”ڇوري، مانيءَ ڀور ڀاءُ کي به ڏي.“ سائڻ ڌيءُ کي
چيو. پر هوءَ ڪٿي ٿي ٻڌي. هن کي ته ماني ملي هئي،
ڄڻ خدا مليو هو. سائڻ پٽ کي ويهاري ڌيءُ ڏانهن
وئي، پر تيسين هوءَ ڊوڙي وڃي صندل تي بيٺي. ماڻس
هڪ طرف کان اچي ته هوءَ صندل جي ٻئي طرف ڀڄي وڃي
بيٺي ۽ ماءُ کي شرير ترڇين نظرن سان ڏسي وٺي ٽهڪ
ڏئي کلڻ لڳي. کلڻ سان سندس ڪارڙن معصوم ڳلن تي
ننڍڙو چُگهه ٿِي پيو ٿي.
”اَئِي ڇوري ڪِرندينءَ، ڏائڻ، ڀاءُ کي به ڏي نه
مانيءَ ڀور، ڏس هو ليٿڙي پيو.“
”هل، هل، سو ڏيانس؟ مان کانوان ڪي هن کي ڏيان،
ٽُڪل ته آهي.“
”ڏس، ڏاهي ٿيءُ، ڀلا مون کي ڏي، امڙ آهيانءِ.....
مون کي به ڪونه ڏيندينءَ.“ سائڻ پنهنجي چيلهه تي
هٿ رکندي چيو.
”نه، نه سو ڏيان، تون ولي (وري) هن کي ڏين“. ننڍڙي
ڇوڪريءَ ٻئي هٿ پٺتي ڪندي چيو: ”وئي، ڪانءَ کني
ويو.“
”ڏس ادي، ڪيڏي سياڻي آهي، لڪائي چوي ٿي ته ڪانءُ
کڻي ويو.“
ڌيڻس، پاڻ مانيءَ کي آزاد ڏسي، وري جُهمر هڻڻ لڳي.
مانيءَ جو ٽڪر هڪ هٿ ۾ جهلي ۽ ٻيو وات ۾ وجهي،
هٿن ۽ پيرن کي ناچ جي انداز سان ٺاهي آ.....آ.....
هو ڪري ڳائڻ ۽ نچڻ لڳي.
ادا به ماني کائي بس ڪئي هئي، سو به اچي نم هيٺان
سائڻ جي ڌيءُ کي ڏسڻ لڳو: ”ڏس زبيده، اٿس ڪا
پرواهه بک جي، ڪيتري نه خوش پئي لڳي. آهي اسان کي
ايتري سچي خوشي حاصل!“ ادا سيٽي وڄائيندي چيو ۽
چپن ۾ گاني جي ڌن گنگنائڻ لڳو. هيڪر آيم ته چوانس
ته انهن بکايل پورهيتن کي نٽشي ۽ جبران جو فسلفو
ڇا خوشي ڏيندو، پر پوءِ ماٺ کڻي ڪيم.
سائڻ جي ڌيءُ اسان سڀني کي پاڻ ڏانهن ڏسندو ڏسي
نچڻ ڇڏي بيهي رهي ۽ پنهنجا ٻئي هٿ منهن تي رکي،
وٿين مان ماءُ کي ڏسڻ لڳي ۽ اوچتو ٽپ ڏئي صندل تان
هيٺ لهي آئي ۽ اچي ڀاءُ جي ڀرسان بيٺي، جيڪو اڃا
تائين مٽيءَ تي ستل هو ۽ سڏڪا پئي ڀريائين.
”ها..... وٺ ماني.....؟ وٺ نه ماني..... ائي سورا
وٺ نه......؟ ائي الا وٺ نه...... سورا وٺين نٿو.“
هن ڀاءُ کي ٻانهن کان اُٿاريندي چيو ۽ ماني کڻي
ڀاءُ جي جهوليءَ ۾ وڌائين، هو تيئن زور زور سان
روئڻ لڳو. ننڍڙي ڇوڪريءَ ڀاءُ جو مٿو پنهنجي گوڏن
تي رکي، ٿڦڪي ڏيڻ لڳي، جنهن تي ڳلن تي هاڻي ڳوڙهن
جي سڪل لڪير باقي وڃي رهي هئي.
(’روح
رهاڻ‘ جولاءِ
1968ع ۾ ڇپيل)
احساس جا چَڪَ
سوچ ڪيڏي نه عذاب ڏيندڙ شيءِ آهي- هر روز سج اڀري
ايندو آهي، وڻي نه وڻي ڏينهن پر سورج ديوتا پنهنجا
ڪرڻا هر شيءِ مٿان ڦهلائيندو آهي- سندس ڪرڻن جي
ڇهاوَ تي ڪيتريون مکڙيون ٽڙي گل به ٿينديون آهن-
سورج جا ڪرڻا جڏهن ڀنل ڀنل پنن ۽ پنکڙين تي پوندا
آهن ۽ ڌرتيءَ تي ڪرندا آهن، ته انهن جي نمي پاڻ ۾
جذب ڪري وٺندا آهن- ائين جيئن نو ورني ڪنوار سندر
سپنن کي جڏهن اهي ئي ڪرڻا سمنڊ جي مٿان ڪرندا آهن،
ته ڄڻ سوين ڪروڙين تارا آسمان ۾ ٽمڪندا آهن، جهل
مل ڪندڙ ديپ لهرن جي مٿان وکري ويندا آهن ڄڻ سمنڊ،
سمنڊ نه هجي. وشال گگن هجي، ڄڻ رڻ پٽ جي رڃ هجي-
سمنڊ جي گهرائي ۾ ڇا هي سورج ديوتا جو ان سان ڇا؟
پاتال ۾ ڪهڙا منڊ منڊيل آهن تن سان ڪرڻن جو ڇا؟ هو
ته سوجهرو ڦهلائيندا آهن- من ۾ ڀلي ڪڪر ڪارونڀار
هجن- سورج اڀرندو ۽ ڏينهن ڪندو، اندر ۾ ڀلي ڪاري
اماس جي رات واري انڌڪار هجي، تنهن سان سورج جو
ڇا؟ منهنجي من ۾ جڏهن ڪاري ٻاٽ اوندهه هجي نه ته
تون نه اڀرندو ڪر سج- سچ
ٿو چوان اصل ڪونه وڻندو آهين، ڪرڻن کي ڪنهن ٻي هنڌ
وکيريندو ڪر- تُنهنجي
اڀرڻ سان مون کي هروڀرو ماني کائڻي پوندي آهي.
اجايو گڏهن جيان وهندو آهيان- تن کي سينگارڻو
پوندو آهي، پوءِ ڀلي دل نه مڃي- پر سج جا ڪرڻا پاڻ
سان گڏ حڪم نامو کڻي ايندا آهن ته زندگيءَ جي نار
۾ اٿي وهو اکين تي کوپا چاڙهي ان گول دائري اندر
صبح کان شام تائين چڪر ڪاٽيو- مون کي نه وڻندو
آهين. سج ڪڏهن ته پاڻ سان گڏ اوندهه به کڻي ايندو
ڪر جيئن هن دنيا ۾ ٿيندڙ پاپ کي اکيون نه پسن-
ظالم جا ڏهڪاءَ ۽ ڏيا جهڪا جهڪا نظر اچن.
ڏس پرين مون کي تنهنجو هڪ ڪرو هميشھ ساڳيو روپ نه
وڻندو آهي. منافق لڳندو آهين. ڇا هن ديس جون
ڳالهيون توکان ڳجهيون آهن- يا انسانيت جي منهن تي
مليل ڪارنهن توکان لڪل آهي.....؟
پوءِ ڇو روز اڀري ايندو آهين؟
توکان ته چنڊ سٺو آهي ڪڏهن پاڻ سان ڪاريون
اونداهيون اماس جون راتيون کڻي ايندو آهي ته ڪڏهن
چوڏهين جي چانڊاڻ ته ڪڏهن ڪارين راتين ۾ تارن جي
جهرمٽ ۾ ڪنڌ نمائي جهڪو جهڪو بيٺو هوندو آهي. ان
بيوهه
عورت جيان جنهن جي حياتيءَ مٿان سدائين ڪڪرن جو
ڪارونڀار هوندو آهي. ڏس نه هو پاڻ سان گڏ اوڻٽيهه
جي اونداهي به آڻيندو آهي ته چوڏهين جي چانڊاڻ به.
چنڊ مون کي يتيم ٻار لڳندو آهي. بيوهه
عورت لڳندو آهي ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾- اهو
ته سمنڊ آهي جو جڏهن انسانن جا ڪاراٺيل بدن منجهس
ڌوپي اجرا ٿيندا آهن ته اِها ڪارنهن ڪڪرن جي صورت ۾
تو مٿان اڇليندو آهي. تڏهن ڪڪرن سان گڏ تون به
روئي ڏيندو آهين- انسان ڪيڏو دک من سانڍي ٿا هلن،
هونءَ جيڪر ان جي خبر نه پوي تون صدين کان ساڳيو
آهين- توکان ڪابه ڳالهه ڳجهي ڪانهي- ڌرتيءَ تي
ٿيندڙ رتوڇاڻ انسانن جي اندر ۾ پلجندڙ پاپ،
انسانيت جي منهن تي مليل ڪارنهن، تون پنهنجن ڪرڻن
۾ جذب ڪري وٺندو آهي، جڏهن ڪرڻن جي ڌرتيءَ مٿان
ورکا ڪندو آهين ته جيئن تتل واري تي برسات جون
بوندون جذب ٿينديون آهن، تيئن تنهنجي ڪرڻن ۾
ڌرتيءَ جا پاپ، پوءِ به تون ڪيترو نه روشن آهين-
تو منجهه ڪيڏي شڪتي آهي.
ماڻڪ اتان روز لنگهندو هو. ان رستي تي هڪ فقيرياڻي
ويٺل هئي- اڳيان ٻار پيل، ڀرسان وهندڙ گندي نالي
جو پاڻي- ڀرسان ئي گند جو ڍير- ان جي ڀر ۾ ويٺل
مائي، مائيءَ جي اڳيان ويٺل ٻار، ٻار جون ٻئي
ٽنگون سڪل، ٻئي ٻانهون ڪاني جهڙيون- هڏن جو ڍانچو
ٿيل ٻار.... ميرو گدلوٻار- ٻار جون ٻئي ٽنگون سڪل-
ٻئي ٻانهون مڙيل- ان ٻار پنهنجي سڪل ڪانين جهڙي
ٻانهن وارو هٿ ذري گهٽ سڄو ئي وات ۾ وڌل- ماڻڪ جي
دل ڪچي ٿيڻ لڳي- هڪ پل لاءِ هن جي اکين اڳيان
اوندهه انڌوڪار ڇانئجي وئي. هو هڪ پل لاءِ اتي ئي
بيهي رهيو. اڌ وهيءَ جي ماءُ اجرڪ ۾ ويڙهيل ڪپڙا
ليڙون ٿيل، ماڻڪ کي لڳو- هوءَ ماءُ ناهي، ماءُ جي
مقدس رشتي تي پليت ٽڪو.
ڇا هيءَ عورت هن ٻار جي ماءُ آهي؟ نه نه- ائين هجي
ها ته هيءَ عورت پنهنجي ٻار کي ناليءَ جو ڪيڙو ٿيڻ
نه ڏئي ها- سندس اکين اڳيان گند جي ڍير ۾ ستل آهي-
گند جي ڌپ ۾ تتل ڌرتيءَ تي هن جي مامتا کي اٻڙڪا
نٿا اچن؟ هيءُ مامتا جو ڪهڙو روپ آهي........؟
سوچون هيون جي ماڻڪ کي ڄئرن جيان اچي چُهٽيون-
ماڻڪ کيسي ۾ هٿ وڌو ڪجهه پيسن ڪڍڻ لاءِ- پر ڪجهه
سوچي هن خالي هٿ ٻاهر ڪڍيو.
”مائي
ڇا هن معصوم کي تو ڪمائي جو ذريعو سمجهيو
آهي......؟ جو ان کي ائين چيچلائي مارڻ سان به
توکي سيسراٽ نٿو اڀري- ائين عذاب ڏئي مارڻ کان ته
چڱو اٿئي هڪ وار وڃي سنڌوءَ جي لڙاٽيل پاڻيءَ ۾
اڇلينس.“
”اڙي-
نه ڙي ابا اَمڙ ائين ڪبو آهي- جيترا ڏينهن اٿس
گذاري ويندو- مان پنهنجن هٿن سان ڪيئن ماريانس.“
هو وري سڌو ٿي بيٺو:
”الائي
هن غريب جا عذاب جا ڏينهن ڪڏهن کٽندا؟“ سورن هاڻي
حياتي اڻ کٽ هوندي آهي يا ان جا پل به صدين جي
برابر هوندا آهن. هن جيتامڙي جي اوسر ان تتل
واريءَ ۾ ٿيڻي آهي- گند جو ڍير ۽ ڀرسان وهندڙ
ناليءَ جو پاڻي هن جا ٽول آهن ۽ مکيون خوراڪ.“
آهه، ماڻڪ جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. هن جي دل ۾ آيو
ته وڌي مائي جون اکيون ڪڍي، جن جي اکين سان هوءَ
اِهو ڪراهت جهڙو منظر ڏسي سگهي ٿي- پنهنجي لال کي
ائين ڪيڙي جيان چُرندو ڏسي گهي ٿي- ڇا مذهب جي
آفيم اسان کي ايڏي اگهور ننڊ ڏني آهي- عورت ته رحم
۽ نيڪيءَ جو Symbol آهي-
سندس ڪک مان سونهن جنم ورتو آهي ته سونهري سنگن
جيان مکڙيون ۽ گل ٽڙندا آهن.
سونهن... ..... سندرتا جي ديوي ڇا ايڏي به ڪٺور ٿي
سگهي ٿي، اِهو ته هن سوچيو به نه هو.
مڃان ٿو معاشرو انسان جي ڪردار کي ٺاهڻ ۽ بگاڙڻ ۾
اهم رول ادا ڪندو آهي. ڪمزور ۽ نٻل ماءُ جي ڪک مان
اِهڙا ڪيڙا ئي جنم وٺندا آهن.
”هون-
امر ائين ڪيو آهي- تون آهين هن جي عذاب جو ڪارڻ،
تون تون هن جي ارمانن جي قاتل- سکن جي خوني آهين-
چنگيز ۽ هلاڪوءَ تي اڃا تائين پئي ڦٽڪار وسي- پر
تون ان کان وڌيڪ ڪٺور ۽ بيرحم آهين. هٽلر پنهنجي
طبقي ۽ قوم سان ته سچو هو پر تون ته پنهنجي رت سان
به سچي ناهين- پر تون رڳو پاڻ سان سچي آهين. دنيا
جو ڪو قانون ٺهيل ڪونهي جو تنهنجي ڳچيءَ ۾ سرڪڻ
ڦاهي اٽڪائي- تون ماءُ آهين- توکي رستن تي انساني
نسلن کي ائين چيچلائي مارڻ جو حق آهي. ان پاپ لاءِ
ڪو قانون ڪونهي ڇو ته تون ماءُ آهين- پيغمبرن...
اوليائن......... صوفين سنتن ۽
سنياسين کي جنم ڏيڻ واري- ليڊرن ۽ فيلسوفن کي جنم
ڏيڻ واري- رهزنن ۽ قاتلن کي جنم ڏيڻ واري ۽ نٻل
ٻارن کي جنم ڏيڻ واري به تون ئي آهين- انهن سوچن
ماڻڪ کي درد ڏنو هو ۽ ان درد ماڻڪ جي اکين کي لڙڪ
ڏنا هئا- پر اِهي ڳوڙها هن ڪڏهن پٽ تي ڪرڻ نه ڏنا
هئا- هن کي خبر هئي
ته دنيا ۾ هر هنڌ انڌير لاءِ سزا آهي ۽ دنيا ۾ هر
مسئلي جو ڪو نه ڪو حل آهي- مسئلا جيڪي هن معاشري
کي ڦٽن جيان چهٽيل هجن جن جو ڪو انت ڪونهي جن جو
سلسلو اڻ کٽ آهي.
هي جيل...... هي ڪال ڪوٺڙيون، ڦاسي گهاٽ انهن ڦاسي
گهاٽن ۾ بي گناهن جا لٽڪيل لاش- هي انڌن، ٻوڙن،
گونگن جو جهان- جتي انڌير کي چرچو ۽ ظلم کي
مردانگي ٿو سمجهيو وڃي- جت ڏکن جي حياتيءَ کي
قدرت طرفان مليل ورثو ٿو سمجهيو وڃي، سماج جي
ٺيڪيدارن ۽ انياءُ سان اٽڪڻ جو ڪنهن
۾ حوصلو ڪونهي. ماڻڪ وٽ سوچون هيون جن جو ڪو ڪاٿو
ئي نه هو. سوچون هيون جو آنڌيءَ جيان سندس دماغ جي
تهه خانن ۾ ستل انسان کي کوٽي ڇڏيو هو- هو آفيمي
حياتي گهارڻ جو عادي بڻجڻ نه پئي چاهيو- ماڻڪ وٽ
فولاد جيان مضبوط سوچون هيون- سوچڻ جي آنڌي جڏهن
هن جي بند دريچن کي سٽاڪ ڪري کوليندي هئي، تڏهن هو
ان منجهان ٻاهريون ڏيک ڏسندو هو. رت هاڻيون
ڪهاڙيون ۽ بندوقون ڏسندو هو- مٿا ڦاٽل لاشن جا ڍير
۽ چرندڙ لاشن جا ڍير هو ڦاسي گهاٽن ۾ بي گناهن جا
لٽڪيل ڏسندو هو. وک وک تي موت ۽ انياءُ سان اٽڪڻ
وارا گڏبا هئا فولادي ۽ رڪ جيان مضبوط
انسان.
شاگردن ۾ جيئن چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ وير چڙهندي آهي،
ٺيڪ ان طرح سان جڏهن به ڌرتيءَ تي ريڙهيون پائيندڙ
انسانن کي ڏٺو- تڏهن هن جي من ۾ انقلاب لاءِ اڌما
جاڳندا هئا- سوچن جو اڻ کٽ سلسلو ذهن ۾ آنڌيءَ
جيان گهڙي ايندو هو.
ماڻڪ جي هيٺان تتل ڌرتي هئي ۽ مٿان اونهاري جو
ساڙيندڙ سج هو- سج جيان اُلا ڇڏيندڙ ذهن ۾ باهه جا
ڀنڀٽ هئا. ماڻڪ جو جسم سڄو پگهر ۾ ٻڏل هو. ان مهل
هن جي ڪنن تي نعرن جو پڙلاءُ پيو......
”جنگ
اسان جي جاري آهي جاري رهندي.“
جيئن پوءِ تيئن آواز چٽا ۽ ويجها ٿيندا ٿي ويا-
ماڻڪ به پنهنجي احساس کي چٻ ڏئي اڳتي وڌيو ۽
تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو ان ميڙ ۾ ملي ويو. ائين
ئي جيئن گهري سمنڊ جي بي انت پاڻيءَ ۾ ڪا ندي اچي
گڏجي ملي ته هڪ ٿي وڃي.
ڀِڳل
ڪبوتر
سياري جي سرد هوائن وري گهُلڻ
شروع ڪيو هو. اِهي سرد هوائون جن پاڻ سان گڏ
پرينءَ جون يادون ته آنديون ٿي، پر کيس ڪڏهن به
ساڻ نه آندائون. ڇو اينديون آهيو. سرد هوائون.
جڏهن منهنجو پريمي ساڻ نه هوندو اٿوَ....؟ آه!
اِهي سرد هوائون هينئين کي ڳاريندڙ هوائون. دل
جيزخمن تان کرنڊون لاهي زخم تازا ڪنديون وينديون
آهن.
سياري جون سرد هوائون _
هينئين کي ڳاريندڙ هوائون _
هردي ۾ گهڙي ويندڙ هوائون _
لونءَ لونءَ کي ڪانڊاريندڙ هوائون، هر پل گهلي
يادن کي مون وٽ سٽي ڪاڏي گم ٿي وينديون آهيو....
هوءَ منهنجي جيون ۾ هوا جي جهوٽي جيئن آئي، منهنجي
لڱن کي پنهنجي مهڪ ڏئي، ساهن کي سوداءُ ڏئي هلي به
وئي. پوءِ مون هن کي چرين جيان هر هنڌ ڳوليو، پر
هوءَ مون کي ڪٿي به نه ملي، نردئي ساهن کي سوداءُ
ڏيئي پنهنجا سمورا پنڌ ۽ پيچرا پنهنجي پويان لٽيون
وئي هئي. رهجي وئي
هئي من ۾ ياد، هوءَ منهنجي ئي، جنم جنم ۾ مون سان
گڏ رلندي رهي آهي – مان کيس وساري نه ٿي سگهيس –
مان هن جي باري ۾ ايڏو Possessive ڇو
هيس....؟ شايد هن سان ايڏو ئي گهرو سٻنڌ هيم، نه
ته هيترن سالن کان پوءِ به هوءَ مون کان وسري ڇو
ڪونه ٿين؟ آهه
ڪٿي ائين گس ويندي نظر به اچي ويندي هئي ته ڄڻ
ڪنهن من ۾ تکي ڪٽيندڙ ڌار لاهي ڇڏي هجي – نيڻ ڀِڄي
پوندا هئا. هوءَ مون کان رٺل جو هئي – مون کان
نفرت جو هيس. مان ڀانيان ته کيس هوائون به نه ڇهن
۽ هوءَ ائين رلندي وتندي هئي ڄڻ نڌڻڪي هجي – ڄڻ ڪو
سندس پنهنجو نه هجي – هوءَ ائين ڇو هئي....؟
هوءَ ۽ مان ٻئي هڪ ئي اداري ۾ ڪم ڪندا هئاسين، ڪم
جي نوعيت ساڳي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ائين رستي ويندي
هوءَ مون کي ڏسڻ ۾ ايندي هئي – هوءَ هن آفيس ۾
نئين هئي ۽ مان يارنهن سالن کان اتي ڪم ڪري رهيو
هوس. هواڪثر پنڌ ويندي هئي، لڳندو هو ته هوءَ وڻن
سان، هوائن سان ۽ آڪاش سان
ڳالهيون ڪندي ويندي هجي. مان هن کي سڃاڻندو هوس پر
هوءَ نه. هوءَ نئين جو هئي.
هڪ ڏينهن هوءَ اڪيلي وئي پئي، مان هن جي ڀر ۾ گاڏي
بيهاري ۽ گاڏيءَ کان ٻاهر نڪري آيس، گاڏيءَ کي ٽيڪ
ڏئي بيهندي چيومانس:
”هلو
ته مان ٿو اوهان کي ڇڏي اچان....“
”نه....
اوهان جي مهرباني، هو پريان منهنجو گهر اجهو ٿوري
ئي پنڌ تي آهي. مان پاڻ ئي هلي وينديس....“
مون هن سان ضد ڪيو:
”نه....
اوهان هتي ترسو پويان جاءِ ڪانهي، سامان رکيل آهي،
سامان گهر ڇڏي اچان ته پوءِ اوهان کي وري ٿو اچي
کڻان، ڏسو نه اُس تمام تيز آهي اوهان پنڌ نه وڃجو....“
”اُس
ته هميشه تيز هوندي آهي، رڳو اڄ ته ڪانهي...؟“
هن سان گڏ هن جي دوست هئي، هوءَ اتي بيهي رهي. ان
وقت اُس ڪافي تيز هئي. هن جو گهر تمام ويجهو هو.
مان سامان رکي جلدي موٽي آيس.
”مون
کي ڊپ هو ته اوهان هليا ويندا.“
”اوهان
اجايو تڪليف ڪئي ۽ هونءَ به اسين جيتري دير تيز
اُس ۾ بيٺا هئاسين ايتري وقت ۾ گهر به پهچي وڃون
ها. اجهو هو پريان ٿوري پنڌ تي ته آهي.“ |