اتي رئيس سڳورو ڍرو ٿيو. پردي جي پويان ڀيڻ جون
ڪرڙيون اکيون ڏٺائين جنهن هوريان ”هون هون“ ڪئي.
ڪريمت کي موڪليائين ته رئيس کي سڏي آ. رئيس پردي
جي پويان ليئو پاتو، ڌياڻ چيس.
”مٺيس! وڏڙن جي ڪِري ڀڃي ڇڏيوَ، هاڻي پرايا ماڻهو
ويٺا ڏسن.
”تون هاڻي ماٺ ڪري ويهه: خدا جو اٿئي، قسم ڪُڇ پُڇ
نه، خلق نه مون تي کلاءِ، ڇوڪري جو منهن ڪري ڍڪ ته
ڊاڪٽر زبان ڏسي.“
ان بعد ڊاڪٽر تفصيل سان ڇوڪريءَ جي حالت ڏٺي. جڏهن
مرض کي ”هسٽيا“ جو نالو ڏيئي پڻس کي جلدي شادي
ڪرائڻ لاءِ چيائينس ته ان وقت رئيس جو منهن
ٽامڻيءَ وانگر تپي بنهه لال ٿي ويو، پر نهايت
بردباريءَ سان سور پي ويو، اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو
ڏينهن وري ڊاڪٽر گهرائڻ کان توبهه ڪيائون؛ پر
حويليءَ ۾ ڊاڪٽر جون ست پڙهيون اڃان به پيون
پٽبيون هيون، جنهن مڙساڻي وات نياڻي ڌيءَ جي شان ۾
گستاخي ڪئي هئي.
اڄ وري به ساڳي حالت هئس، پڦيس سيراندي کان هنج ۾
راحت جو مٿو رکيو ويٺي هئي.
”جيجان! تون رڙهي ويهه، آءٌ ٿي سڳوريءَ وٽ ويهان.“
”آئي کتل، آءٌ پنهنجن پيرنَ جي ڏِنيءَ کي ڪيئن
ڇڏينديس، هي ساهه سڪائي ڀانڊو وڃي ٿي آهيان سو هن
جي تڪليف ته نٿي ڏسي سگهان.“ ائين چئي چپن ۾ ڪجهه
پڙهي راحت تي شوڪاريائين. راحت جي ماءُ نڻاڻ کي
مشغول ڏسي موقعو غنيمت ڄاڻيندي پلنگ تان هيٺ پير
کسڪايا، ۽ ڀر واري ڪمري ۾ رئيس وٽ وڃي ڏاڍي
نماڻائيءَ سان چيائين:
”سائين نياڻي جو بار لاهيو کڻي اهڙي حالت ڏٺي نٿي
وڃي، هڪڙي اکين آڏو اٿئون.“
نڻاڻس ڪمري مان ڀڻڪ ٻڌي ورتي، يڪدم رحت کي کتل جي
والي ڪندي ڪوٺيءَ ۾ وارد ٿي، چي: ”آءٌ به ته ستن
ڀائرن جي هڪڙي ڀيڻ هئس، مونکي کائي هڏ ڪري ڇڏيوَ
تڏهن چيوَ ٿي ته اهو ڪهڙو ڄائو آهي جو پڳ ٻڌي وچ ۾
ويهندو؟ اسين ست ڀائر ڪو مري ويا آهيون ڇا؟ اسان
جو هڏ چم کاءُ، راڄ ويٺي ڪر، هاڻي پنهنجو اولاد
اٿوَ ته سيڪ ٿو اچيوَ ته بار لاهيون. سو آءٌ به
مئي ڪونه آهيان، اڃا ويٺي آهيان. تون به خوش نه ٿي
ڀاڄائي ته ڪو راحت لائون لهندي ۽ تون اکين سان
ڏسندينءَ آءٌ جيستائين جيئري آهيان اهو هرگز ٿيڻ
نه ڏينديس.“
”ڪوهه کڻي جهيڙو لاتو اٿو، هاڻي ماٺ به ڪنديون ڪي
ڪونه. نه کڻي بانٺو مٿو ڦاڙي ٿو رکانوَ.“
”جڙيل هاڻي ٺهيو الله کي ياد ڪر.
اها ڀاڄائي اوهيئن رڳو پاڻي ولوڙي، اڇو مٿو ٿي
ويو اٿس، پر اڃا پائيءَ جو عقل ڪونهيس ڪو.“ ڌياڻ
ڀاءُ جو موڊ بگڙندو ڏسي ڳالهه کي ٺاهيو. اوچتو رڙ
ٿي. گولي ڊوڙندي آئي:
”سانئڻ جلدي هلو سڳوريءَ کي وري حساب ٿيو آهي.“
”مٺيس! امان ڇا ڪريان ڪوهه پئي ائين ڪرين. (ماڻس
پلنگ ڏانهن چوندي وئي) آئي مونکان وير وٺو منهنجي
نياڻي کان ڪوهه پيو وٺو.“
”ٺهيو ڀاڄائي هاڻي طعنا ڪوهه پئي ڏين، پري ٿي تون،
آءٌ پاڻهي وڃڻي ٿي هڻانس.“ ڌياڻ ڀاڄائي کي پري
ڪندي چيو.
ڌياڻ ڏاڍي خوفناڪ عورت هئي. ڳالهائڻ لاءِ سندس وات
ڪجهه اهڙي انداز سان کلندو هو جهڙي طرح ليمن نپوڙڻ
واري مشين جو کلندو آهي. پوري حويليءَ ۾ سندس رعب
هو. مجال آهي جو سندس حڪم کانسواءِ ڳالهه هيٺ مٿي
ٿئي. ڀائٽيءَ کي به ننڍي لاڪر نپايو هئائين. شادي
ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ سندس هٿ ۾ هئي. پر هو شادي ڇا
لاءِ ڪرائيس سندس ڀيري ته نه ڪو سوٽ هو نه ماسات،
جو شادي جو سوال اٿيس ها. هن ڀيري به ته ڪير نه
هو. پوءِ ڇا لاءِ ڌارين ۾ ڪرائي. راحت کي به خبر
هئي ته سندس واهه ڪانهي. جيئن جيئن سندس عمر وڏي
ٿيندي ٿي وئي، تيئن تيئن انهي ڳالهه جو احساس به
شدت سان محسوس ٿيڻ لڳس. ننڍڙي ته ڪونه هئي؛ پورن
پنجويهن سالن جي هئي. گهر ۾ هر قسم جي آرام هوندي
به هوءَ ڏاڍي بيقرار رهڻ لڳي. هن کي محسوس ٿيندو
هو ڄڻ ته چانديءَ جي تارن ۾ هن کي ايترو ته مضبوطي
سان جڪڙيو ويو هجي جو سندس جسم تي زخم ٿي پيا هجن.
هن جو وجود ئي هڪ تازو زخم بنجي چڪو هو. ڪم ڪندي ۽
ڳالهين ڪرڻ وقت ايترو سوچڻ تي هن کي هڪ عجيب قسم
جو درد محسوس ٿيندو هو، اهڙو درد جنهنکي اگر هو
چاهي ته بيان به نه ڪري سگهي. هن دفعي به سندس
دوري جو اثر خودبخود ختم ٿي ويو. هاڻي پهرين کان
به سندس گهڻو خيال رکيو ويندو هو. کٽ تان هيٺ پير
رکڻ جي به کيس اجازت نه هئي. صبح شام کيس مٿي ۾
گرم گرم تيل سان مالش ڪئي ويندي هئي، مگر اها مالش
به فائدو ڏيڻ بدران ابتو اثر ڪندي هئس. ويچاري
نفيس نازڪڙي راحت، تنهائيءَ جي غم ۾ ڳرڻ لڳي. سندس
دل ڄڻ ته ٽڪرا ٽڪرا ٿي پئي هئي. هوءَ ننڍپڻ ۾
پڙهيل چئن درجن واري علمي قابليت ڏانهن متوجہ ٿي،
ليڪن کيس اتي به ڪجهه نه مليو. عشقيه ناول ۽
جذباتي شعر پڙهي هن تي وڌيڪ بيخودي ڇانئجي ويندي
هئي. راتين جي ننڊ به اکين مان موڪلائي وئي هيس ۽
هوءَ ياس ۽ حسرت جي هڪ بيجان مورتي بنجي وئي هئي.
هار سينگار کي کڏ ۾ اڇلايائين. هارسينگار ڪبو آهي
ڪنهن تي رعب وجهڻ لاءِ، ڪنهن کي پاڻ وڻائڻ لاءِ...
ڀلا هوءَ اهي سڀ ڪنهن لاءِ ڪري ها. سندس پرڻيل
سوٽيون ماساتون مهينن جا مهينا حويلي ۾ رهڻ لاءِ
اينديون هيون مگر هوءَ ويچاري نياڻي ڌيءَ جا قيد ۾
ئي رهيل هوندي هئي. انهن کي ڏسي سندس رت جوش
کائيندو هو، ڇاڪاڻ جو اهو مفت جو مال اڏائڻ،
خريداريون ڪرڻ ۽ گهمڻ اينديون هيون.
مگر هوءَ؟ هن جي پنهنجي حالت انهن جي مقابلي ۾
ڪهڙي نه کوکلي هئي. هنجو ذهن صرف منجهيل خيالن جو
مجموعو هو... ڪوبه اهڙو خيال نه هو جو هنکي زنده ۽
خوش رکڻ لاءِ سهارو ڏيئي سگهي... مگر هوءَ ڇا لاءِ
جيئي؟... زندگي! رئيس زادي راحت جي زندگي جو هئي.
جيئڻ هن جي نصيبن ۾ هو... ۽ پوءِ هوءَ جيئڻ لڳي...
۽ خوب جيئڻ لڳي- پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي هن جو ڏٻرو
جسم ڀرجڻ شروع ٿيو. ڳل چمڪڻ لڳا ۽ حسن ڦٽي نڪتو.
هن جي زندگي ۾ چمڪ اچي چڪي هئي. سون، چاندي ۽ هيرن
کان به گهڻي چمڪ. هن کي محسوس ٿيندو هو ڄڻ ته فضا
۾ ننڊون جذب ٿيل هجن. اهڙيون ننڊون، جن ۾ بيداري
گهڻي هوندي آهي. سندس چوڌاري نرم نرم خواب ائين
ويڙهيل هوندا هئا جيئن مخملي ڪپڙا. سندس ڪمري جي
دريءَ جي ٻئي طرف هڪ نئون رستو ٺهي رهيو هو. هنجي
زندگي ۾ به هڪ نئين راهه تيار ٿي رهي هئي. اڻڄاتل
راهه... جنهن تي هلڻ لاءِ هن جو روح ازل کان
بيقرار هو... هاڻي اها دري هن لاءِ سڀ ڪجهه هئي...
هن جي زندگي... هن جو سهارو، سڪون، ۽ هن جو قرار.
هوءَ خوش هئي، بيحد خوش هئي. کيس اهو حل اوچتو ئي
اوچتو هٿ آيو هو. بيماري جي ڏينهن ۾ سڀئي مٿس ڄڻ
ته موهت هوندا هئا. سندس هر حرڪت کي اهو سمجهي
نظرانداز ڪيو ويندو هو ته من سندس روح پرچي ۽ انهن
ئي ڏينهن ۾ هن هڪ ڏينهن پنهنجي ڪوٺيءَ جي دريءَ جا
اهي طاق کولڻ جي همت ڪئي جن ڏانهن نظر کڻڻ به
گناهه سمجهيو ويندو هو، ليڪن هن اهو سڀ ڪجهه چپ
چاپ ۽ ماٺ ميٺ ۾ ڪيو. جڏهن هن دري کولي ٻاهر ليئو
پاتو تڏهن هڪ دفعو ته هوءَ ڏڪي وئي هئي، ننهن کان
چوٽيءَ تائين. کيس سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته ڇا
ڪري؟ لاچار هن دريءَ جي طاقن کي وري اڳي وانگر بند
ڪري ڇڏيو ۽ کٽ تي ليٽي عجيب خيالن ۾ غرق ٿي وئي.
گهڻي گهڻي وقت کان پوءِ کٽ تان اٿي الائي ڇو دري
جا ٻئي طاق کولي ڇڏيائين. لهندڙ سج جي نرم روشني
کيس وڪوڙي وئي ۽ سندس دل زور زور مان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ
لڳي. هاڻي هوءَ هر روز شام جو دريءَ جا طاق کولي
ڇڏيندي هئي. تازي هوا ۽ سج جا نرم ڪرڻا کيس ڏاڍا
وڻي ويا هئا دل جي ڏڪڻي جيئن پوءِ تيئن گهٽبي وئي
۽ ان جي جاءِ تي اطمينان ۽ سڪون اچي واسو ڪيو هو.
دريءَ جي هن ڀر هڪ نئو رستو جڙي راس ٿيو هو جنهن
تي بيشمار گاڏيون، موٽر ۽ انسان پيا ايندا ويندا
هئا پنهنجي ٽي ڌن ۾ پنهنجي ئي موج ۾... سهڻيون
گاڏيون... فرحتي موٽرون ۽ عجيب انسان، خوبصورت،
بدصورت، ضعيف ۽ صحتمند، هر قسم جا ۽ هر عمر جا.
هڪڙيءَ رات جڏهن آسمان ۾ فقط تارا ئي تارا پئي
چمڪيا تڏهن زندگيءَ جي ان وهڪري ۾ هن پاڻ کي کڻي
اڇلايو. کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته سندس جسم ۽ روح
تي جيڪي چانديءَ جون چمڪندڙ تارون ويڙهيل هيون اهي
هڪدم ٽٽي پرزا پرزا ٿي ڪري پيون.
ساڻس گڏ هڪ سگهارو ۽ مضبوط نوجوان هو، جنهنجي کهري
ڇاتيءَ ۾ منهن لڪائيندي، هوءَ ان شاهراهه جي وسيع
۽ تيز وهڪري ۾ گهڻو تمام گهڻو اڳتي نڪري وئي.
منزل
هر انسان پنهنجي زندگي کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪندو
آهي. هن کي پنهنجي معاشري اهو شدت سان محسوس ڪرايو
هو ته هو ذاتي طرح اِن لائق نه آهي جو پنهنجي
زندگي بڻائي سگهي ڇاڪاڻ ته ابن ڏاڏن جي ڏتڙيل
زندگي ۽ پراڻي ڪِرت ۽ انهن جي معاشري ۾ ڪريل حيثيت
هُن آڏو ”واڳون ٿي وريام“ واري ڪيفيت جو پريشان
ڪندڙ نظارو پيش ڪندي هئي. هُن کي محنت ڪش طبقي سان
ڏاڍو چاهه ۽ رغبت هئي. جڏهن هو مئٽرڪ ۾ پهتو هو ته
سندس سوڪس (شهريت) جي استاد جا خشڪ ۽ وار
ڪانڊاريندڙ ليڪچر ڏاڍي پاٻوهه مان ٻڌندو هو، هنجو
استاد جڏهن مزدور ۽ ڏتڙيل ڪلاس جي ماڻهن جي زندگي
سڌارڻ جا جيڪي طريقا۽ اُپاءِ ڏسيندو هو، انهن،
هنجي ذهن جي بند ٿيل دروازن جا ڪٽ چڙهيل ڪڙا ڏڪائي
ڇڏيا هئا. هنجي ننڍپڻ کان ئي خواهش هئي ته مزدورن
طبقي ۾ ڪم ڪندو. هن اهو اِرادو ڪيو هو ته تعليم
سان گڏوگڏ نائيٽ شفٽ ۾ پنهنجي پيءُ سان گڏ اپرينٽس
جي حيثيت سان ڪم سکندو ۽ اڻ پڙهيل مزدورن کي
پنهنجي استاد واري جذبن مطابق منظم ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندو.
مئٽرڪ جي نتيجي نڪرڻ کان اڳي ئي سندس پيءُ مل ۾
مشين تي ڪم ڪندي حادثي جو شڪار ٿي ويو. هنجي خيالن
جي ”ڪاڪ محل“ پرزا پرزا ٿي پولار ۾ پکڙجي وئي هئي.
هنجي لاءِ اهوئي هڪ رستو وڃي بچيو هو ته هو به
پنهنجي پيءُ جيان مل ۾ مزدوري ڪري ۽ تعليم جاري
رکي.
پيءُ جي مرڻ کان پوءِ سندس چاچي مٿانئس زور ڀريو
ته هو جلد از جلد نيروءَ سان شادي ڪري، جيڪا سندس
ننڍي لاڪو نه فقط مڱ هئي پر هوءَ سندس چاهت ۾،
چريو، چڪور به هو. چاچهس کيس اهو به چيو هو ته
جيڪڏهن هو ترت شادي نٿو ڪري ته هو نيروءَ کي ٻي
هنڌ پرڻائي ڇڏيندو هن نيروءَ کي ڪنهن به صورت ۾
ڇڏڻ نٿي چاهيو ۽ ويهن ورهين جي عمر ۾ هن سان شادي
ڪئي. شاديءَ کي چئن ورهين جو عرصو گذري چڪو هو پر
هنن جو قرب ۽ چاهت اڄ به باک ڀني رابيل جيان نوخيز
۽ تازي هئي. هو هن جو ڪيڏو نه خيال رکندي هئي. ٿڪي
ٽٽي جڏهن ڪم تان واپس ورندو هو ته هوءَ سندس مُرڪي
ڏاڍي پاٻوهه مان آجيان ڪندي هئي، هن جا ڪارا گريس
لڳل ڪپڙا لهرائڻ ۾ سندس مدد ڪندي هئي ۽ ماني ڳڀو
ڪوسو ڪري پٽ تي ڳوڻي وڇائي جڏهن هو گڏجي ماني
کائيندا هئا، تڏهن هو ٻئي پنهنجو پاڻ کي هن ڪائنات
جو وڏي ۾ وڏو خوش قسمت ڀائيندا هئا. نيرو سچ پچ
هئي به ته اهڙي، هن جا گهنڊڙي ڪاڪل ۽ ڪنڊڙيون
اکيون جن ۾ سدائين هن لاءِ پيار ۽ محبت جو جذبو
صبح جي صاف ۽ شفاف ڪرڻن جيان جهرمر ڪندو رهندو هو.
رات جا ٻارهن وڄي چڪا هئا هن پنهنجو ڪم ختم ڪيو.
مل ۾ روزانه اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرڻ بعد هن کي مهيني جي
پگهار هڪ سؤ پنجهتر (175) رپيا ملي هئي. انهيءَ جي
احساس هنجي دل ۾ ڪيتريون شمعون روشن ڪري ڇڏيون
هيون... جن جي چمڪ سندس چهري مان پڌري ٿي رهي هئي.
ٻاهر سخت برسات پئجي رهي هئي... هن پنهنجي پراڻي
پتلون جا پائنچا مٿي کنجيا... ڇنل بوٽ جا ڪشا
ٽائيٽ ڪيا... مل مان ٻاهر نڪرڻ مهل هن ڏاڍي شان
سان هڪ نظر آسمان تي وڌي، ۽ پنهنجي منزل ڏانهن
پهچڻ جو رستو ورتو... هن جي جهوپڙي شهر کان ڪافي
پرڀرو هئي... هو جلد کان جلد پنهنجي منزل تي پهچڻ
لاءِ بيقرار هو... ڪاري ۽ ڀيانڪ رات ۾ پنهنجي دراز
قد ۽ مضبوط جسم ڪري، هو ڪنهن تاريخي داستان جو
بهادر شهزادو معلوم ٿي رهيو هو... خسته حال
شهزادو...! هن جا گهنڊيدار وار مينهن ۾ آلا ٿي
سندس چهري ته پئجي رهيا هئا... ۽ هو ڏاڍي بي
نيازيءَ سان بار بار انهن کي جهٽڪي، پري ڪندو
رهيو... برسات سان گڏ طوفان به شروع ٿي ويو...
کِنوڻ زور زور سان چمڪاٽ ڪرڻ لڳي... سڄو رستو
ويران ۽ سنسان هو... ڪچي زمين تي پاڻي پوڻ ڪري مٽي
جي هلڪي هلڪي خوشبو هن جي دماغ کي سرور پهچائي رهي
هئي... اهڙو سرور هن کي نيروءَ جي ڪارن ڪارن زلفن
کانسواءِ ڪٿي به نه مليو هو...! کِنوڻ جي چمڪاٽ هن
جي مدهوشي ختم ڪري ڇڏي... هن کي ڪجهه خوف ٿيو...
ڪٿي اها وِڄ سندس مٿان نه ڪري پوي... ليڪن کيسي ۾
پيل هڪ سؤ پنجهتر رپين جو احساس هن جي روح کي
گرمائي رهيو هو... هن جا ٿڌا هٿ وري گرم ٿي ويا...
هڪ خوشيءَ جي لهر هن جي جسم ۾ ڊوڙي وئي... هڪ سؤ
پنجهتر رپين جي خيال سان گڏ هن جي اڳيان نيروءَ جو
سانورو، مگر پرڪشش جهرو ڦري آيو... ننڍڙن ننڍڙن ٻن
ٻارن جون معصوم شڪليون ذهن ۾ اڀري آيون... هن
ارادو ڪيو ته هن ڀيري نيروءَ کي هن ضرور نيريون
چوڙيون وٺي ڏيندو... ڪيترن ڏينهن کان هن کي مجبور
ڪري رهي هئي ته شيشي جون نيريون چوڙيون وٺي ڏي...
ليڪن فالتو پئسو نه هئڻ سبب هو سندس خواهش پوري نه
ڪري سگهيو هو... سندس نازڪ ڪرائي ۾ نيريون ڇوڙيون
ڪهڙيو نه سهڻيون لڳنديون ۽ برسات جي شپ شپ هن کي
چوڙيون جي ڇم ڇم ۾ تبديل ٿيندي محسوس ٿي... هن کي
ائين لڳو جيئن نيرو پنهنجون ٻئي ٻانهون هن جي گلي
۾ وجهي پيار سان پڇي رهي هجي...
”ڪيئن ٿي لڳان جان!...“
”بيحد حسين... دلڪش... بهارن جي راڻي...!“ هن جون
بيتاب ٻانهون ازخود وڌي ويون... هن بي اختيار چئي
ڏنو...جيئن خواب ڏسي رهيو هجي... هڪدم هن کي
پنهنجي مدهوشيءَ جو خيال آيو... ۽ هن جا چپ مُرڪڻ
کانسواءِ نه رهي سگهيا... نيروءَ ۽ گهر جي تصور ۾
هن جي رفتار ڍري ٿي وئي هئي... هن وري پنهنجي
رفتار تيز ڪئي... منزل اڃان پري هئي... هن جي جسم
تي پيل ڦاٽل قميص مل مان نڪرڻ وقت ئي آلي ٿي
پئي... سخت سردي هئي... ليڪن تصورات جي دنيا ۾ گم
ٿيڻ سان هن کي انهيءَ جو احساس گهٽ ٿيڻ لڳو... ۽
چپن تي پيل مينهن جي ڦڙن تي هو بار بار پنهنجي خشڪ
زبان ڦيرائي هڪ عجيب لطف کان سرشار ٿيندو رهيو...
هو وري سوچڻ لڳو... نيرو ڪيترن ڏينهن کان هن کي
فلم ڏسڻ لاءِ چئي رهي هئي... ليڪن هي هميشہ
نٽائيندو رهيو... هنجي دل چوندي هئي ته نيرو کي
وٺي وڃي... ليڪن گهر ۾ ٻن ٻارن کي ڪير سنڀالي ها،
۽ گڏ وٺي وڃڻ سان انهن جي روئڻ جو انديشو هو، ۽
پوءِ ماڻهو خبر ناهي ڇا ڇا چون ها... ليڪن سڀاڻي
ٻارن کي به وٺي ويندس... انهن کي کٽمٺا ۽ ٽافيون
جام وٺي ڏيندس، پوءِ هو نه روئندا... هن دل ئي دل
۾ ارادو ڪيو...
اچتو هڪ زوردار ۽ دل ڏاريندڙ ٺڪاءُ جو آواز بلند
ٿيو... ائين محسوس ٿيو، جيئن پوري جهنگ کي باهه
لڳي وئي هجي...! هن جي مضبوط دل دهلجي وئي... هن
کي پنهنجو ساهه مشڪل سان کڄندو محسوس ٿيو... ليڪن
هن هڪدم پاڻ تي قابو پاتو...“ توبهه... ڪهڙي نه
خوفناڪ کنوڻ هئي...!“ هن چيو.
ڪارخاني وارو ڪچو رستو ختم ٿي چڪو هو. هن پڪي رستي
تي پير رکيا... پاڻيءَ ۾ پوڻ ڪري بوٽ جو ڇڄل ترو
ويتر ڇڄي پيو... هن اهو بوٽ اتي ئي ڦٽو ڪرڻ ٿي
گهريو ليڪن انهيءَ خيال کان ته شايد مرمت ٿيڻ سان
ڪجهه وقت نڪري وڃي، پاڻ سان گڏ هٿ ۾ کنيو... پڪي
رستي جي ٻنهي پاسي وڏيون بلڊنگون هيون... اُنهن کي
ڏسي هن کي پاڻ جهڙن غريبن جون جهوپڙيون ياد اچي
ويون... صاف ڪشادا رستا ڏسي هن کي شڪسته حال
گهٽيون ياد اچي ويون، جتي انسان جيتن ۽ ماڪوڙن
وانگر ليڙن ۾ ويڙهيل زنده لاش آهن... ائين معلوم
ٿيندو هو، ڄڻڪ حالات ۽ مجبورين انهن کان بدحاليءَ
جو احساس به کسي ورتو هجي... هن جي جهوپڙي اگرچه
انهن کان پري هئي، جت آبادي گهٽ هوندي آهي، ليڪن
تنهن هوندي به غريبي ۽ مفلسي واريون حالتون ته
ساڳيون هيون هن پاڻ جهڙن غريبن کي بيماري ۽
گندگيءَ کان بچائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي. مل جي يونين
سيڪريٽري هئڻ جي حيثيت سان، هو ليبر ويلفيئر آفيس
۾ ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ ويٺل شهر ۽ مزدورن جي حفاظت
جي ٺيڪيدارن کي درخواستون لکي موڪليندو رهيو...
اتي جي حالتن کان آگاهه ڪندو رهيو... ليڪن انهن کي
ڀلا ايتري واندڪائي ڪٿان آئي...! انهن ويچارن جو
ته سڄو وقت انهي غور ۽ فڪر ۾ گذري ويندو هو ته
واٽر ٽئڪس، بجلي ٽئڪس، روٽ ٽئڪس ۽ ڪهڙين ٽئڪسن ۾
ٻيو ڪيترو اضافو ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان
ميونسپالٽيءَ جي اوچي عمارت اڃان به بلند ٿي سگهي-
۽ مل جي چمنين ۾ اڃان به اضافو ٿئي. ڪاش هو انهن
کان پڇي سگهي ته... ته... هو اڳتي ڪجهه سوڇي نه
سگهيو... ڇو جو هن کي ڪجهه پڇڻ جو اختيار نه هو.
هو غريب هو. غريبن جي زبان تي تالا چڙهيل هوندا
آهن... جن جي ڪنجي سرمايه دارن جي هٿن ۾ هوندي
آهي... هن ٿڌو ساهه ڀري انهيءَ ڳالهه کي فراموش
ڪرڻ چاهيو.
هو فٽ پاٿ تان هلي رهيو هو... مٿان بلڊنگ مان ٽهڪن
جو آواز اچي رهيو هو... هن مٿي نهاريو... دريون
کيل هيون... بجلي جي تيز روشني فٽ پات تي پري
تائين پکڙيل هئي... نيري رنگ جا ريشمي پردا هوا جي
زور تي درين تي لرزي رهيا هئا- هو هڪ لمحو اُتي
شيڊ هيٺان بيهي رهيو... نيرن پردن کي ڏسي هن کي
نيرو ياد اچي وئي... ”ڪاش...!“ دل جي حسرت ”ڪاش“
بنجي هن جي زبان تي آئي... ۽ هو وري سوچڻ کانسواءِ
رهي نه سگهيو...!
”هن وقت اهڙي رات ۾ هلڻ بجاءِ پنهنجي بلڊنگ ۾ آرام
ڪيان ها... نيرو شان سان ڪنهن نيري چادر واري پنلگ
تي سمهيل هجي ها... ۽ ...۽...“ تصور ئي تصور ۾ هو
ڪنهن ٻي دنيا جي رنگينين ۾ گم ٿي ويو ٽهڪن جو آواز
بلند ٿيو... ۽ اُهي زور زور سان ڏنل ٽهڪ مدهوش
انسان جا لڳي رهيا هئا... جن مان شراب جي مستي
ظاهر ٿي رهي هئي... هو هوش ۾ آيو... ۽ حقارت جي
نظر بلڊنگ تي وجهي اڳتي روانو ٿيو...
”هون... آءٌ به ڪهڙو نه بيوقوف آهيان؟“ هن پنهنجو
پاڻ کي مخاطب ٿيندي چيو-
”منهنجي نيرو ڪنهن پاڪيزه ۽ انهي کان به عاليشان
عمارت ۾ رهندي... جهڙي طرح نيرو آسمان هر شيءِ کان
مٿاهون آهي، اهڙي طرح منهنجي نيرو جي بلڊنگ دنيا
جي سڀني بلڊنگن کان بلند هوندي... ۽ انهيءَ بلڊنگ
جو نالو به اهڙو رکندس جو نيروءَ جي نالي سان ٺهي
اچي... ها...
“Blue moon villa”...
چنڊ جهڙي نيرو جي بلڊنگ لاءِ اهوئي نالو مناسب ٿي
سگهي ٿو...! “
تصور ۾ هن اڳيان هڪ اوچي نيري رنگ جي بلڊنگ ڦرڻ
لڳي،
“Blue moon Villa”جا
نيرا اکر انهيءَ تي تارن وانگر چمڪي رهيا هئا...
درين ۽ دروازن جا نيرا نيرا پردا هن اڳيان لهرائڻ
لڳ.... ٿڪجي وڃڻ ڪري هن جي دل ۾ اها خواهش اُڀري
آئي ته جيڪر هو انهن نيرن نيرن پردن ۾ ويڙهجي سمهي
پئي. پر... پر کيس فوراً پنهنجي ڀڳل ٽٽل جهوپڙيءَ
جو خيال آيو، جنهن ۾ هڪ پراڻي کٽ، هڪ پيتي ۽ ٻن
چئن جستي ٿانوَن کانسواءِ ڪجهه به نه هو، هن جون
اکيون ڀرجي آيون... هنجي مينهن ڀڳل چهري تي لڙڪ
ڪري پيا.... اوچتو هن کي خيال آيو... گهر ۾ ته ڏيو
به ڪونه ٻرندو هوندو... نيرو تيل آڻڻ لاءِ چيو هئم
پر ڪم تي وڃڻ جي تڪڙ ۾ ڳالهه وسري وئي... اوندهه ۾
ٻار ۽ نيرو گهٻرائجي رهيا هوندا.... نيرو ته شروع
کان وٺي ڊڄڻي هئي.... شاديءَ کان اڳ جڏهن آءٌ ۽
نيرو باغ ۾ ويا هئاسين ته اوچتو برسات پوڻ تي هوءَ
ڪيترو نه پريشان ٿي وئي هئي.... ۽ کنوڻ جي آواز تي
هو بي اختيار گهٻرائجي مونکي چنبڙي پئي ۽ فوراً ئي
شرم جي احساس کان الڳ ٿي وئي... مون کي سندس اها
ادا ڏاڍي پسند آئي-!!
هن جي رفتار ٿي وئي... خبر ناهي ڇو هن جا قدم تکو
تکو گهر پهچڻ جي بجاءِ سست ٿي ويا... حسين تصور کي
ختم ڪري هُن وري هوش جاءِ ڪيو.... ۽ ڳريون ڳريون
وِکون کڻڻ لڳو.
”توبهه آهي... مان به ڪهڙو نه بيوقوف آهيان... ڀلا
اڄوڪو ڏينهن ئي رهجي ويو آهي ڇا تصور ڪرڻ
لاءِ؟.... هوءَ منهنجو انتظار ڪري رهي هوندي، مون
کي جلد گهر پهچڻ گهرجي...“
هن جي رفتار وري تيز ٿي وئي... منزل قريب ٿيندي ٿي
وئي.... هو هلي رهيو هو... هن سان گڏ ڪڪر به هلي
رهيا هئا... مينهن جي رفتار پهرين کان گهٽ هئي،
چنڊ ڪڪرن جي گرفت کان آزاد ٿي ائين ڊوڙي رهيو هو
جيئن هڪ نازڪ هرڻي شڪاريءَ کان گهٻرائجي ڊوڙندي
هجي....
هن کي وري خيال آيو ته نيرو ۽ ٻار تنهائيءَ ۾
گهٻرائجي رهيا هوندا.... نيرو چلهه تي منهنجي ماني
گرم ڪري رکي هوندي... ڪيترو نه خيال رکندي آهي
منهنجو... جيستائين آءٌ گهر نه پهچان، هو جاڳندي
رهندي آهي... منهنجي انتظار ۾ ماني به نه کائيندي
آهي... ڪيترو نه پيار ٿي ڪري...! هن وري چنڊ ڏانهن
نهاريو، هو ڀڄي رهيو هو... ڪڪر هن کي پنهنجي گرفت
۾ آڻڻ لاءِ بيتاب هئا...
آهه! ويچارو چنڊ!!“... هن کي چنڊ جي حالت تي رحم
اچي ويو...
هن جي منزل چند قدمن جي فاصلي تي هئي... آسمان تي
وڌيڪ ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا... وِڄون به چمڪي رهيو
هيون... چنڊ ڪڪرن جي گرفت ۾ اچي چڪو هو... هڪ دفعو
وري هر شي تي انڌيرو غالب اچي ويو. هن جا قدم رڪجي
ويا... هن جي منزل اچي وئي!... وڃ چمڪي... هن
انهيءَ جي روشني ۾ ڏٺو... سندس جهوپڙي ڍير ۽ رک جي
صورت ۾ هن اڳيان پئي هئي...!! ڪجهه دير پهرين واري
زبردست وڄ هن جي آشياني
کي هميشہ لاءِ جلائي ڇڏيو...!!! |