پوءِ هوءَ ريڊيو سيلان لڳائي هندستاني گيت، ناچن
جا گيت ۽ هندستاني ڪورس ٻڌندي هئي – کيس اهي ڏاڍا
وڻندا هئا، هوءَ ريڊيو کولي ناچ ڪندي هئي، ۽ پهرن
جا پهر هندستاني گيت جهونگاريندي هئي، کيس الاهي
سارا گيت ۽ ڀڄن ياد ٿي ويا هئا.
’ٺيڪ
آهي مان وڏي ٿي تنهنجي بي عزتيءَ جو بدلو ضرور
وٺنديس ۽ انهن مڙني مردن کي سکيا ڏينديس، ته
نچڻيون به عورتون آهن، ائين ئي:
جيئن اوهان جون ڀيڻون،
ائين ئي جيئن اوهان جون ڌيئرون،
ائين ئي جيئن اوهان جون زالون،
ائين ئي جيئن اوهان جون مائرون.
پوءِ رستن تي، چوواٽن تي ائين بي حيائيءَ جو ناٽڪ
رچائي محفلون گرم ڪرڻ نٿو سونهي.
آهه! هي ماڻهو سڀ کلي ڪيئن ٿا سگهن؟ مون کي ته
ڪڏهن به کلڻ ڪونهي آيو ۽ جي مان کلندي آهيان ته بي
انتها پوءِ اجايو سجايو ٽهڪ ڏيندي آهيان، ۽ تنهن
بعد ڏينهن جا ڏينهن سانت ڇانيل هوندي آهي، پهرن جا
پهر ماٺ ڪنهن رولڙي ۾ آيل روح جيان پيئي ڀٽڪندي
آهيان، پهرن جا پهر اونداهين
۾ تارن کي تڪيندي ڏسندي گذري ويندا آهن.
ننڍڙي پدما من ئي من ۾ سوچيو ۽ پوءِ ڏاڏاڻي گهر
هلي وئي – اتي سندس ڏاڏي ۽ ڪنواري پڦي رهنديون
هيون.
گهر الاهي وڏو هو، هڪ ڪوٺي تنهن اڳيان ٻي ڪوٺي ۽
پوءِ ورانڊو ۽ هڪ هال، ڇت تي به هڪڙو ڪمرو، اهو
ڏاڍو هوادار ۽ چوطرف ان ۾ دريون هيون ۽ سامهون هال
واري ڇت ۽ پوءِ ڪاٺ واري ڏاڪڻ اتي ٿي کٽي، جتي
ورانڊي جي ڇت هئي ۽ تنهن بعد ور وڪڙ کاڌل سرن جي
ڏاڪڻ، ان ڏاڪڻ هيٺان هڪ ڪوٺي هئي، جنهن ۾ پڦهنس
ڪبوتر پاليا هئا.
سندس ڏاڏي ٻليون پاليندي هئي، انهن جي لاءِ هڪڙو
پاٽڙو هو، جنهن ۾ کير وجهندي هئي ۽ رات جو اهو
پاليل ڄاهو، ڏاڏي ان کي پيار منجهان: ”ڪوڏڙو“
سڏيندي هئي: ”ڪوڏڙو..... ڪوڏڙو“ ته ”ڪوڏڙو“ ڀڄندو
ايندو هو. ڏاڏيءَ جي نظر ويهي وئي هئي انڪري هوءَ
گهڻو ڪري لٺ تي هلندي هئي. پدما جا ٻيا ڀائر
ڏاڏيءَ کي چيڙائڻ خاطر سندس لٺ کڻي لڪائي ڇڏيندا
هئا ۽ سندس ٻلين کي ماريندا هئا ۽ ڏاڏيءَ جي رڙين
تي ٽهڪڙا ڏئي کلندا هئا.
”اڙي
..... اڙي ..... ابا ڇوٿا ٻلڙين کي ماريو......؟
ساسي جيوَ آهن..... ابا ڇوٿا ستايو.....؟ امان
پدما لٺ ته کڻي ڏينم.“
پدما جي وڏي ڀاءُ جا به ڪڪڙ پاليل هئا، موڙن وارا
ڪڪڙ، چٽ ڪمرا ڪڪڙ، سهڻا سهڻا ڪڪڙ ۽ ڪڪڙيون، انهن
جا ٻچا چون چون ڪندا وتندا هئا ۽ سياري جو ماءُ جي
پرن ۾ لڪا ويٺا هوندا هئا، بس رڳو چهنب ۽ اکڙيون
ظاهر هونديون هئن، پدما کان ٿورو وڏو ڀاءُ هڪڙي
پوڙهي ڪڪڙ کي ڊوک ڪڪڙ سڏيندو هو. اها ڪڪڙ بدڪ جيان
دنبي هئي هلندي به بدڪ جيان هئي. ميري ۽ کنڀڙاٽيون
ڪجهه ڪجهه ڀڳل.
ان کي هڪ ڀاءُ پڪڙي نم تي اڇليندو هو ۽ هوءَ ڪافي
مٿان ٿي پٽ تي ڪرندي هئي، پوءِ سڀئي ڀائر تاڙيون
وڄائي کلي پوندا هئا، ٽهڪڙا ڏيندا هئا. پدما کي
انهن جو اهو چرچو نه وڻندو هو، پوڙهي ڪڪڙ جي پيرن
۾ دڙيون پئجي وينديون هيون، ۽ جڏهن ڏاڏي رڙيون ڪري
ڪري ٿڪجي پوندي هئي، تڏهن پڦيءَ کي خار ايندا هئا
لٺ کڻي منهنجن سڀني ڀائرن کي ڊوڙائي ڇڏيندي هئي،
ڏاڏي ويچاري الاهي پيرسن هئي، پر هئي ڏاڍي ٻلوان ۽
سگهاري مائي، هوءَ پدما کي ۽ ادا وڏي کي الاهي
ڀائيندي هئي.
هن کي انڪري جو هوءَ سندس ٻلڙين کي نه ستائيندي
هئي ۽ ڪوڏڙوءَ لاءِ پاٽڙيءَ ۾ روزانو کير وجهندي
هئي ۽ کيس چلم ڀري ڏيندي هئس، هوءَ اها پيئندي هئي
۽ مان سندس ڀر ۾ ويهي ساڻس ڳالهيون ڪندي هئس ۽ زور
به ڏيندي هئي. ۽ ادا وڏي کي انڪري جو هو سندس
اڪيلي پٽ جو پيريٺي پٽ هو ۽ سندس نالو ڏاڏي وارو
ئي رکيل هو. انڪري به شايد کيس ڏاڍو وڻندو هو ۽
ڪراچيءَ ۾ ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهندو هو ۽ هاسٽل ۾ رهندو
هو. سال ۾ ٻه دفعا اونهاري ۽ سياري وارين موڪلن ۾
ايندو هو، ڏاڏيءَ جي پيڪاڻي زمين ان جي نالي ٿيل
هئي ۽ سندس زيور ۽ پڦيءَ جا زيور سندس اڻ ڏٺي زال
لاءِ رکيل هئا، جيڪي پدما جي ماءُ کان شاديءَ جي
پهرين رات تي ڦري ورتا هئائون.
هڪ شام جو جڏهن پدما هميشھ جيان ڏاڏيءَ وٽ وئي، ان
وقت پاڇا لڙي ويا هئا، سج وڻن جي پويان لهي ويو هو
۽ آسمان تي لالاڻ هئي. پکيئڙن جي چون چون به جهڪي
ٿيندي پئي وئي. تنهن شام جو ڏاڏي کٽ تي ستل هئي ۽
پڦيءَ جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. هوءَ به کٽ جي
ٻانهينءَ تي اچي ويٺي ۽
ڏاڏيءَ کي زور پئي ڏنائين. کٽ جي ڀر ۾ پيل ٽيبل تي
ڪجهه دوائن جون شيشيون پيون هيون ۽ گلاس به پيو هو.
”امان
پدما – منهنجن لڱن منجهان ساهه ڇڏائيندا پيا وڃن“،
هن ٻانهن مٿي کنئي پر وري هيٺ ڪري پيس ڄڻ ٻانهن
هڏن ۽ گوشت جي ٺهيل نه هئي پر ڪا اڳڙي هئي، هن جي
سڄي جسم تي گهنج هئا ۽ ٻانهن تي به ڊگها ڊگها
گهنج هئس.
”ارباب
– امان اندران هندستاني پراڻا رڪاٽ ته کڻي اچ“.
ڏاڏيءَ تمام جهيڻي آواز ۾ چيو، لڳو ٿي پساهه سندس
هينئين تي اچي بيٺا هئا ۽ پرڙا ڪري اڏامڻ وارا
هئا. ڌيڻس اهو ڄاتو ٿي، انڪري هن جي دل نٿي چاهيو
ته پوين گهڙين ۾ هوءَ اندر وڃي ۽ امڙ پويان مري
وڃي.
”امان
– منهنجا ائين ساهه ڏکيا نڪرندا، تون وڃين
نٿي.....؟ منهنجو ائين ساهه نه نڪرندو.“ ڌيڻس پوءِ
به اتان نه هٽي. ”ڏس هاڻي ته منهنجي هن ٻانهن مان
به ساهه نڪري ويو آهي ۽ ساهه هينئر...... هينئر
تون ڇا منهنجو پوين گهڙين ۾ به چيو نه ڪندينءَ-؟
ڏس مان توکان گهڻو ته
ڪونه ٿي گهران....“ ڏاڏيءَ ڪافي وقفي کان پوءِ ٽٽل
ٽٽل لفظن ۾ چيو، ڌيڻس جي اکين ۾ اٽڪيل ڳوڙها وهي
ڳلن تي ڪريا ۽ هوءَ اندر هلي وئي، اندر اوندهه
انڌڪار هئي، ڪمري پويان ڪمرو ۽ ان آخري ڪمري منجهه
ڪوبه روشندان يا دري نه هئا، بس رڳو ٻه در هيس، هڪ
در ڪمري ۾ پئي کليو
۽ ٻيو هال ۾ - هال وارو در هميشھ بند رهندو هو، ان
ڪمري منجهه هڪ پينگهو هو. پينگهو ڏاڍو خوبصورت هو،
مضبوط ۽ جنڊيءَ جو ڪم ٿيل، ان جو هندورو ڪوچ وانگر
ٺهيل هو، ڀت سان وڏيون وڏيون لوهه جون پيتيون رکيل
هيون.
در جي ڀرسان ڪنڊ ۾ هڪ هالن جي کٽ رکيل هئي، جنهن
مٿان هنڌ وڇايل هو. هن پهريان ٽپائي آڻي ٻاهر رکي،
پوءِ وري اندر وئي ۽ گرام فونو ٻاهر کڻي اچي ان
ٽپائيءَ تي رکيو، گرام فون ۾ چاٻي ڀري ۽ مٿان رڪاٽ
چاڙهيو ۽ مائيڪ جو منهن ڦيري سئي رڪاٽ مٿان لڳائي:
جڳ موهن جو مٺڙو مٺڙو
آواز اڀريو:
مت ڪر هار سنگار سندري........
مت ڪر هار سنگار........
پدما کي به اهي گيت ڏاڍا مٺا لڳندا هئا، هوءَ
بظاهر راند ۾ رڌل هوندي هئي پر سندس سڄو ذهن ان
طرف هوندو هو. هن ڏاڏيءَ منجهه نهاريو، ڏاڏي ڪيتري
نه مهان هئي! ماڻهن کي مرڻ گهڙيءَ تائين دولت جو
حرص ۽ هوس نه ڇڏيندو آهي، پر ڏاڏيءَ جا ساهه نٿي
نڪتا، رڳو هڪ گيت جي صدا ٻڌڻ لاءِ هوءَ جيئري هئي.
رڳو هڪ گيت جي تمنا – گيت جا ٽي چار ٻول ڏاڏيءَ جي
ڪنن تائين پهتا ۽ ان بعد سندس ساهه پرڙا ڪري اڏامي
ويو ۽
ڏاڏيءَ جو ڪنڌ هڪ پاسي لڙي ويو. پڦي سندس مٿان رڙ
ڪري ڪِري پئي ۽ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي: ”امان
– منهنجي جيجل ماءُ – منهنجي آيل.“ تنهن
بعد سندس اوڇنگارون گيت جي آواز ۾ رلجي ملجي ويون.
اڌ رات
اڌ رات جو وقت هو، اڱڻ ۾ نم هئي، ان کان ٿورو
پرڀرو ٻه کٽون وڇايل هيون. هڪ تي نمو ستل هئي ۽
ٻئي تي سندس پُڦي، گهر تمام وڏو هو. ٻه ڪمرا ۽ هڪ
وڏو هال. هڪ ڪمرو ڇت مٿان به هو، اهو ڪمرو ڏاڍو
هوادار هو. چوطرف دريون هئس. جڏهن به هوا گهلندي
هئي ته ان ڪمري ۾ گهوگهٽ ڪري
ايندي هئي پر جي ٻٽ هوندي هئي تڏهن به ان ڪمري ۾
وائک هوندي هئي. ان جي سامهون ڪشادي ڇت ڦهليل هئي.
جنهن جي هيٺان هال هو ۽ انهن ڪمرن اڳيان ورانڊو
هو. هال ۾ بس هڪ ئي در هو منجهس ڪا به دري يا
روشندان نه هو. انڪري اِهو هال هميشھ اونداهو
رهندو هو. منجهس هڪ هندورو پيل هو. ۽ ڪجهه شيشي
جون الماريون جن ۾ چينيءَ جا ٿانوَ سجايل هوندا
هئا. ڏينهن ڏٺي جو نمو ان هال ۾ ويندي ڊڄندي هئي.
ائين ڄڻ ان ۾ ڀوت ۽ پريون رهنديون هجن. پڦهنس ڪڏهن
اندر ويندي هئي ته نمو به ان جي چولي جي پلاند کان
پڪڙي ڊڄندي ڊڄندي اندر ويندي هئي پر ويندي ضرور
هئي. هڪ الماريءَ ۾ الاهي سارا موتي رکيل هوندا
هئا ۽ موتين سان ڀريل وڃڻو ۽ دٻڪيون به رکيل
هونديون هيون ۽ ڪجهه ننڍڙا ٿانوڙا، جن تي جنڊيءَ
جو ٿيل ڪم هو. ان هال ۾ گهڙڻ سان گونج پيدا ٿيندي
هئي. هلڪن قدمن جو به آواز چٽيءَ طرح ٻڌڻ ۾ ايندو
هو ۽ جڏهن نمو ۽
پڦهنس پاڻ ۾ ڳالهائينديون هيون، ته ان جو اِيڪو
پيدا ٿيندو هو. ڄڻ ٻه روح پاڻ ۾ ڳالهائيندا هجن.
عجيب قسم جي سنسانيت ۽ ماٺائي هوندي هئي. روح
منجهه گهڙي ويندڙ. نموءَ جي ڏاڏيءَ کي مُئي ٽي چار
سال ٿيا هئا. پر نمو ائين سمجهندي هئي ته سندس
ڏاڏي پنهنجي مخصوص لوڏ سان
هلندي وتندي هئي. پڦهنس پيٽيءَ
مان ڪپڙا لٽا ڪڍندي هئي. نمو ان جي ڀر ۾ بيهي
ڏسندي هئي، لوهه جي وڏي ڳري پيٽيءَ
۾ الاهي سارا اوائلي قسم جا ڀرت ڀريل لٽا رکيل
هوندا هئا، ۽ هڪ ڪاٺ جو گول دٻلو هوندو هو، ان ۾
قسمين قسمين سونا زيور رکيل هئا. ست لڙي دهريون،
پازيب، ڪنگڻ، ڇٽ، نٿ ۽ الائي ڇا ڇا هوندو هو. نمو
انهن کي حسرت ڀريل نظرن سان ڏسندي هئي ته جيڪر پڦي
اِهي سڀ زيور مون کي ڏي ته مان پايان.
”پڦي
ٿورا زيور مون کي به ڏي. مان پائي ڪيئن لڳندس.“
”ڏاڍي
سهڻي منهنجي مٺي مومل.“
”پڦي
پوءِ مون کي پارائين ڇو نه ٿي؟“
”نظر
لڳي ويندي منهنجي پٽول راڻيءَ کي.“
”نه
پڦي ٿوري دير جي لاءِ ڀلا پارائي....“ نموءَ کيٽو
ڪندي چيو.
پڦهنس زيورن جو دٻلو ٻاهر ڪڍيو. هڪ هڪ ڪري زيور
پارائڻ لڳس. دهري سندس سڄي ڇاتيءَ کي ڀري بيٺي.
ڪنن ۾ جهومڪ، ڪنگڻ، پازيب سڀ هڪ هڪ ڪري پاتائين،
نرڙ تي پڦهنس سندور جو ٽڪو ٺاهيس ۽ ٿورو سونهري
ٻورو سينڌ کي مکيس. نمو سڄي سونهري ڪڻڪ جي سنگ
جيان چمڪڻ لڳي. هوءَ اڄ پنهنجن ڪپڙن ۾ نه پئي
ماپي. ڇم ڇم ڪندي ٽيبل ڏانهن وڌي، جتي وڏو آئينو
ڀت سان ٽيڪ ڏنل رکيل هو. ٽيبل تي بتي پيل هئي، نمو
جو عڪس جڏهن آئيني ۾ پيو ته هن جي چپن تي لڄاري
مرڪ پکڙجي وئي، اکين ۾ ڄڻ جوت جاڳي پيس. سهڻو سهڻو
گول منهن، چيرويون بادامي اکيون. سندس اکين ۾ ڄڻ سدا
جي مرڪ پکڙيل هئي. گلاب جي گل جيان ٽڙيل چهرو. نمو
سڄي ساري ٻهڪي پئي. مرڪ سندس گهري ٿيندي وئي، جنهن
سندس ڳلن ۾ چگهه وجهي ڇڏيا هئا. نمو هلڪي هلڪي
بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڪنهن ٻئي ديس جي پري پئي لڳي.
ننڍڙي ننڍڙي ڪومل ڪومل. ڀرت ڀريل چولو پيل هئس
گربيءَ جي شلوار، جنهن جي پانچن تي پڻ موتي ۽
ستارا جڙيل هئا. جيڪي کيس پڦيءَ ڀري ڏنا هئا.
پڦهنس سندس پويان بيهي نموءَ جو عڪس آئيني ۾ ڏٺو،
نمو به پنهنجي پڦيءَ جو عڪس آئيني ۾ ڏٺو هڪ دفعو
هوءَ وري مرڪي پئي ۽ پوءِ پڦهنس ٿورو هيٺ جهڪي نمو
کي هنج ۾ کنيو. نمو جو ڳل پنهنجي ڳل سان لڳائي وري
آئيني ۾ ڏسڻ لڳي، ”ڏس نمو تون منهنجي ڀائٽي لڳين
پئي نه.“
”ها،
ڇو ڪونه - مان هوبهو تو جهڙي آهيان نه پڦي.“
نمو خوش ٿيندي چيو.
”اڙي
نه چري تون جوان ٿيندينءَ ته تون ملوڪ ٿيندينءَ.
ڏاڍي سهڻي، پوءِ ته مون کي ڀر ۾ بيهڻ به نه
ڏيندينءَ.“ ۽ چوندينءَ وڃ وڃ مائي ڀيلياڻي ڇو آئي
آهين اسان وٽ.
پڦهنس ٻاراڻي لهجي ۾ ڳالهائيندي چيو. هن جي لهجي ۾
ڏاڍو پيار اوتيل هو.
”منهنجي
مِٺي مومل ڏسجانءِ تون پوءِ مون کي وساري
ويهندينءَ.“ ائين چوندي پڦهنس جي اکين ۾ لُڙڪ ڀرجي
آيا، جيڪي ڳلن تان ڪِرندا نموءَ جي منهن تي وڃي
ڪريا.
”اڙي
پڦي تون روئين ڇو ٿي--- ! ڏسجانءِ مان توکي اصل نه
وسارينديس. پڦي الله جو قسم.“ نمو، پڦيءَ
کي ڀاڪر پائيندي چيو.
”نه
منهنجي ماءُ مان انڪري نٿي روئان. اڄ امان ياد آئي
اٿم، ڏس نه هن هيڏي ساري وڏي گهر ۾ مان اڪيلي ٿي
رهان. ڏسي اديءَ کي ڪو خيال آهي ته جواڻ ڪنواري
ڀيڻ هيڏي ساري وڏي گهر ۾ اڪيلي ڪيئن حياتي
گهاريندي هوندي. امڙ هئي، سا به اڪيلو ڪري وئي.“
”پڦي
تون نه روءُ ۽ ڏس مان جو آهيان تو وٽ.“
”نه
منهنجي ماءُ مان ڪونه ٿي روئان.“ پڦهنس ڳوڙها
اُگهي ڇڏيا.
”پڦي
تون اسان سان گڏ ڇونه ٿي رهين؟“
”اتي
هلي ڪيئن رهان، اباڻو گهر ڇڏيندي دل نٿي چوي. مان
هت ڄائي نپني آهيان. امڙ مون کي هن پينگهي ۾ لوڏيو
هوندو. مان هي گهر ڪيئن ويران ڪري هلي وڃان. امان
جي خيرات جي ماني ڏيندي آهيان. ادي کي ته اصل خيال
ڪونهي.“
”پڦي
هن گهر ۾ پڙاڏو ٿو پيدا ٿئي نه--؟ ڪو..... ڪو
.... ڪو.....“ نمو زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي. ”ڏس
پڦي هتي ديو رهندا آهن نه ......!“
”هل
نخريلي منهنجو ڌيان هٽائڻ لاءِ تال ٿي ڪرين.“
نموءَ کي ڪتڪتائي ڪڍندي چيائين.
نمو سڄي ٻيڻي ٿي وئي ۽ ڪمري ۾ ننڍڙا مٺڙا ٽهڪڙا
گونجڻ لڳا.
صبح جو جهونجهڪڙي مهل جڏهن نموءَ جي اک کلي ته نم
۾ جهرڪڙين جو چرٻٽو لڳو پيو هو. هلڪو هلڪو سوجهرو
ڇانيل هو. نموءَ ڀر ۾ پيل کٽ ڏي نهاريو، اِها خالي
هئي. هن کٽ جي پيرانديءَ ڏي نهاريو، اتي چمپل ڪونه
هو، نمو پيرين اگهاڙي کٽ تان هيٺ لٿي ’چمپل ڪالهه
پنهنجي گهر وساري آيس.‘ هوءَ غسلخاني ۾ وئي. وٽي ۾
پاڻي اوتي منهن ڌوئڻ لڳي. ٿڌي پاڻيءَ جا اکين کي
ڇنڊا هڻي ٻاهر آئي. اڱڻ جي پرئين پاسي ڏاڪڻ جي ڀر
۾ هڪڙي ڪوٺڙي هئي. جنهن ۾ اندر کڏڻو ٺهيل هو. ڪمري
جي وچ ۾ پڇٽي ٺهيل هئي، ان ڪوٺيءَ ۾ پڦيءَ ڪبوتر
پاليا هئا. جن جي گُهو گُهو پئي ٻڌڻ ۾ ايندي هئي.
ڪجهه ڪبوتر نم هيٺان داڻو پئي چڳيا، نموءَ جڏهن
انهن جي ڀر مان اچي لنگهي ته ڪجهه ڪبوتر اڏري وڃي
وڻ تي ويٺا ۽ ڪجهه پير پير ۾ هلندي ٿورو پرڀرو ٿي
ويٺا. نموءَ پنهنجي پڦيءَ جي ڀر ۾ اچي بيٺي، جنهن
تئي تي ماني پئي ٿڦي. هلڪو هلڪو دونهون اڏاڻو پئي.
ٻيءَ چلهه تي ديڳڙي چڙهيل هئي. نمو پنهنجي پڦيءَ
جي ڀر ۾ ويهي رهي. هڪڙي ماني دٻڪيءَ تي پئي هئي.
ان مان ٽڪر ڀڃندي. چونريءَ مان مهي ڪڍي، کائڻ لڳي.
پڦهنس لوڪ گيت پئي ڳاتو.
”ڌؤنرو
کاءُ مائي ڌنورو کاءُ، پر خان چوي ٿو مکڻ کاءُ.“
”پڦي
منهنجي سليٽ قلم“
”امان
هتي ٽپائيءَ تي رکيا اٿئي. اڄ تنهنجي پيرن ۾ جُتي
به ڪانهي.“
”اها
گهر پئي آهي.“
”اسڪول
پيرين اگهاڙي ويندينءَ؟“
”ها
تڏهن ڇا ڪيان؟“
موٽندي ته تنهنجا تتل واريءَ تي پير سڙندا.
”پوءِ
ڇاڪيان اسڪول نه وينديس ته بابا ماريندو.“ سليٽ
قلم کڻي هوءَ اسڪول هلي وئي.
ان وقت سج ڪني ڪڍي هئي، هوءَ پهريان مسجد ۾ وئي،
جتي روز قرآن جو دور ڪندا هئا ٻار. هوءِ اندر اڱڻ
۾ ڀت سان ٽيڪ ڏئي ٻين ٻارن سان گڏ قرآن پڙهڻ لڳي ۽
اچانڪ نموءَ جي مٿان لڪڻن جو وسڪارو ٿيو. نمو ان
اچانڪ حملي تي بد حواس ٿي وئي. لڪڻ سندس چهري،
پٺيءَ ۽ ٻانهن تي وسندا ويا. نموءَ پنهنجو منهن
ٻانهن ۾ لڪايو. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن لڪڻ وسڻ
بند ٿيا، ته هن مٿي نهاريو. سندس ساهه مٺ ۾ اچي
ويو.
سامهون ” سائين وڏو“ غضبناڪ اکين سان گهوريندي
چيو: ”ايڏي دير ڪري آئي آهين مسجد ۾. ٻڌايانءِ ته
پڻهين جي جاگير آهي.“ ائين چئي هو هليو ويو.
نمو جي چپن مان رت ٽمڻ لڳو، سندس منهن تي سڄيل
نيرا داغ ٿي پيا. هوءَ سڄي ڏڪڻ لڳي هئي. قرآن ۾
منهن لڪائي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
سج جڏهن ڪاني جيترو مٿي چڙهي آيو، ته هن جي مٿي ۾
چڪر اچڻ لڳا ۽ نمو پگهر ۾ شم لڳي پئي هئي. ٻيا ٻار
ڪڏهوڪو ڀر واري اسڪول ۾ وڃي چڪا هئا، هوءَ به ٿڪل
قدمن سان ڏڪندي ڏڪندي اسڪول وئي. ان وقت ماستر وڏو
شايد نيرن ڪرڻ ويو هو. تنهنڪري نمو وري مار کائڻ
کان بچي وئي هئي. چُپڙي ڪري بينچ تي ويهي رهي.
منجهند ٽاڪ جو موڪل مهل جڏهن ٻين ٻارن سان گڏ واپس
پئي آئي ته ٻارن زور زور سان رڙيون ڪري پئي ٻڌايو
ته ٻوڏ جو پاڻي وڏي بند تائين اچي پهتو آهي.
”هاڻي
ته اسان جو ڳوٺ به ٻڏي ويندو، اباڙي ابا“ ٻار
تاڙيون وڄائي خوشيءَ مان نچڻ لڳا.
”اڙي
ٿُڪَ هجيوَ خوش ٿا ٿيو.مروان موت ملوڪان شڪار“
ڪريم بخش جيڪو پنجين ۾ پڙهندو هو، تنهن ٻن ٽن
ڇوڪرن کي چنبا وهائي ڪڍيا.
”ڀيڻا
خوش ٿا ٿيو ٽڪر ڀور لاءِ سڪندؤ“
”اڙي
هاڻي تون بس ڪر، هونءَ ڪهڙا ٻوڙ پلاءُ ويٺا کائون.
اهو چانورن جي مانيءَ جو ڍوڍو جتي ڪٿي پيو ملندو.“
نموءَ جا پير هاڻي ڏاڍا سڙڻ لڳا هئا، هوءَ پٻن تي
هلندي ۽ ڀتين جي پاڇن ۾ هلندي وئي. تتل واريءَ جي
تپش کان ۽ سج جي تکي ساڙيندڙ اس جڏهن سندس زخميل
سوڄ کاڌل منهن تي پئي پئي، تڏهن هن جي اکين مان
سور وچان ڳوڙها ٽمڻ لڳا. ٻار جڏهن سڀ ٽڙي پکڙي ويا
ته هوءَ تيز ڊوڙندي گهر وئي دروازي تي ڪلف لڳل هو.
نمو در جي وٿين مان اندر ڏٺو. اڱڻ تي اُس ئي اُس
هئي، هوءَ ٿڪل قدمن سان پٺتي موٽڻ لڳي، پوءِ وري
ڊوڙندي پڦيءَ جي گهر هلي وئي، ”پڦي پڦي توکي هڪڙي
ڳالهه ٻڌايان“ هوءَ ورانڊي ۾ پهتي ته ان وقت پڦهنس
کي پير ۾ جهليءَ جي رسي هئي ۽ سندس منهن تي رئي جو
پلاند پيو هو، پڦيءَ کي ننڊ اچي وئي هئي. هن اوچتو
ڇرڪ ڀري مٿي نهاريو. پهريان ته ڪجهه سمجهي نه
سگهي، پر پوءِ نموءَ جي سوڄ کاڌل منهن ۾ نهاري چوڻ
لڳي.
”امان
مان صدقي وڃان، اڙي ڪهڙي ڪميڻي ماريو اٿئي؟“
”ڪنهن
به نه “
”پوءِ
هي نيرا نيرا ٻَنا ڇا جا آهن.“
”مان
ڪري پئي هيس، تڏهن ڌڪ لڳا آهن.“
”نه
تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين.“
پڦهنس کيس ڀاڪر ۾ کڻي کٽ تي ويهاريو ۽ ٻاهران دلي
مان پاڻي ڀري اچي نموءَ کي ڏنائين.
”هاڻي
ڳالهه ڪر مٺي سچي، توکي
ڪنهن ماريو آهي؟“
”ماستر
وڏي.“
”ڇو
تو کي ماريائين؟ سبق ياد ڪري نه وئي هئينءَ ڇا؟“
”نه
پڦي مون کي اهو ته ياد هو. دير ٿي وئي هئي مسجد ۾
پهچڻ تي، انڪري.“
”اڙي
ماستر وڏي جو ته مٿو خراب آهي، ڪهڙو الله ڀڳو ٿي
ويو جو تو نياڻيءَ کي ڏنا ڪيا اٿس، هتان لنگهي ته
سهي اِهڙي جنڀ هڻندي مانس جو ستن پيڙهين کي ياد
ڪندو.“
”نه
پڦي نه ان کي ڪجهه به نه چئجانءِ. سائين وڏو مون
کي ڪهي ڇڏيندو.“
”ڪُهي
ڇڏيندو جو انڌن جي خيرات آهي. پر مان ادي کي چوندي
آهيان ٻارن کي شهر ۾ پڙهاءِ. هن ملا اسڪول مان نه
هوند نه شڪر. رهندو به ٻارن کي ماري ماري اڌ مئو
ڪن.“
”پڦي
توکي خبر آهي اڄ وڏي ٻوڏ آئي آهي، ٻوڏ جو پاڻي وڏي
بند وٽ پهتو آهي. اسان هاڻي شهر هلنداسين.“
”هان
سچ چئه.“
”ها
پڦي ٻارن ڳالهه پئي ڪئي ته ٻوڏ آئي آهي ۽ سڀ ڳوٺ
جا ماڻهو بند تان موٽي آيا آهن. هاڻي سڀ شام تائين
لڏي ويندا. پر پڦي اسان ڪيئن هلنداسين بابا ته آهي
ئي ڪونه گهر کي ڪلف ڏنو پيو آهي.“
”نمو پڻهين شام
تائين موٽي ايندو. مان سمجهان ٿي ته ٽيون ڏينهن
شام جو توکي نوڪر مون وٽ ڇو ڇڏي ويو. پڻهين ماڻهين
کي ماري ڪٽي پوءِ ڪلف ڏئي شهر هليو ويندو آهي، ۽
پوءِ ٽن ڏينهن کان پوءِ شراب جا دنگ چاڙهي موٽندو
آهي، اِهو ڪڏهن ڪونه سڌرندو. ڪچي ڪنا نه لڳا سو
هاڻي پڪي
گهڙي ڇا لڳندا.“ |