هڪ ڏينهن ڪاليج کان واپس ايندي جڳديش جي ڀيڻ ملي
هئس. گرمين جا ساڙيندڙ ڏينهن هئا. رستا ويران لڳا
پيا هئا. اڳيان هڪ ٻي ڇوڪري پئي وئي، جيڪا پڻ
اڪيلي هئي. وينا خيال ڪيو ڇو نه ٻئي گڏجي رهاڻ
ڪندا وڃون. تڏهن وينا تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي ڇوڪريءَ
سان ملي.
”نمسڪار !“
”نمسڪار
- !!“ هن به مرڪي جواب ڏنو شايد هوءَ به خوش ٿي
هئي.
”مان
وينا آهيان – ڪاليج ۾ بي. ايس. سي
جو آخري سال اٿم.“
”مان
به انهيءَ ڪاليج ۾ بي.اي
جي آخري سال ۾ پڙهندي آهيان. ڪهاڻيڪار جڳديش جي
ڀيڻ چمپا آهيان.“ گس هلندي جڳديش جي ڀيڻ وينا کان
پڇيو.
”توهين
ڪير آهيو ؟“
”انسان !“
”اهو
ته مان به ڏسان پئي پر اوهان جو ڌرم ڪهڙو آهي؟“
”انسانيت -
!“
”ته
– پوءِ ائين سمجهان ته اوهان ناستڪ آهيو، مون کي
بي حد خوشي ٿي اوهان سان ملي، اوهان به اسان جا هم
نظريه آهيو.“
”ڪهڙو
نظريوآهي، اوهان جو ؟“ وينا شرير مُرڪ مُرڪندي
پڇيو.
”اهو
ئي جيڪو اوهان جو آهي يعني سوشلسٽ“ ۽ پوءِ ٻئي
پنهنجي گهر ڏانهن ويندڙ ڳلين ۾ هليون ويون هيون.
ڪاريون گهٽائون آڪاش مٿان وِکريل هيون. ٿڌي وڻندڙ
هوا انگ انگ ۾ مستي ڀري ڇڏي هئي – ميگهه ملهار جي
ديوي پيرن ۾ پايل ٻڌي ڇم . . . . ڇم نچي رهي هئي.
وينا دريءَ ۾ اچي ڪرسي وجهي ويٺي جهونگاريو –
آج سجن موہے انک
لگالو جنم سفل ہوجائے
پریم
سدھا اتنی برسادو،
جگ جل تھل ہوجائے
مورے سانوریا
تڏهن جڳديش جي ڀيڻ آئي هئي.
”وينا
– ڇا پئي ڪرين ؟“
”اوهه
– چمپا تون – اچ ويهه!“ وينا ڇرڪ ڀريندي چيو.
”ڏاڍا
ڪتاب پئي پڙهين – اسان کي به ڪجهه ڏي“ چمپا، ٽيبل
تان شاهه جو رسالو کڻندي چيو.
”ٻڌاءِ
ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“
”ائين
ئي – بس دل گهريو – تو کي ڏسڻ لاءِ هلي آيس – تو
کي ته ياد ڪا نه پيس نه بي رخي .“
”نه
ائين ڪونهي – هي هٿ ۾ ڇا کنيو اٿئي؟“
”ادا
جو لکيل ڪتاب آهي تو لاءِ ڏنو اٿس .“
وينا ڪتاب وٺي نالو پڙهيو ”سياري سهه رات جو؟“
اڄ الائي ڇو وينا تي گذريل ساعتن جي برکا ٿي هئي –
ته ڪيئن نه جڳديش سان گڏجي، ڪينجهر ڍنڍ جي ڪناري
تي ويهندي هئي – هو کيس پنهنجون لکيل ڪهاڻيون
پڙهي ٻڌائيندو هو. شاهه جا بيت ٻڌائيندو هو. ۽
وينا کيس مڌر آواز ۾ مٺڙا مٺڙا گيت ٻڌائيندي هئي.
اے بادِ
صبا ذرا آہستہ چل
یہاں سوئے ہوئی ہے انارکلی.
.... .
وينا جي آواز ۾ ڪيترو نه رس ۽ سحر هوندو هو – ڪيئن
نه گڏجي ويهي برساتين ۾ ڳائيندا هئا.
متوالی جیا
بھولے پیا
ساتھ میرے چل
کرنا ہے تو
کر پیار
نہ ڈر۔
بیتی عمر
نہ آئیگی
ارے پاگل
ارے پاگل
دنیا
ہے پڑی جان
ہو بھری میری گلی ساتھ
مری چل۔۔۔۔
ارے پاگل
ارے پاگل
پر اچانڪ وينا جي مرڪ مُرجهائجي ويئي هئي. ڪومل تن
کي باهه لڳي هئس. جڏهن وينا پنهنجي سهيلي ڪلپنا جي
گهر ويئي هئي، تڏهن
اتي ٽيبل تي هن جڳديش جو لکيل ڪتاب ڏٺو هو، وينا
اڪير منجهان اهو ڪتاب کنيو، پهرين صفحي تي ڪلپنا
لاءِ لکيل هو:
”منهنجي
ڪلپنا!
تون منهنجي من مندر جي ديوي آهين. منهنجو ساهه
آهين پساهه آهين. منهنجي اجڙيل دل جو گيت ۽ سنگيت
آهين. پڄاري پنهنجي ديويءَ جي چرڻن لاءِ عقيدت جو
گل ٿو پيش ڪري-جڳديش“
تڏهن وينا جي ڪارين اکين ڪڪرين مان لڙڪ لڙي پيا
هئا – وينا کان سر ۽ سنگيت رسي ويا هئا ۽ پوءِ
وينا ستت ئي پنهنجي پريت جو ماتم ڪرڻ لاءِ گهر هلي
آئي هئي. سندس چپن کان مٺڙي سندر مرڪ موڪلائي ويئي
هئي. تڏهن وينا جي چپن تي اڌورو ۽ ٽٽل گيت اچي
ويو هو:
گیت
کتنے گا
چکی ہوں اد
دکھی جگ
کے لئے
آج رونے دو
مجھے پل
ایک
اپنے لئے
وينا جي اڌوري ۽ زخميل جيون جا زخمي گيت ئي سندس
سڀڪجهه هئا.
(سنڌ
رنگ پبليڪيشن حيدرآباد (سال ؟) ۾ ڇپيل)
گهايل ٿي گهاريان
سانوڻ جي شام هجي سارين جي نسري اچڻ ڪري ٻُٽ اچي
ٿي هئي. مڇر به گهڻا هئا. ذري ذري ٿي ماس ۾ چڪ
وڌائون. مان وهنجي ڌوتل ڪپڙا پائي بصران وارن جي
گهر هلي ويس.
هونءَ ته بصران سدائين ڪونه ڪو ڪم پئي ڪندي هئي،
ڪڏهن چانورن جي ماني ويٺي تئي تي پچائيندي هئي ته
ڪڏهن ٿانوَ ويٺي مليندي هئي، ته ڪڏهن وري رلي ويٺي
سبندي هئي، ته ڪڏهن ننڍڙي پُٽ کي وهنجاريندي هئي
ته ڪڏهن جنڊ ويهي پيهندي هئي. پر اڄ ويٺي مار
کاڌائين. رمونءَ دل تي پئي ڏنڊا هنيس. رمونءَ جي
اکين مان رت پئي ٽميو، سندس زبان تان هڪ گار لٿي
پئي ته ٻي چڙهي پئي، ”رن وات بند ٿي ڪرين يا اڃا
مَٿو ڀڃانءِ“ ۽ وري ائين چئي رمون پنهنجي مار ڏيڻ
کي جاري ٿي رکيو. بصران جي نرڙ منجهان رت ٽمي رهيو
هو. اکين مان سانوڻ جا ڪارا ڪڪر وسي رهيا هئا ۽
زبان تي بي وسيءَ جون دانهون ”او رمون – شل خدا ٻه
اڌ ڪرئي. ڪين بچين شل! مون کي مار نه.“ بصران
ڦٿڪندي دانهن ڪئي.
مون کان وڌيڪ ڏٺو ڪو نه ٿيو ۽ مان اتان رمونءَ
لاءِ اٿاهه نفرت دل ۾ سانڍي هلي آيس. منهنجين اکين
مان ڳوڙها وهڻ لڳا ۽ دل سڏڪي رهي هئي. مان پنهنجي
گهر هلي آيس ۽ سڌو مٿي ڪوٺي تي چڙهي ويس. ٽانڪيءَ
کان بيهي جبلن جي پٺيان ويندڙ سج ۾ نهارڻ لڳس، سج
جا سونهري ڪرڻا ڄَمن
جي وڻن تي پئجي رهيا هئا، وڻن جو پاڇو اوريان دڳ
تي ٿي پيو. ويران ۽ دل کي ڏاريندڙ سانجهيءَ ۾
منهنجي دل تان بصران جون دانهون لهن ئي ڪونه پيون.
مان هٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀري روئڻ لڳس. ڏاڍي رُنم
– روئي روئي جڏهن ساڻي ٿي پيس، تڏهن ڳوڙها اُگهي
هيٺ لهي ويس ۽ کوهه تي هلي ويس. سوچڻ لڳس ته من
اتي دل وندرجي وڃي. اتي وڃي پاڻيءَ واري حوض جي ڀت
تي بيٺس ۽ پاڻي ڀريندڙ عورتن ۾ نهارڻ لڳس. انهن
مان ڪي جوان به هيون ته ڪي ٽيهن ٻٽيهن ورهين جون
به هيون. مرد به هئا ته ٻار به هئا. نيسر منجهان
ٿڌو ۽ شفاف پاڻي گڙ گڙ ڪري وهيو پئي. ڪن
کوهه مان بالٽيءَ سان پاڻي پئي ڪڍيو ته ڪي عورتون
دلا ڪڇ ۾ ۽ مٿن تي ڪيو گهر ڏانهن پئي ويون.
”اَئي
حاڪمِ هيءَ ڦُلي
گهڻي ورتئي؟“ زينب دلو کڻندي چيو.
”سترهين
رپئي ادو وٺي آيو هو.“
”ادي
بصران کي اڄ مڙس ڇاتئون پئي ماريو؟“ مون حاڪم کان
پڇيو.
”الائجي
ادي، مون کي ڪهڙي خبر. بصران جو ڪاڪڙو به آهي وڏو،
سو وات هڻڻ کان رهي ڪا نه ٿي، پوءِ مڙس کي اچيو
وڃي خار، ته پوءِ وجهي ڏنڊي ۾ هٿ ۽ ڦاڙي رن جو
مٿو.“ حاڪم نڪ کي موڙو ڏيندي چيو.
”اِهو
ته تون ائين ٿي چوين، ضرور ڪو سبب هوندو؟“
”ادي
صبوح لاڪون ٿي چاليهه رپيا گهريئين ته جيئن جوا
ڪري، تنهن
تي بصريءَ چيس ته مُئا هڪ ڪمائين ڪونه ٻيو وري
ڦُرين. شڪر ڪيان جو ادو بيلدار آهي. امان وڏيرن وٽ
ڪمائي ٿي، مان جنڊ پيهان، منهنجو پيرسن پيءُ
پراوا رونبا، لابارا ڪري، تڏهن وڃي ڪو بک کئون ٿا
بچون، نه ته
جيڪر سڀ ماني ڳڀي لاءِ ٻاٿون کائي مرون. منهنجا
مائٽ مون کي پالين پر تنهنجي ٻچن ۽ تنهنجو هنن
ڪهڙو ٺيڪو کنيو! ابي امان تي ڪهڙو ننگ پيو آهي
تنهنجن ٻچن جو. پالين نه پالين تنهنجي مرضي، نڙيءَ
تي کڻي لت ڏين ته سورن کئون ته ڇٽان.‘ بصران جو
ايترو چوڻ رمونءَ جو پادر
۾ هٿ وجهڻ. مڙس کي غيرت وٺي ويئي سو ويچاريءَ کي
رتوڇاڻ ڪري رکيائين. ٻي خبر منهنجي رب کي، پنهنجو
ڪهڙو ڪم جو پراون جهڳڙن ۾ ڦاسون.“
”پوءِ
بصران به هروڀرو ايترو ڇو ٿي وات ڪري، کڻي چويس ها
ته پيسا ڪونهن.“
”ادي
تنهنجون ڳالهيون ته هِن اجايون، سهي سهي به ماڻهو
ڪيترو سهندو، ۽ رمون ڪو ائين مڙڻ وارو آ ڇا جو نه
ڪرڻ سان ماٺ ڪندو. مرد به ڏاڍا بيرحم آهن، اصل
ڪهل ڪانه پوندي اٿن ته ڪو اولو سولو ڌڪ لڳي وڃي،
متان زال وسن جهڙي مري پوي ته پوءِ ٻچن جو پٺيان
ڪير ٿيندو. ڌڪ رحماني
ڌڪ شيطاني، عزرائيل ڪو ٻڌائي ته ڪونه ايندو آ.“
سانجهي ٿي ويئي هئي مان گهر هلي آيس. رات منهنجي
ڏکي گذري، ڏاڍي اڻ تڻ لڳي پئي هيم ته صبح ٿئي ته
بصران کان وڃي پڇان. پر وري ياد آيم ته سڀاڻي ته
اسڪول کليل آهي، سو صبح جو ته بصران جن جي گهر ڪا
نه وڃي سگهنديس. وري به جي وڃڻ ٿيو ته سانجهيءَ جو
وڃي سگهنديس، ڇو ته منجهند ٽاڪ جو امان اسان کي
گهر کان ٻاهر نڪرڻ ڪانه ڏيندي هئي. اِنهيءَ خيال
ايندي ئي منهنجي دل وسامي ويئي ۽ الائي رات جو
ڪهڙي وقت سوچيندي سوچيندي ننڊ اچي ويئي.
جهونجهڪڙي جو اک کليم، ٿڌڙي اتر هير گهلي رهي هئي.
هوا ۾ گلن، ساوڪ ۽ وڻڻ جي ٻور جو سڳنڌ ڀريل هو.
چؤطرف ساوڪ ئي ساوڪ هجي ۽ وهندڙ واهن جي پاڻيءَ
جي گڙ گڙ ۽ ٻيو وري پکين جي چُون چُون. سڄو ڳوٺ
ستل هو صبح جي ماٺ ۾ کوهه تي بالٽين ۽ دلن جي
ٽڪرائڻ جو آواز ۽ ڪنهن ڪنهن. گهر منجهان جنڊ پيهڻ
جو آواز هو، جنهن آواز ۾ عورتن جي نماڻائي، سورن
ڀريا سڏڪا ۽ بيوسي هئي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ائين
ٿي لڳو. مان ڊوڙي هيٺ هلي آيس، هٿ منهن ڌوئي، نم
جو ڏندڻ ڏئي پوءِ وڃي مَٽ مان ٿڌو پاڻي گلاس ڀري
پيتم، امان مُصلي تي عبادت ڪري رهي هئي. منهنجي هٿ
۾ ڪتابن جو ٿيلهو هو. امان جي ڀرسان ڳچ وقت بيٺي
رهيس. امان جي منهن تي ٿڌڙيءَ هير جهڙو سڪون هو،
سندس اکين ۾ سمنڊ جهڙي گهرائي هئي. امان مون ڏانهن
نهاريو، سندس چپڙن تي مُرڪ اُڀري آئي – الا . امان
جي مرڪ ڪيتري نه پياري ۽ مقدس هئي – اِها مرڪ مان
اڄ ڏينهن تائين وري ڪا نه ڏسي سگهيس. . امان مون
کي ڀاڪر ۾ جهلي ويهاريو ۽ مون کيس ڳلن تي،
پيشانيءَ تي، وارن تي، کوڙ چميو ۽ امان به. پوءِ
مان اسڪول هلي ويس.
سانجهيءَ جو مان بصران جي گهر ويس.بصران مال جي
اڳيان دونهي پئي دکائي، سندس اکين ۾ دونهين جي ڪري
ڳوڙها ڀرجي آيا هئا، جيڪي ڳلن تائين وهي آيا هئا.
(ماهوار
”مظلوم“ مئگ، گنبٽ: جون، جولاءِ 1985ع ۾ ڇپيل)
وکريل سوچون
اسان جي شادي ٿيل هئي ۽ اها به پيار وچان، اسان کي
هڪڙو ٻار به هو.ٻار ڏاڍو سندر هو. اهو ٻار، پيءُ
کي به ڏاڍو پيارو هو ۽ مون کي به.
پر هيئن ٿيو جو ڪجهه سالن کان پوءِ منهنجي گهر
واري کي هڪ ٻي عورت وڻي ويئي ۽ هن گهر ۾ دلچسپي
وٺڻ ڇڏي ڏني ۽ ڏاڍو چيڙاڪ ۽ ڪروڌي ٿي پيو ۽ مان
ڌيرج کان ڪم وٺي هن جو سڀڪجهه سهڻ لڳس. آخر هن جي
جيون ۾ زلزلو آيو هو. جذبن جي اُٿل پٿل ٿي هئي.
قيامت اچي ويئي هئي هن جي
دل ۾.
مون کي ڇڏي نٿي سگهيو ۽ هن سان ته نئون نئون نينهن
جو ناتو جوڙيو هئائين.ڀلا اها دل تان ڪيئن ٿي لهي
سگهي. انڪري مون کي ئي زهر جو ڍڪ ڀرڻو پيو. چاهيو
ته مون به ائين ئي هو ته هن کي ڇڏي وڃان پر دل نه
مڃيو ته ڪو هن کي ائين هيکل ڇڏي وڃان. منهنجي دل
جي دنيا اجڙيل سهي، پر هو ته منهنجو پنهنجو. هن
منهنجي ئي گهر ۾ منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو.
مان هار سينگار ڪرڻ به ڇڏي ڏنو هو. ڪيان به ڪنهن
جي لاءِ ها. هن کي ته وڻيس ڪانه ٿي. ڪڏهن نظر ڀري
ڏٺو به ڪونه هئائين. هڪ ئي گهر ۾ رهندي به مون کي
ڏسڻ ئي ڇڏي ڏنو هئائين. ڄڻ مان هن لاءِ پرائي ٿي
وئي هجان. اوپري اوپري گذاريندي جُڳ گذريا هجن. هو
مون کي وساري جو ويٺو
هو. مان هاڻي سپنن ۾ جيئڻ ٿي چاهيان.
مون کي ورهيه ٿيا آهن پاڻ کي وساري، تو جو وساري
ڇڏيو. پوءِ مان پاڻ کي ڪيئن ياد رکان ها. پوءِ به
اڄ دل جي دنيا ٻهڪي پئي. ڪٿي ائين ته ڪونهي،تو مون
کي ڏاڍو ياد ڪيو هجي. يا هلڪي ئي سهي من ۾ ڪا ياد
اچي ويئي هجي. اڄ دنيا نئين نئين پئي لڳي.هيءَ
ڌرتي، هيءُ آڪاش ۽ هيءَ
پوري ڪائنات. هر شيءِ نکري پئي آهي، تنهنجي ياد
۾.تو ته منهنجي دل جي دنيا کي ويران ڪيو هو، پوءِ
هيءَ ڪهڙي خوشي آهي جو تَن۽ مَن تي ڇانئجندي ٿي
وڃي، ڪهڙو نکار اچي ويو آهي اجڙيل اجڙيل حياتيءَ
۾.
ڪنهن جي دل ڏکوئڻ مون سکيو ئي ڪونهي، منهنجي هٿن
جون اجڙيل ريکائون ڪنهن سنوارڻ ٿي چاهيون، پر
منهنجي دل نه مڃيو، تو ڪروڌيءَ سان جيئڻ ۾ به مزو
آهي، تنهنجي بي رخي، تنهنجي ڪاوڙ به پياري ٿي لڳي.
تنهنجي سرير تنهنجي آتما جا پاڇولا مون مٿان به
وکري ويا آهن. تنهنجي ڏکن ۾ گهارڻ مون سکي ورتو
آهي. انهيءَ جهڙي تهڙي جيون سان مون کي پيار ٿيڻ
لڳو آهي. زندگيءَ جون ڪنهن کان سڀ راهون ڦرجي وڃن
ته اهو انسان ڇا ڪندو. ڀٽڪي ئي ويندو نه؟ تون ئي
چئه ته مان ٺيڪ ٿي چوان نه. . . . ؟
مون کي جڏهن ڪنهن جو ٿيڻو ئي ڪونهي پوءِ پاڻ کي
ڇو بچايان، تون منهنجو ئي آهين، اها مون کي پڪ
آهي. تون مون کي وساري ڇڏيندين، اهو تنهنجي لاءِ
ممڪن ڪونهي، مون وٽ شڪتي آهي. شڪتي، پيار جي شڪتي،
وشواس جي شڪتي، سچائيءَ جي شڪتي، ان وشواس کان
پلوَ آجا ڪرائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
تو کان سواءِ منهنجي دل جي دنيا اجڙي وئي آهي. تون
مون کي وري پيار ڪرڻ لڳندين اهو ته مان نٿي چوان
پر تون مون کي وساري ويهندين، اهو تنهنجي لاءِ
ممڪن ڪونهي.
اڄ منهنجي دل جي دنيا سدا جي لاءِ ٻهڪي پئي
آهي.ورهين کان پوءِ تو مون کي نظر ڀري ڏٺو جو هو،
ڀرپور پيار سان، سڪ سان ٽمٽار ٿيل نگاهن سان جو
ڏٺو هو.
تون ڏاڍو ڳالهائڻو ٿي پيو آهين. ايڏو ڳالهائڻ ڪنهن
کان سکيو آهين. ان انداز ۾ به وڻين پيو، جيڪو
ڳالهائين پيو، اجايو سجايو ڳالهائيندو وتين. سچ ته
اهو به ڏاڍو وڻي پيو،دل پئي چوي ته سڄي جڳ جي
سامهون توکي ڀاڪر پايان، پر ائين ڪري نه سگهيس،
تون پنهنجي لال ڪنوار سان گڏ جو هئين. پوءِ مان
تنهنجي ويجهو ڪيئن ٿي اچي سگهيس. پوءِ به ڄڻ من ۾
سوين گل ٽڙي پيا، آسمان ڏينهن ڏٺي جو ڄڻ تارن سان
ڀرجي ويو، ڄڻ ڀنل نيڻن ۾ تارا ٽمڪي پيا هجن. ڄڻ
ڪروڙين ديپ ٻري پيا هجن. هاڻي مان ڏکن کي پنهنجي
ويجهو اچڻ نه ڏيندس. تون ڪنهن ٻيءَ جو سهي پر
دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ مان به رهڻ لڳي آهيان. پهريان
مون کي پنهنجي پيار تي رڳو وشواس هو ۽ هاڻي
تنهنجي پيار ۾ مان به جيئڻ لڳي آهيان. تو مون کي
وساريو ناهي. اهو تو ان ڏينهن مون کي يقين ڏياريو
هو، پريت ڀريل نيڻن سان. مون کي تون وسار نه مان
تُنهنجي آهيان. تنهنجي نهار ۾ ڇا ته قيامت هئي.
پياري پياري دل ۾ چڀندڙ نهار ساهن ۾ سمائجي ويئي
هئي. ان ڏينهن ته مان پنهنجي ڪپڙن ۾ نه پئي ماپان.
دل پئي چوي ته سڄي جهان کي پاڻ سان کلايان. سڄو
جڳ ٽڙي پيو هو. مون سان گڏ.
ان ڏينهن دل چيو هو ته توکي ٻانهن کان جهلي پاڻ
سان گڏ گهر وٺي وڃان ها. پر تو سان گڏ تنهنجي لال
ڪنوار جا هئي. پنڌ هلون ها. جيئن رستو ڪڏهن نه
کٽي. ها جي هلين ها مون سان گڏ؟ نه هلين ها نه.
تون مون کي پٺي ڏئي بيٺو هئين. تون سيتا ۽ رام
وارو قصو ته پڙهيو يا ٻڌوهوندو نه؟ يا اهو مجسمو
ته ڏٺو هوندو؟ مان راوڻ ته ڪا نه هيس جو مون کي
پٺي ڏيئي بيهين. ايڏي بري ته ناهيان مان، نه مان
راوڻ آهيان ۽ نه تون ئي سيتا آهين؟ پوءِ اهو ناٽڪ
ڇو رچايو اٿئي؟ ڪروڌ ڪرڻ ڇا رڳو توکي ورثي ۾ مليو
آهي.ڪاوڙ ڪنهن ٻئي کي نٿي اچي سگهي؟ تون مون کي
ڀلي وساري ڇڏ. تو کي مان ياد ڪيان، تو کي مان
ساريان، تو کي مان دل ئي دل ۾ پيار ڪيان، ڪنهن کي
سڌ به نه پوي، ته ڪوئي تو کي ڪيڏو نه دل جي گهراين
سان پيار ڪرڻ لڳو آهي، تو کي به خبر نه پوي، تون
مون وٽ ڪڏهن لڙي نه ايندين. اها مون آس لاٿي ناهي،
لاهيان به ڪيئن، تون ايڏو پيارو جو آهين. تون نه
ايندين؟ مان ڪيئن پنهنجي پيار تان ويساهه ختم ڪري
ڇڏيان. اڄ وري دنيا نئين پئي لڳي. ڪٿي تو وري ته
نه وساريو آهي. ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. تون مون کي
ياد ڪرين ۽ منهنجو من ٻهڪي نه اٿي، دل جي دنيا
امنگن سان آباد نه ٿئي، نيڻن ۾ جوت نه جاڳي، هيڪر
جو ساريندي اچي وڃي ته ڄڻ مون کي سرڳ ملي وڃي، ٻن
گهڙين لاءِ ڇو نه اچين، تون جو وساري ويٺين ته ڄڻ
سڄو جڳ وساري ويٺو. تون منهنجي ڪڏهن سار نه لهڻ
ايندين. اهو مان ڪيئن پنهنجي پيار تان ويساهه
وڃائي ويهان. تون هٺيلو آهين. بس انڪري مون وٽ نٿو
اچين، توکي ڪوئي پيار جي ڪڙين سان جڪڙي ويٺو آهي،
اهو ممڪن ڪونهي، تو کي مون جيڏو پيار ڪير ڪري ئي
نٿو سگهي.
مون وٽ تنهنجي امنگن سان سڄوسنسار وسيل آهي. ان
کان منهن مٽڻ ايڏو آسان ڪونهي. سيارو وري آيو آهي
تنهنجون يادون کڻي. سياري جي موسم کي ور ور ڪري
چمڻ تي دل ٿي چوي. پر ڇا ڪريان موسم کي محسوس ته
ڪري ٿو سگهجي. پاڻ ۾ سمائي سگهجي ٿو پر پيار جي
ٻنڌڻن سان جڪڙي نٿو سگهجي. آسن ۽ اميدن کي اکڙين ۾
سموئي سگهجي ٿو پر ڪنهن جي ياد کي جڪڙي نٿو سگهجي.
ڪنهن جي يادن سان دل جي دنيا آباد ڪري سگهجي ٿي پر
ڪنهن جي سرير کي آتما کي پاڻ وٽ قيد نٿو ڪري سگهجي.
پر نه تنهنجو سرير ڀلي ڪٿي به هجي، ڪنهن جو به
هجي، پر آتما تي ڪنهن ٻيءَ جو وس نٿو هلي سگهي،
تنهنجي آتما مون وٽ قيد آهي. تنهنجي آتما منهنجي
يادن سان جڪڙيل آهي. تنهنجي من ۾ امنگن جي هيرا ڦيري
آهي. جنهن کي تون پيار سمجهي ويٺو آهين.ٿورو دل کي
سمجهي ڏس. تو کي مون تي ويساهه اچڻ لڳندو ته
ڪنهن پاڻ کي مٽائي تو سان پيار ڪيو آهي. پاڻ کي
برباد ڪري، تنهنجين يادن سان دل کي آباد ڪيو آهي.
تون مڃين يا نه مڃين، مون تو سان پيار ڪيو آهي. تو
تان پاڻ گهوريو آهي. تون وساري ويٺو آهين. سڀڪجهه.
پر مون کان ته ڪجهه به ناهي وسريو. اڄ به
ائين ٿو لڳي ڄڻ هينئر هينئر جدا ٿيا آهيون. سڀئي
پراڻا گيت ماڻهن جي لاءِ تفريح هوندا آهن. پر
منهنجي لاءِ عبادت آهن، مان اهي گيت ننڍپڻ کان
ٻڌندي ٿي اچان ۽ روز صبح جو سوير جهونجهڪڙي مهل
اٿي گيت ٻڌندي آهيان.
پيار ڪرڻ منهنجو ايمان آهي.پريت ڪرڻ منهنجو ڌرم
آهي، ڪنهن کي مان ڪيئن ڀلايان. تون ايڏو ياد جو
اچين ٿو. تو کي نه ساريان ته مان جيئندس ڪيئن!؟
سڀڪجهه ٽڙي پکڙي ويو آهي. هڪٻئي جي ويجهو نٿا اچي
سگهون پر تو کي مان ساري ته سگهان ٿي نه.
گهڻا سال اڳ مان انسانن سان ڪيڏو نه ويجهو هيس.
ڪيڏي نه انسانيت هئي. سڀڪجهه ٽڙي پکڙي ويو. مان
ڪيتري نه سٻاجهي ۽ مهربان هوندي هيس پر پوءِ
سڀڪجهه ختم ٿي ويو.اهو انسانن سان پيار، اهو
انسانيت ۾ ايمان،سڀڪجهه. ڄڻ مون تي ڪنهن اداس موسم
جهڙي ڪيفيت طاري ٿيندي آهي.
سرنهن جا لُڏندڙ پِيلا پِيلا گل ياد ايندا آهن.
ساين ٻنين ۾ بيٺل نيرا نيرا ننڍڙا ڪومل ڪومل گل
ياد ايندا آهن. مون ۾ جڏهن تون اچي وسندو آهين.
تڏهن به اهڙي سرهاڻ ڀري چپن تي مرڪ مڙي ايندي آهي.
اهڙي ئي اُداس ڪيفيت روپ ريکائن تي وکري ويندي
آهي. اهڙي ئي اُداسي آتما تي وکري ويندي آهي.
منهنجي پنهنجي هڪ دنيا آهي، جيڪا روح ۽ دل ۾ آباد
ٿيل آهي. اها سوچن ۾ وکريل آهي. اها دل جي دنيا
ايڏي سونهن ڀري آهي. اها دنيا گيتن ۾ پويل آهي،
گلن جي سرهاڻ ۾ وکريل آهي. ٻارن جي مٺي مٺي مرڪ ۾
سمايل آهي. آڪاش ۽ ڌرتيءَ تي وکريل آهي، سمنڊ جي
گهراين ۾ سمايل آهي. سرمئي
ڪڪرن ۾ سمايل آهي. جهڙ جي ڇانوَ ۾ سمايل آهي. رم
جهم برساتي راتين ۾ سمويل آهي. گلن جي ڪوملتا ۾
سمايل آهي. منهنجي دل جي دنيا سمنڊ جي لهرن جي
سنگيت ۾ سمايل آهي. منهنجي دل جي دنيا دريائن جي
ماٺ ۾، جهرڻن جي تيزي ۽ چنچلتا ۾ وکريل آهي، پهاڙن
جي بلندين ۾ وسايل آهي. ٻڌاءِ منهنجي دل جي دنيا
ڪٿي ڪٿي ناهي آباد! تون مون کي ناس نٿو ڪري سگهين،
اهو تنهنجي وس ۾ ناهي.
ڪن ڪن انسانن ۾ سانجهيءَ جهڙي اُداسائي ۽ جهرجهري
هوندي آهي ۽ جهونجهڪڙي جهڙي ماٺائي هوندي آهي. مان
پنهنجي لاءِ ڇا چوان، منهنجي آتما به ڪجهه اهڙي
آهي.
تون ڪيڏو نه بدنصيب آهين جو مون کي تون نه پنهنجو
ڪري سگهين؟ مان تنهنجي ڪيڏي نه سيوا ڪريان ها، اهو
ته تو کي اندازو ئي ڪونهي. مان تو کي ڪيڏو نه
نينهن جي ناڪيلي ۾ جڪڙيان ها، اهو به تو کي اندازو
ڪونهي، مان تو کي ڪيڏو نه پيار ڪريان ها، اهو تو
کي سڄڻ گهر ۾ ئي سرڳ ملي وڃي ها. تون منهنجي پيار
جي ٻنڌڻن ۾ جڪڙجي ته ڏسين ها.
ڌرتيءَ جي نه اڃ ٻجهي ۽ نه پياس مٽي، ڌرتي ماتا
جا ٻارڙا جو اڃايل بکايل هئا، پوءِ هوءَ ڪيئن نه
ويڳاڻي ويڳاڻي نظر اچي.
اڄ هڪ گيت ٻڌڻ تي دل پئي چوي ۽ اهو مون بار بار
ٻڌو. ان گيت ڌرتي آڪاش، وڻن ٽڻن ۽ پکيئڙن کي به
مست ڪيو، ٻه ڪانوَ چهنب ۾ گرهه کڻي ڌرتيءَ تي اچي
ويٺا ۽ پاڻيءَ ۾ گرهه ٻوڙي کائڻ لڳا. اهو گيت
منهنجي امڙ کي به ڏاڍو وڻندو هو. اهو گيت هيئن هو:
نیا
تیری منجھ
دھار ہوشیار
ہوشیار
ہو نیا
تیرے منجھ
دھار
سوجھی آر
نہ پار ہو نیا
تیری منجھ
دھار
ڈر
کیسا
کھلا ہوا آسمان ہے
سنبھل کے ماجھی سنبھل
کے ماجھی
تیری ناوَ
میں طوفان
ہے
گہری چنچل
دھار
نیا
تیری منجھ
دھار ہو نیا
تیری منجھ
دھار
کانچ کا ٹکڑا
بہہ جاتا ہے
لوہا ڈوب
کے رہ
جاتا ہے
گیانی سوچ
ویچار
نیا
تیری منجھ
دھار، ہو نیا
تیری منجھ
دھار۔
ڌرتي ماتا اهو ناهي ڏسندي ته ماني ڪوجهڙو ٻارڙو ٿو
کائي يا اهو مانيءَ جو گرهڙو ڪنهن حسين ٻارجي وات
۾ ويو.
جيئن مور جا پير ڪوجها هوندا آهن، جن کي ڏسندي
ڏسندي مور روئي پوندو آهي.پر پوءِ به پير ڪوجهائي
سهي، هوندا ته هن جي جسم جو حصو آهن. ساڳيءَ طرح
ماءُ جي لاءِ ڪوجهائي سهي، ٻار ته ٻار ئي آهين.
اجهاڻل آس جا ڏيئا وري ٽمڪڻ لڳا هئا.
مان
اڪيلي جڳن کان جيئندي پئي اچان، صبح جو ساجهر
پکيئڙا وڻن ۾ اچي چرٻٽو ڪندا آهن، رس ڀريون ٻوليون
ٻوليندا آهن، مان انهن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندي
آهيان. نه ته ماڻهن ۾ ايترو ميٺ ڪٿي جو ٻه گهڙيون
انهن سان گهاري سگهجي.
انب جي وڻ ۾ ڪوئل اچي ويٺي. هوءَ وات کولي پنهنجي
نقلي ماءُ کي سڏڙا پئي ڪري. ڪانويلي ڪا هن جي اصلي
ماءُ ڪانهي. ڪويل سڏڙا ڪندي رهي. هن کي اصلي ماءُ
جو ڇڏي هلي ويئي هئي. ازل کان اها پيار جي ريت
هلندي اچي. اڄ ڪڪرن وانگر اکيون ڀرجنديون ٿي ويون.
دل بار بار رنو پئي.
اڄ جيءَ کي جهنجهوڙيندڙ هڪ گيت صبح جو ساجهر
ريڊيو سيلان تان هليو پئي:
جہاں کوئی نہ
ہو وہاں چلیں گے ہم
بلم دنیا
والے برے ہیں تیری قسم
جہاں کوئی نہ
ہو۔
تمہین
پریت
کی ریت
سے کیا
لینا
ہے
انہیں پیار
بھری دلوں کو ٹوٹنا
ہے
تیرے ساتھ
ہے میرا
دل بلم تیری قسم
مجھے کیا
جو باغ مین
پھول کلیں
کلیاں چٹکیں
کلیوں کو
دیکھ
کے روئے کویل
میرے دم
کی ساتھ
ہے میرا
دم
بلم دنیا
والے برے ہیں تیری قسم
جہاں کوئی نہ
ہو وہاں چلیں گے ہم
دنیا
والے برے ہیں تیری قسم
ديوداس وانگر پاڻ مٽائيندڙ عورتون اڄ به موجود
آهن، انهن عورتن مان، مان به هڪ آهيان، جو مان
پنهنجي جيءَ کي جهوري ڇڏيو، پنهنجي حياتيءَ کي ته
ڊانوان ڊول
ڪري ڇڏيو.
اڄ منهنجي دل ڏاڍو رنو پئي، ائين ٿي لڳو ڄڻ اڄ سدا
جي لاءِ وڇڙي ويا هجون، جدا ٿئي ته ويهه ورهيه
گذري چُڪا آهن. مون سان گڏ رات رني، وڻ ٽڻ رنا،
پکي پکڻ رنا ڄڻ ساري ڪائنات رني هئي. گيت رنا،
گلشن، سنگيت رنو ڄڻ سڄو چنڊ رنو پئي. وياڪل من کي
ڪٿي به چين نه پئي آيو.
قدرت، نيچر سڀني کي پنهنجي طريقي سان حياتي گذارڻ
جو حق ڏنو هو پوءِ الائجي ڇو منهنجي زندگيءَ کي
انهيءَ حق کان وانجهيل رکيو هو.
مون هڪڙو قول پڙهيو هو، جيڪو هيئن هو ته:
”تارا
هميشھ
اونداهيءَ
۾ چمڪندا آهن.“
مان ڪالهه کان هڪڙو گيت بار بار پئي ٻڌان، پر من
آهي جو ورچجي ئي نٿو. شايد ڪوئي بيحد پيارو ماڻهو
اچڻ وارو آهي، تنهنڪري ئي شايد منهنجي اڻ ۾ ڪانوَ
اَچي ڪان ڪان ڪئي آهي. ان ڪري ور ور ڪيو اهو گيت
چپن تي اچي ٿو وڃي!
مورےاٹریا
پی کا
گیا
بولے
مورا جیا ڈولے کوئی آرہا
ہے
مورے من
میں اٹھی ہے امنگ
رے
ہو مورا پھڑکے ہے بانیاں انگ
رے
مورے من
کی مرلیا
پہ ہولے ہولے
سر گهولی گهولی کوئی گا
رہا ہے
مورے اٹریا
پی کا
گا بولی
مورا جیا ڈولے کوئی آرہا
ہے
آج بگیا
میں آئی بہار
ہے
ہو مورے جیون
میں سولہ
سنگھار رے
مورے کانوں میں گن
گن بولی بولی
رس گهولی گهولی کوئی گا
رہا ہے
مورے اٹریا
پے کا
گا بولی
مورا جیا ڈولے کوئی آرہا
ہے
مورے ماتھے پہ
کم کم کے بندیا
آج لونگی نا
پل بھر میں ندیا
ٹھنڈی ٹھنڈی ہوائوں کے جھولے
گھونگٹ پٹ کولے
جیا
لہرا رہا ہے
موریا
اٹریا
پے کا
گا بولی
مورا جیا ڈولے کوئی آرہا
ہے
جيون جي راهن تي اڪيلي هلندي هلندي، مان ٻلوان ٿي
پئي آهيان، ڏک منهنجي ساهن ۾ رچجي ويا آهن. ڏک سڀ
سيمائون اڪري دل ۾ پهچي ويا آهن. ڪنڊن سان سڄو
رستو ڀريل آهي، پيرن سان گڏوگڏ دل به رتوڇاڻ ٿيندي
ٿي وڃي.
(ڪاوش
ڪتابي سلسلو ڪهاڻي، ڪاوش گروپ آف پبليڪيشن
حيدرآباد، مئي 2000ع ۾ ڇپيل)
جاڳرتا.
. . . . !
آسمان ۾ ڪڪر مڙي آيا هئا. اهي، سُرمئي ۽ سُرخي
مائل هئا. هميشھ جيان
ڪارا ۽ ڪڪوريل نه هئا. ڄڻ ڪنهن هاريءَ پيار سان
ڌرتيءَ تي هر کيڙيو هو، آسمان ۾ ڪڪر ڪجهه گڏ ۽
ڪجهه ڇڙوڇڙ ٿيل هئا. ائين جيئن ڌرتيءَ کي کيڙي
مٽيءَ کي الڳ الڳ ڪري ڇڏبو آهي ۽ ڌرتي رسي پوندي
آهي ته
منهنجي سيني کي چيري هي ڪهڙو من ۾ ڪروڌ ڀريو اٿوَ،
پر ڌرتيءَ کي ڪهڙي خبر ته انهيءَ اتياچار جي پويان
ڪهڙا سُندر سَپنا دفن ٿيل آهن. بکايل ماڻهن جا
سپنا، ماني ڳڀي لاءِ سڪايل ماڻهن جا سپنا، انگ
اگهاڙن، پيٽ بکايل ماڻهن جا سپنا. ڌرتي ماءُ ته
دانهن ڪندي آهي ته هي
ظلم ڇو پر هن کي اها سڌ نه هوندي آهي ته کيس ساوڪ
جو نئون نڪور ويس پارايو ويندو ۽ ان لاءِ کيس ننگو
به ٿيڻو پوندو آهي ڇو ته ڪروڙين انسانن جو انگ
ڍڪيو ويندو آهي. ڌرتيءَ ماءُ کي سور سهڻا پوندا
آهن، ته سندس ٻچا ٽهڪڙا ڏين. پر پوءِ ٿورڙا ماڻهو
انهن ڪروڙين انسانن کان اِهو مانيءَ ڳڀو کسي وٺندا
آهن ۽ اُهي بکايل ٻار هٿن ۾ سڪل ٽڪر ۽ ڳلن تي
ڳوڙها کڻي ننگا تتل ڌرتيءَ تي پيرين اگهاڙا ڀٽڪندا
وتندا آهن. ويران ويران اکيون کڻي ڳڀي کي ڳوليندا
آهن، جيڪي چانديءَ جو سڪو بڻجي وڏيرن جي ٽجوڙيءَ ۾
بند ٿي ويندا آهن.
(ناري
پبليڪيشن حيدرآباد: مئي 1988ع ۾ ڇپيل)
مَتو
آهين مَڇ
مينا کي بئنڪ ۾ ڪم ڪندي لڳ ڀڳ هفتو کن ٿيو هو.
هوءَ بئنڪ ۾ ٽائيپسٽ هئي. هن جو پيءُ جيلر هو. هو
ويجهڙائيءَ ۾ رٽائر ٿيو هو ۽ هاڻي مينا ئي اڪيلي
سر گهر جو بار کنيو هو. زندگي هُيَن انڪري ڀوڳڻ
لاءِ مجبور هئا.
ڏهه کن ٿيا هئا مينا ويٺي ٽائيپ ڪئي. ان ساڳئي ئي
ڪمري ۾ ٻيا به ٽائيپسٽ ويٺل هئا.
”ادي،
اوهان کي صاحب سڏي ٿو.“
پٽيوالي جي آواز تي مينا مٿي نهاريو.
”اچان
ٿي،“
چئي مينا اٿي کڙي ٿي.
صاحب فون تي ڪنهن سان ڳالهايو پئي. مينا کي هٿ جي
اشاري سان ويهڻ لاءِ چيائين. هوءَ ڪرسيءَ تي ويهي
رهي. ڪجهه پلن کان پوءِ صاحب فون بند ڪندي مينا کي
چيو:
”ڪم
ڪيئن پيو هلي؟ - ڪا تڪليف ته ڪانهي نه؟“
”نه
سائين تڪليف ڪهڙي – ڪم ڪرڻو آهي سو ڪيان پئي.“
”مون
ڀانيو ته بئنڪ جو ڪم ڪجهه سخت آهي،اوهان نيون هتي
آيل آهيو. اوهان کي ڪنهن به قسم جو اهنج هجي ته
بنا ڪنهن هٻڪ جي مون کي ضرور ٻڌائجو.“
”نه
سائين اوهان جا لک لائق، ڪم ڏکيو يا سکيو ڪرڻو
ته آهي.“
”ڪڏهن
به ڪم ڪار هجي ته مان حاضر آهيان. مون سان حجاب نه
ڪجو. بئنڪن ۾ سنڌي ڇوڪريون نه هجڻ جي برابر آهن،
پر منهنجي آفيس ۾ ته هڪ تون ئي آهين.“
هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ هلي آئي. مينا سوچڻ لڳي ته
صاحب ڪيترو نه سٻاجهو ۽ گنڀير سڀاءَ جو آهي.
بئنڪن ۾ گهڻو ڪري ڏهين بجي کان پوءِ رش ٿيندي آهي.
ان ڏينهن صبح جو سوير صاحب سڏايو هوس. هوءَ سمجهي
نه سگهي هئي، ته ايڏو سوير صاحب جو ڪهڙو ڪم آهي.
”مينا
– معاف ڪجو مون اوهان کي تڪليف ڏني. اصل ۾ هفتي
کان ڪجهه اوهان کي چوڻ پئي چاهيم پر همت ڪا نه
ٿيندي هئي.پر لڳيم ٿو ته ٻن ٽن ڏينهن جي ماٺ
منهنجي جيءُ کي جهوري وجهندي .
. . .“
هڪ ساعت لاءِ صاحب خاموش ٿي ويو ۽ مينا جي چهري تي
آيل تاثرات ڏسڻ لڳو.
”معاف
ڪجو، مان اوهان جي ڳالهه سمجهي ڪانه - ؟“ مينا
سمجهندي به ڏاڍي تکي لهجي ۾ چيو.
مينا جي دل ۾ هڪ لحظي ۾ ئي صاحب لاءِ عقيدت جو
جڙيل محل اچي پٽ پيو.
”مون
ڪنهن ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ ته ڪو نه پئي ڳالهايو جو
اوهان سمجهي نه سگهو. اصل ۾ مان توهان کي پنهنجو
ٿو سمجهان. انڪري اوهان جي مدد ڪرڻ ٿو گهران.“
”جي؟“
’ملي
اٿم اها ٻن اڍائي سون واري نوڪري! روزگار جي اها
ضمانت به کسجي ويئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟‘
هوءَ وسوسا پاڻ سان کڻي وڃي صاحب وٽ پهتي.
”مون
ٻه چار ڏينهن اڳ اوهان کي عرض ڪيو هو اوهان ان
لاءِ ڇا سوچيو؟“
”جي
– مون کي ته ڪجهه ياد ڪونهي. اوهان ڪهڙي ڪم لاءِ
چيو هو.“ مينا جي نڙيءَ مان لفظ ڀڄندا ڀرندا پئي
نڪتا.
”اوهان
کي مان ياد ئي نه آهيان ته پوءِ منهنجي چيل ڳالهه
ڪيئن ياد پوندي؟“
”معاف
ڪجو سائين هن اڏوهي کاڌل سماج توهان کي پنهنجي
آفيس ۾ گهرائڻ جو حق ته ضرور ڏنو آهي پر ذاتي
ڳالهين ڪرڻ يا رهاڻ ڪرڻ جو ڪو به حق اوهان کي نٿو
پهچي.“
مينا جي اکين ۾ رت ڀرجي آيو. دل ۾ آيس ته پيپر ويٽ
کڻي صاحب جي مٿي ۾ وهائي ڪڍي؛ پر هوءَ ائين نه ڪري
سگهي، دل
جو سور دل ۾ پي ويئي. هوءَ جڏهن آفيس مان وڃڻ لڳي
ته صاحب جو ڳرو آواز ڪن تي پيس:
”ايڏو
جذباتي ٿيڻ چڱو ته ڪونهي.“
”معاف
ڪجو- مان ڪا انڌي ته ڪانه آهيان جو توهان جي مدد
جي ضرورت پويم. منهنجي خيال ۾ ته اوهان جي
همدرديءَ جا مستحق ته فٽ پاٿ تي ويٺل ڪمزور ۽ نٻل
اپاهج آهن. صدين کان پيا واجهائين ته الله جو ڪو
نيڪ بندو سندن جهولي ڀري“. ائين چئي هوءَ صاحب جي
ڪمري مان نڪري آئي.
’هون!
ڪُتي جو پٽ سمجهي ڇا ٿو پاڻ کي؟ هليو آهي منهنجي
مدد ڪرڻ. ڄڻ مان کيس روئي دانهن ڏني هئي ته اسين
بک ٿا مرون سو الله ڪارڻ منهنجي مدد ٿو ڪري.آخر
مون جهڙا ٻيا به ته ٽائپيسٽ آهن، انهن کي به ته
گهر گهاٽ هلائڻو هوندو، پوءِ انهن کي ڇڏي مون تي
رحم آيو اٿس.
’رحم
. . . همدردي . . . هون ڪيڏا نه دل کي ڪمزور ڪندڙ
لفظ آهن. آفيم جيان نشو ڏيندڙ، فرضن کان غافل ڪندڙ
آهن. هن سماج کان حق ڦري وٺڻ گهرجن. سک ۽ حق الله
مٿان جهول ۾ ڪو نه اڇليندو. پر اهو سماجي شعور
آهي، جيڪو فردن کي اجتماعي سوچ ڏئي ٿو ۽ ڏونگر
ڏاري رستي ۾ ايندڙ پٿر کي ڀڃي ڀور ڪري هڪ نئين
سماج جي اڏاوت ڪجي جتي ڪو به رحم جوڳو نه هجي ۽ ڪو
به ڪنهن تي رحم نه کائي.‘
مينا جون سوچون نانگ جي زهر جيان سڄي جسم ۾ پکڙجڻ
لڳيون. ڪيترن ڏينهن پڄاڻان صاحب کيس پاڻ وٽ وري
سڏايو. مينا ڀانيو ته صاحب کي پنهنجي غلطيءَ جو
احساس ٿيو هوندو. خدا پيو خير ڪري. مس مس ته ايڏي
جاکوڙ کان پوءِ نوڪري ملي آهي.‘
”اوهان
سمجهو آهيو، اها ته ڄاڻ هوندوَ ته هتي نوڪريون
ڪيئن ملنديون آهن؟ هڪڙي سفارش. . .. . .. ٻيو رشوت
. . . .. ۽ ٽيون . . . “ ٽيون لفظ ڪڍندي صاحب جي
چپن تي مڪروه مرڪ تري آئي ۽ ”ٽيون . . .. عورت
پنهنجي سفارش پاڻ آهي. ان کي ڪنهن سفارش جي ضرورت
ڪانهي. آئي ڳالهه سمجهه ۾ . -؟“
(پندرنهن
روزه عبرت مئگزين: 15 جنوري 1984ع ۾ ڇپيل)
نِردئي
گنگا
منهنجو جيون ٻن حصن ۾ ورڇيل هو يا منهنجو وجود ٻن
عورتن ۾ ورهايل هو. ٻنهي عورتن ۾ ڪهڙي نه هڪجهڙائي
هئي. هوءَ اڻ پڙهيل قبائلي عورت هئي، جنهن کي مان
نيلي سڏيندو هوس. ٻئي منهنجي هستيءَ جي وجود ۾
سمايل هيون يا مان هنن جي ساهن ۾ رچيل هوس.
سانوڻ جا ڏينهن هئا، پنهنجي ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو
مون هڪ خوبصورت گهر ٺهرايو هو، جنهن جي چؤطرف ساوا
ساوا کيت هئا. سياري ۾ سونهن ڄڻ ڌرتيءَ تي پلٽجي
پوندي هئي. سرنهن جا پيلا پيلا گُل نيڻ نهار تائين
ٽڙيل هوندا هئا.
ان ڏينهن مان پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ ويٺل هئس. ٽيبل
تي وسڪي پيل هئي. هڪ گلاس، تنهن ۾ برف – منهنجي
هٿ ۾ هڪ ڪتاب هو، منجهس جڳ مشهور مصورن جون
تصويرون ٺاهيل هيون. مان انهيءَ کي ڏسڻ ۾ مگن هئس
۽ هوريان هوريان وسڪي به پئي پيتم، آسمان تي
ڪاريون گهٽائون ڇانئجي ويون هيون،
گهرا گهرا سرمئي رنگ جا ڪڪر ڄڻ گنگا جون اکيون.
مون تي هلڪو هلڪو نشو به ڇانيل هو، تنهن جي ڪري
هر تصوير ڌنڌلي پئي نظر آئي، اچانڪ ڪارين گهٽائن
وسڻ شروع ڪيو. ۽ وسڻ به بي انتها. آسمان ۾ ڄڻ
هزارين گهوڙا هڪ ئي وقت ڊوڙندا هجن، گجگوڙ هانوَ
ٿي ڏڪايو ۽ وڄ گهڙي کن
لاءِ چمڪي وري پنهنجي پويان گُگهه اونداهي ڇڏي ٿي
ويئي، منهنجي پويان رڙ ٿي منهنجي هٿن منجهان ڪتاب
ڇڏائجي پٽ تي ڪريو. مون پوئتي ڏٺو ڪا خوبصورت جوان
عورت هئي، ڀريل ڪوٽي ۽ گهيردار پڙو پيو هئس، هوءَ
ڪجهه ڪجهه هراسيل هراسيل نظر ٿي آئي ۽ سڄي پسي وئي
هئي، هوءَ پنهنجي لباس منجهان ڪا قبائلي عورت پئي
لڳي، هن شايد ڳچ وقت کان انهيءَ ساڳين تصويرن
منجهه منهنجي پويان جهڪي بيٺي نهاريو، هوءَ سڄي
ڀڄي وئي هئي ۽ ڀنل هجڻ ڪري سندس سونهن وڌيڪ نکري
آئي هئي. ڀريل ڀريل چپ. سهڻيون چيرويون گهريون
اکيون- تن مٿان ڀنل ڇپر، سهڻا ڊگها ڪمان
جيان ڀرون، ڊگهو سهڻو نڪ جنهن ۾ ڦلي پيل، گلي ۾
مالا ۽ ٻانهن ۾ چوڙيون، اڀريل ڇاتيون، اسان ٻنهي
هڪ ٻئي ۾ نهاريو، هن پنهنجا نيڻ جهڪائي ڇڏيا.
”تون
ڪير آهين - ؟“
”گنگا –
“
’اوهه
ڪيڏو نه پيارو نالو اٿس‘، مون دل ۾ سوچيو ”قبائلي
عورت آهين؟“
”ها .“
”تون
ايترو هراسيل هراسيل ۽ ڊنل ڇو آهين؟“
”بابو
جي، مون کي ڊپ ٿو لڳي.“
”پوءِ
هل ته اندر هلون، ڏس اسين ڀڄي ويا آهيون.“
”نه
بابو جي مون کي تو کان به ٿو ڊپ لڳي.“
”هيڏي
گهري اوندهه ۽ مينهن ۾ ٻاهر ڪيئن ويندينءَ؟ ۽ جيڪو
خطرو تو کي مون کان ٿو لڳي سو ته ٻاهر پاڻ وڌيڪ
آهي. هل ته ڪمري ۾ هلون، ٿورو
مينهن جهڪو ٿئي ته پوءِ ڀلي هلي وڃجانءِ. هوءَ
منهنجي پويان پويان هلڻ لڳي. هوءَ مون کي ڏاڍي وڻي
وئي هئي. هوءَ هئي ته پينو عورت پر پوءِ به ڏاڍي
پروقار ۽ مشرقي سونهن سان ڀرپور موهن جي دڙي جي
ڪائي مورتي پئي لڳي. مشرقي عورت جي سونهن کي هڪ
پنهنجو بيحد پرڪشش انداز هوندو آهي.
مان ڊرائنگ روم ۾ اچي ويٺس. بتي ٻاريم. هوءَ
منهنجي ڀر ۾ پٽ تي ٿي ويٺي.
”مٿي
صوفي تي ٿي ويهه نه، پٽ تي ڇو ويٺي آهين.“
”بابو
جي مان ٺيڪ ويٺي آهيان. اسين غريب ماڻهو ڪوسي ٿڌي
جا هيراڪ هوندا آهيون، ۽ منهنجا ڪپڙا ڀنل آهن نه،
اوهان جو صوفو خراب ٿي ويندو.“
”ڪپڙا
ته منهنجا به ڀنل آهن. هتي منهنجي ڀر ۾ ٿي ويهه.“
”نه
بابو جي رڳو مينهن بند ٿئي، ته مان هلي وينديس،
منهنجا مائٽ پويان ڳوليندا هوندا.“
”چانهه
پيئندينءَ؟“
”اون
– هون.“ پوءِ ڪمري کي ڏسندي چيائين:
”بابوجي
اوهان هيڏي وڏي گهر ۾ اڪيلا ٿا رهو، توهان کي ڊپ
نٿو لڳي؟“
”مون
کي اڙي چري مون کي ڀلا ڇا جو ڊپ ؟“
مينهن جڏهن بند ٿيو تڏهن هوءَ وڃڻ لڳي، مينهن پوڻ
ڪري هوا ڏاڍي ٿڌي ۽ ڳري ٿي پيئي هئي. ڪڪرن منجهان
چنڊ ٻاهر نڪري هر شيءِ مٿان ڪرڻن جي ورکا ٿي ڪئي.
وڻ ٽڻ مينهن ۾ ڌوپجي پيا هئا.
”گنگا
مان به اڪيلو آهيان ۽ تون به، اڄ رات هتي ٽڪي پئه
ني.“
”نه
بابوجي مان هت ڪيئن ٽڪان- مان ته اڪيلي ناهيان،
منهنجا مائٽ ته آهن.“
گنگا هلي ويئي، مان
کيس اڪيلو ويندو نهاريندو رهيس. لڳم هوءَ جڳن کان
منهنجي پنهنجي هئي، هي ڪهڙو بي نانءُ رشتو آهي،
جيڪو ڌارين کي به پلن ۾ پنهنجو ٿو ڪري ڇڏي.
’چندرما
منهنجي گنگا اڪيلي اٿئي، تون
هن کي ڪڏهن به اونداهين ۾ گم ٿيڻ نه ڏجانءِ.‘
مان ٿڌو ساهه ڀري پٺتي موٽڻ لڳس ۽ اچي ڪمري ۾ پلنگ
تي ليٽي تصويرون ڏسڻ لڳس ڀر ۾ ٽيپ پيل هئي، اها
هلائي ڇڏيم.
اک پیار
کا نغمہ ہے موجوں کی روانی ہے
زندگی اور
کچھ بھی نہیں
تیری میری کہانی ہے۔۔۔
اهو گيت مون کي ڏاڍو وڻندو هو ۽ مان اڪثر ان کي
هلائي ٻڌندو به هوس.
هڪڙي سانجهيءَ جو مان ساڳيءَ جاءِ تي ويٺو هوس –
وسڪي ۽ تصويرن جو ساٿ ۽ پاڻ ڀر ۾ ويهي زور ڏيڻ لڳي.
نشي ۾ هر شيءِ ڌنڌلي ڌنڌلي پئي لڳيم ۽ هر شيءِ مٿي
لاشعور ۾ نردئي گنگا جي ياد ڇانيل. ڌنڌلي نهار
سان گنگا ۾ نهاريم ۽ پوءِ ياد نه رهيم ته ڇا
ٿيو....؟
صبح جو پنجين بجي اک کلي ته گنگا جي ٻانهن پنهنجي
مٿان ڊگهيريل ڏٺم، هوءَ گهري ننڊ ۾ ستل هئي، ستل
ڇا بس اڌ مون مٿان ليٽيل هئي، شايد زور ڏيندي
ڏيندي کيس پوئين پهر ننڊ وٺي هئي، مون هن کي
جاڳائڻ مناسب نه سمجهيو. آهستگيءَ سان هن جي
پهريان ٻانهن هٽايم ۽ پوءِ غسلخاني ۾ هليو ويس.
ٽوال ويڙهي جڏهن ڪمري ۾ موٽي آيس ته قدمن جي کڙڪي
تي گنگا جي اک کلي پيئي. خماريل خماريل نيڻن سان
نهاريندي هوءَ اٿي ويٺي، ڪپڙا پائي جڏهن مان وري
اچي پلنگ تي ويٺس ته هوءَ به تيسين منهن ڌوئي آئي،
منهنجي پيرن ۾ ويهندي چوڻ لڳي:
”بابو
جي رات تو ايترو پيتو هو جو بي سڌ هئين. مان سڄي
رات جاڳي تو منجهه نهاريو پئي ۽ . . . . . ۽ .
. . . .“
”چئه
گنگا - هٻڪين ڇوٿي؟“
”ڪجهه
نه بابو....“
۽ ان ڏينهن الائي ڇو گنگا ايڏي ياد اچي رهي هئي.
مون هن جي ياد کي مٽائڻ لاءِ ڏاڍو پيتو.
- ڪاڏي
گم ٿي وئي هئي گنگا هوءَ ته جپسي عورت هئي. هن ۽
منهنجو سنجوڳ ڏاڍو ڏکيو هو پر پوءِ به ڏاڍي ياد ٿي
آئي ڪو به سڱ هن سان منهنجو نه هو پر ڀانيم پئي
هن سان منهنجا سو سڱ لڳندا هئا.ڪوئي پل کن ۾
پنهنجو ڪري ويو هوم.
-”بابو
جي – تون ايترو شراب ڇو ٿو پئين؟“
”ڪير-؟
گنگا – گنگا تون ته مون کي ڇڏي هلي وئينءَ. پوءِ
مان ڇا به ڪريان تون ڪير ٿيندي آهين روڪڻ واري.
نردئي وئينءَ ته وري سار به نه لڌءِ ته مئس يا
بچيس. . . . ؟“
”بابوجي
مان ته هت الائي ڪيتري دير کان بيٺل آهيان، تو کي
ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي اچان- ڳچ وقت کان انهن ساڳين
تصويرن منجهه پئي نهاريان توکي ڏسڻ ۾ ڪا نه آيس. .
. . ؟ ان ۾ منهنجو ڪهڙو دوش؟ نه بابوجي مان تو کي
وڌيڪ پيئڻ نه ڏينديس.“ هن مون کي سهارو ڏنو ۽ ڪمري
۾ وٺي آئي. منهنجو
بوٽ لاٿائين. مون کي سنئون ڪري سمهاري زور ڏيندي
رهي. ”ائين پئي چوڻ چاهيئِه نه - ؟ ڇو ڪيئِه ايڏو
احسان - ؟ ؟ ڇو ڪندي آهين ايڏو پيار. توهان عورتون
ڪيئن آهيو؟“
”ڪيئن
آهيون بابوجي - ؟“
”ڪن
کي پل کن ۾ پنهنجو ڪيو ۽ ڪي اوهان جي پويان سال
ڊوڙن ته اک کڻي نهاريو به نه .“
”بس
بابو پيار ان کي ته چئبو آهي نه .“
”گنگا
هڪ ڳالهه پڇانءِ ؟“
”پڇ .“
”تون
جوان به آهين سهڻي آهين، توکي ڪڏهن مرد سان ملڻ
لاءِ من چاهيو آهي؟“
”هٽ
بابوجي اهڙا سوال به پڇڻ جا هوندا آهن.
. . .“
هن هيٺئين چپ کي ڏندن ۾ آڻيندي اکيون جهڪائي ڇڏيون
۽ وارن کي آڱرين تي ويڙهڻ لڳي.
مون سمجهندي به وري هن کان سوال ڪيو.
”ٻڌاءِ
نه گنگا؟ تو منهنجي سوال جو جواب ڪو نه ڏنو ؟ “
” نه
بابوجي اڌ تي اڌ مرد مون کي به بدمعاش لڳندا آهن
جوان عورتن کي واٽ ويندي اڪيلو ڏسي پاڻ کي اگهاڙو
ڪندا آهن ۽، مڇن کي مروٽو ڏيندا آهن.“
مون هن کي ٻانهن کان پڪڙي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريندي
چيو ”۽ مان .“
”تون
ته منهنجو پنهنجو آهين، تنهنجي ته ڳالهه ئي ٻي آهي.“
”توهين
عورتون ڪيئن آهيو، ڪن کي گهڙيءَ ۾ پنهنجو ڪيو ۽ ڪن
کي سالن جا سال اک کڻي به نه نهاريو ؟“
”بس
بابو پيار ان کي ئي ته چئبو آهي نه.“
هوءَ وري شرمائجي ويئي ۽ سندس ڳل سرخ ٿي ويا. ائين
جيئن شفق تي لالاڻ پکڙبي آهي. مون هن کي ڀاڪر ۾
جڪڙيندي پلنگ تي ليٽايو ۽ سندس مٿان ٽنگ ورائيندي
چيم.
”۽
پوءِ به مون کان پري ٿي رهين.“
”بابو
جي اوهان سڀ مرد ايڏو ڪچو ڇو ڳالهائيندا آهيو،
اوهان کي شرم ڪونه ايندو آهي ؟“
”اڙي
چري مان ڪا عورت آهيان جو شرم اچيم، اسان کي به جي
شرم اچي ته پوءِ ڪم ڪيئن هلي.“
”مان
تنهنجو پيار آهيان نه“ مان هن جي ڀريل ڀريل چپن کي
پنهنجن چپن ۾ جڪڙيندي چيو. هوءَ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ
جدوجهد ڪرڻ لڳي، مان تيئن سندس مٿان ڇانئجي ويس.
سندس ٻانهن کي پنهنجن مضبوط ٻانهن ۾ جڪڙيندي سندس
انگ انگ کي پيار ڪيم.
”بابوجي
تو هي ڇا ڪري ڇڏيو ؟“
”ڪجهه
به نه، تون منهنجي ئي ته آهين نه گنگا پوءِ ايترو
ڊڄين ڇو ٿي؟“
ان وقت مون سمجهيو ته هن انهن لفظن جو امرت ماڻيو
آهي پر نه هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي مون کيس وڌيڪ
پيار ڪندي چيو:
”اڙي
چري تون روئين ڇو ٿي، ڇا اهو سڀ توکي سٺو نه لڳو.
”اها
ڳالهه ناهي بابوجي-هڪ ڳالهه جو ڊپ اٿم.“
”ڪهڙو
ڊپ؟“
”عورت
۽ مرد جي ملڻ کان پوءِ عورت جو پيار وڌيڪ گهرو ٿي
ويندو آهي – ها نه بابو وڌي ويندو آهي نه ؟ “
”جنهن
کي تون وڌائڻ نٿي چاهين.“
”ائين
ڪونهي بابوجي پنهنجي پيار لاءِ مان ڪهڙي هام هڻان، پر
تنهنجو پيار گهٽائڻ نٿي چاهيان.“
”اڙي
نه چري، مرد جو پيار به تهائين وڌندو آهي،
گهٽجندوڪونهي.“
”ٻيو
به ڊپ اٿم.“
”ڪهڙو
؟“
”آهي
ڪوئي ڊپ روئان تڏهن ٿي.“
”ٻار
ٿي ويندئي . . . ؟“
هن وري هڪ دفعو اکيون جهڪائي ڇڏيون.
”مان
جو ويٺو آهيان پوءِ ڊپ ڇا جو- ؟“
”ائين
ڪيئن بابو مان پينو عورت سهي پر پوءِ به عزت ته
غريب کي به هوندي آهي. بابو تون نٿو ڄاڻين ڪيڏو
محشر اٿندو.“ |