سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: اُڀر چنڊ پس پرين

باب:

صفحو:3 

”ائين ڪنهن کي سڪايل ڇڏي وڃڻ. تنگ ڪرڻ ئي ته آهي. هيڏي روپ هوندي، هيڏي امرت ڀريل چپن هوندي. هنن نيڻ ڪٽورن هوندي اڃايل رهجي وڃان ۽ پوءِ به ٿي چوين ته مان ٿو توکي تنگ ڪريان؟“ مون مرڪندي هن جي چپن جي امرت پيئندي چيو.

”ڏس اقبال تون اڃا به وڌيڪ تنگ ڪرڻ لڳو آهين. مون کي هاڻي وڃڻ ڏي، نه ته تنهنجون تقاضائون اڃا به وڌنديون وينديون.“

”چڱو مٺي هن ڀيري ته وڃڻ ٿو ڏيان....“ تنهن کان پوءِ مون هن جي چيلهه ۾ وڌل هٿ ڍلا ڪري ڇڏيا.

”توکي ائين ڇڏڻ تي دل ته نٿي چئي پر تنهنجن ٻارڙين جي ڪري توکي ڇڏيان ٿو.“ ۽ پوءِ مان هن سان گڏجي هيٺ آيس. چوڻ لڳي: ”مون کي اڪيلي گهر ويندي ڊپ ٿو لڳي، تون به هل نه مون سان گڏجي.“

”چڱو هل ته ڀلا گڏجي هلون.“

”مون رڪشا واري کي هٿ ڏنو ۽ اسين ٻئي شهر کان ڏهه ٻارنهن ميل پري سندس گهر تائين آياسين، رستي ۾ درياء پئي وهيو. وڻ ٽڻ پکڙيل هئا.

”گڏجي سفر ڪرڻ ۾ ڪيترو نه سک ملي ٿو. ڪاش ائين جيون جي راهن تي به جيڪر گڏ هلي سگهون ها؟“

”ها- مٺي پر جي اڄ ايڪسيڊنٽ ٿي پيو ته ڏاڍو وڏو اسڪينڊل ٺهندو.“ اهو ٻڌي هن جو منهن لهي ويو. سندس چپن تان مرڪ غائب ٿي وئي. جيڪو مان ان وقت محسوس ڪري نه سگهيس. ڀانيان ٿو انهيءَ جملي هن کي ڏاڍو ڏک ڏنو هوندو.

”اسين ٻئي سڄي قوم منجهه ڄاتل سڃاتل آهيون، ته ماڻهو الائي ته ڪيتريون ڳالهيون ڪندا؟“

”تو کي ڪهڙي سڌ چريا، ته تنهنجي ان جملي منهنجن ڪومل ڪومل ڀاونائن کي ڪيئن ڳڙڪائي ورتو هو. ان کان ته گمنام هجون ها، گهٽ ۾ گهٽ کليءَ دل سان پريت ته ڪري سگهون ها.“

Let me live unknown and unseen, let me die….. Let me die. So sweet death will never come again.

مان هن کي گهر اچڻ لاءِ به ڪانه چئي سگهي هيس، ان لاءِ ته مان پاڻ پرائي گهر ۾ رهيل هيس. موٽي اچي مون ڪمري ۾ ڪيترو رنو هو. ان جي ڪهڙي سڌ.....؟ ۽ تنهنجي واپس ويندڙ رڪشا کي ڏسندي رهيس، جيسين اها اکين منجهان غائب نه ٿي ۽ بعد ۾ اڏامندڙ لٽ ۾ نهاريندي رهيس ۽ بعد ۾ آءٌ رنس، ڏاڍي رنس.

مان لکندو به هيس ۽ هڪڙي رسالي جو ايڊيٽر پڻ هيس. مون کي هند توڙي سنڌ جي سمورن سٺن ليکڪن جو سهڪار حاصل هو ۽ دنيا جي ٻين ٻولين منجهان سٺيون سٺيون ڪويتائون ۽ رچنائون مان ترجمو ڪري پنهنجي رسالي کي سونهن بخشي هئي. دوست چوندا هئا:

اڙي يار تون سچو انسان آهين نه، ان ڪري جنهن به شيءِ کي ڇهندو آهين، ته اها سون ٿي پوندي آهي.

گهنگهور گهٽائون آسمان تي پکڙجي ويون هيون. ورشا ٿيڻ واري هئي. اڄ ڪو ڏاڍو ياد اچي رهيو هو پر منهنجو  پرين هزارين ميل پري مون کان بي خبر ڪيئن گهاريندو هوندو؟“ مان کيس ياد به هوندس يا نه؟ وڇڙئي ته هن کي سال گذري چڪا آهن. ان عرصي ۾ هو مون کي ڪٿي وساري ته نه ويٺو هوندو. آڪاش منڊل مٿان جڏهن سوين رنگ وکرندا آهن. گهنگهور گهٽائون وسڻ لڳنديون هيون، تڏهن هر شيءِ ڌوپي اڇي اجري ٿي پوندي هئي، ائين هن جي ياد منهنجي من ۾ نکري ايندي هئي ۽ وڄ جيان وراڪا ڏئي ور ور ڪري مون مٿان ڪرندي هئي. پل ڀر لاءِ روشني ڏئي گهرين اونداهين ۾ گم ڪري ويندي هئي. آهه! هو مون کي ڪيڏو ياد ايندو آهي. آڪاش ۾ جڏهن ڪروڙين ديپ ٻري اٿندا هئا، ته تون اچي من ۾ سمائجي ويندين هئين. تو مون کي هميشه پاڻ کان پري رکيو، توکي ڪجهه ياد آهي. مون توکي چيو هو ته مان توسان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي. چاهي پاڻ وٽ نوڪرياڻي ڪري ته بيهارين ۽ ڪجهه ياد اٿئي تو ڪهڙو جواب ڏنو هو. مان ٿي توکي ياد ڏياريان، تو چيو هو ته:

”تون هتي ڪٿي نوڪري ڪجانءِ. مان توکي ڪهڙي نوڪري ڏيندس....؟“ تون جي چاهين ها، ته مان توکان ايڏو پري هلي نه وڃان ها مون کي پاڻ کان ڪيترو پري ڪري ڇڏيو اٿئي.....؟؟

گهنگهور گهٽائون وري آسمان ۾ مڙي آيون هيون. گهٽائون هيون يا ڪنهن جي يادن جا پاڇولا جيڪي مون مٿان انڌڪار ۽ ڇانورو ڪري بيٺا هئا. منهنجون اکيون انهن کي اڳ وسڻ لڳيون هيون.

نيلي، جيڪا رولاڪ هئي، تنهن توکي سالن جا سال هينئين ۾ ساهن جيان سنڀاليو هو. تون ڇا ڄاڻين چري پيار منجهان.

هو هزارن ميلن تان ڪهي ايندو هو. منهنجي پريت هن کي ڇڪي وٺي ايندي هئي يا هو ايترو پيار ڪرڻ جي پاڻ منجهه سگهه رکندو هو. مون کي ڌرتي سڏيندو هو ۽ ٻروچ ته ڌرتيءَ تي ساهه ڇڏيندا آهن. هو چوندو هو:

”نيلي- تون سڀني جي پيار منجهان ويساهه وڃائي ويٺي آهين؟ مردن جو پيار ايڏو ڪچو ناهي ٿيندو جيترو تون ان کي سمجهي ويٺي آهين، ۽ ها نيلي اهو ٻڌ ته پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا. نيلي ۽ گنگا.... گنگا ۽ نيلي، ٻنهي ۾ ورڇيل منهنجو ساهه آهي. ڪيڏانهن وڃن هي ساهن جون هلڪيون تندون جيڪي ڪنهن کي سالن کان ساريندي پوءِ به نه ٽٽيون هيون، نه ڏکڻ هاري نيلي، ذري ذري تي رسي پوڻ واري نيلي، مون کان ڪڏهن به ڪانه رُٺي هئي. چوندي هئي ته:

”اقبال تون منهنجو مسيحا آهين. تنهنجو پيار مرهم آهي، جيڪا زخمن کي ٺاريندي آهي. گهايل من کي ٿڌاڻ بخشيندي آهي.“ مان به کيس کلي چوندو هوس ته:

”مٺي ايڏا ته چاڙهه نه ڏي.“

مان هر سال هن وٽ ويندو هوس ۽ هن کي پنهنجي آفيس منجهان وٺي اسين ٻئي گڏجي هوٽل ۾ ايندا هئاسين. گڏجي ماني کائيندا هئاسين، ڳالهيون ڪندا هئاسين ۽ گڏجي سمهندا هئاسين. مان هن کي پيار ڪندو هوس. ڏاڍو پيار ڪندو هوس ۽ پيار ماڻيندي ماڻيندي هوءَ چوندي هئي بس هاڻي ٿڪجي پئي آهيان دل ٿي ڪچي ٿئي، اهڙو پيار نه ڪندو ڪر.“

”بس ايتري ۾ ٿڪجي پئي آهين؟ مان ته اڃا ڪونه ٿڪو آهين؟ ڀلا زور ڏيانءِ؟“ مان هن جي ساڻين ٽنگن کي زور ڏيڻ لڳس. ”نيلي، مون ته ائين ڪڏهن پنهنجي زال کي به زور ناهن ڏنا.“

”پوءِ نه ڏي، مان ٿي توکي زور ڏيان.“

”نه مان ناهيان ٿَڪو.“ مان هن کي ڀر ۾ ليٽائي وري پيار ڪرڻ لڳس. سڄو هن مٿان ڇانئجي ويس، هن کي پاڻ سان جڪڙي الائي ڪيترو پيار ڪيومانس ۽ پوءِ اسين ٻئي اٿي ويٺاسين. هڪٻئي جي ڀر ۾ . ٻنهي جو ٽنگون پلنگ کان هيٺ لڙڪيل ۽ نگاهون سامهون.

”هي چوڙيون ته ميڙي وٺ، هينئر منهنجو دوست اچڻ وارو آهي؟“

”لڪي لڪي پيار ڪرڻ ٿو چاهين، ڪڏهن اسڪينڊل کان ٿو ڊڄين، ڪڏهن زال کان ۽ ڪڏهن دوستن کان. ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهين؟ ۽ ڪهڙي قسم جي آهي تنهنجي پريت؟ جيڪا وک وک تي ڊڄي ۽ ڊيڄاري ٿي.“ هن اهو سڀ ڪجهه چيو ڪونه پر سندس ڏوراپن ڀريل اکين منجهان مون اهو سڀ ڪجهه سمجهي ورتو.

”مون توکي چيو هو نه، ته اڄ توکي وڃڻ ٿو ڏيانءِ. ڇڏڻ تي دل نه ٿي چئي پر پوءِ ٻئي ڀيري.....“

”ته چئبو اڄ اهي تو ڪسرون ڪڍيون.“

”توکي خبر آهي جڏهن مون کي ٿورڙو به غصو هوندو آهي نه، ته مان گهر جا الاهي سارا ٿانوَ ٺڪر ڀڃي ڀور ڪندو آهيان.“

”منهنجي گهر به اچي ڪڏهن ٿانوَ ڀڃ ته ميڙي ميڙي ٿڪجي پوان، پوءِ به ڀڃندو وڃ. مون تي به ته ڪڏهن ڪاوڙ ڪر نه....“ ۽ وري مرڪي چوڻ لڳي: ”ايڏو ڪروڌي آهين. ڪٿي راڻي جو  جوڻ مٽائي ته ڪونه آيو آهين...؟“

”مون کي ڪهڙي خبر ته اها ڪاوڙ سچ پچ راڻي جيان عمر ڀرجي هوندي. مينڌري جيان وري به موٽ کائيندي ۽ مون کي به آخرڪار هڪ چتا سجائڻي پوندي. مومل ته پل ڀر ۾ جلي رک ٿي وئي ۽ مون واري چتا جڳن جا جڳ هلندي جيستائين ساهن جو تندون سرير ۾ آهن. خير توکي ڪهڙو ڏوراپو ڏيان، قسمت ئي اهڙي ڪي ڪي ماڻهو ڪوجهي صورت کڻي پيدا ٿيندا آهن. مور جي عادتن مثل، ڪوئل جيان نپٽ نڀاڳا.“

هاڻي هيءُ هن کي ڪهڙو روڳ ڏئي هليو ويو، جيڪو وڃي ٿو ناسور بڻجندو، هيءُ ڪهڙو محشر برپا ٿيو، جنهن منهنجيءَ هن دل کي رتو رت ڪري ڇڏيو ۽ اسين پنجن سالن کان وٺي هڪٻئي کي ڏسي به ڪونه سگهياسين.

”نيلي، مان جو توکي بليڪ ميل ڪريان، ته پوءِ؟“ مان هن سان چرچي ڪرڻ جي موڊ ۾ هيس.

”هونءَ ته ڪنهن جي ڪمزورين کي بليڪ ميل ڪرڻ انتهائي ڪريل ۽ ذليل حرڪت آهي پر جي تون مون کي بليڪ ميل به کڻي ڪيو، ته به مان دل ۾ ڪانه ڪنديس. تون پيارو آهي نه، تنهن ڪري توتان منهنجو خون به معاف آهي.“

”سچ“

”مان توکي پنهنجي ڪويتا ٻڌايان؟“

”ٻڌاءِ“

”دل سان ٻڌندينءَ.“

”ڇو ڪونه؟“ اسين ان وقت ڀت سان رکيل ڪرسين تي ويٺل هئاسين.

”چڱو پريان هوءَ ڊائري مان کڻي اچان....؟“

”ڪويتا توکي ٻڌائڻي آهي ۽ ڊائري مان کڻي اچان...؟“

”چڱو کڻي وٺ مشڪري ڇڏ.“

”کڻي ٿي اچان وڙهين ڇو ٿو؟“

مان هن کي ڪويتا ٻڌائي بس ڪئي ته چوڻ لڳي:

”تمام پياري، ڏاڍي سٺي ڪويتا رچي اٿئي.“

”بس ائين ئي دل رکڻ لاءِ ٿِي تعريف ڪرين نيلي؟“

”نه تنهنجو قسم، سچ پچ به دل کي ڏاڍي وڻي آهي.“

”ڪوڙي. مان تنهنجو دوست آهيان نه.“

”آهين، پر اهڙا لفظ ڇو چوندو آهين....“

”مٺي اهو لفظ ته ٺيٺ سنڌي لفظ آهي ۽ ڏاڍو پيارو لفظ ۽ منشا سان ڀرپور....“

”ها آهي ته سهي....“

اسان کي وڇڙئي پنج سال گذري چڪا هئا. مان سوچيو هو ته هن سان شادي ڪندس ۽ پهرين رات ڏاڍي مار ڏيندومانس. سَنڌُ سَنڌُ ڪُٽي ساڻو ڪري رتو رت ڪري اڌ مئل ڪري ڇڏيندومانس، هن مون کي ڏاڍو ستايو هو. ڀؤنري جهڙي طبعيت هئي هن جي.

ته، هي سوچيو هوم ته شاديءَ جي پهرين رات ته مان کانئس وسڪي گهرندس وسڪي ايتري ته پيئندس جو پيئندي پيئندي ساهه ڏيان. سڄي رات وسڪي پيئندي پيئندي ساهه ڏيندس.

مون به هن کي جيڏو پيار ڪيو هو، اوڏو ستايو به ته هومانس نه. جيتوڻيڪ ان ۾ گهڻي ڀاڱي ڏوهه نيلي جو هو. پر پوءِ مون کي به سوچڻ کپندو هو، ته يارن سان ڪي ليکا ڪبا آهن ڇا؟ معاف ڪري ڇڏيانس ها. هر ڏوهه کي معاف ڪري ڇڏيانس ها، پيار ۾ شرط نه ٿيندا آهن، ان معيار تي ته پورو لهان ها. عورتون ته هزارين ملي وينديون. جڳن کان پوءِ مان هڪ مرد جي ان قول تي ته پورو لهان ها. جڏهن ته مان عورت جي آزادي جو وڏو حامي هوس. ڇڏيو مون هن کي هو- هن ته ڪونه ڇڏيو هو. مان ڇو روايتي غيرتمند مرد وارو ناٽڪ رچايو. سڀ ڏوهه گناهه معاف ڪري وڃي کيس سيني سان لايان ها. مان مرد هئس. منهنجي زنجير وڌيڪ ويڪري دائري ۾ مون کي چرڻ پرڻ جي آزادي ڏني هئي. هن مون کي وساريو ته نه هوندو! اها ته مون کي پڪ آهي. ۽ وقت ڪٽي وارن کي ڪهڙي اهميت آهي؟ مان ته هن جو مڙس هوس، ور هوس، مون کي هن جي ننڍين ننڍين غلطين کي معاف ڪري ڇڏڻ کپندو هو، نه ڪي عام روايتي مردن جيان وير وٺڻ کپندو هو. هوءَ ڊنل ڊنل هئي هراسيل هئي ته هن کي پنهنجي ٻانهن ۾ جڪڙي کيس هر خوف کان آزاد ڪرڻ کپندو هوم.

مان ڪهڙي قسم جو ماڻهو هوس. مان ڪهڙي قسم جو يار هوس ۽ ڪهڙي قسم جو مڙس، بس رڳو روايتي مرد هوس، ٺيڪ آهي هوءَ رولاڪ هئي ته زنجيرن ۾ جڪڙي گهر ۾ اڇلايانس ها پوءِ سموريون ڪسرون ڪڍانس ها. مون هن کي ڌرتي سڏيو هو ۽ ڌرتي ته ماءُ سمان هوندي آهي. پوءِ به مان هن کي ايڏو ذليل ڪيو. کيس ڪجهه ڏئي نٿي سگهيس ته ڏکويانس ته نه ها. هن جي دل ته ڏسو جو پوءِ به مون کي وساري ڪانه سگهي هئي. هوءَ مون کي ڪٿي ڳولهي ها؟ هوءَ عورت هئي مان ئي ٻه پير ڀري وٽس وڃان ها. هوءَ ته انڌيرن ۾ گم ٿيل هئي. مان ئي سندس هٿ پڪڙي شيتل چندرما جي ڪرڻن هيٺان آڻيانس ها. پيار ۾ ليکا ناهن ٿيندا، ان کي هڪ وار ته سچ ثابت ڪريان ها، هڪ وار وڃي ته ڏسان ها هن وٽ.

هن کي سهاري جي ضرورت هئي جيئن ڪنهن زخميل انسان زخمن کان چُور ٿيل انسان کي سهاري جي ضرورت هوندي آهي، ائين هن کي به منهنجي پيار ۽ آڌار جي ضرورت هئي ۽ موٽ ۾ مون هن کي وڌيڪ چهڪ ڏنا ۽ ڏياريا. مان ڪهڙي قسم جو دوست هئس هن جو؟ هن جڏهن مون سان ناتو جوڙيو هو تڏهن مان فقط ٽي سؤ رپيا پگهار کڻندو هوس. پوءِ مون هن کي سائي شڪار جو طعنو ڇو ڏياريو هو. جي قوم منجهه مان سڃاتل هئس ته هوءَ به سڃاتل هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته عورت هجڻ ناتي هن جي سڃاڻپ کي ڪا به اهميت نه هئي ۽ مرد هجڻ جي ناتي منهنجي سڃاڻپ کي بي پناهه قوت. سهاري جي ضرورت ته هر انسان کي هوندي آهي خاص ڪري ڀٽڪيل انسان ۽ معاشري ۾ ڌڪاريل انسان کي ته وڌيڪ هوندي آهي. پوءِ اهي طعنا مون هن کي ڇو ڏياريا، ايڏو ڪوڙو هوس مان؟ پنهنجي پيار سان ته مان ڪوڙو نه هوس، پر مون کي هن تي ڏاڍيون ڪاوڙيون هيون، اصل اڦٽ ماري ڇڏڻ جهڙيون. پوءِ کڻي ماري ڇڏيانس ها ۽ جيل هليو وڃان ها. آخر ته مان مرد هئس. جيل کان ڊنس ڇو ٿي؟ پنهنجي پيار کي ڌرتي سڏي پوءِ ائين ڪروڙين انسانن هٿان ذليل ڪرڻ جو مون کي ڪهڙو ٿي حق رسيو. هوءَ به ته آخر حياتي گهارڻ جو حق رکي سگهي ٿي. اهو حق هن کي ڇو ڦرڻ چاهيو ۽ ڦريو به اهڙي طريقي سان جو هو وڃي اونداهي غار ۾ ڪري ۽ انڌيرا هن جو مقدر بڻجي هن کي چئني طرفن کان وڪوڙي ويا. هن کي ائين اڇلڻ جو حق مون کي ڪنهن ڏنو....؟ ڪنهن ڏنو.....؟؟ دل گواهي ڏني، هن جي پيار.... ها نيليءَ جي پيار، جنهن ايڏو پيار ڏنو هو جو نٿو وساري سگهان. هن سان ماڻيل سنجوڳ جون گهڙيون ۽ ڏنل پيار، پيار سان مهڪندڙ خط به. رُسي ويل نيلي ڪڏهن ته موٽ کاءُ، توکي ڏاڍو ساهه ساري ٿو. اندر منجهان آواز آيو، نيلي توکان رٺل ڪانهي. هوءَ اڄ به توکي ايڏو پيار ڪري ٿي جيترو ڏهه سال اڳ ڪندي هئي.

”ها ته ڪوڙو نه ٿي! پيار ۾ شرط نه ٿيندا آهن. مون کي به ته اهو ئي ڏسڻو آهي ته پيار ۾ سچ به شرط ڪونه ٿيندا آهن. ڀلا جي مان ڪڏهن تنهنجي سامهون درياء ۾ ڪِري پوان ته مون کي بچائڻ لاءِ ايندين لهرن جي لوڏن ۾.“

”نه مٺي، تو سان ڪهڙو ڪوڙ ڳالهايان مون کي زندگي مٺي آهي.“

”مون کي به وڌيڪ.“

”ها، پاڻ سان پيار اٿم تڏهن ئي ته توسان به اٿم پوءِ حياتيءَ جو ڏيئو تولاءِ ڪونه اجهائيندس.“

”سچ ٿو چوين.“

”ها مٺي توسان ننڍا ننڍا ڪوڙ ته ڳالهائي ٿو سگهان پر ايڏو وڏو ڪوڙ ڪيئن ڳالهايان...؟“

”تو پاڻ کي به پورو ڪونهي سمجهيو پوءِ ڀلا مون کي ڪيئن سمجهي سگهندين؟ مان ٿي توکي ٻڌايان ته جيڪڏهن ائين ٿئي ته تون پنهنجي حياتيءَ جي پرواهه ڪونه ڪندين، اها مون کي پڪ آهي.“

”ايڏو ڀروسو اٿئي پنهنجي پيار تي، ايڏو گهمنڊ اٿئي منهنجي پيار تي.“

”اٿم- تڏهن ئي ته اها هام هڻان ٿي.“

”اجايا دل کي ويٺي ڪوڙا آٿت ڏين.“

”چڱو اهو ته وقت ٻڌائيندو ته ڪنهن جي ڳالهه وڌيڪ سچي آهي.“

”پر جي توکي منهنجي رت جي ضرورت پئي ته آڪاش منڊل مٿان ڪاري گهٽا بڻجي سڄي ڌرتيءَ مٿان رت جي ورکا ڪندس. جو هي سڄو جڳ رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويندو.“ اهي لفظ هن مون کي چيا ڪونه پر مون هن جي سانت منجهان سمجهي ورتا.

”۽ پوءِ  به چوين ٿو ته تنهنجو مون سان پيار آهي. جنهن سان پريت ٿي ويندي آهي نه، ته پوءِ پريت ڪندڙ جو وڃي رڳو سرير بچندو آهي باقي پراڻ پکيئڙي جيان پرڙا ڪري اڏامي ويندا آهن ۽ ڪنهن جي سرير ۾ گهڙي، ان جي رت ۾ سمائجي ويندا آهن. جتي اهو ماڻهو اتي اهي پراڻ هوندا آهن. آتما ڀٽڪندي رهندي آهي هوائن منجهه، گهٽائن منجهه.

”چانڊوڪيءَ جي ڪرڻن ۾ ڪارين ڪارين اماس راتين جي انڌڪار منجهه، سمنڊ جي هر ڦڙي ۾ هر لهر منجهه سورج جي ڪرڻن منجهه سڄي ڪائنات رولڙي ۾ اچي ويندي آهي. جڏهن ڪنهن جو روح راتين ۾ ڪنهن سان گڏ ڀٽڪندو آهي، اڙي چريا توکي ڪهڙي خبر ته پريت ڇا کي چئبو آهي، توهان مردن  وٽ ته رڳو تارازي هوندي آهي، عورت جي سونهن، وفا، نيڪي ۽ بدي هڪ پڙ منجهه ۽ ٻئي پڙ ۾ هوندا آهن- پرک جا وٽ. ڪاٿي هوندا آهن اوهان وٽ عورت سان پيار؟ اوهان کي پيار هوندو آهي، هن جي پاڪدامنيءَ سان. ٻين لفظن ۾ عورت جي منافقيءَ سان.“

”تون جو رولاڪ آهين- عياش آهين تڏهن ٿي هر عورت لاءِ اها راءِ ڏين.“

”رڳو مان ئي ڇو، پر پيارا جي ٿورو گهرو سوچيندين ته توکي هر انسان اندر منجهه ننگو لڳندو. مان به آخر هن ڌرتيءَ تي ڄائي آهيان. هن ڌرتيءَ جا ماڻهو مون کان لڪل ته ڪونهن نه. پنهنجي اوگهڙ کي لڪائڻ لاءِ منهنجو هڪڙو وڳو تو روڙي لاٿو ته آهي پر اهو هڪڙو وڳو ڀلا ڪروڙين انسانن جي اندر ۾ ويٺل ننگي انسان جي اگهاڙپ لاءِ پورو ته ڪونه ايندو نه؟“

ڏور کان ويٺي منهنجي سنگسار ٿيڻ جو تماشو ڏٺئي پر 
ٻه پير ڀري مون تائين رسي نه سگهئين. آخر به ته مرد آهين؟ تون جي منهنجي جاءِ تي بيٺل هجين ها ته مان هن سنسار جا سڀ ٻنڌڻ ٽوڙي تو سان گڏ بيهي پٿر کاوان ها. ڪارين گهٽائن جيڪا رت جي ورشا پئي ڪئي، ان ۾ مان به تو سان گڏ بيهي رهان ها. اها ته ڌرتي ماتا آهي جيڪا ڪروڙن انسانن جي پيرن هيٺان هوندي به ان اپائيندي آهي ۽ انسانن جي بک اڃ کي مٽائيندي آهي ۽ تن ڍڪيندي آهي پر خود اگهاڙي هوندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org