اڄ منهنجي اکين ڪيترو نه رنو هو. ڄڻ سانوڻ جون
ڪاريون گهٽائون منهنجي روپ رکائن کي جڏهن جل ٿل
ڪري ڇڏئيون تڏهن منهنجي آتما پرڙا ڪري اڏامي وئي.
رڳو سرير بچيو. جنهن کي ڪٿي به سک نٿي مليو.
هيڪلاين منهنجي سرير کي آهستي آهستي ڳڙڪايو پئي.
روح ۾ راڙو مچائيندڙ يادن جي جڪڙ وڃي ٿي مضبوط
ٿيندي.
ماڻهن جي ڄڀي جڏهن باهه جون ڄرون بڻجي منهنجي سرير
کي ڀسم ٿي ڪيو تڏهن تون به پريان بيهي گلن اڇلڻ ۾
مگن هئين. ماڻهن جي ڄڀن جي ڄرن ايترو نه ايذايو
جيترو تنهنجي اڇلايل گلن گهاءَ ڏنا. ٻاروچل اڃا به
مون کي ٿو ڏوراپا ڏين؟“
تون جڏهن ٻين عورتن ۽ زال جون ڳالهيون ڏاڍي اڪير
منجهان ڪندو هئين تڏهن مان ان ڪڙاڻ کي به امرت
سمجهي اندر ۾ اوتي ويندي هئس ۽ ٿڌو مٺڙو مٺڙو شيتل
گنگا جو جل سرڪ سرڪ ڪري اندر ۾ لاهيندي ويس.... ۽
تو.... جڏهن تنهنجي پرک جو وارو آيو ته مون کي
اڪيلو ڪري ماريو ۽ مارايو.
نيليءَ جي پيار گناهن ۾ پناهه وٺڻ ڏي تون ڀلي وڃي
شرافت جي نقلي ٺيڪيدارن کي خوش ڪر..... نيليءَ کان
نيليءَ جا گناهه ته نه کس.... جيڪي نيليءَ جي
هستيءَ جو حصو بڻجي چڪا آهن. تون وڃي راڄن کان
پنهنجي بي رحميءَ جو داد وٺ. نيلي انڌي ٿي پئي
آهي، ته هن کي پنهنجي انڌي هجڻ تي ناز آهي. اکين
وارن ۾ اها ساڃهه ڪاٿي رهي آهي جو پنهنجن کي سڃاڻي
سگهن.
اسان ڪرسين تي ڀر ۾ ويهي ڏاڍيون ڳالهيون ڪندا
هئاسين. ڳالهيون ڪري ٿڪبا هئاسين، ته وڃي پلنگ تي
ليٽي پيار ڪندا هئاسين ۽ جڏهن پيار منجهان وقتي
طور ڍاپجي ويندا هئاسين ته پوءِ ڀر ۾ ليٽي سرٻاٽن
۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳندا هئاسين.
شام جا جڏهن چار وڳا، ته هوءَ منهنجي ڀر منجهان
اٿي ۽ آئيني ۾ ڏسڻ لڳي. مان سندس پويان وڃي ڪلهن
تي ٻانهون رکي بيٺس جو اسان ٻنهي جو عڪس آئيني ۾
گڏ گڏ ڏسڻ ۾ ٿي آيو. هوءَ مون منجهه نهاري شرارت
منجهان مرڪڻ لڳي.
”پاڻ کي ڇو ٿو ڏسين؟“
”پاڻ کي پنهنجي اکين سان نه تنهنجن اکين ۽ ذهن سان
ٿي ڏسان...؟“
”منهنجي ذهن سان؟ اهو وري ڪيئن ۽ ڇو؟“
”ڏسان ٿِي مان کي ڪيترو وڻندو هوندين؟“ هن ڦڻي
ڏيندي لڳاتار اکين منجهه شرارت ڀريندي ترڇن نظرن
سان ڏسندي چيو. پوءِ هن لپسٽڪ لڳائي ۽ اکين ۾ ڪجل
ڀريو. مان کيس سورنهن سينگار ڪندي ڏسندو رهيس.
”هاڻي ته من لڳي وئينءَ“
”ڏاڍي ٺيٺ ڳوٺاڻي سنڌي ڳالهائيندو آهين.“
”پوءِ سنڌي به آهيان ۽ ڳوٺاڻو به- تون به هنن ڪپڙن
۾ ٺيٺ سنڌي ڳوٺاڻي عورت ٿي لڳين.“
”پوءِ مان به ته تو وانگر سنڌي ڳوٺاڻي عورت آهيان
نه.“ هوءَ وري نظرن ۾ شرارت ڀريندي مرڪڻ لڳي.
”مون کي هرکائين ٿي نظرن سان، ته پوءِ ڪونه
ڇڏيندوسانءِ. ڀلي پويان تنهنجون ڌيئون رُئن، ڪڏهن
وٺي ته اچ انهن کي ڏسان ته سهي تنهنجي Creation.“
مان هن کي پيار ڪندي چيو.
”جڏهن مان پنهنجو گهر ٺاهيو تڏهن اچي ڏسجان.“
”هتي ڪونه وٺي ايندينءَ؟“
”هتي مان ئي الائي ڪيئن ساهه سڪائي پوءِ پهچندي
آهيان.“
”ڪنهن جو ڊپ لڳندو اٿئي.“
”پنهنجن ڏوراپن ڀريل اکين کان، ڪنهن تو جهڙي
ماڻهوءَ کان.“
”ڪير آهي اهو...؟“
”آهي ڪوئي- ان کي ڏسندي آهيان ته تون ياد اچي
ويندو آهين.“
مان هميشه جيان هن کي هيٺ ڇڏڻ هليس. هوءَ جڏهن
رڪشا ۾ ويهي وڃڻ لڳي، ته پوءِ ڳچ وقت تائين هوءَ
مُڙي نهاريندي رهي. ان سانجهيءَ جو وقت هو مان
پنهنجي دوست وٽ هليو ويس. هن جي يادن کي ساهه ۾
سانڍي پٺتي موٽي وڃان ها ته وڌيڪ ياد اچي ها.
”توکان ته چند گهڙين لاءِ آيل عورتون به ناهن
وسرنديون ته پوءِ اسان ته حياتيءَ جو ڳچ وقت گڏجي
گهاريو هو، پوءِ رڳو اڌ ڪلاڪ جو دان به ڪونه ڏئي
سگهيس هيڏي ساري جيون مان....؟“
هڪ ڀيري هوءَ جڏهن مون وٽ آئي ته مان کيس چيو ته
”ٻين سان ته ڪونه گهمندي آهين نه.“
”نه- اتي ئي آهين جتي اوهان ڇڏيون، اکيون
عبداللطيف چئي ماڳ نه مٽائين.“
”الاءِ متان هندستاني گيت وانگر.“
اس دل کے ٹکڑے ہزار
ہوئے کوئی یہاں گرا
کوئی وہاں گرا!
پوءِ به دل جي هر ٽڪر منجهان تنهنجي خون جي مهڪ
ايندي ته اڄ نيليءَ ڪنهن کي قتل ڪيو آهي ۽ منهنجي
ئي دل جا ٽڪرا منهنجا ويري بڻجي مون تي ئي ور ور
ڪري وار ڪندا.... ۽ ٿيو به ائين ئي رولاڪ نيلي نه
رڳو پاڻ کي مٽايو پر منهنجي هستيءَ کي به مٽائيندي
وئي ۽ پنهنجي پويان پنڌ پيچرا به لٽيون وئي. ڪٿي
ڳولهيان ها هن رولاڪ نيليءَ کي.
هڪ ڏينهن جڏهن مان هن جي شهر آيس، ته هوءَ مون سان
ملڻ آئي، مان هوٽل ۾ ڪونه هيس، ته هوءَ منهنجي
پويان دوست وٽ آئي، اتي مان ۽ ڪجهه ٻيا يار ويٺا
هئاسين، اسان ڪجهه وقت ويهي، پوءِ وري واپس هوٽل
آياسين. ڳالهين ڪندي، هوءَ چوڻ لڳي: ”هڪ ڏينهن مان
رڌڻي ۾ بيٺي ماني پچائي، ته ريڊئي تان آواز آيو،
جيڪو ڪجهه ڪجهه سڃاتل پئي لڳم.“
”پوءِ- تو آواز ڪونه سڃاتو؟“
”ڀانيان ٿي تنهنجو آواز هو. ريڊئي تان خبرون پئي
پڙهيئي. نالو اڳ ۾ ئي News
Readerٻڌائي
چڪو هو، ان وقت ڪجهه گوڙ هو ۽ ننڍڙي سنڌيا رني
پئي. تَنهنڪري نالو ته ٻڌي نه سگهيس، باقي خبرون
سڀ ٻڌم. خبرن کان وڌيڪ تنهنجي آواز ٻڌڻ ۾ مگن هيس.
ڀانيان ٿي ته تنهنجو آواز هو.“
”مان ئي ته هيس.“ مان هن تي ڪاوڙ ڪندي چيو. ”مان
توکي ياد به هجان ته آواز سڃاڻي سگهين ها.“
”سڃاتم تڏهن ته توکي چوان ٿي، ته تون ئي هئين نه؟“
”ها- مان هيس.“
”ڪاوڙجي ويو آهين نه؟“ هوءَ منهنجي اڳيان ٿورو
جُهڪي بيٺي. ”پري ٿيءُ ۽ ايئن ڇو بيٺي آهين؟ سڌي
ٿي بيهه.“ اها منهنجي پهرين ڪاوڙ هئي هن مٿان.
ٻي ڪاوڙ مون کي هن تي تڏهن آئي جڏهن ڪافي عرصي کان
پوءِ هن خط لکيو ۽ سو به مختصر. بس ٽي چار سٽون ئي
هيون ۽ مخاطب ٿيڻ جو انداز اهڙو ڄڻ ڪنهن ڌارئي کي
خط لکيو هجائين، مان به موٽ ۾ ايترو مختصر ۽ رُکو
جواب ڏنومانس. جڏهن اسان وري هڪ ڀيرو ملياسين ته
ڀاڪر پائيندي چوڻ لڳي: ”اهڙو رُکو ۽ مختصر خط تو
ڇو لکيو هو...؟“
”تو به ڏاڍو مٺڙو مٺڙو خط لکيو هو نه؟ هيترن مهينن
پڄاڻا خط لکيئي سو به اوپرن جيان. تڏهن مون کي
توتي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي.“
”مون ته ڊپ وچان توکي ائين خط لکيو هو، ڇاڪاڻ ته
سمجهيم پئي ته تون مون کي وساري چڪو هوندين.“
”توکي مون کان ڊپ ڇو لڳندو آهي. مان ڪو توکي ڪُهي
ڇڏيندس ڇا؟“
”موت کان ڪير ٿو ڊڄي؟ مرڻو ته هر ماڻهو کي آهي نه؟
۽ جي تون مارين ته ڏاڍو چڱو- دل خوش ڪري ڇڏيندين.“
”پوءِ باقي ڪهڙو ڊپ اٿئي؟“
”تون متان مون کي وساري نه ڇڏين، اهو ڊپ لڳندو
اٿم.“
”اڙِي- چري توکي ڪٿي وساري سگهندس. مون کان ته اهي
عورتون به ناهن وسرنديون جيڪي وقت ڪٽڻ لاءِ
گهرائيندو آهيان. تون ته منهنجي پنهنجي آهين
نه....“ جهٽ رکي چيائين.
”تنهنجين ڪهاڻين ۾ ايتري ڪڙاڻ ڇو هوندي آهي؟“
”ڪهاڻي ٽن جذبن منجهان جڙندي آهي، هڪ تجربو ٻيو
مشاهدو ۽ ٽيون Imagination،
پوءِ جيڪي ڪجهه مون هن ڌرتيءَ تي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي؟
اهو ئي منهنجن ڪهاڻين ۾ به هوندو آهي ۽ ڪي ڪي جملا
بس ائين ڪهاڻيءَ کي سونهن بخشڻ لاءِ لکندي آهيان،
جيئن پڙهندڙ بور نه ٿين.“
پوءِ اسين ڌار ٿي وياسين هن سان ملئي ڏينهن گذري
ويا پر سندس ياد ائين تازي آهي ڄڻ ڪي ٿورڙا پل
گذريا آهن.
ڳوڙهن جي ريکا
ادا ويٺي کٽ تي ماني کاڌي. سندس نيرن ۾ چانورن جي
پليٽ هئي، ٻه گرم گرم اڦراٽا ۽ تريل ڀينڊيون، ٻه
انب، جي وٽي ۾ ڀِڳل هئا. زرد زرد انبن مٿان برف جا
ٽڪر پيل هئا ۽ هڪ پليٽ ۾ تريل مڇي به پئي هئي. ادا
ٿرماس مان پاڻي اوتڻ لڳو. ڏهن ٻارهن سالن جي ننڍڙي
انور ويٺي ادا مٿان جهلي هلائي. جهلي هلائيندي
انور سڄو ئي پئي لڏيو، ڇو ته جهلي سندس وت کان
گهڻي ڳوري هئي. گهر ۾ چپ لڳي پئي هئي. رکي رکي نم
منجهان ڪانوَ جي ڪان.... ڪان ٿي آئي ۽ گهڻو پري
کان سونٽيءَ جي سٽڪي جو آواز ٿي آيو.
ڀرسان واري ٽيبل تي ادا جا ڪتاب رکيا هئا، جيڪي
تقريباً سڀئي فلسفي جا هئا ۽ دنيا جي وڏن وڏن
مفڪرن جا لکيل هئا. مٿان ئي مٿان خليل جبران جو
ڪتاب ”خدا ۽ ديوتا“ رکيل هو.
مون ويٺي نم هيٺان ”مشين ۽ مزدور“ پڙهيو. نم جي
ٽارين ۽ پنن سان ٽڪرائجي ٿوري ٿوري اُس به ٿي آئي
۽ هوا جي لڳڻ ڪري ٽاريون لڏن پيون. ته ان سان گڏ
اُس جا پاڇولا به هيڏي هوڏي ڦري رهيا هئا.
”زبيده، ڇا ويٺي پڙهين؟“ ادا جهرڪين جي نئين آيل
ولر کي ڏسندي چيو.
”مشين ۽ مزدور“. مون فخر منجهان ادا کي ڏسندي
چيو. فخر سان انهيءَ ڪري جو اهو ڏاڍو خشڪ هو ۽ خشڪ
ڪتاب ڇوڪريون گهٽ ئي پڙهنديون آهن.
”اهو ڇا جي لاءِ ٿي پڙهين؟ انهيءَ ۾ ته ٺلهي
بيوقوفي لکيل آهي.“
”توهان جو ڪتاب پڙهيل آهي ڇا؟“ مون کي تعجب لڳو،
ڇو، ڇو ته ڪتاب ۾ ته ڪائي بيوقوفيءَ جي ڳالهه ڪانه
لکيل هئي. ڪتاب ۾ صنعتي انقلاب بابت لکيل هو ته
پهريون ڪيئن نه مشين کي ۽ انهن جي اوزارن کي
شيطاني ڪم سمجهيو ويندو هو. ڀلا هن تاريخي ڪتاب ۾
ڪهڙي بيوقوفي ٿِي ٿِي سگهي؟
”نه، نه، مان ٿو اهڙا چريائپ جا ڪتاب پڙهان، جن ۾
ڪائي ناليج ڪانهي. رڳو پيٽ جي پوڄا هوندي آهي،
ڪميونسٽن کي. هيڏي وڏي حسين ڪائنات ۾ رڳو ماني ئي
ٿي نظر اچين ڪميونسٽن کي.“
”بکئي جي لاءِ ماني ته سڀ ڪجهه ٿيندي آهي. ڪنهن بک
جي ماريل انسان کي فلاسافيءَ جا ڪتاب ڇا ڏيندا.
قدرت جا حسين نظارا ڇا وندرائيندا، جن جو سڄو وقت
ماني حاصل ڪرڻ ۾ ٿو گذري، سا به اڻ پوري ۽ سادي،
ڪڏهن ته اها به نه.“
”پر تون اهي ڇاجي لاءِ ٿي پڙهين، تون جبران کي
پڙهه، شيڪسپيئر ۽ نٽشي کي پڙهه، جن ۾ ڪلا آهي،
بيوٽي آهي ۽ اهو پڇ ڇا نه آهي انهن ڪتابن ۾.“ ادا
ٽيبل تي رکيل ڪتابن کي داد ڀرين نظرن سان ڏسندي
چيو.
مون در مان سائڻ کي ايندو ڏٺو ۽ منهنجو سڄو ڌيان
اوڏانهن هليو ويو. سندس هنج ۾ نٻل ۽ ميرو ٻار هو،
جنهن جي ميرن ڳلن تي مکيون جهڻ جهڻ ڪنديون ٿي
آيون. سائڻ جي پٺيان ئي سندس ننڍڙي ڌيءُ ڊوڙندي
آئي، جنهن کي پراڻو چولو پيل هو ۽ ٽنگون اگهاڙيون
هيس. ماءُ جي چوڌاري ٽنگن کي پڪڙي ڦرڻ لڳي.
سائڻ ڌيءُ کي ڌڪ هڻي چيو، ”ائي ڇڏ ته سهين، مئي.“
“وڏيرا پگهار ڏي، ٻن مهينن کان ڪانه ملي آهي، ٻچڙا
بک ٿا مرن، راتوڪر لنگهڻ تي آهن.“
”هينئر ته وڃ، پوءِ ملندئي، اڃا چيئرمن جي آفيس
مان ڪانه آئي آهي.“
”وڏيرا ائين نه ڪر، پنج رپيا ئي ڏي، ٻچڙا بک ٿا
مرن.“
”ٻڌئي نه! هينئر ڪونه آهن، وڃ هلي.“ ادا ڪاوڙ ۾
لال ٿيندي چيو.
”اَئي رن ٻڌئي نه، وڏيرو ڀانئين ته ڪوڙ ٿو
ڳالهائي. رنون اوهان ته جڏهن تڏهن بکيون آهيو،
اوهان جو ته پيٽ ئي نٿو ڀرجي، مانيءَ مٿان ڇو بيٺي
آهين، نظر هڻنديئن ڇا؟ پوءِ اچي ڳالهائجانس.“
پڦيءَ ٿانوَ مليندي رڙ ڪئي.
”جيجي توکي ڇا هي، بک ته اسان ٿا مرون.“ سائڻ چپن
۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي اچي منهنجي ڀرسان بيٺي. سندس اکيون
جهڪيل هيون ۽ پنهنجي پير جي آڱوٺي سان مٽيءَ کي
کوٽڻ لڳي، سندس اکين مان ٻه ڳوڙها ڳڙي ڌرتيءَ تي
اچي پيا.
”سائڻ روئين ٿي! ويهه بيٺي ڇو آهين؟“
”نه ادي، ڪٿي ٿي روئان.“ سائڻ منهن ڦيري رئي جي
پَلوَ سان ڳوڙها اگهڻ لڳي ۽ وري چپن تي زوري مرڪ
آڻي چوڻ لڳي: ”ادي اوهين خوش ته آهيو نه.“
سائڻ پنهنجي ڳالهه کي ڇڏي وري چيو: ”ادي، ڪو
پاروٿو ساروٿو مانيءَ ڀور پيل آهي. هجي ته هن کي
ڏيان.“ پنهنجي ڌيءُ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، جيڪا
ادا کي کائيندي ڏسي ماني گُهري رهي هئي.
مون اٿي وڃي ڪٻٽ ۾ ڏٺو، ٻيو ته ڪجهه ڪونه هو، ميري
دٻڪيءَ ۾ چانورن جي مانيءَ جو سڪل ٽڪر پيو هو،
جيڪو به سڄو ڪِوِلِن سان ڪارو لڳو پيو هو. مون
جيئن دٻڪي کنئي، سڀ ڪِوِلِيون مانيءَ کي ڇڏي
منهنجي ٻانهن تي چڙهي آيون. ماني ڀت سان ڇَنڊي وڃي
سائڻ کي ڏنم ۽ ڪِوِلِين کي هٿ سان ڇنڊڻ لڳس، جيڪي
ان وچ ۾ منهنجو ماس ئي پٽي ويون هيون. سائڻ جي هٿ
۾ ماني ڏسندي ئي ڌيڻس سٽ ڏئي ڦري ورتي ۽ ڊوڙي وڃي
پري کائڻ لڳي. گهڙي هڪ پير تي ٿي بيٺي ته گهڙي ٻئي
تي. مانيءَ کي پنهنجي هٿن ۾ ڏسي خوشيءَ ۾ نه پئي
ماپي. |