سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: اُڀر چنڊ پس پرين

باب:

صفحو:7 

منهنجي ڳڻتي ڇو ٿو ڪرين پيارا... مان تنهنجي ڪير لڳان...؟ ۽ ٻي ڳالهه....؟ ٻي ڳالهه ته منهنجي دل سمنڊ جيان گهري ۽ آڪاش جي وسعتن جيان وشال. هردي ۾ تولاءِ گهڻو ڪجهه آهي.... حياتيءَ جي ڪنهن موڙ تي تون مون وٽ آئين ته مان توکي سيني سان لڳائي ساهه جيان سنڀالينديس. موٽ ۾ مون کي توکان ڪجهه به ناهي وٺڻو. تون ئي چئه مون کي توکان ڇاهي وٺڻو....؟

مٺي... ائين ڇو ٿي چئين... تون شادي ڪانه ڪندينءَ...؟

 ”نه...“

ڇو.....؟

اهو توکي ڇو ٻڌايان. نٿو سمجهين ته رهڻ ڏي سڄڻ.“

پوءِ به مٺي ڪجهه ته ٻڌاءِ اهو ڪير....؟

آهي ڪوئي مهانگو ماڻهو.“

ڪير آهي اهو...

چيم نه جنهن سان ڪرڻي اٿم اهو ته ليکي ئي نٿو. باقي اجائي جک مارڻ مون کان نٿو پڄيProtection جي عيوض ڪسب ڪرڻ تي دل نٿي مڃي.“

ڪير آهي اهو مٺي...“

چيم نه ته آهي ڪوئي بيحد مهانگو ماڻهو.“

مان شادي ته ضرور ڪندس.“

پوءِ ڪري وٺجانءِ ڪنهن سهڻي ڇوڪريءَ سان. سلڇڻي ڇوڪريءَ سان. مان ته ڏاڍي پاپڻ آهيان. ان عورت تي ته تنهنجي زال ٽمجهڻ ڪانه وجهندي نه...؟

نه....مان شادي ته ضرور ڪندس، پر سورنهن سالن کان پوءِ....

اهو تنهنجو مسئلو آهي سڄڻ. اڄ ڪرين يا سورنهن سال رکي. ان عورت تي، ته تنهنجي زال ٽمجهڻ ڪانه مچائيندي نه....؟

نه....

منهنجي سيني ۾ دل ڪانهي....

اها به عادت ته ڪا چڱي ڪانهي....

تون هر ماڻهوءَ تي اعتبار جو ڪري ويهندي آهين...؟

الائي.... مان سوچيندي آهيان ته ڀلا مون سان ڪنهن جو وير هوندو؟ مون سان ڀلا ڪوئي ناٽڪ ڇو رچائيندو....؟ ان عادت جي ڪري مون ڏاڍو ڀوڳيو آهي.“

تون ڪهاڻيون نه لکندي ڪر....

 ڪهاڻيون لکنديس ته سهي پوءِ کڻي ڇپائينديس ڪانه... بس نه.“

تون مون وٽ وري آئينءَ ڪانه....؟

مان اچان ها پر....“

اها پر تنهنجي جملي مان ڪيئن نڪرندي ۽ ڪڏهن....؟

مان به اچان ها پر.... پر.... پر.... پر....“

پر چئه مٺي.... ڇا پئي چوڻ چاهيئي....؟

ڪجهه به نه....“

ڪجهه به نه .... نه تو چوڻ ضرور پئي چاهيو.“

چوڻ ته چاهيم پئي پر نٿو سمجهين ته رهڻ ڏي – آخر ٻار ته ناهين نه....؟

مان تو وٽ ڀلا As a lecturer ٿي اچان...؟

ڇو....؟ As beloved نٿو اچي سگهين ڇا....؟

نه. ماڻهو ڇا چوندا....؟

ماڻهن کان ڏاڍو ڊنل آهين...؟

ها مٺي.... آخر ته جڳ ۾ هلڻو آهي نه....؟

جڳ ۾ ته هر ڪنهن کي هلڻو هوندو آهي... رڳو توکي نه؛ چڱو جهڙي به حيثيت سان اچين پر اچ ته سهي نه....

تون شاديءَ جون سڌون ڇو ٿو ڪرين....؟“ جڏهن ته تون پنهنجي زال کان ڏاڍو ڊنل آهين ۽ توکي پٽ به ڏاڍو پيارو آهي.“

انهيءَ ڪري جو اِها شادي دوکي سان ڪرايل آهي. ان ۾ منهنجي مرضي شامل ڪانهي. مٺي تون مون کي به ڏس ۽ هن کي به... مان هن کان وڌيڪ خوبصورت آهيان. پڙهيل آهيان. مون جهڙي ماڻهوءَ جو هن کي Protection مليل آهي، ڇا اهو هن لاءِ گهٽ آهي. ۽ مون منجهان هوءَ پٽ ڄڻي سگهي آهي. اهو ڇا هن لاءِ خوش نصيبيءَ جو باعث ڪونهي.“

منهنجي Department وارا چوندا آهن ته تنهنجي نسيم نالي تي ساعٿ آهي.“

گهڻا سال اڳ هڪ ڇوڪري منهنجي حياتيءَ ۾ آئي هئي. هن جو به نالو نسيم هو.

I was half made behind her. I was about to marry her.”

پر .... پوءِ

پر پوءِ.... منهنجي هڪ ويجهي دوست مون کي ڏاڍو سمجهايو. هو مون کي ڏاڍو پيارو آهي، يارنهن سالن جي پراڻي دوستي آهي نه، ان مون کي ڏاڍو سمجهايو.“

ان توکي ڇو جهليو، هوءَ ڏاڍي سٺي به هئي، پڙهيل به هئي ۽ توسان پيار به هئس.“

هوءَ.... ڌاري قوم منجهان هئي نه.“

پوءِ ڇا ٿي پيو....؟ هوءَ انسان ته هئي ۽ توسان Sincere به. مان سمجهان ٿي اهو گهڻو ڪجهه آهي ڪنهن به عورت ۽ مرد کي ويجهي آڻڻ لاءِ.“

گهڙي رکي هن وري ڳالهايو:

پر نه... تنهنجي دوست صحيح ڪيو هو. اسان جي قوم اڳ ۾ ئي پٺتي پيل آهي. جيڪڏهن اسان جا پڙهيل، دانشور ۽ ذهين ماڻهو ڌارين قومن منجهان شاديون ڪرڻ لڳا ته پوءِ – هيءَ قوم فنا ٿي ويندي.“

ائين ڇو ڪونه ٿي چوين ته پوءِ توکي ملي نه سگهان ها....

ماڻهن جون دليون آهن يا ڪال ڪوٺڙيون، جتي رڳو مجرم ئي ڦٽا ڪيا ويندا آهن.“

ڪهڙا ماڻهو....؟

تون ..... ٻيو ڪير....؟ هن ڌرتيءَ جو سنڌي قوم تي احسان آهي، جنهن تو جهڙي پياري انسان کي جنم ڏنو آهي، تون هن ڌرتيءَ جي امانت آهين، تنهنجي دوست صحيح سوچيو هو.“

مٺي ايڏا ته چاڙهه نه ڏي....

مان توکي غلط ڇو چونديس، مون کي توکان ڇاهي وٺڻو...؟

مٺي ائين ڇو ٿي چوين....؟

تون وري ڪڏهن ايندين؟

مٺي ڳالهائڻ ته سک....

ته پوءِ مون کي ڪيئن ڳالهائڻ کپي...؟

تون چئه ته پاڻ ٻئي ڪڏهن ملنداسين.“

ايڏو مٺو ڳالهائڻ مون کي نٿو اچي، حياتيءَ ۾ ايڏي ڪڙاڻ ملي آهي جو مٺا ٻول ٻولڻ وسري ويا آهن.“

مان ڀانيان ته رڳو تون ئي تون هجين ۽ تون آهين جو سڄي جڳ کي ڪٺو ڪيو اٿئي. ڪٿي به تون ڪونه آهين. تون ٻڌين به ٿو يا نه....؟

ٻڌان پيو مٺي.... مان توکي پرکيان پيو.... تنهنجي ۽ منهنجي پرک جو رڳو انداز مختلف آهي.“

نه.... تون ڀليل آهين، مون توکي ڪڏهن به پرکڻ نه چاهيو هو. مان ڀروسي جي آڌار تي هلان ٿي.“

اها عادت چڱي ته ڪانهي...“

نه هجي... پر ڇا ڪجي عادت جو ٿي.“

هن جو چوڻ هو ته جڏهن ڪير ڪنهن کي پرکي ٿو ته پيار Conditional ٿي ٿو وڃي.

هوءَ ڀروسي جي آڌار تي هلندي هئي ۽ ڇاڪاڻ ته عورت هئي ۽ مان مرد هئس. هن کان وڌيڪ ذهين. هوءَ دنيا ۾ ڀروسي جي آڌار تي هلندي هئي ۽ وک وک تي ٺوڪر کائيندي هئي ۽ مان عقل جي آڌار تي. هن کي مون کان هميشھ شڪايت هوندي هئي ته: ”تنهنجو مون سان پيار ڪونهي پر تنهنجي ذهن ۾ رکيل پرک سان آهي.“

هڪ ڏينهن هوءَ ۽ مان ٻئي ڪمري ۾ موجود هئاسين، اسين ٻئي هڪ ٻئي جي ڀر ۾ ويٺا هئاسين. هوءَ حسب معمول ماٺ هئي.

ماني کائيندينءَ...؟

نه...

پوءِ توکي بک ڪانهي لڳي....؟ ڀلا مون سان ته گڏجي ماني کاءُ مٺي....

چڱو گهراءِ...

مون نوڪر کي سڏ ڪري چيو: ”ماني کڻي اچ.“

سائين ماني ڊائيننگ ٽيبل تي لڳايان يا هتي ڪمري ۾ کڻي اچان...؟

ڪٿي ماني کائون مٺي....؟

جتي تنهنجي دل چئي....؟

هتي کڻي اچ....“ مون نوڪر کي مرڪي چيو. هو مرڪ جي موٽ ۾ مرڪ ڏئي هليو ويو. مون اٿي در ٻيڪڙيو. هو ماني کڻي وري آيو ۽ هڪ جڳ ۽ ٻه گلاس به ٽيبل تي رکي هليو ويو. مون اٿي ٻيهر در ٻيڪڙيو ۽ واپس اچي ماني کائڻ لڳاسين.

مون ڏٺو پئي، ته هن رکي رکي ڪو گراهه پئي کنيو، سو به 
بي دليو. لڳو ٿي منهنجي دل رکڻ لاءِ کائيندي هجي.

ماني چڱيءَ طرح کاءُ نه.... ماني ڇو ڪونه ٿي کائين...

تون کاءُ منهنجي دل نٿي چئي....

تنهنجي جسم مان ته ظاهر ٿو ٿئي ته تون ماني گهڻي کائيندي هوندينءَ.“

نه... مان ماني ڪانه کائيندي آهيان.“

پوءِ به ايتري ٿلهي آهين.“

ماڻهو مون کي چٻاڙيندا آهن ۽ مان مانيءَ کي. بس ان عمل ۽ ردعمل ۾ وڃان ٿي ٿلهي ٿيندي.“

۽ اڄ...؟

اڄ تنهنجي وجود جو امرت پيان پئي. تون کائين ٿو ۽ مان تنهنجو اهو مرت اکين رستي اندر ۾ اوتيان ٿي، انڪري دل ڀري پئي آهي.“

مان ڀانيان ته هوءَ به مون سان گڏجي کائي پر هن کاڌو گهٽ پئي ۽ مون منجهه وڌيڪ پئي نهاريو. هوءَ ڪرسيءَ تان اٿي منهنجي ڀر ۾ ويٺي، هٿ تي ڳل رکي هوءَ لڳاتار مون منجهه نهارڻ لڳي.

مان هتان توکان پري پئي ٿيس ڇا....؟

ها... منهنجو وس پڄي ته توکي اندر ۾ اوتي ڇڏيان.“

هن هڪڙو گلاس پاڻيءَ جو اوتيو ۽ پيئڻ لڳي.

مٺي ماني ته نٿي کائين، ڀلا هيءُ سلاد ئي کاءُ.“

ها کاوان ٿي.“ هن هڪڙو گلاس پاڻيءَ جو اوتيو ۽ اهو پيئڻ لڳي.

مٺي تو ٻڌو ڪونه ڇا. ماني ته ڪانه ٿي کائين ٿورو ڀلا سلاد کاءُ نه...

هن هڪڙو ٽڪر کڻي کاڌو. ڪجهه وقت رکي مون هن کي چيو: ”ٻيو به کڻ.“

هن ٽيبل تي هٿ سڌو ڪندي چيو:

ها!...

اسان جڏهن ماني کائي بس ڪئي ته مان ڊرائينگ روم ۾ وڃڻ لڳس، هوءَ منهنجي پويان آئي.

ڇو ايتري به جدائي سهي ڪانه سگهينءَ ڇا....؟

نه....“ اسين ٻئي فرج تائين آياسين. مون برف جي Tray ڪڍي ۽ شربت جو شيشو ڪڍيو. هن ٻئي شيون مون کان وٺي چيو:

گهڻو ڪم ڪيئه هاڻي اڳيان ٿي هل.“

پر مشهور چوڻي آهي ته Ladies First، تنهنڪري تون اڳيان ٿي هل.“

اهو يورپ ۾، هينئر تون يورپ ڇڏي آيو آهين، سنڌ ۾ پيو رهين.“

هڪ ڏينهن اسين آفيس منجهان گڏجي موٽياسين، حسبِ عادت هوءَ اڪيلي ۽ پنڌ هئي ۽ مان گاڏيءَ ۾. مون وري هن لاءِ گاڏي بيهاري، هن کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو. هوءَ مون سان گڏجي گهر آئي.

آسمان تي گهرا گهرا ڪارا سرمئي رنگ جا ڪڪر وکريل هئا ۽ هلڪي هلڪي ٿڌي هير پئي لڳي.

مٺي.... اڄ توکي هيءَ ڪائنات، بدليل بدليل ٿي لڳي نه...؟ توکي به ٿي لڳي يا  رڳو مون کي ٿي لڳي؟

مون کي به ٿي لڳي، گگن منڊل تي جي رنگ وکريل آهن تن هردي جي هر جذبي کي ڄڻ پنهنجي رڱ ۾ رڱي ڇڏيو آهي.“

مٺي ائين ڇو آهي....؟

اڳ اسان رڳو جيئڻ جي سزا پئي ڀوڳي، هينئر اسان کي ان منجهان نرماڻ مليو آهي. اسان هينئر حياتي ماڻڻ چاهيون ٿا. جڳن جا جڳ جيئڻ چاهيون ٿا، مان ڀانيان ٿي ته عورت ۽ مرد جو بس هڪ ئي ته رشتو آهي جيڪو اَمر آهي، باقي رشتا سڀ ڪوڙ آهن، اجايا آهن. هونءَ به جيڪڏهن ڏسجي ته باقي رشتن ناتن جنم ئي ان مان ورتو آهي ۽ عورت ۽ مرد جي امر پيار جا محتاج آهن. ٻڌاءِ آهن نه...؟ يا مان ڪوڙ ٿي چوان.“

نه مٺي... تون ڪوڙ ڪونه ٿي چوين.“

اڄ آڪاش مٿان هلڪا سرمئي رنگ جا گهرا ڪڪر ڇانيل هئا ۽ اسان مٿان هلڪي هلڪي ڇانوَ به هئي.

مٺي.... مان هت ڪڏهن به موٽي نه اچان ها پر پٽ جي ڪري اچڻو پيو. مون کي پنهنجو پٽ ڏاڍو پيارو اٿئي....

ڪيئن نه هوندو، آخر هو تنهنجو پٽ آهي، اولاد ته پکي پکڻ جيت جناور ۽ جانورن کي به مٺو هوندو آهي، پوءِ تون ته وري به انسان آهين. تنهنجو پٽ سان پيار هجڻ تنهنجي نيڪ طبعيت ۽ رحمدليءَ کي ٿو ظاهر ڪري. اها ته پاڻ چڱي ڳالهه آهي پر هڪڙي ڳالهه چوانءِ. دل چوندي آهي تنهنجو حال ماضي ۽ مستقبل سڀ منهنجا هجن. ڪير به ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه هجي. پوءِ چاهي اهو تنهنجو پٽ ڇو نه هجي...!

تون ڪنهن کي به جيڪر پيار نه ڪرين، تُنهنجي ڀاڱي جو ۽ مان پنهنجي حصي جو، هن کي ايڏو ته پيار ڪنديس جو هو ڪڏهن به پيار جو سِڪايل نه رهندو. تون متان ائين سمجهين ته ڪو مون کي تنهنجي پٽ سان پيار ڪونهي. تنهنجي ان ماضيءَ جي سيڙپ تي، پنهنجا پراڻ به ڏئي سگهان ٿي. مان هام نٿي هڻان، مون کي هر اها شيءِ پياري آهي، جنهن سان تُنهنجو ٿورو به لڳ لاڳاپو آهي.

حياتي اسان کي ڪروڌ ۾ وڃائڻ لاءِ ناهي ملي. حياتيءَ جي ڪڙاڻ اسان کي هر هنڌ ملي ٿي. پنهنجن کان پراون کان، پوءِ اسين ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي حياتيءَ جي چند گهڙين جو چورايل امرت ماڻيون. ٻه گهڙيون جيڪي ملن ٿيون سي ته ڪروڌ ۾ ضايع نه ڪريون ۽ تو وٽ رڳو ڪروڌ ئي ڪروڌ آهي. ائين ڇو آهي...؟

ڪيئن...؟

مرد شاديءَ کان پوءِ چاهه گهر ۾ گهڻو ۽ عورت ۾ گهٽ وٺڻ شروع ڪندو آهي، پوءِ هنن جي حياتيءَ ۾ اهو Charm نه رهندو آهي. اها Romantic Life ڪيڏانهن گم ٿي ويندي آهي...؟

عورت مرد جي جنسي ميلاپ کان پوءِ ڇو مرد عورت لاءِ پيار گهٽائي ڇڏيندو آهي....؟ جڏهن ته اصل Romance شروع ئي شاديءَ کان پوءِ ٿو ٿئي جڏهن هو ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جا ڀاڱي ڀائيوار ٿا ٿين. عورت گهر جي اندر به مرد کي گهڻو ڪجهه ڏئي ٿي سگهي ۽ گهر جي اندر به اها سموري سونهن پيدا ڪري سگهي ٿي، جنهن جو ڳولهائو مرد هوندو آهي.“

مٺي.... پيار ۾ شرط نه ٿيندا آهن.“

مون وري ڪٿي چيو ته پيار ۾ شرط ٿيندا آهن. توسان گڏ گهاريل هڪڙو هفتو توکي سمجهڻ لاءِ ڪافي هو. جيئن ڪڻي منجهان خرار جي پرک ٿيندي آهي، ته توسان گهاريل چند ڏينهن توکي سمجهڻ لاءِ ڪافي هئا، مون توکي سمجهيو آهي، پر تو مون کي اصل ناهي سمجهيو. حالانڪ مون کي سمجهڻ لاءِ پرکڻ لاءِ تو جر ٿر هڪ ڪيو آهي.“ گهڙي رکي هن وري ڳالهايو:

حالانڪ تون ڏاڍو Complicated ماڻهو آهن، مون کي تون Immature  ٿو چوين. مون تنهنجي ڪهڙي ڳالهه کي ناهي سمجهيو...؟ تنهنجي هر لفظ کي سوين معنائون هر هڪ عمل کي هزارين روپ. ماڻهو توکي پسيل ڪڪڙ سڏيندا آهن.“

ڇو.....؟

ساڙ کان... تون ڏاڍو خوبصورت آهين نه، انڪري. خاص ڪري عورتون ساڙ وچان چونديون اٿئي.“

۽ تون وري ڀِڳل ڪڪڙ....

۽ مان توکي وري خبر اٿئي ڇا چوندي آهيان-ڀِڳل ڪبوتر، ڪبوتر سهڻو پکي هوندو آهي نه.“

۽ تون وري ڀِڳل ڪبوتري آهين. تُنهنجي منهنجي قسمت هڪجهڙي آهي، ٻئي ڀڳل ٽٽل ۽ حالتن جا شڪار ٿيل. ٻئي پوءِ به حالتن کان مات نه کائڻ وارا رُڪ جيان مضبوط. ٻئي هڪڙي ئي سال برباد ڪيا ويا آهيون. اسان جون طبعيتون به ڪيتريون نه ملندڙ جلندڙ آهن. ها نه مٺي؟

تون چپ ڇو هوندي آهين. ڪجهه ته ڳالهاءِ پوءِ گاريون ئي کڻي ڏي. ائين ڇو آهي مٺي...؟ ٻڌاءِ نه ائين ڇو آهي؟؟

اسين جنم جنم ۾ گڏ ڀٽڪنداسين رلنداسين.“

مٺي اهي تصوراتي ۽ Un realistic ڳالهيون آهن.“

نه سڄڻ، پريت هن ڌرتيءَ جو وڏي ۾ وڏو سچ آهي. ان کان سواءِ هيءَ ڪائنات اڌوري آهي، باقي سڀ ڪوڙ آهي. توکي Telepathy ۾ يقين آهي.“

نه... مون توکي ٻڌايو ته مان ڏاڍو Practical ماڻهو آهيان.“

ته پوءِ مان به ته Practical ڳالهه ٿي ڪريان نه، مون ڪڏهن تصوراتي ڳالهه ڪئي. ڪنهن به پياري ۽ ويجهي انسان کي Imagination ذريعي پوءِ هو ڪٿي به هجي هن کي Communicateڪري سگهجي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ منهنجو ذهن ايترو Powerful ضرور آهي، جو مان، جنهن انسان سان منهنجو گهرو لڳاءُ هجي، ناتو هجي، ان تائين پنهنجا جذبا اماڻي سگهان ٿي بشرطيڪ مون وٽ ان لاءِ سچائي هجي.“

هون... توکي ڏاڍي مار ڪڍڻ تي دل ٿي چوي.“

تو... منهنجو ڪڏهن به قدر ناهي ڪيو...“

نه مٺي... I am doing much for you within my capacity.“

پر... مون ته توکان ڪڏهن به ناهي گهريو. تو مون کي وساري ڇڏيو ۽ وري مون وٽ ڪڏهن به ڪونه آئين. مون کي جيڪي ڪجهه گهربو هو سو ته تو ڪنهن ٻيءَ کي ڏنو. تنهنجي سچائي گهربي هئي، پيار گهربو هو، سو ته تو ڏنو ڪونه، باقي مادي شين کي مان ڪيڏانهن ڪنديس...؟ ۽ جيڪڏهن مون جدوجهد ڪئي ته اهي مان ڪنهن حد تائين پاڻ به حاصل ڪري سگهان ٿي.“

مٺي... مان اچان ها پر...“

مان هاسٽل ۾ رهيل هئس ۽ تون مهانگو ماڻهو ات ڪيئن اچين ها....؟

ها مٺي ٻاهر گهر وٺي رهيل هجين ها ته مان تو وٽ ضرور اچان ها.“

مان کڻي ٻٻر جي وڻ هيٺان ويٺل هجان ها، تون جي پيار جي هام هڻين ٿو، ته توکي اتي به اچڻ کپي يا ته ائين مڃ، ته توکي رڳو تنهنجي مطلب جي عورت سان شادي ڪرڻي آهي، پوءِ اهو پيار جو ناٽڪ ڇو ٿو رچائين. مان اڪيلي آهيان نه، ٻاهر رهڻ جيRisk ڪيئن کڻان – چئن ڏينهن ۾توتي اعتبار ته ڪيم پر ان جو نتيجو به ڏٺم – خدا ڄاڻي اڳتي تنهنجو رويو ڪهڙو رهي ها؟

اسين ٻڌا واپاري آهيون. اسين ٻڌو سودو ڪندا آهيون، لکين عورتن ۾ پنهنجي مطلب جي عورت کي باز جيان جهٽي وٺندا آهيون – سٻاجهي ۽ پاڻ مٽائيندڙ – اسان کي اهڙي عورت گهرجي جيڪا هڪ ئي وقت نوڪرياڻي، آيا، درزياڻي ۽ سيڪريٽري هجي، جيڪا اسان جي آفيس جو رهيل ڪم به ڪري ڏي، سهڻي هجي جو خوبصورت ٻار ڄڻي ڏي. Social life ۾ اسان جي ڪوڙي آن ۽ شان شوڪت واري جذبي کي تسڪين ڏئي سگهي. اهڙي پڙهيل عورت گهرجي، جنهن کي اسين ذهني پيڙا ڏئي سگهون. هوءَ اهڙي عورت هئي پر پوءِ به مون هن کي ڇڏي ڏنو. ان لاءِ ته مون منجهه Male Schovinism  تمام گهڻو هو، مون هن کي مِٽائڻ چاهيو. هن جي وجود، هن جي هستيءَ کي فنا ڪرڻ چاهيو ۽ هن مون مٿان سچ پچ ته پاڻ مِٽايو هو- پر پوءِ به مون هن کي وساري ڇڏيو، انڪري جو مون هر سنڌي مرد جيان عورت جي صلاحيتن کي مڃڻ ناهي سکيو. اسان سنڌي مردن، ادبي ۽ سياسي قلابازيون کائي، هن کي پورو پورو ذليل ثابت ڪيو – هوءَ هر ذلت، ماٺ ميٺ ۾ زهر جو پيالو سمجهي پي وئي، ۽ ڪڏهن به مون سان شڪايت نه ڪئي. مان انهن مردن منجهان هيم، جيڪي عورت کي ڇيڇاڙڻ منجهان موج ماڻيندا آهن. هن جو چوڻ هو ته دل گهرئي انسان کان ڪجهه به نه لڪائجي، چاهي ڪيتري به ڪڙي ڳالهه هجي، ڪيتري به مبهم ڳالهه ڇو نه هجي. هن مون کان ڪجهه لڪائڻ چاهيو به نه هو. هن وٽ هر سوال جو جواب موجود هوندو هو پر پوءِ به مان هن کي شڪ جي نظرن سان ڏسندو هوس. هوءَ چوندي هئي ته کيس سڀ ڪجهه ٻڌائڻ سان سندس من جي پرک پاڻ مرادو ٿي ويندي. جي ڇڏي ڏنائين ته سچ پچ سندس نينهن ساهه ۾ سانڍڻ جي قابل آهي. مان ڪهڙو ماڻهو هوس جو هن جو قدر ڪري نه سگهيس.

مان تو منجهان هڪ پٽ ڄڻڻ چاهيان ٿي.“

ان لاءِ جو توکي رڳو ٻه ڌيئون آهن....؟

نه.... مون ائين ڪڏهن چيو ته اي ڪاش مون کي هڪ پٽ به هجي ها. تو منجهان پٽ ڄڻڻ ۽ پٽ جي خواهش هجڻ ۾ تمام گهڻو فرق آهي. مان تنهنجو ننڍپڻ ڏسڻ چاهيان ٿي. هو به هوبهو تو جهڙو ارڏو ۽ هٺيلو هجي. توکي ماءُ جهڙو پيار ڏيڻ چاهيان ٿي.“

مون کي ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي.“

مون فريم ۾ لڳل هڪ تصوير ڏيکاري. اها منهنجي پٽ جي هئي. هن اها تصوير ڏسي پنهنجي پويان دريءَ منجهه رکي، مون اها تصوير جهٽ ڏيئي کنئي ۽ صاف ڪري ٽيبل تي لڳايم. مون هٿ وڌائي ريڊئي کي آن ڪيو. آل انڊيا تان گيت هلي رهيو هو:

رُت آئے رُت جائے سکھی رے

من کا میت نہ آئے رے رت آئے

پے درشن کو جیارا ترسے

اکین سے مسکاون برسے

رُت آئے رُت جائے سکھی  رے۔

ڇا ٿي ڏسين مٺي، منهنجي زال جا ڪپڙا.“

اهي اتي ڪونهن.“

مٺي تون جي چوين ته مان تنهنجي تصوير ٽيبل تي لڳايان.“

تو ته چيو منهنجو توسان پيار ڪونهي.“

نه چري ..... “It is exhibited from your lovely eyes

“It was my interpretation”

“Your interpretation is always wrong about me”

تون چري ته ڪانه ٿي آهين ....؟

گهٽو ڏيان....؟

ائين ڇو ٿي چوين مٺي....؟

تو مون کي وساري ڇو ڇڏيو....؟

مون توکي ڪٿي وساريو آهي....؟

پوءِ توسان هوءَ گڏ ڇو رهي پئي آهي؟

هوءَ سڀڪجهه پاڻ ئي ڪندي آهي.“

روئيندي ته هوءَ به آهي.“

مان ڏاڍو خراب ماڻهو آهيان.“ ۽ هوءَ مون منجهه نهاريندي هئي، گهرين گهرين اکين سان ۽ هميشھ سانت ۾ رهندي هئي.

That’s good

It’s too bad

منهنجون اکيون جهڙيون آهن نه.... ڀورين اکين وارا ماڻهو ڏاڍا بي وفا هوندا اٿئي. مان سچ ٿو چوانءِ، مان ڏاڍو خراب ماڻهو آهيان، مون سان بي وفائي ڪيئي ته تنهنجون اکيون ڪڍي ڇڏيندس. توکي ڪهي ڇڏيندس، مان سچ ٿو چوانءِ I am very difficult man مان ڏاڍوPractical ماڻهو آهيانءِ، مون تي جادو ۽ ٽوڻا به اثر ڪونه ڪندا آهن.“

تون ڪو وهمي ٿو ڏسجين، هن Scientific دور ۾ تعويذ ۽ جادو ڀلا ڪيئن اثر ڪندا، ۽ اهي ته اڳئين جڳ جون ڳالهيون آهن.“

ڏسجانءِ مٺي تون مون کي ڇڏي ڏيندينءَ.“

نه مان توکي ڪڏهن به نه ڇڏينديس. پر تون جي ڇڏي ڏين ته پوءِ مان ڪنهن جون اکيون ڪڍان ۽ ڪنهن کي ڪهان....؟

جيستائين تو پيار ڪيو تيستائين مان به ڪندس ۽ پوءِ نه....

۽ پوءِ به چوين ٿو ته مٺي پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا.... مون رڳو اهي لفظ ٻڌا آهن ۽ ان کي اصلي حياتيءَ ۾ ڏسڻ به چاهيان ٿي، مرد پنهنجي ٻولن ۽ قولن سان ڪيترو سچو آهي...؟

“I was in search of love”

پوءِ اهو توکي مليو....؟

نه مٺي Sweaty, Honey مان توکي زوريءَ کڻي وڃان ها، ته پوءِ تون رڙيون ته نه ڪرين ها نه...؟ يا ڪرين ها....؟

نه ....

مان به سوچيان پيو ته آخر ته پڙهيل عورت آهي.“

پر.... تنهنجي ان رويي سان منهن ڏيڻ جا ٻيا به طريقا آهن.“

ڪهڙا....؟

توکي ڇو ٻڌايان....“

تو رنو پئي مون ڏاڍو مشڪل سان گاڏيءَ تي ڪنٽرول پئي ڪيو. مٺي چپ ٿي وڃ نه تهAccident ٿي پوندو.“

I am expecting you, you are twenty four hours late

مان سوچيندو هوس ته هن جي اکين منجهان پيار ته ڏسجي پيو، پوءِ هيءَ چوي ڇو ڪونه ٿي...؟

ڀلي سرينڊر هيءَ ڪري مان نه ڪندس.“

سڄو ورتو پيو آهي.“

ڪير...؟

ناٽڪ جي ڳالهه ٿو ڪريان...

پوءِ پيا سچي ڪن....“

مان سگريٽ پيئندو آهيان نه، انڪري منهنجي سيني ۾ سخت سور ٿيندو آهي.“

پوءِ ڇڏي ڏي نه.... نه پيئندو ڪر ني.“

ڇڏي نٿو سگهان... ڪير روڪڻ وارو جو ڪونهي. سيني ۾ جي زخم آهن، انهن کي سگريٽ جي دونهن ۾ ڌنڌلو ٿو ڪرڻ چاهيان.“

۽ سگريٽ جو دونهون ان کي وڌيڪ گهرو ڪري ٿو.“

مٺي... مان سگريٽ ڇڏڻ ٿو چاهيان.“ هن اٿي مون کان سگريٽ ڦري ڦٽو ڪيو.

ان مان ڇا ٿيندو....؟ گهر جو دٻا ڀريا پيا آهن.“

اتي توکي روڪڻ واري ويٺي جو آهي.“

توکي اڳ ۾ چيم نه ته مان هت رڳو پنهنجي پٽ جي ڪري واپس آيو آهيان. ان مان تون اندازو لڳائي سگهين ٿي ته مون کي پنهنجي زال سان ڪيتري محبت آهي؟ مون کي هن لاءِ عزت آهي، همدردي آهي پر ان کي پيار نٿو چئي سگهجي.“

تنهنجو ڏک مون کان سَٺو نٿو ٿئي، ۽ مان تنهنجي ڪائي مدد نٿي ڪري سگهان. اها ڳالهه مون کي وڌيڪ پيڙا ٿي ڏئي. ڏس نه تون ئي چئه مان تو وٽ هن جي هوندي ڪيئن اچان...؟

ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي ديوي.“

هوءَ مون کي پيار وچان ديوداس سڏيندي هئي پر مان هن کي پارو ڪونه سڏيندو هوس.

تو پاڻ ئي ته چيو هو ته تون منهنجو گهر ٿي ڦٽائين. نه مان ڪانه اينديس.“

نه اچ.....“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org