سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چانديءَ جون تارون پرهه کان پهرين

باب:

صفحو :4

چانهه جي پيالي هن هيٺ رکي ڇڏي. هن هڪ سيڪنڊ به اتي ترسڻ نٿي چاهيو... ۽ طبيعت خراب هجڻ جو بهانو ڪري واپس پنهنجي ويران ۽ تاريڪ ڪوٺڙيءَ ۾ اچي ويو، ۽ دير تائين روئندو ۽ سڏڪندو رهيو.

هو جيئن ئي پروگرام ختم ڪري اسٽوڊيو کان ٻاهر نڪتو تئين هڪ ڇوڪري اڳتي وڌي کانئس آٽو گراف وٺڻ جي خواهش ڏيکاري.

عارف مٿاڇري نظر هن تي وڌي، ۽ هن جي حسن کان مرعوب ٿي خودبخود هن جو سر جهڪي ويو.

”محترمه معاف ڪجو، آٽو گراف ته وڏن ماڻهن کان وٺبا آهن، مان ته هڪ غريب فنڪار آهيان. آٽو گراف وٺي مونکي شرمسار نه ڪيو.“ هن نهايت نماڻائي سان چيو.

”عارف صاحب... اوهين غلط سمجهي رهيا آهيو، منهنجي آٽوگراف وٺڻ جو مطلب اهو بلڪل ناهي، مان ته صرف فن جي بلندي ڏسندي آهيان، ۽ يقين ڪندا ته اوهانجي فن مونکي بيحد متاثر ڪيو آهي.“

”نوازش!،“ پنهنجي ٻڏندڙ لهجي ۾ هو صرف ايتروئي چئي سگهيو.

”آٽوگراف نه ڏيندا،؟ معصوميت ۽ نااُميدي جا گڏيل سڏيل جذبا هن جي چهري مان بکي رهيا هئا. ۽ انهن کي ڏسي هو نه چاهيندي به انڪار نه  ڪري سگهيو ۽ وڌيڪ ڪجهه چوڻ کانسواءِ هن جا هٿ جميله کان آٽوگراف بڪ وٺڻ لاءِ وڌيا.

۽ جڏهن هو آٽوگراف ڏيئي رهيو هو، تڏهن هن کي ڪجهه پريان ڪنهنجي طنز سان ڀريل ٽهڪن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

اڄ جمعي جو ڏينهن هو. مل جي مزورن کي موڪل هئي... مشينن جي کچ کچ به بند هئي، هو پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ ويٺو هو... خيالن جي دنيا ۾ گم... غير ارادي طور هن جون آڱريون ستار تي هلي رهيون هيون.

ڪنهنجي قدمن جي آواز تي هن پنهنجو جهڪيل مٿو مٿي کنيو. جميله کي سامهون ڏسي هن جون ننڍڙيون بي جان اکيون حيرت ۾ کلي ويون. ستار هن جي هٿن مان ڪرندي ڪرندي بچي.

”اوهان!“ هن جا چپ چريا... ۾ هو خالي ويران نظرن سان هنکي ڏسندو رهيو. ”جي... مان... مان.“ هو ڪجهه گهٻرائجي وئي.

”شايد اوهان غلطي ۾ آيا آهيو.“ هن ائين ئي اندازو لڳايو.

”جي... جي نه مان اوهان سان ملڻ آئي آهيان!“ هن معصوميت سان مرڪندي چيو، هو به مشڪيو، هن جي اکين ۾ پل کن لاءِ هڪ هلڪي چمڪ پيدا ٿي غائب ٿي وئي...

”ڪالهه آٽوگراف ڏيئي اوهان ايترو جلدي ويا هليا، جو ڪجهه سوال ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو ۽ آخر مون کي ريڊيو اسٽيشن تان اوهان جي گهر جو پتو معلوم ڪري اچڻو پيو.“ هن شڪايت ڪئي.

”جي فرمايو! مون کي افسوس آهي جو اوهان کي هتي اچڻ جي تڪليف سهڻي پيئي.“ ”تڪليف جي ته ڪا ڳالهه ناهي عارف صاحب، البته منهنجي اوچتي اچڻ ڪري اوهين حيران ضرور ٿيا هوندا.“

”نه، ائين ته ناهي.“ هن ڪوڙ ڳالهايو.

”عارف صاحب، ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته مون کي ستار سکڻ جو تمام گهڻو شوق آهي. اوهان جي نهايت مهرباني ٿيندي، جيڪڏهن منهنجي شوق پوري ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪندا.“

”محترمه! مونکي افسوس آهي جو پنهنجين مصروفين ڪري مان توهان جي خواهش پوري ڪرڻ کان قاصر آهيان.“ هن بهانو ڪيو.

ڪاليج واري واقعي کيس ايترو ته دلشڪسته ڪري ڇڏيو هو، جو هن هاڻي ڪنهن به حسين ڇوڪريءَ جي قريب نٿي وڃڻ چاهيو.

”ليڪن عارف صاحب، اهڙي به ڪهڙي مصروفيت چئبي جو ڪلاڪ اڌ به نه ڏيئي سگهو؟“

”چڱو محترمه!“ هو مجبور ٿي ويو.

”مهرباني،! ليڪن اوهين روزانو ڪهڙي ٽائيم تي اچڻ پسند ڪندا.“

”معاف ڪجو، اوهين پاڻ جيڪڏهن هر جمعي تي چئين بجي هتي اچڻ جي تڪليف ڪيو ته بهتر ٿيندو.“

”مونکي منظور آهي عارف صاحب، اوهانجي وڏي مهرباني.“

”ڪا ڳالهه نه آهي.“ هن رسمي طرح چيو.

”پر هفتي ۾ هڪ ڏينهن ته تمام گهٽ آهي.“

”ها اهوئي ڏينهن آهي جو مان واندو هوندو آهيان، باقي روزانو ڪارخانو ويجهو هئڻ ڪري مشينن جي آواز ۾ اوهان ڪجهه به سکي نه سگهندا.“

”بهتر آهي، مان هر جمعي تي اينديس. ليڪن روزانو اهڙين نامناسب حالتن ۾ اوهان کي ستار وڄائڻ ۾ ته ڏاڍي تڪليف هوندي؟“ هن همدردي ڪندي پڇيو.

”منهنجي ڪهڙي ڳالهه آهي محترمه؟، ڪڏهن پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾، ڪڏهن انکان ٻاهر، ڪڏهن ڪنهن پرسڪون جاءِ تي.“ هن جهيڻي آواز ۾ چيو.

”هڪ ڳالهه پڇان؟“

”ڇا،؟“ عارف جون حيران نگاهون جميله جي اکين ۾ ڪا چيز تلاش ڪري رهيو هيون.

”اوهانجي ساز ۾ ايترو سوز ڇو آهي... ائين ٿو محسوس ٿئي جيئن... جيئن...“ هو چوندي رڪجي ويئي.

”ڪيئن.. ڪيئن ٿو محسوس ٿئي؟“ هن بيتاب ٿي پڇيو.

”ائين ٿو محسوس ٿئي، جيئن اوهان کي ڪو نهايت وڏو صدمو رسيو هجي. اوهانجي دل ڏاڍي ڏکويل ٿي معلوم ٿئي... اوهانجي مرجهايل ۽ خشڪ چپن کي ڏسي ائين ٿو لڳي جيئن انهن کي مرڪندي مدتون گذري ويون هجن...“

”ها...“ هن جهيڻي ۽ مغموم آواز ۾ چيو، ”مان ڏاڍو ڏکويل آهيان،“ هن ڀڻڪيو.

”اوهان کي هي ڏک... هي غم ڪنهن ڏنو...؟“ هن جي لهجي ۾ التجا ۽ همدردي هئي.

”ڪنهن،؟“ عارف جي چهري تي هڪ زهريلي مرڪ پکڙجي وئي. ”هن زماني... هن بي رحم دنيا... مونکي هميشہ ڌوڪو ڏنو... هميشہ ٺڪرايو... مونکي ڪڏهن به ڪنهن پنهنجو نه سمجهيو... ڪڏهن به نه...“ هن جو آواز غم ۽ جذبات جي شدت کان ڳرو ٿي ويو.

”عارف صاحب، اوهان ايترو مايوس نه ٿيو دنيا ڪڏهن به اهڙن انسانن کان خالي ناهي، جن جون سچيون همدرديون دلي سڪون جو باعث بنجن ٿيون.“

”محترمه...!“ خوشيءَ جا شريڪ ملندا آهن ته خوشي وڌي ويندي آهي.. غم جا ساٿي ملندا آهن ته اهوگهٽ ٿي ويندو آهي، ليڪن منهنجي غم جو ساٿي ڪير به ناهي... زندگي جي گهري سمنڊ ۾ اڪيلو ئي اڪيلو غوطا کائي رهيو آهيان... ڪوبه نه آهي جو سورن ۾ ساٿ ڏي ۽ غم هلڪو ڪرائي.“

”عارف صاحب، ڪير همدردي نٿو ڪري ته نه ڪري، خدا کان ته اوهان کي مايوس نه ٿيڻ کپي.“

”ڪاش! خدا همدردي ڪري ها.“

اهي لفظ هن گهري معنيٰ سان چيا، جن کي جميله نه سمجهي سگهي. جميله جي وڃڻ بعد هو خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ويو.

هن ڪڏهن به همدرديءَ جا ٻول ڪنهنجي واتان نه ٻڌا هئا، هرڪو اڇاتري نظرن سان هن کي گهوري هليو ويندو هو، اها جميله ئي هئي جنهن جون نظرون هن جي محبت ۽ همدرديءَ لاءِ پياسي دل کي ڏڍ ڏينديون هيون.

هن جي ڳاليهن ۾ ڪيتري نه همدردي ۽ پنهنجائپ هئي... اڄ ڏينهن تائين ڪير به هن سان ايتري همدردي سان پيش نه آيو هو... ڪنهن اهونه پڇيو هو ته تنهنجي ساز ۾ ايترو درد ڇو آهي... هن کي اهي ڏينهن ياد پيا جڏهن زيبا، جميله وانگر هن جي ستار کي پسند ڪندي هئي... ۽ پوءِ اهي اکر به هن جي ذهن ۾ اڀري آيا جيڪي زيبا ڪاليج ۾ پنهنجي سهيليءَ کي چيا هئا.

ليڪن جميله... اها اهڙي نه هئي... اها مختلف هئي... ۽ گهڻو مختلف ۽ انهيءَ ڏينهن هن کي پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته هو هن دنيا ۾ اڪيلو ناهي.

هو عارف جي سرءُ جي ساڙيل ۽ ويران زندگي ۾ بهار بنجي آئي... هن جي حسن ۾ بي پناهه ڪشش هئي... هو هر جمعي تي ايندي هئي. هاڻي هو عارف سان ڪافي بي تڪلف ٿي وئي هئي، ڪيتري دير تائين هن سان ڳالهيون ڪندي هئي. هن کان ستار ٻڌندي ۽ سکندي هئي.

عارف جي اکين مان هر وقت وهندڙ لڙڪ خشڪ ٿي چڪا هئا. چهري جي اداسي غائب ٿي چڪي هئي. هو جميله کي پنهنجي گهڻو ويجهو محسوس ڪرڻ لڳو، جميله هن جي ستار جي ديواني هئي... هن جي ستار، جنهن ۾ درد هو، تپش هئي؛ هن کي پسند هو.

جڏهن هو ستار جي تارن کي چوريندو هو، تڏهن هو بي خود ۽ مدهوش ٿي ويندي هئي. هن جي ڪارين ۽ چمڪندڙ اکين ۾ لڙڪ ڀرجي ايندا هئا، هيءُ انهن کي ڏسي مست ٿي ساز وڄائيندو هو، ڇو جو هو جميله جي دل ئي دل ۾ پرستش ڪندو هو، هن سان محبت ڪندو هو، ليڪن ڪڏهن به پنهنجي دل جي حقيقت هن تي ظاهر نه ڪري سگهيو. هن ۾ ايتري همت، ايتري جرئت ڪٿي هئي، جو پنهنجي محبت جو اظهار ڪري سگهي. هن کي پنهنجي بدصورتيءَ جو شديد احساس هو ۽ اهو احساس ڪمتريءَ جو جذبو هميشہ هن جي سامهون ديوار بڻيو رهيو.

جهڙيءَ طرح فرهاد پٿرن ۾ شيرين جي وجود کي ٿي ڳوليو، اهڙيءَ طرح عارف به جميله جي خاموشيءَ ۾ پنهنجي محبت ڳوليندو رهيو، هن کي يقين هو ته جميله کي هن سان محبت آهي ۽ هڪ ڏينهن جميله خود ئي هن کي سڀ ڪجهه چئي ڏيندي. انهيءَ گهڙي جو هو خاموشيءَ سان انتظار ڪندو رهيو... انتظار... طويل انتظار.. ليڪن ائين نه ٿيو... هاڻي جميله جي خاموشي عارف کي ڪجهه ڪجهه مايوس ڪرڻ لڳي.

هڪ ڏينهن جميله مقرر ڏينهن کان اڳ ۾ اچي عارف کي ٻڌايو ته هو ڪجهه عرصي لاءِ لاهور وڃي رهي آهي. جدائيءَ جو ٻڌي عارف اداس ٿي ويو. ڪاش هو جميله کي روڪي سگهي...! ليڪن ڪيئن... هوءَ ڇا چوندي...! هن جو ذهن سوچ جي اونهيءَ اوڙاهه ۾ غرق ٿيندو ويو.

هڪ ماڻهو جيڪو مهينا به انتظار ڪري سگهي ٿو. ڪڏهن گهڙيون به انتظار نه ڪري سگهندو آهي... جميله جي زبان مان پيار جو لفظ ٻڌڻ لاءِ هو بيچين هو... ۽ دل کان مجبور ٿي هن جميله جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيو:

”جميله... تون پٿر ڇو بنجي وئي آهين... ڇا منهنجين اکين ۾ توکي ڪجهه نظر نٿو اچي... تون انهن ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڇو نٿي ڪرين...؟ آخر ڪيستائين...؟“

”عارف صاحب!“ جميله تيزيءَ سان پنهنجو هٿ ڇڏائيندي چيو:

”اوهان مون کي غلط سمجهي رهيا آهيو... مان... مان ته...“

”جميله...!“ هن سُڏڪندي چيو، ”مان توکي چاهيان ٿو، مون کي سهارو ڏي... نه ته... نه ته... آءٌ مري ويندس... مون کي...“

”عارف صاحب، هوش ۾ اچو.“ هوءَ غصي ۾ ڳاڙهي ٿي وئي. ”آءٌ اوهانجي عزت ڪندي آهيان، منهنجي دل ۾ اوهان لاءِ عزت آهي، گهڻي عزت...“

”جميله“ سڏڪا... التجا... ”ها. منهنجي دل ۾ اوهان لاءِ عزت آهي، همدردي آهي. انهي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه.“

ٻيو ڪجهه به نه تلخ مسڪراهٽ هن جي جذبن جو ساٿ ڏيئي رهي هئي. ”تنهنجي دل ۾ عزت آهي، همدردي آهي. ليڪن محبت ناهي، ڇو جو مان بدصورت آهيان، اگر مان به حسين هجان ها ته...“

”عارف صاحب!“

”ها.“ هن تيزيءَ مان چيو: ”اگر مان به حسين هجان ته توکي به مونسان ايتري محبت هجي ها، جيتري منهنجي ستار سان آهي. تون منهنجي ستار سان پيار ڪرين ٿي، مون سان نه. تون خود غرض آهين. مان تنهنجي شڪل نٿو ڏسڻ چاهيان. تون... تون...“

الفاظ هنجي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا ۽ هُو ڪجهه چوندي به وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهيو ۽ جميله وڃي چڪي هئي.

هن سِتار کي زور سان فرش تي ڦٽو ڪيو، هن کي پنهنجي فن سان ساڙ ۽ نفرت ٿي چڪي هئي... دنيا هن جي فن سان محبت ٿي ڪري پوءِ هن جي شڪل کان نفرت ڇو ٿي ڪري... هو دنيا جي دلين کان انتقام وٺندو.. پنهنجي فن کان انتقام وٺندو، جنهن لاءِ دنيا جي دل ۾ محبت آهي... هو تيزيءَ سان پنهنجي ڪمري کان ٻاهر نڪتو.

مشينون هلي رهيون هيون، جيئن هو انهن جي قريب ٿيندو ويو تيئن تيئن هن جي دل جي ڌڪ ڌڪ تيز کان تيز ٿيندي وئي.

ويرم کان پوءِ هڪ تيز ۽ پُر درد رڙ جو آواز بلند ٿيو. مشينون بند ڪيون ويون. ڪارخاني جا سڀ مزور رڙ جي طرف ڊوڙيا عارف فرش تي بيهوش پيو هو سندس آڱرين مان رت ريلا ڪري وهي رهيو هو. فن جو خون ٿي چڪون هو، ۽ انهن دلين جو جيڪي هن جي فن سان بي انتها محبت ڪنديون هيون.

روئي ڏنو رات...

ڳوٺ جي چڱي مڙس، وڏيري مراد خان جي حويليءَ جي موڪري آڳر ۾ سندس نپايل ڌيءَ، ممتاز، جيڏين سرتين سان رِليون ٺاهڻ ۾ مصروف هئي. ممتاز جيڏي سونهن ۽ سوڀيا ۾ سرس هئي ايترو ئي هٿ جي ڀڙ ۽ سلڇڻي... ائين کڻي چئجي ته ويران حويليءَ جي بهار سندس ئي دم سان هئي.

آڳر جي ساڄي پاسي، رتن پاون سان جنڊيءَ جو وڏو هندورو جڳ مڳ ڪري، مالڪ جي آسودي هجڻ جي شاهدي ڏيئي رهيو هو. مراد خان جي پوڙهي ماءُ، هندوري ۾ هلڪا هلڪا جهوٽا کائي رهي هئي... سندس ذهن ڪنهن اڻڄاڻ سوچ ۾ گم هو... هوءَ چلم مان هلڪا هلڪا وارا ڪڍي رهي هئي.

”ڏاڏي امان! ڏاڏي امان!“ پيار ۽ قرب ڀريو، دل ٺاريندڙ، رڙجهڙو آواز ڏيڍيءَ مان اڀريو. ڏاڏي امان سوچ جي وادين مان موٽي آئي ۽ سندس چهرو بي پناهه مسرت ۽ خوشيءَ کان ٻهڪي اٿيو... ”ائي گهوڙا! هي مڙسالو وري ڪير؟“        ممتاز هلڪي چيٽ ڪئي ۽ سٽ ڏيئي اندر ڪمري ۾ گهڙي ويئي، هوءَ ڳڙکيءَ جي اوٽمان اڳر جو نظارو ڏسڻ لڳي. هڪ خوبرو ۽ قداوار نوجوان انگريزي ڪپڙن ۾ هندوري طرف وڌي رهيو هو. هن جو ذهن زلزلي ۾ اچي ويو... هِن کان اڳ، هُن ڪڏهن به اهڙو سهڻو ۽ شانائتو نوجوان نه ڏٺو هو. ها... فقط خيالن جي دنيا ۾... هن جي اهڙي ئي هڪ شهزادي سان ڏيٺ ويٺ هئي. هن جي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. ”هي ته اهوئي شهزادو آهي.“ هُن ڀڻڪيو. سندس وجود ڪنهن اڻ لکي جذبي ۽ خوف کان ڪنبي رهيو هو.

”ڏاڌي امان! ڏاڏي امان! اشرف آهيان.“ هُن ڏاڏيءَ کي ڀاڪر ڀري هندوري مان ٻاهر ڪڍي ورتو. هن جو انگ انگ خوشي کان ائين جهومي رهيو هو جيئن ڪو ننڍڙو ٻار من پسند رانديڪي کي ڏسي ڪپڙن ۾ نه ماپندو آهي.

”منهنجا ٻچڙا... اکين جا ٺار، تون اچي وئين... آءٌ قربان ٿيان صدقي وڃان!“ خوشيءَ کان ٻڍڙيءَ جو آواز ڏڪي رهيو هو. ايڏي وڏي ۽ اوچتي خوشي، هن کي جذبات جي شدت کان اصل بي قابو ڪري ڇڏيو. هوءَ ديوانه وار اشرف جي منهن کي چمڻ لڳي. ”جئيم... جڙيم.. شل سر وسين... ٻڍڙو ٿين... شل ڏهٽن پوٽن وارو ٿين.“ خوشيءَ کان سندس نيڻ، سانوڻ جي ڪاري بدليءَ جيان ڇم ڇم ڪري برسڻ لڳا.

”ڏاڍو قد ڪڍيو اٿئي!“  ڏسڻي آڱر زبان مان ٻوڙي سندس نرڙ تي هنيائين.“ شل ڪو ڪوسو واءُ نه لڳيئي، مان ته توکي سڃاڻان به نه ها! پر الائجي ڪهڙي اندر جي ڇڪ هئي... رت ٽهڪو ڏنو... جنهن تنهنجي پهرين ئي واڪي سان، من ۾ اڌما اٿاري ڇڏيا! اڄ تنهنجي جيجل ماءُ جيئري هجي ها ته توکي ڏسي ڪيڏي نه سرهي ٿئي ها...!“ ڏاڏيس ڏڪندڙ آواز ۾ ڳوڙها اگهندي چيو.

”امڙ!“ اشرف ٿڌو شوڪارو ڀري ماٺ ٿي ويو. انهيءَ ماٺ ۾ سندس ماضيءَ جا ڪيترائي زخم اکلي پيا جيڪي ماءُ جي موت کان پوءِ کيس سهڻا پيا ها.

ممتاز خاموشيءَ سان کيس ڏسي رهي هئي. اشرف جيئن ئي ڪنڌ مٿي کنيو ته هن جي نظرن، ڳڙکيءَ وٽ بيٺل ممتاز کي ڏسي ورتو. ”چاچي سائين ٻي شادي ڪئي آهي ڇا؟“ هُن ڏاڏيس کان پڇو.       

ممتاز اها ڀڻڪ ٻڌي ورتي ۽ انهيءَ مهل سندس چهري تي هلڪي ناراضگيءَ جا آثار نمايان ٿي پيا، جيڪي ڪنهن حقيقت کان بيخبر انسان جي غلط انڪشاف سان پيدا ٿيندا آهن ”نه ابا! هي ته تنهنجي سؤٽ آهي.“ ڏاڏيءَ هندوري ۾ ويهندي، مرڪندي چيو. ”پر! ڏاڏي امان!“... انهيءَ کان اڳ جو هو ڪجهه وڌيڪ پڇي ڏاڏيءَ کيس اکين ئي اکين ۾ خاموش رهڻ جي هدايت ڪئي. هن ممتاز کي ڌاري ڌيءَ هئڻ جو احساس نٿي ڏيارڻ چاهيو. ”پٽ اهو موڙو ته سيري وٺجان... پري ڇو بيٺي آهين... پنهنجي سوٽ کي کيڪارين به نه ٿي؟“ ڏاڏيءَ پاٻوهه مان ممتاز کي چيو. جواب ۾ هن صرف مرڪي ڏنو ۽ شرمائيندي اڳتي وڌي. سندس گهريون نشيليون اکيون اڃان به گهريون ٿي ويون. هن جو وجود ڪنهن ازلي نشي کان سرشار ٿي ويو. هن ائين ٿي ڀانيو ته ڄڻ ساڻس ڪا ازل کان ڄاڻ سڃاڻ هئي- ڪي گهڙيون ته اشرف به وڃائجي ويو پر جلد ئي کيس ڏاڏي ۽ ٻين جي موجودگيءَ جو احساس ٿيو.       

”چاچو سائين نٿو ڌسجي؟“ هن ائين ئي پڇيو.

”ابا... چاچهين ڪالهه کان زمينن جا کاتا بدلائڻ شهر ويل آهي، رات ڌاري موٽي ايندو.“ ڏاڏيءَ نڙ مان وات ڪڍندي چيو. ڪجهه دير حالي احوالي ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي گهر روانو ٿيو ۽ ٻئي ساعت اچڻ جو چئي موڪلائي اٿي کڙو ٿيو. ڏاڏي کيس دعائون ڪندي رهي.  

اشرف اڃان صرف چئن سالن جو ئي هو جو پڻس گلڻ خان ٻي شادي ڪئي. ناز نخري واري ساران، جنهن جو رنگ مثل چچيءَ جي پيٽ وانگر پيلو هو، تنهن کي شاديءَ جي پنجين سال جڏهن روئي پٽي وڃي کمون ڄائو تڏهن سندس لاڏن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو. گلڻ خان سندس خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مرحوم زال جي نشاني، اشرف کان بلڪل لاپرواهه ٿي ويو هو، تنهن هوندي به ٿڙي ٿاٻڙجي ڏهن يارهن ورهين جي عمر ۾ ڳوٺ جي مڊل اسڪول مان چار درجا انگريزيءَ جا پاس ڪري ورتائين. اهڙو ڪو ظلم نه هو جو ساران مٿس نه ڪيو هجي. ڏينهون ڏينهن سندس وجود کيس هڪ ڇپ وانگر محسوس ٿيندو هو. گلڻ سان سندس شڪايتون ڪندي رهندي هئي ته لوفر ٿي پيو آهي، کري پيو آهي، پنهنجي کمن کي سهي ئي ڪون- آخر صلاح ڪري تعليم حاصل ڪرائڻ خاطر کيس شهر جي هاسٽل ۾ داخل ڪيائون. جت ڪجهه وقت لاءِ کيس خرچ پکو ملندو رهيو، پر اهو به ساران کان سَٺو نه ٿيو ۽ هڪ ڏينهن مڙس کي اعتماد ۾ آڻيندي چيائين: ”پيءَ جو پئسو اٿس، قدر ڪونهيس ڪو شهر مان ڳوٺ جا نينگرا جوا ڪندي اکين سان ڏسي آيا اٿس، بند ڪرينس خرچ، ڀل ته ڪَل پويس، ننڍڙو ڪونهي پاڻهي پيو ڪمائيندو“- ۽ ان بعد کيس گهران خرچ ملڻ بند ٿي ويو. پر قدرت هڪ واٽ بند ڪري ٻي ضرور کوليندي آهي. سندس قسمت زور هئي. هو ذهين شاگرد هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين رانديگر به هو. کيس سندس صلاحيتن جي بنياد تي، تعليم کاتي طرفان، ڪاليج جي پرنسيپال جي سفارش تي هر سال اسڪالرشپ ۽ فري بورڊنگ جي سهوليت، سندس تعليم ۾ ڪابه رڪاوٽ نه وڌي ۽ B. Sc: Agr:  جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري ڏهن سالن جي ڊگهي عرصي بعد پهريون ڀيرو ڳوٺ آيل هو.    

ساران اشرف کي اهڙو ٺهيل جڙيل ڏسي اندر ئي اندر ۾ کامي خاڪ بنجي وئي. اهو سندس وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته ڪو هو ائين پاڻ کي ٺاهي وٺندو. هن سمجهيو هو لولي ڪاڻ ليلائيندو ۽ در در جا ڌڪا کائيندو هوندو- اشرف جي ڀيٽ ۾ اڄ پهريون ڀيرو سندس سڪيلڌو ۽ لاڏلو پٽ کمون کيس گهٽ حيثيت وارو، نڪمو، ۽ بيوقوف محسوس ٿيڻ لڳو. ٽي دفعا لڳاتار مئٽرڪ ۾ فيل ٿيڻ بعد هن مورڳو پڙهڻ تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو هو. سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر موالين ۽ خوشامدڙين سان ڀنگ پيو اوتاري تي راڳ ڳائيندو هو يا ڪڪڙ ويڙهائي، اوسي پاسي ناسون ڏيئي وقت ۽ پئسو زيان ڪري پيءُ جي شان ۽ مان کي چمڪائيندو رهندو هو. ماءُ ساران جي چوڻ تي ڪڏهن ڪڏهن زمينن جو چڪر به هڻي ايندو هو- جتي زمين جي سار سنڀار گهٽ ۽ هارين نارين جي نياڻين ۽ زالن سان هٿ چراند گهڻي ڪندو هو.

ساران پٽ جي ڳڻتي ۾ ته ايتري ۾ ماسي شاهو لش لش ڪندي اڱڻ مان لنگهي ورانڊي ۾ ساران سان گڏ کٽ تي ڦهه ڪري اچي ويٺي. کٽ تي رکيل بصرن جي ٽوڪري هيٺ اٿلي پئي. کمونءَ جو کٽ هيٺان بيٺل ڪڪڙ ٽاهه کائي پيرن مٿان ٽپي ويس. ”مئو نڀائيو ڪڪڙ...!“ هوءَ ڪُڙ ڪُڙ ڪري پير تان وِٺ اُگهڻ لڳي.

موئي کي ڪاتي پَئي سڄو پير ڀري وڌئيم!“ هن ڪڪڙ کي پِٽيو. کمون جيڪو چيلهه چٻي ڪيو ڪرسيءَ تي ويٺو هو، ڪڪڙ جي ڪارستاني ڏسي مُڇن ئي مُڇن ۾ مرڪڻ لڳو- ماسي شاهو ٻن ڳالهين ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. ٺهيل گهر ڦٽائڻ ٻيو خدمت خلق لاءِ پاڻ پتوڙڻ. مثلاً نياپو نڙو پهچائڻ، شاديون ڪرائڻ، تعويذ ڦيڻو، هٽ بازار وغيره ڪري ڏيڻ کان سڄي ڳوٺ ۾ مشهور آهي. هر ڪنهن جي گهر بنا روڪ ٽوڪ ايندي ويندي آهي. هن ڀيري اچڻ سان ئي هن نئون انڪشاف ڪيو.       

”ٻڌين ٿي پٽن ماءُ؟ اهڙو ڪو انڌير“ هُن کٽيءَ اوڳرائي وارو ساهه ساران جي منهن ۾ ڇڏيندي چيو.

”ڇو، خير؟“ ساران ساهه گهٽي پڇيو.

”خير ويٺي گهُر... ڏيرهين سڄي ملڪيت خصيص ڪمدار جي ڌيءَ نالي ڪرائڻ لاءِ شهر ويو اٿئي-“ هن بيڊلي نموني سان هٿن ۽ منهن کي موڙو ڏيندي چيو. انهي انڪشاف ڄڻ سندس هيئين تان پنج مڻي ڇپ لاهي ڇڏي.

”ها... ا... ا... ن!!“ ساڳي ڇپ ساران مٿان ڪري پئي. ”مئي رمونءَ گولي کائي مراد خان جي جان ڇا بچائي، مورڳو ڳرٽ وجهي ويس ڳچيءَ ۾-!“ ماسي شاهوءَ وڏيريءَ کي ڀڙڪائڻ خاطر ڳالهه کي ٽيڪو ڏنو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com