سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چانديءَ جون تارون پرهه کان پهرين

باب:

صفحو :11

زينت جي ڪوڙي ڪُهاءَ جي ڪنهن کي به ڪل ڪانه هئي. پر دائي کتو، جنهن در در تي جتي گسائي هئي، سڄي مام کي پروڙي ورتو، پر هوءَ ماٺ هئي. زينت جنهن اڳ کيس ٽيڏيءَ اک سان به ڏسڻ نٿي چاهيو ان جي ”ماسي ماسي“ واري ورد، کتوءَ کي خاموش ڪري ڇڏيو هو. زينت ان ماٺ جي قيمت به ته ادا ڪري رهي هئي... کتو، جنهن کي هو لالچڻ سمجهي در تي به نه سهندي هئي، اها اڄ سارو ڏينهن سندس ٻانهيءَ سان لڳي ويٺي هوندي هئي ۽ زينت به ڪڏهن کليو کلايو ته ڪڏهن لڪ ڇپ ۾ کيس. مالش جي تيلن ۽ سُتين ڦڪين آڻڻ جي بهاني سان ڳريون ڳريون رقمون ڏيندي رهندي هئي. وقت جي تقاضا ۾ مصلحت جي ڪري ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي چپ هيون. زينت جو علاج ٿي رهيو هو ۽ هو هوريان هوريان مڪمل طرح سان صحتياب ٿي رهي هئي. الهه ڏنو ۽ ماڻس به ڏاڍا خوش هئا.... هو ٻئي ڄڻان زينت سوڌو، کتو دائيءَ جي علاج مان مطمئن ٿي ڏٺا-

اڃان سوا مهينو کن به ڪونه گذريو ته وري زينت تي الٽين ۽ اوڪارن جو دورو پيو. اڄ ٻيو مهينو شروع ٿي چڪو هو جو کيس ”گنديون“ نه آيون هيون. هوءَ، جا هن کان اڳ، جنهن اداڪاريءَ سان پنهنجي مهيني واري تڪليف کي لڪائيندي ٿي آئي اڄ خود به ڏاڍي خوش هئي. کيس سورهن آنا پڪ هئي ته هوءَ اُميد سان آهي، پر سندس ڪن انهيءَ خوشخبري جو اعلان کتو دائيءَ جي واتان ٻڌڻ جا منتظر هئا.

هوءَ جڏهن فخر سان گنبذ جهڙو پيٽ ڪڍي کتو دائيءَ اڳيان  سنئين ٿي ليٽي تڏهن هوشيار ۽ زيرڪ دائي چپن ئي چپن ۾ مرڪندي رهي، پيٽ کي هٿ لائڻ سان ئي ”اندر جي احوال“ جي پوري پروڙ پئجي ويس. سمجهي وئي ته رن ڪراڙ ٿي پئي آهي، وهي چڙهي وئي اٿس، کيس ڪنهن معجزي يا يا ڪرامت سان ئي ٻار ٿي سگهي ٿو... باقي ڪنهن ڪاڙهي سُتي ڦڪي ۽ ڊوهَه مالش جي ڪا جاءِ ئي نه هئي. پر هوءَ خاموش هئي، سندس روزگار اوج تي هو... ڀلا هن دور ۾ هيڊ ۽ ڦٽڪي لڳڻ کان سواءِ ئي ڪير ته چوکو رنگ چاهيندو. پئسي جي لالچ ۽ پيٽ جي باهه، تنهن هڪدم اعلان ڪيو ته: ”امڙ کارڪ جيڏو ٻار بيٺو آهي...! ڪمزور ٿو ڀائنجي ڌڻي پيو خير ڪري...“

ڀلا ڪو ڦوٽو ٻوٽو (ايڪسري) ڪڍرائجيس ماسي؟“ الهه ڏني دانائيءَ جا ٻول ٻوليا.

”نه ابا، اهي ڪوڙيون ڳالهيون، ڪوڙا ڪم، ماريا قدرت جي ڳجهه ۾ ٿا هٿ وجهن! متان اِهو ڪفر جو ڪم ڪيو اٿئي!“ دائي کتوءَ ائين ڳالهايو ڄڻ ڪنهن نڙيءَ تي نَنهن رکيو هجيس.

”ابا ماسهين سچ ٿي چوي! اِها مئي هنگريز (انگريز) جو سانس (سائنس) آهي، ڪوڙي سانس... آهي، ڪوڙي سانس... تون چپ ڪيو ويٺو هُج... مان اڄ ئي بي بي سڳوريءَ وٽ وڃان ٿي تعويذ لاءِ، مولا سڻائي ڪندو“ ماڻس هٿ آسمان ڏي کڻندي چيو. وري اهو ڇليءَ سوڌو الهڏنو هو ۽ بازار، زينت ڪڏهن هنداڻو ٿي گهريو ته ڪڏهن گدري جي ڦار ته پل رکي ڦاروَن جي طلب ٿي ڪئي. مطلب ته سندس ”ناز و ادا“ جو هڪ اڻ کٽ سلسلو هو جنهن الهه ڏني، ماڻس ۽ سندس ڪوٽار کي ڊڪائي ڊڪائي اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو... پر هو سڀئي ڏاڍي قرب ۽ چاهت سان اها ڀڄ ڊڪ ڪري رهيا هئا.

زينت اڳ ڏاڍي هلڪي هئي ويتر جو کتوءَ ۽ سڻس تعويذن جا وار ڪرڻ شروع ڪري ڏنا هئس ته ويچاري چيله ئي نٿي چوري سگهي. گهٽ ۾ گهٽ ٻه اڍائي سير تعويذن جا سندس چيلهه، ڏورن ۽ ڳچيءَ ۾ ٻڌل رهندا هئا- ڪو تعويذ ٻار کي پيٽ ۾ زنده رکڻ لاءِ هوندو ته ڪو صحيح سلامت دنيا ۾ اچڻ لاءِ، ڪي سندس صحت لاءِ هوندا هئا ته وري ڪي تعويذ جن ڀوت ۽ پري وغيره جي پاڇي کان بچاءَ لاءِ هوندا هئا. ٻير جا ڇوڏا جي چور تپ، چيلهه جي سور ۽ نظربد کان بچائڻ لاءِ هئا سي سندس ڳچيءَ ۾ لڙڪندا رهندا هئا. نه کتوءَ دائي ڪا بيبي ۽ پير ڇڏيو هو نه سسڻس ۽ مڙسهنس. مطلب ته زينت نه هئي ڪو لاڏون اُٺ.

خير سان زينت جي اميدواريءَ کي ٻارهون مهينو هو مگر اڃان تائين ڪو کڙتيل نه نڪتو هو، اوڙي پاڙي جي زالن ۾ اڪثر سُس پس ٿيندي هئي. ڪن اهو شڪ ڏيکاريو ته ممڪن آهي گهوڙيءَ جي اوبر کاڌي هجيس ۽ ڪن وري اهو شڪ ڏيکاريو ته ٻار سُڪي ويو اٿس. الهه ڏنو پريشان هو. ڪراڙي، پوٽيءَ يا پوٽي جي ڄمڻ کان اڳ ۾ ئي دم جي مرض سانگي گوت ٿي چڪي هئي. ڏاڍي ڪا بي صبري هئي.

”ابا! دائپي جي ڪم ۾ وار اَڇا ڪيا اٿم، روئن تنهنجا دشمن! تون ڇو پاڻ کي ڳارين! اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي. جوڻهين جو ٻار سڪي ويو آهي، بس اهڙي ٿي دوا ڏيانس جو ويٺو تماشو ڏس. آهي ته سڀ مولا جي هٿ وس ستين سال به ٻار ساوا ٿيو وڃن... منهنجو نالو به کتو دائي آهي. ٻار سائو نه ٿئي ته... کتوءَ، الهه ڏني کي پريشان ۽ روئندو ڏسي دلداري ڏني.

زينت کي به جيتوڻيڪ پڪ ٿي چڪي هئي ته کيس ڪوبه ٻار ٻار ڪونهي پر کتو دائي اڄ کانئس گوءِ کڻي ويئي هئي.

”ستين سال به ٻار سائو ٿيندو آهي... رکي رکي اهي اکر سندس ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳا- هن جي دل کي ڪجهه آٿت مليو- هن کي پنهنجو مستقبل روشني ۽ تاريڪيءَ جي چوواٽي تي ڦيريون پائيندو نظر اچي رهيو هو. هن زور سان پنج سيري سِسئيءَ کي جهٽڪو ڏيئي تڪليف ڏيندڙ خيالن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنڌ کي وهاڻي تي لاڙي ڇڏيو.

اڄ هڪ دفعو وري زينت جي گهر ۾ چپ چپاٽ ۽ سانت لڳي پئي هئي، رڳو رکي رکي سندس ڪوٺيءَ مان سنهڙا سنهڙا سُر ڦٽي رهيا هئا. هو پلنگ تي اڍائي مڻي ڳوڻ کان به وزن ۾ ڪجهه سَرسُ، ائين ليٽي پئي هئي، جيئن ڪانٽي تي ڪا وزني شيءِ تورڻ لاءِ رکي هجي سندس رڻ ڪڇ جيان ڏڪاريل جسم جهڙو مڙس جنهن جي مجموعي تور ٽيهن سيرن کان به گهڻو گهٽ ٿي چڪي هئي. سو حڪم جي غلام وانگر، ڪاغذ تي پنهنجي زال جون فرمائشون لکي رهيو هو.

سوڍا واٽر

 هنڌي ادب ترقي ڇو نٿو ڪري؟ ڇو نٿو ڪري!“ ساڳيو سوال ڪيئي دفعا نظرن کان گذريو آهي مگر ڪنهن ان تي ٿڌي دل سان غور ڪرڻجي ڪوشش به ڪئي آهي؟ مان چوان ٿو آخر ادب ترقي ڪيئن ڪندو؟ جڏهن اسين پڙهيل ڪڙهيل نوجوان ان لاءِ ڪجهه به نٿا ڪريون. هي ڏسو اڄ به ساڳيو ئي بحث شايع ٿيو آهي ته سنڌي ادب ترقي ئي نٿو ڪري.“ ڪمري ۾ گهڙندي ئي سعيد، اخبار دوستن ڏانهن وڌائيندي پرجوش لهجي ۾ چيو.

”مگر ڇا ٿيو، توکي ان جو خفقان ڇو لڳو آهي. اهڙا بحث ته هميشہ کان ئي شايع ٿيندا رهندا آهن، هڪ طرح سان ائين سمجهڻ گهرجي ته پني ڀرڻ لاءِ لکيا ويندا آهن. ماڻهن تي رعب جو رعب پوي ٿو ۽ رسالي جا صفحا به خير سان پورا ٿيو وڃن. ظفري نهايت اعتماد سان چيو. ”افسوس آهي يار جو تون خود اديب ٿي ڪري اهڙي ذهنيت ٿو رکِين؟“ ان ۾ ذهنيت جو ڪهڙو سوال آهي، مون کان ته جيڪا خدمت پڄندي آهي اُها ڪندو آهيان، پوءِ به جيڪڏهن منهنجي ڏهن افسانن مان هڪڙو لاچار رکي ٻيا واپس ڪندا ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟“ واقعي؟! يار، پوءِ ته اها تنهنجي بي عزتي چئبي.“ بشير جو ايتري دير تائين ماٺ هو. ان ڳالهه تي شوخيءَ سان اظهار ڪيو.“ مگر ڪوبه عزت وارو، ائين ڪنهن جي بيعزتي نه ڪندو آهي. آخر مونکي ڪهڙي ضرورت پئي هئي ايترن افسانن لکڻ جي؟ مان ته سنڌي ادب جي خدمت جي خيال کان ايترا افسانا لکيا ۽ پوءِ به اها شڪايت ته سنڌي ادب ترقي نٿو ڪري، آخر ڪيئن ڪندو جڏهن ڪا سٺي تخليق شايع نه ڪبي؟“ معاف ڪجانءِ، ان ۾ بي عزتي جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ناقابل اشاعت هئڻ جي حيثيت ۾ افسانا واپس ڪيا ئي ويندا آهن. اهڙا افسانن کي شايع ڪرڻ سان ترقي ته خير جيڪا ٿيندي سان ڏسبي، باقي جيڪا رهي سهي اميد هوندي سا به هلي ويندي.“ ”پر تون اهو ڪيئن ٿو سمجهين ته منهنجا افسانا ناقابل اشاعت هوندا؟ زماني جي حالتن سارو جيڪي افسانا لکيا وڃن، اهي ناڪامياب ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟“  منهنجو خيال آهي ته مون کي وڃڻ گهرجي، پوسٽ آفيس ۾ ڪم اٿم. اڄ جمع جو ڏينهن آهي سويري ئي بند ٿي ويندي.“ بشير، جو ٻنهيءَ جي بحث کان بور ٿي رهيو هو، واچ تي نظر وجهندي بهانو ڪيو. ”هونءَ به ادبي ڳالهين سان توکي دلچسپي ناهي.“ سعيد مشڪي چيو. ”نه، اها ڳالهه ناهي، ڪم ٿي پيو آهي نه ته آءُ به توهانجي بحث ۾ شرڪت ڪريان ها، چڱو ڀلا، خدا حافظ.“ هن اٿندي وري بهانو ڪيو. ”خدا حافظ.“ سعيد ۽ ظفري گڏجي چيو. هن جي وڃڻ بعد سعيد وري پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”ها ظفري، افسانن جي ڳالهه ڪري رهيو هئين نه؟ ته آءٌ ڪيئن ٿو چوان ته اهي ناقابل اشاعت آهن. اسان جون اهي ئي ته ڪمزوريون آهن جو پنهنجي ڳالهه کي هيٺ يا گهٽ سمجهڻ نٿا چاهيو تڏهن ته ادب ترقي نٿو ڪري. ”پر آخر ڪيئن ڪري ترقي؟“ ظفري بيزار لهجي ۾ چيو.“ هروڀرو ائين ته ناهي جو هڪ اڌ افسانو يا شعر ۽ مضمون وغيره لکي اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي يا ان تي اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي يان ان تي احسان ڪيو آهي. پاڻ تي رڳو ’اديب’ يا ’شاعر‘ جو ليبل لڳائڻ سان خدمت نٿي ٿي سگهي. پر ٻيون به گهڻيئي ڳالهيون آهن.“ مثال طور...؟“ ظفري ٻئي هٿ اطمينان مان ڳلن تي رکندي طنز مان وراڻيو. ”ڇڏ مذاق، آءُ هن وقت سنجيده آهيان... پهرين ته هي ڳالهه آهي؛ سنڌي رسالا تمام ٿورا نڪرن ٿا، جن مان معياري صرف هڪ اڌ آهن.“ هن احساس ڏياريندڙ انداز سان چيو ”ها اهو ته برابري آهي.“ ظفري چهري تي سنجيدگيءَ جا آثار پيدا ڪندي چيو. ”۽ پوءِ ڏس، صرف هڪ اڌ رسالن جا ايڊيٽر جڏهن ايتري ساري سنڌي عوام کي ادب جي ترقي لاءِ ايترو سمجهائين ۽ احساس ڏيارين، ان کان پوءِ به هو بي پرواهه رهن ته انهيءَ ۾ ايڊيٽرن جو ڪهڙو ڏوهه؟ جيڪڏهن عوام يا لکندڙ طبقو انهن سان تعاون ڪري، ۽ سنڌي نوجوان پاڻ ۾ گڏجي ننڍيون ادبي مجلسون قائم ڪن ۽ پوءِ آهستي آهستي وڌائيندا وڃن، معياري رسالا گهڻي انداز ۾ شايع ڪيا وڃن ۽ انهن رسالن ۾، مٿي ذڪر ڪيل ادبي مجلس ۾ پڙهيل تخليقن مان چونڊ، نثر ۽ نظم ڏنو وڃي ۽ نوان لکندڙ پيدا ڪيا وڃن ۽ ادب ۾ پيدا ٿيل نون نون لاڙون کي جاءِ ڏني وڃي ۽ انهن جون ڀرپور طريقي سان پرچار ڪيو وڃي، منهنجو خيال آهي ته اهڙي ريت ٿوري عرصي اندر ادب اها ترقي ڪري سگهي ٿو؛ جيڪا سالن ۾ نه ڪري سگهيو آهي.“ آخر ڪيئن ڪجي، جڏهن ايڊيٽر مضمون ئي نٿا ڇاپين. سندن اها روش ڏسي ڪنهن به نئين ليکڪ يا ليکڪه جو تخليقي ڪم ڏانهن لاڙو ئي نه ٿو ٿئي.“ ”نه يار، ها تنهنجي ڳالهه غلط آهي، هڪ ته سنڌي رسالا گهٽ، ٻيو جيڪڏهن ان ۾ ”ٻيڙي ٻوڙ“ قسم جا افسانا وغيره اچڻ لڳن ته پڙهندو ڪير ۽ ماڻهو ايڊيٽرن کي ئي گهٽ وڌ ڳالهائيندا ته جڏهن انهن کي سٺي مواد جي جاچڻ جي تميز ئي ناهي ته رسالو ڇو ڪڍيو اٿن ۽ ادب جي ترقي جي شڪايت ڇا لاءِ ٿا ڪن ۽ سنڌ جي ايتري ساري تعليم يافته نوجوانن جي هوندي رڳو ٻه ٽي ايڊيٽر  ڪيستائين ترقي ترقي لاءِ فرياد ڪن. اسان ۾ ان جو احساس هئڻ گهرجي.“ ”ڏس يار سعيد، اها سٺي ڳالهه ناهي، تون به منهنجن افسانن جي بي عزتي ٿو ڪرين يعني ٻيڙي ٻوڙ ٿو چوين.“ ”نه ظفري، ان ۾ ڪاوڙ جي ڳالهه ناهي. ڪجهه خاميون ضرور هونديون، جن لاءِ افسانا واپس ڪيا ويندا آهن ۽ ساڳيو تون ان تي ڪاوڙ ڪرڻ بجاءِ فراخدليءَ سان غور ڪرين ته جيڪر توکي تنهنجون غلطيون صاف معلوم ٿيڻ لڳن ۽ پوءِ تون ان جي روشني ۾ وڌيڪ سٺي طرح سان لکي سگهين ٿو. ان لاءِ ته پاڻ توکي انهن جو شڪر گذار هئڻ گهرجي جو هو تو ۾ وڌيڪ محنت ۽ ڪوشش جو جذبو پيدا ڪري رهيا آهن.“ خير يار، تنهنجي ڳالهه مڃيون ٿا، هاڻي مس وڃي پير تي بيٺو آهين، سچي ڳالهه ته اها آهي جو اسان سنڌي نوجوانن جو ذهن ته صلاحيتن سان مالا مال آهي مگر اسان ۾ سستي گهڻي آهي ۽ عمل جو مادو پڻ گهٽ آهي جيڪڏهن اهو هجي ته الائي ڇا ڪري ڇڏيون؛ سچ پچ الائي ڇا ڪري ڇڏيون! ”مگر تو ۾ ته معلوم ٿي رهيو آهي ۽ تون اسان ۾ به ته پيدا ڪري رهيو آهين.“ خدا تنهنجي زبان مبارڪ ڪري آءُ هڪ ڄڻو ڇا ٿو ڪري سگهان، جيستائين توهان منهنجو ساٿ نه ڏيو. ”مان ته تيار آهيان.“

”پوءِ ٺيڪ آهي، پنهنجا دوست وغيره به گهڻيئي آهن، ضرور ساٿ ڏيندا، منهنجو خيال آهي، هڪ اهڙي مجلس جو پايو وجهجي. جنهن ۾ اديب پنهنجا مضمون وغيره پڙهن ۽ پوءِ انهن تي تنقيد ڪئي وڃي ۽ هر پندرهين ڏينهن اهڙي مجلس ڪوٺائي وڃي.“ ”پر يار اهڙيون مجلسون ته گهڻيئي ٻڌجن ۽ ڏسجن پيون، جن مان ڪو کڙتيل اڃا تائين ته نه نڪتو آهي، پنهنجي مجلس جو حال اهڙو نه هئڻ گهرجي؛ جيئن ڪي جوان جوش ۾ اچي جهٽ پٽ هڪ رسالو ڪڍي، ماڻهن کان چندا وغيره وٺي ائين غائب ٿي ويندا آهن، ڄڻ انهن جو اڳ ڪو وجود ئي نه هو.“ ”خدا نه ڪري جو پنهنجي مجلس جو اهڙو حال ٿئي، پنهنجي مجلس انهن کان مختلف هوندي پاڻ هڪ مثال قائم ڪنداسين.“ ”اهو ڪيئن؟“ ”اهو هيئن ته هر پندرهين ڏينهن مضمونن، مقالن ۽ شعرن وغيره تي جيڪي تنقيدون ٿينديون، انهن کي ننڍڙي ڪتابڙي جي شڪل ۾ تيار ڪرائي عوام ۾ تقسيم ڪرائبو، جيڪي پري هئڻ سبب اسان جي مجلس ۾ شريڪ نه ٿي سگهندا، اهي پڻ واقف ٿيندا، اهڙي طرح هرڪو اسان جي ان عملي جذبي کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو.“ ”واه سعيد، واقعي نئين ۽ ڪمال جي رِٿ آهي. ايترو وقت خاموش ڇو هئين، اهڙن نيڪ ڪمن ۾ دير ڇا جي؟“ ”بس ظفري، آئي ڏينهن اخبارن ۾ اهي خبرون پڙهي ته سنڌي ادب ترقي ڇو نٿو ڪري، ڏاڍو شرم اچي ٿو ۽ نوجوانن جي حال تي افسوس ٿئي ٿو. ڀلا اسين نوجوان ئي سنڌي ادب کي روز نه وٺائينداسين ته ٻيو ڪو ٿورو ئي اچي سنڌي ادب کي زور وٺائيندو؟ غافل قومون ڪڏهن به ترقي نه ڪنديون آهن ۽ نه ئي ڪڏهن ڪو اهڙي سست قوم جو ساٿ ڏيڻ پسند ڪندو آهي.“ شاباس سعيد، تنهنجن انهن ڳالهين منهنجي دل ۾ سنڌي ادب لاءِ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. انشاءَالله جيسين دم آهي تسين نه صرف آءٌ بلڪ پنهنجن دوستن سميت ان تي هر ممڪن عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.“ ”آمين! چڱو يار هاڻي گهڻو  بحث ٿي چڪو... باقي پروگرام سڀاڻي ٺاهينداسين.“ ”منهنجو خيال آهي سڀاڻي به تون انهي ٽائيم تي ئي مون وٽ هليو اچجانءِ.“ ”ٺيڪ آهي، چڱو خدا حافظ“ ”خدا حافظ“

 ”اچ سعيد اچ! مونکي تنهنجو ئي انتظار هو.“ ظفري سگريٽ ”ايش ٽري“ ۾ ڦٽي ڪندي چيو. ”پروگرام لاءِ تيار آهين نه؟“ ”پروگرام ته انهيءَ ڏينهن ٺاهي چڪا هئاسين باقي اعلان بابت مضمون ضرور ٺاهڻو آهي.“ ”انهيءَ لاءِ ئي ته چئي رهيو آهيان.“ ”پوءِ دير ڇا جي؟“ ”پهرين ته تو ڪالهه ڪنهن ڪنهن کي في الحال ان مجلس جو ميمبر بنائڻ لاءِ چيو آهي؟“ ”پنهنجن دوستن جي ڪا ڪمي ٿوري آهي، هر معاملي ۾ پنهنجو ساٿ ڏيندا، باقي مجلس جي ڪارڪنن ۾ في الحال ٻه نالا يعني تنهنجو ۽ منهنجو نالو ڏيڻ ئي ڪافي آهي.“ ”اها به درست ڳالهه آهي. پر اڄ ئي ان مجلس بابت اخبار ۾ اعلان ڪرائڻ گهرجي.“ ”ضرور. مگر ٺاهوڪو.“ ظفري معنيٰ خيز نظرن سان چيو. ”ها، جيئن ٻين ۾ به همت ۽ جوش پيدا ٿئي- چڱو آءٌ ٻڌايان ٿو ۽ تون لک... گهڻي وقت کان سنڌي ادب جي ترقي لاءِ مضمون شايع ٿي رهيا آهن، پر اڄ ڏينهن تائين ان ڏس ۾ همت جوڳو قدم نه کنيو ويو آهي. ان ڪمي کي شدت سان محسوس ڪدي اسين ”ادبي مجلس“ قائم ڪري رهيا آهيون، اميد ته عوام اسان سان پورو پورو...“ اوهون“ ظفري ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي نفي ۾ ڪنڌ لوڏيو. ”ائين ٿوروئي؟ مون ڇا چيو ته ڪو ٺاهوڪو اعلان.“ ”ٺاهوڪي مان ڀلا تنهنجي ڇا مراد آهي؟“ ”اهو به نٿو سمجهين! تڏهن تو سنڌي عوام جي ذهنن جو مطالعو ئي ناهي ڪيو؟“ ”ڪيئن!“ ”يار سادي سودي اعلان مان ڪجهه نه ورندو. پنهنجو تعارف ڪجهه اهڙي ”ڀڙڪيلي انداز ۾ پيش ڪرڻ گهرجي، جيئن عوام فوراً متاثر ٿئي. ٻي حالت ۾ اصل ڪجهه ڪونه ٿيندو. آخر اسين به جو هيتري محنت ڪنداسين تنهن مان ڪنهن کي خبر به پوي نه، ته اسين ڇا آهيون.“ ”هون... پوءِ...“ سعيد جي چهري تي سوچ ۽ فڪر جا ليڪا گهرا ٿيندا ويا. ”پوءِ اهڙي طرح اعلان ڪجي جيئن هو واقف ٿين ته اسين واقعي گرم جوشي سان خدمت ڪري رهيا آهيون.“ ”ٺيڪ آهي.“ ”مگر رڳو نالن مان ڪجهه ٿوروئي ٿيندو، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته پوڙها آهيون يا جوان.“ ”ضرورت رشتي لاءِ اشتهار ٿوروئي ڏيڻو آهي.“ ”اوهو... ڪمال ٿو ڪرين يار تون، عوام نوجوانن جي هر ڳالهه کي گهڻي اهميت ڏيندو آهي. پوءِ چاهي انهن ۾ ڪا صلاحيت ئي نه هجي.“ ”پر پاڻ ۾ ته خير سان گهڻيئي صلاحيتون آهن.“ ”مگر سمجهدار طبقو ته بغير سوچي ڪنهن ڳالهه کي اهميت نه ڏيندو آهي؟“ ”ڇڏ يار سمجهدار طبقي وارا رڳو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ملندا. اسان کي اڪثريت مطابق ڪم ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن چند ماڻهن جي سمجهداري هيٺ رهين ته ٿي چڪي تنهنجي ادبي محفل به قائم.“ ”دل ته نٿي مڃي، پر خير تنهنجي انهيءَ راءِ تي هلي ڏسان ٿو، مگر ڏس نه، جيئن ته مجلس يا پوءِ ڪتابڙي وغيره پنهنجي ذريعي ئي وجود ۾ اچي رهيا آهن، اهڙي حالت ۾ پاڻ خود پنهنجي قلم سان پنهنجي جوان وغيره هئڻ بابت ڪيئن ٿا لکي سگهون؟ پنهنجي منهن ميان مٺو ٿيڻ عجيب نه لڳندو؟“ اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي اعلان پاڻ لکون ٿا نالو ڪنهن فرضي سيڪريٽري جو ڏينداسين ۽ پوءِ اعلان پڙهڻ مهل ائين ظاهر ٿيندو جيئن سيڪريٽري اسان جي تعريف ڪئي هجي. ٺيڪ آهي نه؟ ”ٺيڪ آهي.“ چڱو ٻڌ، پنهنجو اعلان هيئن هئڻ گهرجي.“

”سنڌي ادبي محفل جو پايو وڌو ويو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com