وري به هوءَ مون کي رستي ۾ ملي. مان کيس گهر وٺي
آيس. هوءَ چپ چپ ويٺي رهي. نيڻن ۾ گهرا گهرا گهاءَ
لڪائي، هوءَ مون ۾ نهاريندي رهي، سندس سمنڊ جيان
گهريون اکيون – هردي ۾ پيهي ويندڙ اکيون – نيڻن جا
ڪٽورا ڀنل ڀنل – وياڪل وياڪل نيڻن سان هوءَ مون
منجهه نهاريندي رهي.
”مِٺي
ائين نه نهار....“
”تنهنجو
مون سان پيار آهي....؟“
”آهي
ته سهي....“
”نه
مِٺي... پيار ٻيار ڪجهه ڪونهي....
“You need me and I need you.”
”چڱو
..... مان هلان ٿي...“
”ايترو
جلد.... اڃا هاڻي ته آئي آهين ۽ هينئر وري وڃين
پئي.“
”تو
ڳالهه ئي اهڙي ڪئي آهي.“
”مان
سچ ٿو چوان...“
”چوندو
هوندين – تو پنهنجي دل جو هوڪو ڏنو آهي ۽ رهيو
سوال ضرورت پوري ڪرڻ جو سو ته ڪو به ڪري سگهي ٿو.“
”تون
چري آهين ڇا....؟“
”شايد
هجان به....“
”گهٽو
ڏيانءِ....“
”ڏئي
ڇڏ....“
”تنهنجو
ساهه ڪڍان....؟“
”ڪڍي
ڇڏ....“
”پوءِ
مري جي وڃين....؟“
هوءَ مرڪي ماٺ ٿي وئي.
”جواب
ڏي...“
”پوءِ
تون منهنجي قبر تي ته ايندينءَ نه...؟“
”ها
اينديس ته سهي.... پر جي نه اچان ته پوءِ....؟“
”پوءِ
..... پوءِ منهجا ڀاڳ کٽن.“
”توکي
مان سچ پچ ٿو ايڏو وڻان....؟“
”پيار
توسان آهي ته سهي....“
”تون
ڪير آهين....؟“
”مان؟
انسان....“
”سو
ته ڏسڻ ۾ به اچين پئي.“
”توکي
مان ڏاڍو ٿو وڻان....؟ هان نسيم؟؟“
”مان
توسان شادي ڪونه ڪندس.“
”نه
ڪر....“
”پوءِ
توکي ڏک ڪونه ٿيندو....؟“
”نه....“
”ڇو
تنهنجو مون سان پيار ڪونهي....؟“
”آهي.....“
”پوءِ
توکي ڏک ڪونه ٿيو....؟“
”آهي
تڏهن ئي ته ڪونه ٿيو، زور جي ميندي گهڻو وقت جٽاءُ
ڪانه ڪندي. هي دلين جون ڳالهيون آهن، جنهن کي تون
نه سمجهي سگهندين.“
”ٻڌو
اٿم تون ڄمن ۽ انبن جا ڳاڙها پن کائيندي آهين....“
”کائيندي
آهيان......؟“
”ٻڪري
آهين ڇا....؟“
”شايد
هجان....“
”توکي
خبر آهي، ماڻهو پرپٺ توکي ڏاڍيون گاريون ڏيندا آهن.“
”ماڻهو
مون کي منهن تي به گاريون ڏيندا آهن.“
”تون Corrupt آهين....“
”ڪيئن....
؟“ گهڙي رکي هن وري ڳالهايو.
”تون مون کان وڌيڪ Corrupt آهين،
مون گهٽ ۾ گهٽ مڙس کي گهر ۾ رهائي توسان پريت جو
ناٽڪ ناهي رچايو، چئن ڏينهن ۾ ڪنهن جي پيار سان
Betryڪرڻ Corruption ناهي
تڏهن ڇاهي...؟“
”مان
توسان مٺي ناٽڪ ٿو رچايان....؟“
”اهو
ته تون پاڻ کان پڇ.“
”مان
توسان مذاق ٿو ڪيان، تون ڇا ڪڏهن چرچوبه نه سمجهي
سگهندينءَ....؟“
”نه
.... مون حياتيءَ جي پهرين پلن کان وٺي اڄ تائين
رڳو اندر ۾ ڪڙاڻ اوتي آهي، شايد ان ڪري ئي چرچو
سمجهي نه سگهندي آهيان....“
”توکي
مون سان پيار ڪونهي....؟“
”اِهو
تون هر هر ڇو ٿو پڇين....؟“
”ٻڌاءِ
توکي مون سان پيار ڪونهي.“
”ڪونهي
ته ڀلا ڪونهي....؟“
”اڄ
منهنجي زال ايندي ڀڳل چوڙيون ڏسندي، مون سان جهيڙو
ڪندي، تون منهنجو گهر ٿي ڦٽائين....“
”اڳتي
ڪونه ڦِٽائينديس.“
هوءَ ائين چئي اٿي بيٺي ۽ وڃڻ لڳي. مون ڏٺو هن جي
اکڙين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو. هن سان گڏ مان به اٿي
بيٺس. هن جي رستي ۾ بيهندي هن جي ٻانهن ۾ جهليندي
چيم: ”مان توکي ائين وڃڻ نه ڏيندس.“
”تون
ڪير ٿيندو آهين مون کي روڪڻ وارو... پري ٿي مون کي
وڃڻ ڏي.“
”نه
مٺي، مان توکي ائين وڃڻ نه ڏيندس.“
”مون
کي وڃڻ ڏي، ڏس نه تنهنجي زال ايندي ڀڳل چوڙيون
ڏسندي، توسان جهيڙو ڪندي، هروڀرو پنهنجو گهر ڇو ٿو
ڦِٽائين...؟“
”مٺي
ڏس ماريندو مانءِ“
”اها
حجت پنهنجي زال تي هلائجانءِ، مان ڏس نه ڀلا
تنهنجي ڪير لڳان...؟ ڪجهه به ته نه.“
”نه
مٺي مان توکي چيڙايان پيو، تون جي چوين تنهنجي
تصوير ٽيبل تي لڳايان.“
هوءَ ٿڌو ساهه ڀري ويهي رهي.
”ڪِنا...!
هنن ڪپڙن ۾ تون بروهي ٿو لڳين.“
”نه
مٺي مون کي بروهي نه سڏيندي ڪر.“
”ڇو
بروهي ته ڏاڍي سٺي قوم آهي. وڻندڙ ۽ خلوص ڀريا –
ڏاڍي خوبصورت قوم آهي - ۽ مون ته توکي ائين پيار
وچان چيو هو.“
”تون
ائين ڇو آهين...؟“
”ڪيئن
آهيان....؟“
”تون
چري آهين ڇا....؟“
”الائي،
توکي لڳان ٿي ته هونديس.“
”توکي
جنم جنم جي ڦيري ۾ ويساهه آهي....؟“
”نه
مٺي، منهنجي Scientific سوچ
آهي. مان ڏاڍو Practical ماڻهو
آهيان.“
”ڀلي
هج.... مون ڪهڙي unrealistic ڳالهه
ڪئي.“
”توکي
جنم جنم جي ڦيري ۾ يقين آهي...؟“
”مان
توکي هڪ ڳالهه ٿي ٻڌايان. گهڻا سال اڳ مان جڏهن
مشڪل سان اٺن نون سالن جي هيس ته هڪ ڏينهن پنهنجي
ڏاڏاڻي گهر ۾ چئين بجي ڌاري اڱڻ ۾ ويٺي هيس،
ڏاڏيءَ کي مُئي شايد سال ٻه مٿي گذريو هو، هوءَ
ذات جي مري ٻروچ هئي، ۽ ڏاڍي خوبصورت ۽ ڏيا ڀري
عورت هئي. مون سان هن جو
پيار به گهڻو هوندو هو، مرڻ وقت رڳو گهر ۾ مان ۽
پڦي هئاسين،
۽ بس ٻيو سڄو گهر خالي هو. مرڻ گهڙي خبر اٿئي ته
هن ڇا چيو هو؟“
”ڇا
چيو هو....؟“
”چيائين
ته مون کي ڪوئي هندستاني پراڻو گيت ٻڌارايو. ٺهيو
ان ڳالهه کي ڇڏ، مان اڱڻ ۾ چئين بجي ڌاري ويٺي
هيس. پڦي اندر هئي اڱڻ ڪافي وڏو هو، مان اڪيلي ئي
هيس. ان وقت اها مئل ڏاڏي اڱڻ منجهه آئي ۽ مون
منجهه نهاريندي نهاريندي هوريان هوريان پنهنجي
ڪمري ڏي وڃڻ لڳي. مان
ننڍي هيس ان ڪري حيرت سان گڏوگڏ ڊنس به ڏاڍي.
هراسيل هراسيل ويٺي رهيس، جڏهن پڦي ڪمري منجهان
موٽي آئي، تڏهن مون کيس چنبڙندي چيو.
”پڦي....پڦي،
مون هينئر ڏاڏي ڏٺي آهي، اجها هن ڪمري ۾ وئي آهي.“
”چري
توکي وهم ٿيو هوندو، هن کي مُئي ته سال کن گذري
چڪو آهي، اِها ڀلا هت ڪيئن ٿِي ٿي سگهي...؟“
پر پوءِ ڪجهه سوچيندي هن هٿ بتي ٻاري ۽ مون سان
گڏ ان ڪمري ۾ هلي. پر پوءِ ڏاڏي کي اسان ڏاڍو
ڳولهيو پر هوءَ ڪانه لڌي، پڦيءَ کي پڪ هئي ته ان
قسم جو ڪوڙ، آءٌ ڪونه ڳالهائيندي آهيان.“
”چري...
نفسيات ۾ ان کي نظر جو دوکو (Illusion) سڏبو
آهي. جيئن وارياسن برپٽن ۽ روڊن تي سج جي ڪرڻن جي
ڪري پاڻيءَ يا سمنڊ جو گمان ٿيندو آهي.“
”اِهو
ته مان به سمجهان ٿي، B.A تائين
نفسيات منهنجو به Subject رهيو
آهي، اهڙين ڳالهين ۾ مون کي به يقين ڪونهي، پر مان
اهو پنهنجي ننڍڙي عمر جي ايڏي وڏي سچ کي اڄ ڏينهن
تائين ريٽي ناهيان سگهي ۽ وري به شام جا چار لڳا
هئا. اونهاري جي موسم هئي ۽ مان به ساڳي جڳهه تي
ويٺي هيس ۽ پڦي به اڳئين ڀيري وانگر ڪمري ۾ اندر
ويل هئي، ڏاڏي وري به آئي ۽ مون کي هن ڀيري چوڻ
لڳي:
’نسيم
پٽ! مان ته تو وٽ ايندي هيس نه، تون ڊڄين به ٿي ۽
ماڻهن کي به ٿي ٻڌائين، ان ڪري اڄ کان پوءِ
مان وري تو وٽ ڪانه اينديس،‘ ۽ وري هوءَ ان ساڳي
ڪمري ۾ هلي وئي – پڦي جڏهن ڪمري منجهان موٽي ته
مان ڊوڙي وڃي پڦيءَ کي چنبڙيس، هراسيل هراسيل ساهه
سان چيومانس ته: پڦي، اڄ وري مون ڏاڏيءَ کي ڏٺو
آهي، اڄ ته هن مون سان ڳالهايو به آهي.“
پڦيءَ کي پڪ هئي ته مان اهڙو ڪوڙ ڪونه ڳالهائيندي
آهيان، انڪري هن وري بتي ٻاري ۽ ان ڪمري ۾ ڏاڏيءَ
کي اسان ٻئي گڏجي ڳولهڻ لڳيونسين، پر هوءَ ڪانه
لڌي .
”چري،
اِهي سڀ تنهنجا وهم آهن، ٻيو ڪجهه به نه.“
”مٺي....
تون وڃين ڪاڏي ٿي....؟ تو ته چيو هو ته توکي ڪوئي
گهر ڪونهي.“
”گهر
ته برابر ڪونهي پر ان چوواٽي، تي جنهن کي دنيا
هاسٽل سڏيندي آهي.“
”پوءِ
مٺي نه وڃ، اتي رهي پئي نه.“
”مان
هت ڪيئن رهان، هي گهر ته ڪن ٻين انسانن جي امانت
آهي ۽ سڀاڻي ان جي وارثياڻي به اچي پئي.“
”مٺي....
مان ڏاڍو خراب آهيان نه....“
”ها....“
”پوءِ
تون مون کي ڇڏي ڇو ڪونه ٿي ڏين....؟“
”منهنجي
پسند ئي اهڙي آهي...“
”پوءِ
تنهنجي پسند اهڙي ڇو آهي....“
”الائي
مون کي ڪهڙي خبر....؟“
”هي
ڊگريون ڇو پاتيون اٿئي....؟ توکي هندستاني گيت
وڻندا آهن. تون ايتري کويل کويل ڇو هوندي
آهين....؟“
”مان
ڀائيندي آهيان ته مان اڳئين جُڳ جي آهيان ۽ ڪنهن
جي ڳولها ۾ ٻيو جنم ورتو اٿم، مون کان منهنجو
پريمي وڃائجي ويو آهي ۽ مان ٻيو جنم ان کي
ڳولهيندي وڃائينديس.“
”حياتي
ائين بيڪار وڃائڻ لاءِ ته ناهي ملي...؟“
”مون
کي ملي آهي ۽ مان ان کي ڪيئن بيڪار چوان، جڏهن ته
ڪنهن کي ڳولهڻو اٿم.“
”ڪير
آهي اِهو....؟“
”آهي
ڪوئي مهانگو ماڻهو. هون.... مهانگو ئي ته ٿيو نه
جو مون وٽ نٿو اچي.“
”تو
هن کي ستايو هوندو.“
”نه....
هن مون کي ستايو آهي.“
”پوءِ
تون هن کي ڇڏي ڇو ڪونه ٿي ڏين...؟“
”مون
وٽ تارازي ڪونهي، جنهن جي پُڙ ۾ وٽ وجهندي وڃان.“
”تون
مون سان Romance ڪرڻ
ٿي چاهين.“
”نه...“
”مون
سان شادي ڪري گهر وسائڻ ٿي چاهين...؟“
”نه...“
”ته
پوءِ باقي ڇا ٿي چاهين...؟“
”الائي،
مان پنهنجن جذبن کي ڪو نانءُ ڏيڻ نٿي چاهيان.“
”مان
تنهنجي هيتري بي عزتي ڪندو آهيان، توکي ڏک ڪونهي
ٿيندو؟“
”ٿيندو
آهي.... ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي.“ هن جي اکڙين ۾ ڳوڙها
ڀرجي آيا.
”تون
روئين ٿي مٺي....“
منهنجي انهن لفظن تي هوءَ وڌيڪ اوڇنگارون ڏئي روئي
پئي.
”تون
رسڻي گُڏي آهين ڇا، جو ذري ذري تي روئي ٿي پوين؟
ڇاجي لاءِ ٿي منهنجو ايڏو رعب سهين...؟“
”بس
سهان ٿي.... سهڻو ٿو پوي، ڇا ڪيان مجبوري آهي.“
”ڪهڙي
مجبوري اٿئي؟“
”تون
وڻين جو ٿو.“
مون پنهنجي البم ۾ لڳل تصويرون ڏيکاريون، هن هڪ هڪ
ڪري سڀ تصويرون ڏٺيون. گهرين ۽ مٺين نظرن سان هوءَ
هڪ هڪ تصوير ڏسندي وئي. جڏهن هن هڪ تصوير کنئي مون
هن کي روڪيو ۽ تصوير کڻي لڪائي.
”اها
تصوير لڪائين ڇو ٿو؟“
”نه
مٺي اِها تصوير نه ڏس، تون مون کي خراب سمجهندينءَ...“
”نه...
مان خراب ته ڪنهن کي به ڪونه سمجهندي آهيان پر
توکي ته سمجهي ئي نٿي سگهان.“
”ڇو...؟
مون سان اها رعايت ڇو....؟“
”بس
دل چئي ٿي توسان رڳو رعايت ئي رعايت ڪيان، تون
سدائين ڪسر ۾ هجين.“
گهڙي رکي هوءَ تصوير ۾ نهارڻ لڳيِ.
”وڏو
حرامي آهين“
”مان
وڃان ٿو...“
”مون
کي به پاڻ سان گڏ وٺي هل ني.“
”ڪاڏي
وٺي هلان چري توکي.“
”جاڏي
تون وڃين ٿو.“
”مان
جي جهنم ۾ وڃان ته پوءِ....؟“
”مان
به اتي هلنديس توسان گڏ.“
”اتي
هلندينءَ...“
”ها....
هلنديس، پر جي وٺي هلين ته....“
”تون
چري ته ڪانه ٿي آهين نه...“
”شايد
هجان به....“
“She should my reflection”
”مان
به ٿينديس....“
هن جا اهي لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا ۽ گهرين گهٽائن
جيان اکيون وسڻ لڳيون.
”ڇا
ٿيو مٺي...؟“
”ڪجهه
به نه...؟“
”پوءِ
تون روئين ٿي....؟“
”بس
ائين ئي، تون ڪنهن ٻي عورت جو ذڪر نه ڪندو ڪر.“
She should my reflection” ان
تي رني آهين....؟ ايڏي ڏکڻي دل اٿئي.“
”مان
به ٿينديس....“
”ڇا.....؟“
”جيڪو
تون آهين، جيئن تون آهين.“
”تون
منهنجو پاڇو آهين ڇا....؟ سڀاڻي منهنجي زال ايندي.“
”اڳهڻو
ٻڌايو هيئِه.“ هوءَ ائين چئي وري اٿڻ لڳي.
”تون
گهڙي گهڙي اٿي ڇو ٿي بيهين، يا ويهه يا وڃ. اهي
نخرا ڇو ٿي ڪرين!“
”تون
ستائين جو ٿو....؟“
”مان
توسان شادي ته ڪونه ڪندس.“
”نه
ڪر....“
”پوءِ
توکي ڏک ڪونه ٿيندو؟“
”نه....“
”ڇو،
تنهنجو مون سان پيار ڪونهي....؟“
”آهي
تڏهن ته....“
”پوءِ
توکي ڏک ڪونه ٿيو....؟“
”اهو
تو ڪيئن ڄاتو ته مون کي ڏک ڪونه ٿيو؟ مان جڏهن
سورنهن سالن جي ٿيس تڏهن من چاهيو هو ته ڪوئي مون
سان پيار ڪري. منهنجون روپ ريکائون منهنجا وار،
منهنجون ڊگهيون گهريون اکيون، سڀ ڪنهن جي اوسيئڙي
۾ رهنديون هيون. ان وقت منهنجي ذهن ۾ ٻن انسانن جو
روپ سمايل هو. هڪ
هو يسوع مسيح. ابن مريم، جنهن سچ چيو ۽ ٽياس تي
ٽنگجي ويو ۽ ٻيو انسان هو گوتم ٻڌ، جنهن جي مک تي
تيج هو، ڄڻ هو پٿر جو مجسمو هو. ڄڻ ڪنهن سنگتراش
پٿر منجهان ڪائي مورتي گهڙي هئي. هو ڌرتيءَ جا سک
۽ سهنج مليل ڇڏي بن واسي ٿيو، انسانن جي من ۾ کوٽ
ڀريل هئي. جيڪا منافقي
هئي، سا کيس راس نه آئي. ڪاش مان انهيءَ جڳ ۾ پيدا
ٿيان ها، ڪاش مان انهن ڏينهن ۾ جنم وٺان ها، ها
هيءُ دور مون کي راس نٿو اچي.“
”مٺي....
امان چوندي آهي ته منهنجي سيني ۾ دل ڪانهي پٿر آهي...“
”۽
منهنجي وري سڄي جسم ۾ پٿر ڀريل آهي.“
”سچ
مٺي...“
”ها....“
”توکي....
ڪاوڙ ڇو نه ٿي اچي مون تي...؟“
”ڇو
اچي....؟“
”مان
توکي ستايان ٿو....“
”تون
ڏاڍو ڪٺور آهين...“
”سو
ته آهيان.“
”مان
ڀانيان ته توکي هوائون به نه ڇُهن
۽ تون آهين جو وتين رنن جي پويان ڊوڙندو.“
”اڙي
چري مان ڪو ويل آهيان ڇا...؟ مان تنجيل مکيل عورتن
کي ٿڪ به نه هڻان....“
”ڪوڙ
ڇو ٿو ڳالهائين؟“
”نه
مٺي مون کي هينئر رڳو ڪنهن جو پريم کپي، تون ڏئي
سگهندينءَ.... اهو سڀڪجهه؟“
”ڇو
ڪونه.... تون گهري ته ڏس.“
”ڪوڙ
ڇو ٿو ڳالهائين... ٻڌاءِ نه؟؟“ هن منهنجي ٻانهن کي
مضبوط جهليندي چيو.
”تون
ئي چئه مٺي هينئر مون وٽ ڪير آهي؟“
”مان
آهيان ۽ ... زال اٿئي، اڃا گهڻيون عورتون هجن تو
وٽ.“
”زال
تنهنجي ئي ڪري رسي ڳوٺ هلي وئي ۽ تون پنهنجي گهر،
تون ئي چئه ته مان ته اڪيلوئي آهيان نه....
“I am very strong man.”
”سو
ته ڏسڻ ۾ به اچين پيو.“
”مٺي
منهنجي حياتيءَ ۾ پيار ته ڪونهي، پوءِ ڇا هوءَ مون
کي....؟“
”ڪاروباري
ماڻهو ٿو ڏسجين، توکي پياري به ڪانهي پوءِ به هوءَ
توسان گڏ آهي، ڪيتريون شامون مون اوهان کي گڏجي
گهمندي ڏٺو آهي. گڏ رهو ٿا. هنن جي هٿن جي ٺاهيل
ماني کائين، هوءَ تنهنجي سار سنڀال لهي ٿي، هوءَ
تنهنجي زال سڏجي ٿي، گڏ هڪ روم ۾ رهو ٿا، ٻيو پيار
ڪنهن کي چئبو
آهي...؟“
”هوءَ
سڀڪجهه پاڻ ئي ڪندي آهي، مٺي مان هن کي....“ هن
ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ڏني.
”ڏس
نه سڄڻ ائين نه چئه، تنهنجي خاموشي هن کي Encourage ٿي
ڪري، هوءَ تنهنجي زال آهي ۽ اهو حق هن کي سماج کان
مليل آهي، اهو حق تون هن کان ڦرڻ نٿو چاهين، جو هن
توسان ڪئين سال ڏک سک جا گهاريا آهن.“
”مٺي
وقت ۽ حالتن منهنجي زال کي مون مٿان مڙهيو ضرور
آهي، پر ان ۾ به هن جو ڏوهه آهي ۽ نه منهنجو، پر
گڏ رهڻ جي سزا اسان ٻئي پيا ڀوڳيون. مان نٿو
چاهيان ته هن کي ڇڏڻ جو الزام پاڻ مٿان کڻان.“
هوءَ اها ڳالهه ٻڌي ڳچ وقت ماٺ ۾ رهي. مان هن
منجهه نهاريندو رهيس.
”مٺي
اهڙين نگاهن سان نه نهار – تون چپ ڇو ٿي
وئينءَ....؟“
”ڪجهه
نه....“ سوچان ٿي ڪهڙو جڳ آهي جتي سچ جو ڪو به قدر
ڪونهي. هي ماڻهو پنهنجي زال کي ڇڏڻ ته چاهي ٿو پر
ڇڏڻ جو الزام پاڻ تي کڻڻ نٿو چاهي، انهيءَ عورت کي
ڇڏڻ جو الزام پاڻ تي کڻڻ نٿو چاهي، جنهن عورت هن
سان گڏجي گهاريو آهي. يارنهن سال ڏک ۾ هن جو ساٿ
ڏنو آهي. ان
عورت کي هي ماڻهو ڇڏڻ ته چاهي ٿو، پر ڇڏڻ جو الزام
پاڻ تي کڻڻ نٿو چاهي. هن لاءِ گهر ۾ اهڙيون حالتون
پيدا ڪندو جو هوءَ مجبور ٿي پاڻ گهر ڇڏي هلي وڃي.
”تون
ڳالهائين ڇو ڪونه ٿي مٺي.“
”بس
ائين ئي....“
”نه،
تون ڪجهه سوچين ضرور ٿي – ٻڌاءِ ڇا ٿي سوچين....؟“
”اهي
منهنجون پنهنجون سوچون آهن. تون ٻڌي ڇا ڪندين....؟“
”اهي
ئي ته ٻڌڻ چاهيان ٿو....؟“
”رهڻ
ڏي سڄڻ، ٻڌندين ته ڏک ٿي پوندئي.“
”ڪجهه
ته ڳالهاءِ.... ائين ماٺ ۾ ڇو آهين...؟ مٺي... مون
۾ ڇاهي...؟“
”تو
۾ اهو سڀڪجهه آهي، جنهن لاءِ ڪا به عورت هن جڳ جو
تياڳ ڪري جوڳياڻي بڻجي نگر نگر وستي وستي ڀٽڪي
سگهي ٿي – ديوداس جيان رولاڪ بڻجي پاڻ مٽائي سگهي
ٿي. هستيءَ کي ڀلائي سنياسي بڻجي سگهي ٿي تون ايڏو
خوبصورت آهين.“
”ائين
ته مون ڪونه چيو.“
”اهو
توکي مان ٿي ٻڌايان. سونهن جي ڪشش وقتي هوندي آهي
۽ پريم هڪ دائمي شڪتي آهي، جنهن کان پاڻ آجو ڪرائڻ
ڏاڍو ڏکيو آهي.“
”منهنجو
پُٽ بيمار آهي.“
”پوءِ
.... مان ڇا ڪريان....؟ هن جي پرگهور لهڻ واري ته
اڳ ۾ ئي موجود آهي.“
”هوءَ
مون کان رٺل آهي نه... انڪري پٽ کي به نه ڏسندي
آهي.“
”پوءِ
مون وٽ ڇڏي وڃينس.“
”هو...
توکان ڏاڍي نفرت ڪندو آهي. تو هن کان هن جي پيءُ
جو پيار کسيو آهي نه....“
”هن
کان پيءُ جو پيار مان نه، اوهان جي گڏيل حالتن
کسيو ۽ ٻي ڳالهه ته هن مون کان منهنجو پريمي ڦريو
آهي. ڪجهه به سهي انهن سڀني مسئلن جو حل مان ڪيئن
ڳولهيان؟ چؤطرف اونداهين ۾ گهيريل آهيان، ڪڏهن
انهن انڌيرن جي لاءِ به سوچيو اٿئي جن ۾ مان
وڪوڙيل آهيان، تون پاڻ کي ڪنهن جي ٻنڌڻن ۾ مضبوط
جڪڙيل ٿو ڀانئين. تنهنجي لاءِ بهتر اهو آهي ته تون
مون کي هميشھ لاءِ وساري ڇڏ. تون هينئر جنگ جي
ميدان ۾ بيٺل آهين. گذريل گهڙيون گهاريل هڪ عورت
سان ۽ ان منجهان پٽ پيدا ڪيل. اهي ٻئي ايڏا مضبوط
رشتا آهن، جن کي وسارڻ تنهنجي وس ۾ ڪونهي، ضمير جي
ڇڪتاڻ کان بچڻ جو به تو وٽ هڪ ئي طريقو آهي ته تون
مون کي هميشھ لاءِ وساري ڇڏ. مان تنهنجي حياتيءَ
مان نڪري وينديس. نه هن جڳ جو ڪجهه بگڙندو ۽ نه
توکي ئي ڪجهه ڀوڳڻو پوندو. باقي تون هن عورت کي
پنهنجي حياتيءَ مان ڪڍندين ته ٽٽي پوندين. ڀڄي ڀور
ٿي ويندين. تو وٽ سڀڪجهه هوندي به تون اڃايل اڃايل
رهندين. رڃ ۾ ڀٽڪندو رهندين. ۽ مان نٿي چاهيان ته
ڪو تنهنجو روح رولڙي ۾ هجي.“
”توکي
جو ڇڏي ڏيان ته توکي ڏک ڪونه ٿيندو....؟“ |