٻئي ماءُ پٽ نئين ڪنوار تان گهور پيا ويندا
هئا. جيڪي ڪري تيئن ڪنوار ڪري، ڪم ۾ ته اصل هٿ
وجهي ئي ڪانه. چوندا آهن سونهن سڪي، بخت کائي.
ڪاري اونداهي رات هئي، ڪامل جي ڦٽل بخت تي آسمان
به ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو. مٿان ڪوٺي
تان ڪامل جي مڙس ۽ سندس نئين ڪنوار جا هلڪا هلڪا
ٽهڪڙا ٿي آيا. ڪامل جي نيڻن مان وڏ ڦڙو پئي وسيو،
ڀر ۾ ننڍڙي صبحان به ستل هئي. پنهنجي ماءُ جي ڦٽل
ڀاڳ ۽ پنهنجي اڻ ڏٺي، اڻ ڄاتل اونداهي آئيندي کان
بيخبر گهري اَگهور ننڊ ۾ ستل هئي.
وڍي جن وڌياس
رات اڌ کان وڌيڪ گذري چڪي هئي. چنڊ به ڪڏهوڪو
اڀريو هو ۽ هاڻي سيتل چانڊوڪيءَ ۾ ڳوٺ جي ڪنهن
ڪنواريءَ جي ڪومل جسم جيان وهنتل ٿي لڳو. چپ چاپ ۽
خاموشي به اهڙي جو ڪنهن جي ساهه کڻڻ جو آواز به نه
ٿي آيو. بنسري جي هڪ ڏکوئيندڙ ۽ وڇوڙي واري سر تي
ڄڻ ڪجهه ياد آيس. هوءَ اُٿي کڙي ٿي ۽ ڪنهن ڄاتل
سڃاتل ۽ اڳ سونهين جاءِ ڏانهن، تڪڙي تڪڙي هلي وئي.
جيئن جيئن ان سونهين هنڌ کي ويجهو ٿيندي وئي، تيئن
کيس جهونگار چٽي ٻڌڻ ۾ آئي:
اچ ٻاروچل اچ الا....
گهوريو وڇوڙو ٿو ماري.....
صالح اڳ ئي اوسيئڙي ۾ سندس راهن تي اکڙيون وڇائي
ويٺو هو ۽ هيءَ هوريان هوريان هلندي اچي سندس
ڀرسان ويٺي. ”اڙي هي ڇا.....“ ڪنڌ ورائي حاڪم کي
جو پنهنجي ڀرسان ويٺل ڏٺائين ته ڇرڪ نڪري ويس،
”ٻڌايئه به ڪونه ته اچي وينءَ.“
”مون
کي تنهنجي جهونگار ٿي وڻي. ايندي ئي ڏسي وٺين ها
ته پوءِ تنهنجي جهونگار ڪيئن ٻڌان ها.“
”چڱو
هاڻي تون به ته پنهنجي مٺڙي سُر ۾ ڪجهه ٻڌاءِ نه.“
صالح کيس ڀوڳن ۾ چيو.
”هت
راڳ ڳائڻ آيا آهيون ڇا، تون به ڏاڍيان نه ڳائيندو
ڪر. ايڏو بي پرواهه نه ٿي، نه ته ...“
”اڄوڪي
رات الائي ڇو وڻي پئي.“
”ها
اڄ رات ته مون کي به وڻي پئي.“
۽ پوءِ هو ائين ئي بيخبر، بي ڌيانا ٿيا ويٺا
ڳالهائين، کلن ۽ خوش ٿين تان جو ذري گهٽ اچي
ڀنڀرڪو ٿيو ۽ تڏهن ڇرڪ ڀري هڪٻئي کان ڌار ٿيا.
حاڪم وري پير پير ۾ پائيندي، ڊڄندي، ڏڪندي، پنهنجو
پاڻ لڪائيندي، اچي نم هيٺان پنهنجي کٽ تي ستي. پر
ايندي ئي سندس ماٽيلي ماءُ سڦوران
کيس ڏسي ورتو. ٻي رات جو سڦوران
پنهنجي مڙس جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا.
”سومر
جا پيءُ، حاڪم کي هاڻي شينهن ڪلهي چاڙهه. جوان
وياءُ آهي، ٻيو ته ڌيڻين جا پير پختا ڪونهن. خون ۽
خوشبوءِ ڪيترا ڏينهن لڪندا، اڄ نه ته سڀاڻ ڦاٽ
ڦاٽندءِ. سڀاڻي ستن پيڙهين جي پڳ نه لهرائي وجهئي،
پوءِ ڪهڙي منهن سان راڄ ۾ رهنداسين.“
سوڍي هڪدم ڪن کنيا، ”ڇو خير ته آهي نه؟“
”خير
وري ڪهڙو، ٻڏي مرڻ جهڙا ٿيا آهيون.“
”سو
وري ڪيئن، کولي کڻي ڳالهه ڪر رن.“
”ڊڄان
ٿي ڪٿي ڇوريءَ کي ماري نه وجهين، ڇوري وڃي کوهه جي
تري ۾ پوي، شينهن جهڙو مڙس ٽڪي جي ڇوڪريءَ جي ڪري
نه گهائجي وڃي.“
”هاڻي
ڳالهه کڻي ڪر، ڪين وجهان ڪهاڙيءَ ۾ هٿ.“
”حاڪم،
صالح سان لڳل اٿئي. ڪالهه رات ڇوري ساڻس ملي اصل
ڀنڀرڪي مهل واپس آئي هئي.“
”چوين
ڇا پئي؟“ سوڍي ڪاوڙ ۾ ڏڪندي چيو.
”ها،
مان سچ ٿي چوان.“
سوڍي ڪهاڙيءَ ۾ هٿ وڌو.
”سومر
جا پيءُ هوش ڪر. ڪسيرڪ ڇوريءَ جي ڪري تون ڇوٿو
ڦاهيءَ چڙهين. ٻن ونين جا سهاڳ، جيئين سدائين، هت
نه مارينس، ڦاهي چڙهنداسين، شهر گهمائڻ جي بهاني
وٺي وڃي ڪهجانس: هاڻي ته ارڏائيءَ تان لهه.“
سفوران دل ۾ چهڪندي همدردي ڪئي.
سوڍي ڳالهه سمجهي کڻي چپ ڪئي.
مريم در جي چانئٺ
مان بيٺي سڀ پئي ٻڌو. هن رئي جي پلاند سان ڳوڙها
اگهيا ۽ ڌيءُ وٽ آئي. حاڪم گهري ننڊ ۾ اصل ٻنهي
جهانن کان بيخبر ٿي ستي پئي هئي. ماڻس سندس نرڙ تي
چمي ڏني.
’منهنجي
مومل، مون توکي ان لاءِ به نه ڄڻيو هو ته سڦوران
توکي ڪهائي.‘ مريم جي اکين مان ڳوڙها وهي حاڪم جي
ڳلن تي ڪريا.
صبح جو جڏهن حاڪم کي ماڻس سفوران جي ڳالهه ٻڌائي
ته حاڪم جي سڄي سرير ۾ زلزلو اچي ويو.
”امان،
امان مون کي بچاءِ..... امان مون کي بچاءِ!“ حاڪم
ماءُ کي ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي.
۽ پوءِ اچي نم هيٺان پيل کٽ تي ستي. گذريل پل کيس
آنڌيءَ وانگر وڪوڙي ويا، ته ڪيئن صالح سان هٿ هٿ ۾
ڏئي گهمي هئي، ڪيئن مون صالح کي جهونگاريندي ٻڌو
هو. سندس پريت ۾ گهاريل هر پل اکين مان ڳوڙها ٿي
ٽمڻ لڳس. هونءَ هميشه نم هيٺان ويهندي هئي ته پکين
سان به پئي ڳالهائيندي هئي. جڏهن سندس ڀاءُ
ڀاڄائيءَ کي پيڪن مان وٺڻ ويو ته ڪانوَ نم ۾ اچي
ڪان ڪان ڪئي، تڏهن حاڪم ماني ويٺي پچائي. مانيءَ
جو ٽڪر ڪانوَ ڏي اڇلي چوڻ لڳس:
آءُ ڪانگا لنؤ لات.....
ڏيان مٺي لولي ڪير ايندو.....
۽ پوءِ کيس صالح جا لفظ ياد آيا.......
”مٺي
تون جي چوين ته مان تولاءِ سڄي ڄمار ڳائيندو
رهان....“ ۽ پوءِ کيس روئي روئي ننڊ وٺي وئي هئي.
حاڪم اوچتو رڙ ڪري اٿي. ”امان، او منهنجي جيجل-،
مون کي بچاءِ....“ سڦوران
۽ ڳوٺ جون ٻيون زالون رڙ تي ڊوڙنديون آيون. ڪنهن
تريون اچي مهٽيس ته ڪنهن مٿي تي زور ڏنس.
”امڙ
حساب اٿس.“ سفوران چيو.
”ڇوريءَ
تي جن جو پاڇو پيو آهي ادي.“ ٻيءَ لاڳ ڏني.
”جوان
وياءُ آهي، اٿاري ڇڏينس.“
گوڙ تي حاڪم اکيون کوليون، سامهون ماڻس بيٺل هئي.
حاڪم نماڻا نيڻ کڻي ماءُ ۾ نهاريو. ماڻس جي اکين
مان ڳوڙها ٽمي مٽيءَ ۾ جذب ٿي ويا. شايد اڄ سڪل
ٺوٺ ۽ اڃايل ڌرتيءَ کي سنڌ جي ڪنهن هيڻي ۽ مظلوم
عورت جي ڳوڙهن مان اڃ اُجهائڻي هئي.
مايون سس پس ڪنديون پنهنجي گهرن ڏانهن هليون ويون.
حاڪم کي سڄي رات ننڊ نه آئي، پنهنجي سسيءَ مٿان
ڪهاڙي لڙڪندي نظر آيس. حاڪم ڊپ وچان سڄي ڏڪي وئي.
موت جي خوف کيس پِيلو پن ڪري ڇڏيو هو.
حاڪم کي اڄ گهر اوپرو اوپرو نظر پئي آيو، گهر جي
هر شيءِ مان کيس نفرت ۽ موت جا پاڇا ٿي نظر آيا.
حاڪم پريان پيءُ کي ڏٺو ته مٿي تي اجرڪ ٺاهيندي
اکيون جهڪائي ڇڏيون.
’هي
ڪير آ، منهنجو پيءُ، نه نه، پيءُ سان منهنجي ڪا
مائٽي ڪانهي. منهنجي امان جيجل. جيجل منهنجي ماءُ.
امان اچ، مون تي پنهنجي قرب جو پلئه رک. پيءُ ائين
نه ٿيندا آهن. ماريءَ وٽ بابن جهڙي دل ڪٿي. هي ته
ماري آ. سوڍو ماري. منهنجو بابا.....‘ هن وڦليو.
”پٽ
اڄ تيار ٿي وهجانءِ، شام جو شهر ڏي هلنداسين.“
اَئين چئي سوڍو مڇون وٽيندو اندر ڪمري ۾ هليو ويو.
۽ هوءَ جلندي رهي. مرندي رهي. مرندي رهي. ڪاريءَ
جيان قتل ٿيڻ کان اڳ ئي، مرندي رهي. ۽ ڪارو، هن
سوچيو. ”منهنجو صالح....“ کانئس ڀڻ ڀڻ نڪتي: ”مان
ته اون ئي مران پئي. تون شل جهجهي حياتي ماڻين
صالح، توکي ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي. شل تنهنجا راڳ ۽
سر توسان سلامت هجن.“
۽ پوءِ هوءَ، سڀ آسرا لاهي ڪاري ٿيڻ جي ڏوهه ۾،
پنهنجي قتلام ٿيڻ لاءِ، ڪن لاٽار ڪري سمهي پئي.
اُجرو من
اڄ دل چاهيو هو ته تو وٽ اچان، دل جا سڀ وهم
وساري، سڀ جڳ جا ٻنڌڻ ٽوڙي تو وٽ هلي اچان! ۽ تو ۾
سمائجي وڃان: تو وٽ اچي نه سگهان، ته اتي بيهي
رهان، جتان تون لنگهندو آهين. ائين به ڪري نه
سگهان ته توکي ڪوئي سنيهو موڪليان پر ڊپ لڳم ته
تون ڪاوڙجي نه پوين ۽ مون کان نفرت نه ڪرڻ لڳين،
ان ڪري دل جا سور دل ۾ سانڍي ماٺ ٿي ويس. ان سانت
منهنجي اندر کي ڳاريو هو. مان ڏاڍي اداس ٿي وئي
هيس. ڪوئي رستو به نه هو تو تائين پهچڻ جو!
ڪڏهن قسمت پنهنجو دان ڏيندي هئي ۽ واٽ ويندي تون
ڏسڻ ۾ ايندو هئين، تڏهن منهنجي من جو ديس اجڙي
ويندو هو. منهنجي منهن تي اذيت جا پاڇولا تري
ايندا هئا، ان ڏينهن به ائين ٿيو ڏهن سالن کان
پوءِ مان توکي ايڏو ويجهو ڏسي سگهيس. هاءِ ڏک ۽
خوشيءَ جا احساس منهنجي سڄي وجود تي ڇانئجي ويا.
تو مون سان ڳالهايو به ڪونه! مون کان ايڏي نفرت!
پوءِ به ڄڻ مون کي سرڳ ملي ويو هو!!
تون مون کي وساري پنهنجي دنيا ۾ خوش رهڻ لڳو هئين.
تون منهنجي احساس کي ٿڏو هڻي رمندو رهين. تنهنجي
هستي منهنجي اکين ۾ سمائجي وئي هئي. ڪيترا ڏينهن
ڪيترا پلَ منهنجي ساهن ۾ رچي ويو هئين. اهو سڄو
ڏينهن مان خوش هيس. تنهنجي هستيءَ جا پاڇولا
منهنجي نيڻن جي ساگر ۾ جهولي رهيا هئا. جڏهن به
ائين ٿيو آهي، ته ڄڻ مون کي ڪل ڪائنات ملي وئي
هجي. ان رات مان تارن جي جهرمٽ هيٺان اچي ستس،
تنهنجي باري ۾ سوچيندي صبح ٿي ويو. صبح جا چار وڳا
۽ پوءِ پرهه ڦٽي تارن جو جهرمٽ آهستي آهستي ڌنڌلو
ٿيو ۽ پوءِ گم ٿيڻ لڳو. تارا آسمان ۾ ڪيئن اڀري ايندا
آهن ۽ ڪيئن گم ٿيندا آهن، اهو نظارو مون ان رات ئي
ڏٺو. ائين لڳو ڄڻ اڌ تارن جو جهرمٽ تنهنجي گهر ۾
گم ٿيو ۽ باقي اڌ تارا اتر قطب ۾ گم ٿي ويا.
ڪنهن مون کان پڇيو ته ”ڪالهه توهان جي منهن تي
ايتري اذيت ڇو هئي؟ لڳو ٿي ڄڻ توهان جي دنيا اجڙي
وئي هجي!“ مون ان کي جواب ڏنو هو .دل جي دنيا اجڙي
ته هئي، پل ڀر لاءِ من جي آڪاش تي ڪروڙين تارا
چمڪيا هئا ۽ جيڪي سڀ جا سڀ ڪاري ٻاٽ اوندهه ۾ گم
ٿي ويا ۽ پويان مون لاءِ ڪاري رات ڇڏي ويا. من جي
ڌرتيءَ تي سوين گل ٽڙيا هئا، جنهن جي لاءِ ڄاتم ٿي
ته پل ڀر ۾ ڪومائجي وڃڻا آهن. من جي آڪاش تي سوين
تارا جرڪيا هئا، ڪير ڪيئن ڄاڻندو ته دل تي ڇا
گذريو هو!؟ ڄڻ پل ڀر لاءِ مون کي ڪائنات ملي وري
ڦرجي وئي هئي!!
اڄ آسمان ڪڪرن سان ڀرجي آيو هو، اهي ڪڪر تنهنجي
گهر مٿان به ته هوندا ۽ تو به انهن کي جي ڀري ڏٺو
هوندو! گهڙي رکي ڌرتيءَ تي رم جهم ٿيڻ لڳي هئي مون
سوچيو هو ته اها برسات جي رم
جهم تنهنجي گهر ۾ به ته ٿي هوندي ۽ ان ڪري تنهنجي
منهنجي وچ ۾ مينهن جي ڦڙن ۽ ڪڪرن ناتو جوڙيو هو،
تنهن ڪري مون برسات کي ڪي پهر ويٺي ڏٺو. منهنجي
اکين ۾ مينهن سان گڏ تون به وسڻ لڳو هئين. برکا رت
مون لاءِ سنديس آڻيندي آهي، پيار جو سنديس! مون
پهرن جا پهر مينهن ۾ ويٺي نهاريو، اڄ منهنجو يار
وسڻ جا وس ڪري آيو هو سو دل ورچي ئي نه پئي! وڏ
ڦڙن مان ائين ٿي لڳو ته اهي ڪڪر آسمان تي نه پر
منهنجي دل جي وشال آڪاش تي مڙي آيا هئا. جيئن ڪارا
ڪڪر وسڻ بند نه پيا ڪن تيئن ڌرتيءَ سان گڏ مون کي
به جل ٿل ڪندا پيا وڃن. تڏهن مون دل جا در تو لاءِ
کولي ڇڏيا هئا. مون کي اها پوري ريت خبر هئي ته
تون اچڻو ناهين پوءِ به اکين ۾ اوسيئڙا سمائجي ويا
آهن، من ۾ سوين گل ٽڙي پيا هئا. مينهن سڄي رات
وسندو رهيو. برکا رت سڄي رات ڌرتيءَ کي بوندن جو
آشيرواد ڏنو. منهنجي دل به تو لاءِ سڄي رات رئندي
رهي هئي. تنهنجي هستي هر شيءِ مٿان وکريل هئي. تون
مون وٽ نه هئين ته ڇا ٿي پيو؟ تنهنجي مهڪ هر شيءِ
۾ رچيل هئي. قدرت جي سونهن مون مٿان ڇانيل هئي ۽
تو مٿان به. انڪري تون مون کان پري هوندي به تمام
گهڻو ويجهو هئين، ساهن جيترو ويجهو. چريا توکي
ڪهڙي سڌ ته توکي ڪيئن مون ساهن جيان سال سانڍيو
آهي. منهنجي ياد منهنجي نگاهن تنهنجو هر هنڌ پيڇو
ڪيو آهي.
تيز برسات ۽ تکين طوفاني هوائن مون کي پنهنجي لپيٽ
۾ ورتو هو. ان ڏينهن مون کي گهر ۾ سک نٿي آيو. دل
۾ سور جون سٽون پئي اڀريون، مان پنهنجو گهر ڇڏي تو
وٽ هلي آيس. تنهنجي گهر وٽان اچي لنگهيس ۽ مون ٻه
ڏينهن لڳاتار ائين ڪيو. تنهنجا نه سهي تنهنجي
آشياني جا درشن ٿي وڃن،
جنهن ۾ يادون دفن ٿيل آهن. منهنجي پيار رنگ لاتو.
اتفاق سان تون ڪنهن ڪم سانگي پنهنجي گهر جي اڳيان
ئي بيٺل هئين. توکي ڪجهه ياد آهي ته تو چيو هو ته
”جڏهن تون ايندين آهين ته مان هن دريءَ مان توکي
ڏسندو آهيان، جيسين تون نگاهن ۾ رهندين آهين ۽
پوءِ وقت جو اندازو لڳائي مان هت در جي ڀر ۾ اچي
بيهندو آهيان ڇٻر کي پاڻي ڏيڻ جي بهاني جيئن توکي
اُس ۾ در تي گهڻي دير بيهڻو نه پوي.“ ۽ تون جو اُس
۾ بيهي سڙندو رهندين اُن جو ڀلا مون کي ڏک نه
ٿيندو؟ مان تو وٽ اچي ويندس. ٿوري دير يا سوير.
ان رات آسمان جرڪي پيو هو. اجرو اجرو آسمان ڪيترو
نه حسين لڳي رهيو هو. منجهس چنڊ کڙي آيو هو. تارن
جي جوت ڌنڌلي هئي تنهنجي ياد وانگر. ائين ڇو آهي؟
ڪڏهن ڪڏهن تنهنجي ياد سج وانگر تکي ٿي ويندي آهي ۽
سڄي سرير کي ساڙيندي آهي ۽ ڪڏهن مٺي مٺي شيتل هردي
۾ پيهي ويندڙ. ڪڏهن
گلن جي سرهاڻ کڻي ايندي آهي، ڪڏهن ڪنڊن جي چڀن.
اها ياد جي اک ٻوٽ ڏهن سالن کان لڳاتار هلي رهي
آهي. ڪاش هڪ وار وسري وڃي ها ته پنهنجي جيون کي
سنواريان ها!! ڪوئي منهنجي جيون ۾ آيو به پر جڏهن
به ان ۾ نهاريندي آهيان ته نگاهن ۾ تون سمائجي
ويندو آهين ۽ مان ان وقت ڏور ڪنهن ڏوراهين ڏيهه ۾
پهچي ويندي آهيان جتي فقط تون ۽ مان هوندا آهيون،
تڏهن ئي ته جڏهن مان هن جي سيني تي منهن رکندي
آهيان ته مٺي مٺي مرڪ سان ۽ گهرين اداس نگاهن سان
تون اچي سامهون بيهندو آهين. هاڻي من اندر اجڙيل
پيار جا محل پل ڀر ۾ اچي پٽ تي ڪرندا آهن ۽ مان
پاڻ کي ڪنهن ويراني ۾ واريءَ جي دڙي تي ويٺل نظر
ايندي آهيان چئو طرف ويرانو پکڙجي ويندو آهي. رنڃ
ئي رنڃ برپٽ ئي برپٽ. تنهنجي مٺي مٺي ياد پل ڀر ۾
من ۾ سمائجي وري هميشه لاءِ گم ٿي ويندي آهي ۽
پوءِ من کي ڇاٿي ويندو آهي سڄي ڪائنات جرڪي پوندي
آهي تنهنجيياد ۾. تنهنجي ياد ۾ ته الائي ڇا آهي جو
پل ڀر ۾ سڀڪجهه وسري ويندو اٿم. منهنجي هستي مٽجي
ويندي آهي. چوندا آهن ته سچيءَ دل سان ڪير ڪنهن کي
ساري ته اها ياد دٻيل قدمن سان ان وٽ هلي ويندي ۽
تڙپائيندي پر تو سان ائين به ڪونه ٿو ٿئي!؟ ڇو ته
تنهنجي سيني ۾ دل ڪانهي پٿر
آهي. پر اها ڳالهه چڱي ته ناهي جنهن تي تون فخر ٿو
ڪرين!؟
برکا رت پيرن ۾ پايل پائي ڇم ڇم ڪندي آئي ۽ پيار
جي گهاگهر ڇلڪائي وئي. ڪن جي پياس ٻجهي ۽ ڪن کي
وڌيڪ پياسو بڻائي وئي. مينهن سڄي رات وسيو سڄو
ڏينهن وسيو. مون ان ساڳئي هنڌ تي ويٺي برسات ڏٺي.
ڀر ۾ ريڊيو پيو هو ۽ آل انڊيا تان گيت هلي رهيو هو:
خوشی کی آس
ہی رہی اور
خوشی نہ
ہوئی
میں دیکھوں چاند
چمکتا ہو رات ہی نہ
ہوئی
اندھیری رات
تھی تارے نہ
چاند اور نہ چراغ
جلانے بیٹھے جو
دل بھی تو
روشنی نہ
ہوئی
یہ
دل کا زخم بھی ہوتا
ہے کتنا
گہرا زخم
جتن ہزار کیئے درد
میں کمی نہ
ہوئی
بہاریں اب بھی چمن
میں مسکراتی تو
ہوں گی
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بہار ہی نہ
ہوئی۔
ان ڏينهن منهنجي دل سان ڪجهه ائين وهيو واپريو هو.
تو لاءِ مون ڪارن ڪڪرن کي سنهيو ڏنو هو، تارن سان
تنهنجون ڳالهيون ڪيون هيون. گگن منڊل تي جي سوين
رنگ وکريا هئا، مون انهن سان تنهنجون ڳالهيون ڪيون
هيون. توکي ته فقط ڳاڙهو ۽ گلابي رنگ وڻندو آهي
نه؟ مون ته پنهنجي جيون جا سمورا رنگ نڇاور ڪيا
آهن جن کي تون سميٽي نه سگهيو آهين. هندستان جي
پراڻن گيتن ۾ انسان ذات جي پوري تاريخ دفن ٿيل
آهي. انهيءَ تاريخ کي مون پاڻ ۾ سمايو آهي.
هندستان جي گيتن ۾ ڌرتيءَ جا راز دفن ٿيل آهن.
انساني جذبن جا راز. سچ ته اهو آهي ته جي هندستاني
گيت نه هجن ها ته اڄ مان نه هجان ها!! ها ته ان
ڏينهن برکا رت پيرن ۾ پايل ٻڌي هئي. منهنجي ۽
تنهنجي اڱڻ تي ناچ ڪيو هو، ۽ مون به پوءِ پيرن ۾
پايل ٻڌي هئي. پايل جا موتيءَ جا داڻا ڳاڙهي رنگ
جا هئا ۽ مون ڪو پهر ناچ ڪيو هو. تون چوندو هئين
نه ته ”اسان ٻئي گڏجي ڳائينداسين.“ تون مون لاءِ
دل جا دريچا بند ڪري سڀ ڪجهه وساري ويٺو آهين پر
مون کان ڪجهه به نه آهي وسريو. مان اڪيلي ڳائيندي
آهيان پهرن جا پهر. تون چوندو هئين ته ”مان ڪو ڪو
گيت جيڪو دل کي ڏاڍو وڻي وڃي اهو سوين وار ٻڌندو
آهيان.“
مان به ائين ڪندي آهيان. الائي ائين ڇو آهي جو تو
۾ ۽ مون ۾ گهڻي هڪ جهڙائي آهي. تنهنجي سيني ۾ دل
ڪانهي پٿر آهي ۽ منهنجي سڄي جسم ۾ پٿر ڀريل آهن پر
پوءِ به مان ڏاڍي نرمل ۽ ڪومل آهيان. مون ناول
لکيو آهي. ناول جي ارپنا تو سان منسوب ٿيل آهي.
ناول جي پهرين صفحي تي تنهنجي چيل هڪ سيٽ لکي ڇڏي
اٿم.
“Don’t do that there is nothing left behind us.” پر
مان توکي اهو “There
is every thing behind us”. ٻڌائڻ
آئي آهيان ته تو ائين چئي پنهنجي ڪلهي تي رکيل هٿ
هٽايو هو ۽ دل جا سمورا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا.
مون کي اڄ به سمجهه ۾ ڪونه آيو آهي ته تو ائين ڇو
ڪيو؟ آخر ته مان توکي ڏاڍي پياري هيس!! توئي ته
چيو هو ته: ”مٺي
ائين ئي پيار نه آهي مرندو.“
پر تو ان کي ماري ڏيکاريو، ڇو ته زندگيءَ جو امرت
توکي نه وڻيو ڇو ته تون موت جي ڪڙاڻ ۽ بدصورتي
پيئڻ جو هيراڪ آهين. توکي حياتيءَ جي خوبصورتي نه
وڻي پر پوءِ به منهنجو من تو لاءِ ايڏو
ڀٽڪيو. مون ته تنهنجي پالتو ڪتن سان به پيار
ڪيو!!! تون پاڻ به ڪتو آهين ۽ مون کي چٺ سمجندو
آهين! سچ ته تو ۾ جيڪي ڪتي واريون عادتون آهن، اهي
مون کي ڏاڍو وڻنديون آهن. تون جو رٺل روح لڳندو
هئين ۽ سڄي جڳ کان رٺل پر هاڻي تون رولو ڪتي وانگر
رلندو وتندو آهين. دل
۾ نه ڪجان، اهو سڀڪجهه مان ڏاڍي ڏک ۽ نراسائيءَ
وچان پئي چوان. اٿاهه پيار مان تو پاڻ کي ڪتو ۽
مون کي ڪتي بڻائي ڇڏيو آهي. سياري جي آمد هجي، اهو
دور 1977ع جو هو، مون
کي وساري توکي پورو سال گذري چڪو هو. تو مون کي
ڇڏي ڏنو ۽ مان بيمار ٿي پيس تون پڇڻ به ڪونه آئين!
موت ۽ حياتيءَ جي جنگ ۾ ڦاٿل هئس ۽ اڄ به آهيان.
تون پوءِ به ٻه پير ڀري مون وٽ نه آئين.
ٻارنهن سال اڳ مون ٻه خواب ڏٺا هئا، پهريون خواب
هيئن هو:
مان هڪ هنڌ بيٺل آهيان بلڪل اڪيلي. منهنجي ڀر ۾ هڪ
خوبصورت تلاءُ آهي. ان تلاءُ ۾ ڏاڍو صاف ۽ شفاف
ٿڌو پاڻي آهي. ان وقت تون رستي تان اچي لنگهيو
آهين ۽ تون مون کي ڏسندو ٿو وڃين. تون پنهنجي
گاڏيءَ ۾ ويٺل آهين کير جهڙي اڇي گاڏيءَ ۾ جنهن کي
تون مخصوص ۽ ڌيمي انداز ۾
هلائي رهيو آهين. مان اتي ئي بيٺل آهيان ته تون
وري اچي لنگهيو آهين. رستو سنسان ۽ ويران لڳو پيو
آهي ۽ پوءِ گاڏيءَ مان لهي تون منهنجي ڀر ۾ اچي
بيٺين ۽ گهڙي رکي تو مون سان ڳالهايو ”تون هت
اڪيلي بيٺي آهين ڇو؟“
”مان
اڪيلي ڇو آهيان!“
”مون
سان گڏ هلندينءَ!؟“
”ها!“ پوءِ
منهنجو خواب ٽُٽي
ويو ۽ مان پاڻ کي اڪيلو اُتي
تلاءَ جي
ڀر ۾ ڏٺو. |