هوءَ اندر وئي ۽ چادري کڻي ٻاهر آئي. ”مان ٿي هلان
تو سان گڏجي. ماڻهين جو الائي ڪهڙو حال ٿيو هوندو،
ڀاڄائي ته نائين مهيني پيٽ سان به هئي. ادا ته صفا
قهاري آهي. ماڻهپوئي منجهس ڪونهي.“
ڪنجين جو ڇڳو کڻي نموءَ سان گڏجي ٻاهر نڪري آئي.
سج نسوري باهه پئي ڇڏي، اصل ڪانوَ جي
اک ٿي نڪتي، نمو پنهنجي پڦيءَ جي پاڇي ۾ لڪندي گهر
آئي.
پڦهنس ٻه چار ڪنجيون واري سان ڪلف ۾ هڻي ڏٺيون نيٺ
هڪڙي ڪُنجي لڳي ۽ ڪلف کلي پيو.
گهر ۾ سانت لڳي پئي هئي. ورانڊي مان ٿيندي ڪامل
صفي ۾ گهڙي.
صوفيا سور کان چِنگهيو پئي. سور کان ننڊ به ڪانه
آئي هيس. چولو جڏهن ٽڪر لٿل جسم سان لڳو پئي ته
صوفيا کان رڙ نڪري ٿي وئي.
”آه........
مري ويس.“
”تون!
ڀاڄائي هي تو کي ڇا ٿيو آهي؟ سڄي رتو رت لڳي پئي
آهين“، هن چولو آهستگيءَ سان مٿي ڪيو ۽ رڙ ڪري
هڪدم هٿ ڇڏائجي ويس.
”مان
ته ڏسي به نٿي سگهان، هنن ڦٽن کي“ ۽ ڀاڪر پائي
روئڻ لڳي. ”ڀاڄائي ادو ته صفا قهاري آهي، ان کان
ته توکي هڪ دفعو ماري ڇڏي.“
پوءِ هوءَ رڌڻي ۾ هلي وئي، ڪجهه دير کان پوءِ آئي
ته سندس هٿ ۾ وٽي هئي. جنهن ۾ ڪٽيل گرم ٿيل سُنڍ ۽
تيل ملايل هو. ۽ وري چولو مٿي ڪري ڪپهه ٻوڙي ڦٽن
کي هڻڻ لڳي.
نمو ورانڊي ۾ بيٺي هئي ۽ دريءَ منجهان جهاتي پائي
هن سڀ ڪجهه ڏٺو. ۽ ماٺ ميٺ ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي رهي.
ٽپهريءَ جو وقت هو. نوڪر اڱڻ ۾ ڇڻڪار ڪري نم هيٺان
کٽ ڪڍي ۽ ڀر ۾ ٽيبل ۽ آرام ڪرسي رکي. ٽيبل مٿان
ريڊيو ۽ ڪجهه ڪتاب پيل هئا.
هڪڙي ۾ عمر خيام جون رباعيون ۽ ٻيو ڪتاب ڪاليداس
جو جڳ مشهور ’شڪنتلا‘ رکيل هو. ان وقت نمو ماءُ جي
مٿان جهلي پئي هلائي، ماڻس ۽ پڦهنس کي ننڊ اچي وئي
هئي، رکي رکي نمون کي گهيرٽ ٿي آيا. پر ستت ئي
سجاڳ ٿي وري جهلي هلائڻ لڳي. نمو نه پئي چاهيو ته
ڪو ماڻس جو آرام ڦٽي، تنهنڪري هن پنهنجي سور کي
نظر انداز ڪندي لڳاتار جهلي پئي هلائي.
”اڙي
سڀ ڪاڏي مري کپي ويا آهيو.“
سارنگ سڌو ڌوڪيندي اندر آيو، اکيون شراب ۾ ڳاڙهيون
لڳيون پيون هيس. وات ۾ ڌپ ۽ هٿن ۾ شراب جي بوتل.
”اڃا
پئي ننڊون ڪرين ڪميڻي. منهنجي گهر کي تو پڻهين جي
جاگير سمجهيو آهي.“ ۽ شراب جي بوتل صوفيا جي نرڙ
تي وهائي ڪڍي. شيشو ٽڪر ٽڪر ٿي ويو. شراب صوفيا جي
رت سان گڏجي هنڌ تي پکڙجي ويو.
صوفيا مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رهي. ننڍڙي نمو هراس ۾
اتان اٿي وڃي ڪٻٽ پويان لڪي. گهر ۾ ڄڻ راڪاس گهڙيو
هو.
”............ اٿي
منهنجو بوٽ لاهه نخرا ڇڏ. مون وٽ اِهي نخرا نه
هلندا.“
سارنگ چچريل آواز ۾ گارين جو ڌوڙيو لائي ڏنو.
صوفيا کٽ تان هيٺ لٿي، سارنگ جي پيرن وٽ جُهڪي بوٽ
جون ڪهيون کولڻ لڳي. ان وقت کيس مٿي ۾ ڦيري پئي
آئي، اکين اڳيان اوندهه اچي ويس ۽ پيشانيءَ تان رت
جا ڦڙا ڪجهه صوفيا جي اکين ۾ پيا ته ڪجهه سارنگ جي
بوٽ تي. صوفيا جي اکين اڳيان اوندهه اچي وئي ۽ دل
ڪچي ٿيڻ لڳس ۽ هوءَ
سارنگ جي پيرن مٿان ڪري پئي.
سارنگ بوٽ جو ٿڏو سندس زخميل نرڙ تي هنيو.
”اڙي
مري وئين ڇا......
آها...... ها..... ڏٺو مري وئي.“
۽ جهومندو ٻاهر اڱڻ ۾ نڪري آيو.
”هي
وري ماءُ جو...... ڇالاءِ پيو آهي.“ هن ريڊئي کي
لت هڻي ڪيرايو.
هن جهُڪي ٽيبل تان ڪتاب کنيو.
”اڙي
ڪاليداس جي شڪنتلا........... ڪاليداس به وڏو ”...................“
ڪوي........ڪلا..........ڪار- هون!
”سڀ
فراڊ آهي. منهنجي شڪنتلا ڏسو رت ۾ ٻڏل آهي،“ سارنگ
ڪتاب کي پري ڦٽي ڪندي چيو، وري هن جُهڪي ٻيو ڪتاب
کنيو. ”رباعيات عمر خيام“ خيام دلبر هو. دلبر
مون وانگر عورت ۽ شراب جي شيدائي. ۽ پوءِ سارنگ
پاڻ کي کٽ تي اڇلايو ۽ بوٽ سوڌو سڌو سنئون ٿي ٽنگ
ٽنگ تي رکي ليٽي پيو عمر خيام جو ڪتاب سندس سيني
تي پيو هو.
”مان
ٽنگ، ٽنگ تي رکي آهي.... ماڻهو چوندا آهن ته آيل
ڀاڳ به موٽي ويندو آهي. ڀاڳ.....
هاها............... ڀاڳ ته منهنجي مٺ ۾
آهي......... تاريخ دان وڏا ڪوڙا آهن.........
لکيو اٿن ته:
تيمور هڪ دفعي جهنگ ۾ ستو پيو هو، ٽنگ ٽنگ تي
چاڙهيو اگهور ننڊ ۾ ستل هو...... هو ته...... ها
چوان ٿو هو پوءِ ڇا ٿيو.......... ڌوڙ وڃي پائي
تيمور لنگ تاتاري به وڏا .......... هئا،چنگيز
خان........... هلاڪو............... باهيون ڏيندا
هئا، گهر ساڙيندا هئا...... مائن
جي گود اجاڙيندا هئا. رتو ڇاڻ ڪندا
هئا............... عورتن سان عياشي ڪندا
هئا.......... عياشي ها............. ها عياشي
عورتون هونديون ئي ان لاءِ آهن. مان به چنگيز خان
آهيان. ڏس نمو منهنجي ڊپ کان ڪيئن وڃي ڪٻٽ پويان
لڪي! ڊڄڻي گداڙي.... ان ڪميڻيءَ کي به مون وٽ
ڄمڻو هو. هراسلي اکيون کڻي گهمندي وتندي آهي ڪنڌ
جهڪائي......... اڙي تيمور لنگ ته ستو پيو هو جهنگ
۾....... پوءِ مان ڇو کٽ تي ستل
آهيان................ هن کي ڪنهن درويش زور سان
ٽنگ تي لٺ وهائي ڪڍي هئي........... تڏهن منڊو ٿي
پيو هو....... درويش مون کي ڇو نه ٿو لٺ هڻي،
تيمور منڊو ٿيو هو پوءِ بادشاهه ٿيو هو. تيمور کي
درويش لٺ هڻي سجاڳ نه ڪري ها ته تيمور جي ماءُ کي
سلطنت ملي ها. تاتاري وڏا لچ،
ڦورو.................. ٿُو..... آخ
ٿُو............“ سارنگ هوا ۾ بجو ڏيندي ٿڪ
اڇلائي............. ”درويش چيو هوس
ته تون ٽنگ ٽنگ تي رکي نه سمهندو ڪر، آيل ڀاڳ به
موٽي ويندو آهي. تنهنجي ڀاڳ ۾ بادشاهي لکيل آهي.
تون وڏو شهنشاهه ٿيندين......... پوءِ تاتارين
دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو............. چؤطرف رت ۽
باهه جا الا پکيڙيا هئا............ ها.......جڳ
مڳ ديپ جلايا.............. دنيا
تي دانگي ملي ڇڏي....... انساني تهذيب تي ڪارنهن
ملي........ شيطان.... انهن تاتاري شيطانن جو دنيا
وارن ڪهڙو آڱوٺوپٽي ڪڍيو.... جو منهنجو پٽي
ڪڍندا..... مان ته رڳو صوفيا کي ٿو ماريان- هوءَ
منهنجي زال آهي، ڀلي ماريانس منهنجي مرضي آهي دنيا
وارا منهنجو
ڪهڙو آڱوٺو پٽي ڪڍندا.....
”مان
شراب ٿو پيان، ڀلي پيان.... رنون ٿو گهُرايان،
منهنجي مرضي، هي مُعاشرو مرد جو جوڙيل آهي، هتي
مرد کان ڪو به پڇڻ وارو ڪونهي، سڀ مرد تاتاري آهن،
پنهنجي اندر ۾ ابليس کڻي گهمندا آهن....... مان به
وڏو شيطان آهيان، سڀاڻي مون کي ڪا ٻي ڇوڪري وڻي
وئي ته صوفيا کي چوٽيءَ
کان گهلي لتون هڻي ڪڍي ڇڏيندس. ماڻهو مون کي ڪجهه
نه چوندا.... ماڻهو منهنجو ساٿ ڏيندا صوفيا کي
ڌڪاريندا.... ٿُو ٿُو ڪندا... کِلندا ته پڪ ئي پڪ
ته يار سان ڏٺو هوندئين.“
”صوفيا.........
صوفيا............“
سارنگ وڏي رڙ ڪئي.
”........ڪاڏي
گم ٿي وئينءَ؟ مري وئي..... چڱو ٿيو مري وئي
........“ هو جهومندو اٿيو ۽ بڪندو ٿڙندو ٿاٻڙندو
ٻاهر نڪري ويو.
اڌ رات جو در کڙڪيو صوفيا هونءَ پٽ تي پئي هئي،
ڪمري ۾ گگهه اوندهه هئي ٻاهر اڱڻ ۾ چوڏهين جو چونڊ
کڙيل هو. چنڊ جا شيتل ڪرڻا ڌرتيءَ مٿان ٿي ڪِريا
ڄڻ چانڊوڪيءَ جو آبشار جبلن مٿان وهندو ڌرتيءَ تي
پکڙجي ويو هجي. ورانڊي ۾ بتي پئي ٻري، صوفيا
ورانڊي ۾ آئي ته نمو کي کٽ
تي ستل ڏٺائين، سندس ٽنگون کٽ کان هيٺ گوڏن تائين
لڙڪيون پئي، چنڊ جي هلڪي هلڪي روشنيءَ ۾ به سندس
چهري تي پيل نيرا ٻَنا چٽا نظر ٿي آيا. هوءَ نموءَ
جي ڀر مان لنگهندي اڱڻ ۾ ٻاهر نڪري آئي، در تي اچي
هن پڇيو: ”ڪير
آهي.؟“
”مان
آهيان صوفيا.“ صوفيا کي به پڪ هئي ته اهو سارنگ ئي
هوندو. ننڊ ۾ به سندس ڪن سارنگ جي در کڙڪائڻ جي
انداز کي سڃاڻي وٺندا هئا. سارنگ آڱر کي ٻٽو ڪري
پوءِ ڏوڏن سان در تي هلڪي انداز سان ٺڪ.... ٺڪ
ڪندو هو. صوفيا سارنگ جي اوسيئڙي ۾ هوندي هئي، اڌ
جاڳيل اڌ سُتل. در
تي ٺڪ ٺڪ جو آواز صوفيا جي ڪنن لاءِ اوپرونه هو.
ڄاتل سڃاتل آواز هن جي شعور ۽ لاشعور ۾ لڪل هو.
تڏهن ئي ته گهري ننڊ م ستل هوندي هئي ته هڪدم ڇرڪ
ڀري اٿندي هئي. پوءِ در تي وڃي پڇندي هئي.
”ڪير
آ....؟“ اِهو ڄاڻندي به ته هو پڪ سارنگ ئي هوندو.
بس دل کي تسلي ڏيڻ لاءِ ته متان ڪو اوپرو ماڻهو نه
هجي. هوءَ ڏاڍو هراسيل هوندي هئي. هن در لاٿو ۽
سارنگ صوفيا ۾ نهارڻ بنا کٽ تي اچي ليٽيو.
صوفيا پيرانديءَ کان بيهندي ٿورو نوڙي سارنگ جي
بوٽ جون ڪهيون کوليون ۽ بوٽ لاهي هيٺ ڌرتيءَ تي
رکيو ۽ پوءِ جوراب لاهي ڇنڊي تار تي وڌا ته ڪجهه
وائکا ٿين. پوءِ هوءَ وڃڻ لڳي.
”ڪاڏي
ٿي وڃين؟ مون کي زور ڏي.“ هن صوفيا جو هٿ پڪڙي ڀر
۾ ويهاريندي چيو.
”اچان
ٿي“، هوءَ کٽ تان اٿي وڃڻ لڳي. سارنگ هن جو وري هٿ
جهلي ورتو ۽ سٽ ڏيئي ويهاريندي تيز لهجي ۾ چيو.
”مان
توکي آهيان نه....... چوانءِ ٿو زور ڏي. ٻڌين ڪانه
ٿي ڇا؟ گهُري ٿي موچڙا کائين. پوءِ وري وري
مِسڪندي وتندي آهين. ٻليءَ وانگر ميڪ ميڪ ڪندي
آهين.“
”مان
اچان ٿي نمو ورانڊي ۾ کٽ تي سُتي پئي آهي. هيٺان
هنڌ به ڪونه اٿس. سڄي پگهرجي وئي آهي، ان کي به
ٻاهر کڻي اچان.“
”چڱو
هاڻي بڪ بند ڪر، مون کي شرافت سان ويهي زور ڏي.
اڃا ڪالهوڪا به ڦٽ ڪونه ڇٽا اٿئي، وري ٿي موچڙا
موچڙا ڪندي وتين.“
سارنگ جاڳيو پئي. پر صوفيا کي زور ڏيندي ڏيندي ننڊ
اچي وئي هئي ۽ سندس منهن سارنگ جي ٽنگن تي پيل هو.
سارنگ آهستگيءَ سان اٿيو ۽ صوفيا کي کٽ تي ليٽايو
۽ اندر ورانڊي ۾ ويو. بتي کڻي نمو جي منهن ۾
نهاريو.
نمو جي ڳلن تي نيرا نيرا ٻنا ڏٺا.
هن بتي ٿورو وڌيڪ ويجهو جهلي غور سان نموءَ جي
منهن ۾ نهاريو. پوءِ هٿ کان جهلي ٻانهن ۾ نهاريو.
اڙي هي نيرا ٻنا نموءَ جي جسم تي ڪٿان آيا، مون ته
رڳو صوفيا کي ماريو هو. پوءِ هي نيرا سوڄ کاڌل ڳل
۽ ٻانهون نموءَ جون ڪيئن ٿيون. ڪٿي اڃا ته نشي ۾
ڪونه آهيان، سارنگ ٿورو
ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو. هلڪو هلڪو خمار برابر هيس پر
سندس هوش حواس بلڪل ٺيڪ هئا.
”ڪنهن
ذليل ....... هن کي ماريو آ............؟
ماڻس....... اون هون............... ماڻس ته پاڻ
بي هوش ٿي وئي هئي. هلڻ کان هلاک. سارنگ ورانڊي
مان ٻي کٽ ڪڍي اڱڻ ۾ رکي. اندران ڪمري مان هنڌ کڻي
کٽ تي وڇايو ۽ ٻه وهاڻا به اندران کڻي آيو. پوءِ
وڃي نموءَ کي اندران کڻي
اچي کٽ تي سمهاريو ۽ پاڻ سگريٽ ڪڍي پيئڻ لڳو.
دونهن جا هلڪا هلڪا ڪڪر چانڊوڪيءَ ۾ عجيب پراسرار
نموني ڦهلجي ٿي ويا. هو ڳچ وقت چنڊ ۾ نهاريندو
رهيو.
نموءَ جي ڀر ۾ ليٽيل هو ۽ پوئين پهر ۾ کيس ننڊ اچي
وئي.
ڪاري رات
وڏيرو پيرل کٽ تي ويٺو هو ۽ شيوِ پئي ڪيائين.
سياري جا ڏينهن هئا. پارو به پيو چوي ته ”اڄ نه
پوان ته ڪڏهن پوان،“ مينا اڱڻ ۾ ويٺي بلورن
راند پئي ڪئي. حاڪمِ رڌڻي
۾ رکيل هڪ گُندڙي تي اچي ويٺي هئي. هوءَ وڏيري جي
وڏي ڌيءُ ۽ ازان کان ٻه چار سال ننڍي هئي. جڏهن به
ازان صبح صبح جو ڪم تي ايندي هئي ته حاڪم به اچي
رڌڻي ۾ ويهندي هئي ۽ پوءِ دريءَ منجهان کوهه تي
بيٺل ماين کي ڏسندي رهندي هئي. کوهه تي ڪي مايون
پاڻي پيون ڀرينديون هيون ۽ ڪي مايون دلا ڀري دريءَ
وٽان اچي لنگهنديون هيون. تن کي پئي ڏسندي هئي.
”مينا
– پٽ هيءَ رڌڻي مان گرم پاڻيءَ جي وٽڙي ته ڀري آءُ.“
مينا ڊوڙندي رڌڻي ۾ وئي چلهه تي رکيل ٽِين ۾ گرم
پاڻيءَ مان وَٽِي ڀري وڃي پيءُ اڳيان رکيائين.
ازان رڌڻي مان نڪري اڱڻ ۾ آئي ۽ اچي ڀت کي ٽيڪ ڏئي
بيٺي. صبح صبح جو پهر هو. اُس اڃا اڱڻ ۾ گهٽ لٿي
هئي. ازان جي بيهڻ کان پوءِ به سندس چيلهه تائين
مس اُس ٿي پهتي. هوءَ سيءَ ۾ سڄي ڏڪي پئي. ويتر جو
ٿڌي پاڻيءَ سان ٿانوَ ڌوئي آئي هئي ته برف جهڙي
ٿڌي پاڻيءَ سندس هٿن مان رت ئي سڪائي ڇڏيو هو. اُس
جا ڪِرڻا به ماڪ ڀِنل هئا، تنهنڪري سيءَ کي جهڪي
ڪرڻ بجاءِ ان کي وڌايائون پئي.
”ازان
ڪالهه شام سسڻهين آئي هئي.“
”ڇو
آئي هئي -؟“ ازان جي منهن ۾ ڪروڌ ڀرجي ويو، ان
وقت سندس اکين ۾ رت لهي آيو هو.
”چيائين
پئي ته ٻانهن وٺرائي ڏيو. مائٽن روڪي ويهاري آهي.“
”پوءِ
اوهان ڪهڙو جواب ڏنو؟“
”چيومانس
ته ها، مون کان ڪاڏي ويندي؟“
”پر
سائين مان ساهري گهر اصل ڪانه وينديس.“
”ڏسان
ڪيئن نٿي وڃين؟“
”سائين
مون کي کڻي ڪُهي وجهو پر مان ساهري گهر ڪانه وينديس.“
”ڇو
مڙس ڪونه ٿو وڻيئي ڇا؟ وڻندو به ڪيئن؟ يارن مان
واندڪائي ملئي ته گهر به ياد پوئي نه .“
”سائين
اوهان ڇا به چئو پر مان ساهري گهر ڪانه وينديس.
سائين مان ڇونه وڃان پر ٻه ڏينهن رهائي مون کي
مارون ڏيو گهر کان گهلي ٻاهر ڪڍيو اُڇلينِ.
وري ٻارنهن مهينا سار ئي نه لهن ته مئس يا بچيس.“
”مڙسن
جو شان آهي زالن کي پادر هڻڻ، موچڙا ته هڻندو،
باقي تون سو مڙس ڇڏيو يار ڪندي وتين.“
”مڙسن
جو موچڙا هڻڻ ته ٿيو حق پر جي رڳو پاڻ مارين نه،
يا پنهنجن لڄن کي وڃي ٿاڻن تي اڇلين. مون کي پاڻ
ڀلي ماري ٽڪر ڪري هِلين کي ڏئي يا کڏ کڻي پنهنجي
اڱڻ ۾ پوري ڇڏي سؤ سورن جو هڪ سور. نه هوندس نه ڏک
ئي ڏسندس. مڙسن جو اهو ته شان ڪونهي ته پنهنجن لڄن
کي وڃي پوليس جي حوالي ڪن.“
”باقي
تون سو مڙس ڇڏيو يار ڪندي وتين .“
وڏيري ڏاڍي چڀندڙ انداز ۾ هڪ هڪ لفظ کي ڇڪي
ڳالهائيندي چيو.
ازان جي اندر ۾ اهي لفظ وڍ وجهندا ويا. هن جي دل
جو سور اکين مان ڳوڙها ٿي سندس ڳلن تي وهي هليو.
ازان کي سڌ هئي ته وڏيرو سندس سس جو بدرُ ڇو ٿو
کڻي. هن کي ازان جي سس يا مڙس سان ڪابه دلچسپي
ڪانه هئي جو وڏيرو ازان جي انهن چاهيندڙن مان هو
جن کي ازان اک کڻي نهارڻ به
گوارا ڪانه ڪندي هئي. هوءَ ڪيڏي نه خوبصورت عورت
هئي! ڪونج جيان من موهڻي، ڊيل جيان ٽلندي هئي.
سندس هلڻ ۾ ڪيڏا نه ماڻا هوندا هئا. جڏهن هوءَ دلا
کڻي کوهه تان پاڻي ڀرڻ ويندي هئي ته واٽ ويندڙن کي
ڪهندي ويندي هئي. ڳوٺ جا جوان ٿڌا ساهه ڇڏي کيس
نهاريندا هئا. صوفيا لارين جهڙي سندر صورت هئس.
ازان کي ته ڪنهن شاهاڻي گهر ۾ پيدا ٿيڻ کپندو هو.
سندس چال ۾ راڻين جيان وقار هو. هوءَ پنهنجي سموري
سونهن ۽ پيار ڀري جذبن جي باوجود پنهنجي گهوٽ جي
دل هٿ ڪري ڪانه سگهي هئي. هن جي ماڻن ڀري مرڪ،
اکڙين جا ڏک ڏوراپا به سندس ور جي دل ۾ گهر ڪري نه
سگهيا هئا. ڳوٺ جا جوان هن کي ڏسي ٿڌا ساهه ڀريندا
هئا ته ان سان ازان جو ڇا؟ هن ته چاهيو ٿي ته سندس
ور هن کي پنهنجي لڄ سمجهي ۽ وڏيري جي در تي ڌڪا
جهلڻ نه ڏئي. هو جيڪڏهن حجت ڪري هن جي ٻانهن کان
جهلي گهر وٺي وڃي ها ته ڇا سندس گهٽتائي ٿي پوي ها. وڏيري
کي دانهن ڏيڻ ۽ ٿاڻي تي اڇلي اچڻ کيس جڳائيندو هو.
ننڍڙي مينا اندر ڇڏي اچي ازان جي ڀر ۾ بيٺي. مينا
جي دل ۾ آيو ته ازان کي ڀاڪر پائي ايڏو پيار ڪري
جو سندس سڀ ڏک لهي وڃن. ازان جو ڪير به ته ڪونه
هو. نه ماءُ نه ڀيڻ نه ڀاءُ ۽ نه پيءُ. جي ماءُ
هيس ته ماٽيلي، جيڪا کيس اُٿندي ويهندي طعنا ڏيندي
هئي. ڀائر هيس ته ماٽيلا جن جي ٻارن کي هوءَ
پنهنجو اولاد ڪري ڀائيندي هئي. هن کي، سڄو ڏينهن
رت ولوڙڻ کان پوءِ جيڪي ڪجهه وڏيري جي گهران ماني
۽ پگهار ملندو هو، سو سڀ اچي ماٽيلي ڀائرن اڳيان
رکندي هئي. پوءِ به تِر تان گسندا ته
هڻي کيس لوئي اڌ مئو ڪندا هئا. ۽ ساهرو گهر ته
پورو دوزخ هو. ڪير هو جيڪو سندس پنهنجو هو. ڀلا
سموري سونهن، سوڀيا، وفا ۽ پيار جي باوجود به
پنهنجي مڙس جي دل هٿ ڪري نه سگهي هئي ته ان ۾ ازان
ويچاريءَ جو ڪهڙو ڏوهه. هوءَ جيڏي حسين هئي اوڏي
ئي سندس قسمت ڪوجهي هئي. سچ چيو اٿن ته: ”سونهن
سِڪي ۽ بخت کائي.“ اِهو مثال ازان سان بنهه ٺهڪيو
ٿي، مينا جي دل ۾ آيو ته پنهنجي بي رحم پيءُ کي
اُڦٽ ماري ڇڏي. هوءَ هئي ته ٻالڪ پر کيس ڏاڍي
سمجهه هئي. ازان جي ڳوڙهن ڀريل اکين کيس گذريل پل
ياد ڏياري ڇڏيا هئا. پَر سال جي ڳالهه ته هئي. ان
ڏينهن هن ازان جي گهر ۾ نم هيٺان ويٺي گُڏين راند
ڪئي. ٻن چئن ڏينهن کان گهٽيءَ ۾ ڪتي يڪو پئي
اونايو. ڪتي جو اونائڻ ڳوٺ ۾ ڏاڍو نڀاڳو سمجهيو
ويندو آهي، ننڍڙي مينا کي به اِها سڌ هئي ان ڪري
هن جي دل کي ڊپ اچي ويو هو ۽ ٻاهر نڪري ڀتر کڻي
ڪتي کي هڪلڻ وئي، ته سامهون ڏاند گاڏي ايندي
ڏٺائين. هوءَ اتي ئي بيهي رهي. ڏاند گاڏيءَ تي
پلال پيل هو ۽ ان مٿان رلي وڇايل هئي. رليءَ تي
جتي ڪٿي رت جا دٻا هئا. ازان جا لٽا ليڙون ٿيل هئا
جن مان سندس نيرو ٿيل ۽ سڄل بدن لياڪا پئي پاتا.
ازان جو ماٽيلو ڀاءُ هيٺ لهي بيٺو. مينا اندر ڊوڙ
پائي ازان جي ماٽيلي ماءُ ۽ گهر جي ٻين ڀاتين کي
سڏڻ وئي. در تي روڄ راڙو مچي ويو، اوڙي پاڙي جون
عورتون اچي مِڙيون.
ازان جي گهر جي سامهون واري گهر ۾ رهندڙ بصران دلا
کڻي کوهه تان ٿي موٽي. بصران جي ازان سان بنهه
ڪانه پوندي هئي پر هن جو هيءُ حال ڏسي دلا پٽ تي ڦٽا
ڪري اچي ازان جي ڀر ۾ بيٺي.
ماٽيلي ڀاڻس ازان کي کڻي اچي نم هيٺان پيل کٽ تي
ليٽايو. سندس سڄي منهن تي چَڪَن ۽ رانبوٽن جا نشان
هئا ۽ بدن سڄو نيرو لڳو پيو هئس. بدن تي نيٽ جي
لڪڻ جي ڌڪن ڪري اڀريل اڀريل سوڄ کاڌل جسم ڪٿان
ڪٿان ٽڪرا لٿل، پيلي زرد لاش جيان هوءَ پئي هئي.
”اَئي
مُٺِيسَ هيءُ ڪهڙو
قهر ڪيو اٿائون نڀاڳيءَ سان.“
بصران پنهنجي ڇاتيءَ تي ڌڪ هڻندي چيو ته: ”اَئي
گهوڙا ڙي، اديءَ
سان قهر ٿي ويو.“ ازان جي ننڍي ڀيڻ کٽ جي ڀر ۾ پٽ
تي ويهندي اوڇنگار ڏني:
”اَئي
گهوڙا ڙي هيءَ ته نائين مهيني پيٽ سان هئي.“ ماسي
شمل ڏک وچان دانهن ڪئي.
”ها
پورن ڏينهن تي هئي.“ ماڻس وراڻيو.
”اَڀاڳيو
ٻار ڪري پيس ڇا؟“
”ماسي
شمل هوش ڪر، ٻار ڪرندس نه ته بچندس. مٺيءَ کي
يارنهن ڏينهن ڪُٽيو اٿائون سو ٻار وري ڪٿان بچندس.
اَئي هنٽرن جا نشان ڪانه ٿي ڏسين.“
”هن
جو مڙس ته ڪرو ڪهاڙي آهي. پاڻ ته مٺيءَ کي ماري اڌ
مئو ڪري، پر هاڻي وري مورڳو لاهي پاهي بيٺو آهي،
لڄ به ڪانه آيس ههڙي سدا ملوڪ ونيءَ کي پيٽ سان
پوليس جي حوالي ڪرڻ سان.“
”پر
ادي شمل ههڙا
ناحق اسان نه اڳ ٻڌا، نه ڏٺا جو مڙس هٿن سان
پنهنجن ننگن کي ٿاڻن تي اڇليو اچن.“ هڪ پوڙهي
مائيءَ نڪ کي موڙو ڏيندي چيو.
”اَئي
ڇا توکي سڌ ڪانهي ته ساهري گهر جي ازان سان پوي
ڪانه، سسڻنس ته بنهه پهاڄ بڻي ٿس.“
”اَئي
ادي، پر ڪهڙي ڏوهين ڪهڙي ثوابين، مُٺيءَ
سان اچي وير پيا آهن.“
”اَئي
مان ٿي توکي ٻڌايان ته ڇو نُنهن کي تپائي کنيو
اٿس، موسي ماءُ کي پٽ آهي هڪڙو، سندس ڀائٽي به
ويٺي آهي ڪنواري. جواڻ جماڻ. پهريان ته ڀاڄائيءَ
سان پوندي ڪانه هيس، پر هاڻي جڏهن ڀاڄائس مئي آهي
ته اچي لڳي اٿس ته پٽ کي ڀائٽيءَ سان پرڻايان. سو
نُنهن سان پويس ڪانه،
روز پيون ڪوڙ بدوڙ هنيو مڙس کان مارون کارائنس.“
”هچا
پوندنِ جو هن يتيم نڀاڳيءَ سان تپائي کئي اٿئون.“
”پر
ادي ڪو ڳوٺ ۾ نينگر کٽا آهن، سندس ڀائٽيءَ کي گهوٽ
ملي پوندو.“
”ڪهڙيون
ٿي ڳالهيون ڪرين، ڀاڻس کي به آهي هڪ ڌيءُ سو مرضي
اٿس ته ٻانهن گهر جو گهر ۾ هجي. سو ڀاڻس ٿو چوين
ته پهريان ازان کي طلاق ڏيو ته پوءِ ڌيءُ ڏيندس،
سو مئيءَ کي نه پورو تن تي ڪپڙو ڏين، نه پيٽ ڀري
ماني، سڄو ڏينهن پيا گڏهه وانگر وهائنس. رونبا
لابارا، گاهه پٺا،
پاڻي ڀرڻ ۽ سڄي گهر جو ڪم وٺنس، مال متاع جي به
ٽهل ٽڪور ڪري، پر پوءِ به بگڙنس ته هڻي گُڏي رکنس.“
”مڙس
ته ليکيس ئي ڪونه، سمهن ڪن ڌار، مڙس ڪوٺي تي، زال
اڱڻ ۾، جي مڙس اڱڻ ۾، ته زال ورانڊي ۾ پئي ڳوڙها
ڳاڙيندي.“
”اَئي
امڙ ائين
به ٿيندو آهي ڇا؟“
”بس
ويٺي ڏس لقاء زماني جا.“
”اَئي
ادي شل نه ڪنهن جي ڦِٽي،
نه ته ڪهڙي ڪمي آهي ازان ۾، سدا ملوڪ لُڏڻ زال کي
کڻي سور ڏئي ساڙيو اٿئون.“
”اَئي
نڀاڳيءَ جو ڪو اوهي واهي ڪونهي جو کڻي پلاند ڪرين،
در در جا پئي ڌڪا کائي، نه ته ڄايون هر ڪنهن کي مِٺيون
آهن.“
مايون ازان جي چوڌار مکين جيان اچي مڙيون هيون ۽
مکين وانگر پئي ڀڻ ڀڻ ڪيائون. ڪوڙي ماءُ کان رهيو
نه ٿيو، تنهن سڀني کي پري ڪندي چيو ته:
”رنون
هڪ هوءَ اڳئي لاش ٿي پئي آهي، ٻيو مٿان اوهان
ويٺيون هانءُ کائوس، ٽري ٽارو ڪيو، ڇو اچي ٽِيڪو
مچايو اٿوَ.“
پيءُ جي آواز تي مينا جي سوچن جو سلسلو ٽُٽي پيو. ”موسي
ماءُ پيرن تي پوتي وڌي آهي.“
”وڏيرا
مون به اوهان وٽ ڄمار گذاري آهي پورهيو ڪندي“.
ازان ڀريل گلي سان وراڻيو.
”سَسڻهين
ٿي چوي ته مون ٽڪا ڀريا آهن، ڪا مفت ۾ نالي الله
جي ڪانه ڏني اٿئون.“
”ها
ته سائين ائين چئه نه ته ٽڪن جو سور اٿس، ٻيو مون
لاءِ ٺري ڪانه ٿي. ٻانهن کپين ڪم ڪار لاءِ. سائين
مون کان اهي جيئرا جاڳندا سور ڪونه سٺا ويندا ته
مان ٻانهي ٿي پهاڄ اڳيان پئي وهان. هاڻي موسي شادي
ڪئي آهي، باقي مون واري سس ٿي آ اجائي ڇتي“.
”گهڻي
ٽر ٽر نه ڪر پر سال واري جٺ ياد ڪانهئي ڇا“.
وڏيري جي اکين ۾ ڄڻ شيطان لهي آيو هو. وڏيري پيرل
کي راتوڪي باهه هئي جو ازان کي جڏهن ٻانهن کان اچي
جهليو هئائين ته ازان کتيون ٻڌايون هئس. ويتر جو
گهٽيءَ ۾ ٻاهر حاجيءَ کي بيٺل ڏٺائين ته سڄو پڄري
ويو هو. ان وقت ته دل جو سور دل ۾ پي ويو هو پر اڄ
صبح سڀ ڪسرون پوريون ڪيون هئائين. حاجي وڏيري جي
ٻنيءَ تي پوک ڪندو هو ۽ وٽس ڪمدار به هو. وڏيرو
هونئن ته حاجيءَ کي ڏاڍو ڀائيندو هو. سادي طبعيت
جو ماٺيڻو، قد جو ڊگهو سهڻو جوان هو، طبعيت جو
بيحد شريف ڪنهن عورت کي اک کڻي به نه نهاريندو هو
پر الائي ازان سان ڇو ٻٽيهه دليون هيس. وس
پڄيس ها ته ازان جا سڀ سور پنهنجي اندر ۾ اوتي ها
پر وڏيري اڳيان لاچار هو. جي ڪڇيو ٿي ته بک ٿي
مئو. ٻيو ته ازان کي طلاق به ڪانه مليل هئي. ان
ڪري شادي به نٿي ڪري سگهيا. حاجي پاڻ به پرڻيل هو
هڪ ڌيءُ به هئس. دل جا ليکا به عجيب هوندا آهن. جڳ
جون ريتون رسمون، قيد ۽ ڪڙا مذهب ۽ اخلاق سڀ
اورانگهي دل ۾ اچي پيار واسو ڪري ته ماڻهن جو جهڳو
ئي جَهڻ ٿي پوي پر پوءِ به سڄي ڏيهه جو لعنتاڻو
کنيو پيا گهلبا آهن. هنن ٻنهي به پئي ڄاتو ته هو
هڪٻئي جا جيئن ته ڪونه ٿي سگهندا. پر پوءِ به
هڪٻئي کان منهن مٽي نٿي سگهيا، هڪٻئي جي انگن ۾
سمائجي وڃڻ ٿي گهريائون. اصل ائين جيئن سنڌوءَ جو
لڙاٽيل مٺو پاڻي ٻنين ۾ جذب ٿي ويندو آهي. ازان جو
جوڀن ته ڪڻڪ جي سونهري سنگ جيان هو، ڪڻڪائون
سونهري بدن نانگ جيان وراڪا کاڌل بدن اکين ۾ ازل
جي ڏکن سورن سندس سونهن ۾ نماڻائي اوتي هئي. اندر
جا گهاءَ منهن تي
ائين ڇانورو ڪري بيٺل هوندا هئس، جيئن ٽالهي جي وڻ
جي ڇانوَ سنڌوءَ جي پاڻيءَ مٿان.
اصل نماشام جيان اُجڙيل ۽ ويران. ڀلا اهڙي مٺي
مومل کي ڀلا حاجي ڪيئن نه جيءَ ۾ جايون ڏئي! هن جو
وس نٿي پڳو، نه ته جيئن پنهنجو پاڻ کي چيري اندر ۾
لڪائي ڇڏيس ها. اصل ڪچو کائي ڇڏيس ها. پر هو بيوس
۽ لاچار هو. چؤطرف مجبورين ۽ لاچارين ۾ گهيريل هو
۽ ازان کان اها حاجيءَ
جي بي وسي ڏٺي نه ويندي هئي، مرد کي هوءَ هميشھ
جهرڻي جيان تکو ۽ تيز ٽوڙ ڦوڙ ڪندڙ ڀائيندي هئي.
شينهن جيان گجگوڙ ڪندڙ، حاجيءَ جي بي وسي ازان جي
اندر ۾ وڍ وجهندي هئي. ازان جو مک چوڏهين جي چنڊ
جيان هو پر سندس مک مان چانڊوڪيءَ بدران ويراني
پکڙبي هئي. اُداس ڳوڙهن ڀريل ڪرِڻا پکڙبا هئا. پر
پوءِ به سور هن جي سونهن مٽائي نه سگهيا هئا. ازان
جو هيڏي ساري جڳ ۾ ڪير به ته پنهنجو ڪونه هو. هڪ
حاجي ئي ته هو جنهن کي هوءَ ڏاڍو ڀائيندي هئي.
”ازان
مون کان بڇڙو ٻيو ڪير نه ٿيندءِ. ڄُنڊن
کان گهلي مڙسهين وٽ اُماڻيندو مانءِ. توکي پنهنجي
مڙس وٽ وڃڻو پوندو.“
”سائين
خدا کان ڊڄو اوهين به پنهنجن ڄاين وارا آهيو.“
”ڪري
ڇا ٿي ڪميڻي رن. بار بار ذليل رن مون کي پٽين ٿي“.
وڏيري جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون، هو پٽ تي ٿڪ ڦٽي
ڪري ڪلها لوڏيندو اوطاق تي هليو ويو ۽ ازان ....
ازان جهريل من کي کڻي نستو ۽ نٻل سرير کڻي رڌڻي ڏي
وڌي وئي، هن جي سڄي جسم مان ڄڻ ساهه ڇڏائي ويا
هئا. سندس اڳيان اٽي سان ڀريل ٿالهه رکيو هو، ان
کي ڳوهڻ لڳي ڳوڙها ٽم
ٽم ڪندا اَٽي ۾ جذب ٿيندا ويا. ان پل هن جا هٿ ڍرا
ٿيا ۽ ڪنڌ ڀت تي لڙي پيس، ڍليون ڍليون ٻانهون،
وساميل نيڻ ازان اهو به نه ڏسي سگهي ته در ۾ حاجي
بيٺو آهي. هو تڪڙو اڳتي وڌيو ۽ ازان کي ڌونڌاڙي
چوڻ لڳو.
”ازان
...... ازان توکي ڇا ٿيو آهي. مٺي مٿي ته نهار“.
حاجيءَ پنهنجي هٿن سان ازان جي ڳلن تان ڳوڙها
اگهندي چيو پر ازان جا پساهه پورا ٿي چڪا هئا.
تڏهن هو سڄو اجهامي ويو هو. پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري اچي
کٽ تي ليٽايائين. اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. ننڍڙي
مينا وائڙي ٿي حاجيءَ کي ڏٺو. مرد به روئيندا آهن،
هن ته ڪڏهن به ڪنهن مرد کي روئيندي نه ڏٺو هو،
پوءِ اڄ حاجيءَ جهڙو جوڌو هيئن سڏڪا ڀري ڇو ٿو
روئي. شايد ان ڪري جو موت اڄ ڪاري اُماس جي رات جي
پڄاڻي آندي هئي ۽ حاجيءَ جا ڳوڙها ان اوندهه
انڌوڪار ۾ تارن جيان پئي جرڪيا.
(ٽِه-ماهي
’مهراڻ‘ 2-1/1972ع ۾ ڇپيل)
لاڙئون آيم سرتيون
ڪامل اَن ڇڙيندي جهونگاريو پئي:
”لاڙئون
آيم سرتيون اڄ ڪي اباڻا....“
سندس ڪاريون ڪڪوريل اکڙيون لڙڪن سان ڀريل هيون.
”ڪامل،
او مُئي! اڃا
ويٺي اَن ڇڙين، رن جنهن ڪم کي ٿي وٺين ته ورهيه
لڳيو وڃئي، پڄئي نه ٿو ڪم، سنڌن سڪي، سج مٿي چڙهي
آيو آهي، منجهند جي مانيءَ کي اوير ٿي ٿئي. اجهو
ٿو مڙسهين ٻنيءَ تان موٽي، تون ويٺي پار ڪڍين.
نڀاڳي ڪهڙا اباڻا ياد پيا اٿئي؟“
”نه
چاچي، بس اٿان ٿي –“ ڪامل سس جا پاراتا ٻڌي ڳوڙها
رئي جي پلاند سان اگهي ڇڏيا ۽ اکريءَ جو سمورو اَن
ڇڄ ۾ وجهي ڇنڊڻ لڳي.
ننڍڙي صبحان اون آن ڪندي، بانبڙا پائيندي اچي ماءُ
کي چنبڙي.
”نپٽي
پري ته ٿيءُ“ ڪامل ڌيءُ کي ٻوٿ وارو چنبو هڻي ڪڍيو.
صبحان وڃي مٽيءَ ۾ ڪري ۽ ڇڙيون هڻڻ لڳي، سندس ڪومل
گلابي ڳل ڳوڙهن سان ڌوپجي ويا.
”مئي،
گهڻو نه روءُ، پيءُ جي دادلي ڪانه آهين جو ايڏو
ٽمجهڻ وڌو اٿئي،“
ڪامل ڌيءُ کي روئندو ڇڏي وڃي جنڊ تي ويٺي، صبحان
کي روئي روئي اتي ئي ننڊ وٺي وئي هئي.
سومر هَرُ ڪلهي تي رکيو ڏاندن جون واڳون هٿن ۾
جهليو گهر ۾ گهڙيو. ڌيءُ تي اُڇاتري نظر وجهي وڃي
ڏاندن کي ڪلي سان ٻڌائين. هَر کي ڀت سان پاسيرو رکي
ورانڊي ۾ اچي ويٺو.
ڪامُل وٽي کي آگھاري دلي مان پاڻي اوتي اچي مڙس کي
ڏنو.
”اڃا
ماني ڪانه پچائي اٿئي
ڇا؟“
”نه“
”ڇو،
ننڊ پئي هئينءَ ڇا؟ سانجهي اچي ٿِي
آهي، تو وٽ اڃا منجهند جي ماني به ڪانه پڪي آهي.“
”ٽي
ٽين ڪپڙن جا سٽيا اٿم. اَن ڇڙي پيٺم، سڄي
گهر جي ٻهاري ڏني اٿم. پاڻيءَ جا کوهه تان ڇهه ور
ڏئي آئي آهيان. ٻه کارا ٿانون جا مانجيا اٿم. سڄو
ڏينهن گهر ۾ گڏهه وانگر ٿي وهان، پر پوءِ به مڃتا
ڪانهي. هيکل آهيان ڪم ۾، تنهنڪري ٿوري اوير سوير
ٿي پئي وڃي، ڀلا ٻيو ڇا ڪريان.“
”ڪميڻي
وات ٿي ڪرين.“ سومر پاڃاريءَ مان ڪلو ڪڍي ڪامل جي
نرڙ تي وهائي ڪڍيو. جيڏي ڪامل، تيڏو رت! رڙ ڪري
وڃي پٽ تي پئي، سومر ٻه چار ٻيون لتون مڪون به
وهائي ڪڍيس.
”ٻڌايانءِ
ته پڻهين جاگير ڏاج ۾ ڏني هئي، جو ڪم نه ڪندينءَ.
هت ڏاڏهين جا نوڪر ويٺا آهن، جو کٽ تي چڙهي
کائيندينءَ.“
رڙين واڪن تي صبحان به جاڳي پئي. ماءُ کي رت ۾
وهنتل ڏسي اُٻاٽ پئجي وئي. ڪامل ڌيءُ کڻي هنج ۾
ڪئي، ننڍڙي صبحان جي چپڙن ۾ ٿڃ سان گڏ ماءُ جو رت
۽ ڳوڙها به ٿي ٽميا.
”منهنجي
جيجل ماءُ تون نه روءُ، منهنجي مومل تون نه روءُ“
ڪامل سڏڪندي چيو.
”اڙي
وري ويهي رهينءَ ٻار کي ڪڇ ۾ ڪري، رن مٿو پنهنجو
ڦاڙايوئي، پوءِ به نه ٿي سمجهين. ڇڏ ڇوريءَ کي
راند ڪري.“
اڌ ڍايل، اڌ بکايل صبحان کي پٽ تي ويهاري، ڪامل
وڃي رڌپچاءُ ڪرڻ لڳي. سون سورن اچي وڪوڙيس. کيس
شاديءَ جا پهريان ڏينهن ياد اچي ويا. جڏهن اڃا
نئين ڪنوار ٿي هن گهر ۾ پير پاتو هئائين، تڏهن
هوءَ ڪيتري نه سهڻي هئي. سندس رنگ اڇو کير جهڙو،
اکيون ڪٽاريون ڪجل بنا ڪاريون، ڊگها ڪارا وار، چپ
سنهڙا گلابي جن ۾ گلن جو رس ڀريل هو، ڊگهي نڪ ۾
ڦلي پيل، سهڻين اڇن ٻانهن ۾ چوڙيون پئي جرڪيس،
تڏهن سومر جي مٿس ڪيتري ته دل هوندي هئي. هر وقت
ڪامل، ڪامل پئي پوندي هيس. شاديءَ کي هي ٽيون سال
هو، جو سندس مڙس تان سائٿ هلي وئي هئي. ڪامل هڪ ٻن
سالن جي پٽ ۽ کير پياڪ صبحان جي ماءُ هئي، منجهس
ڏکن ڏاکڙن جي ڪري اها سونهن نه رهي هئي. اکيون
دونهي ڪوسائي ڇڏيون هئس. چانڊوڪيءَ جهڙو ڪومل بدن
باهين ۽ اسن تي لوساٽجي ويو هئس ۽ مڙس جي مارن کان
پوءِ نقشن ۾ اها تکاڻ نه رهي هئي. ڳلن جي لالائي
کي سس جي طعنن تنڪن پِيلو ڪري ڇڏيو هو. سندس انگ
انگ ۾ رچيل مستيءَ کي ڏکن ڏاکڙن ويراڳيءَ ۾
بدلي ڇڏيو هو. اڳ اڱڻ ۾ ائين هلندي هئي، ڄڻ ڪا
ديوي پوڄا لاءِ موتين جا ڀريل ٿالهه کڻي مندر
ڏانهن ويندي هجي. ڪامل جي چپن تان مرڪ ته ڄڻ
موڪلائي وئي هئي. اکين ۾ شوخيءَ بدران ڳوڙها ڀريل
هوندا هئس. سهڻي جوڀن ۾ ڪرڙوڍ ٿي لڳي. |