پنهنجي پاران
وقت ۽ سالن سان ريس پڄائيندي، وري هڪ نئين پيڙهيءَ
کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ’چاندي جو تارون‘ ۽ ’پرهه کان
پهرين‘ ٽين ڇاڇي جي صورت ۾ اوهان جي هٿن ۾ آهن.
فني لحاظ کان تور ڪٿ ڪري ان مجموعي ۾ شامل ڪهاڻين
کي ڪٿي بيهارڻ گهرجي، ان جي مون کي ڪا ڳڻتي ناهي
جو مون قلم هٿ ۾ جهلڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اهو
سوچي ڪڏهن ڪا شئي ناهي لکي ته مون کي ’ڪالمن جي
ابي‘ واري قطار ڀرڻي آهي، يا ڪجهه لکي ڪو ڪارنامو
انجام ڏنو اٿم.
ان گڏيل مجموعي ۾ شامل سموريون ڪهاڻيون منهنجي
ابتدائي دور جون لکيل آهن، جي چاهيان ها ته انهن
مان ڪن کي ري رائيٽ ڪري پئي سگهيس ته ڪردارن جي
پلاسٽڪ سرجري ڪرڻ سان گڏ ڊائلاگن جي به ڊائيسيڪشن
ڪري پئي سگهيس. پر مون اهڙي ادبي بدديانتي نه اڳ
ڪڏهن ڪئي آهي نه ئي هاڻ ڪري پنهنجو پاڻ سان ۽
پڙهندڙن سان ويسا گهاتي ڪري ٿي سگهان. ڇو ته
منهنجي خيال ۾ جذبي ۽ سوچ جي سچائي، بنا ڦيٽ جي
سون جيان سدائين پڌري هوندي آهي. انهن ڪهاڻين ۾ ڪو
نه ڪو مقصد ضرور شامل آهي جيڪو مون کي مطمئن ٿو
ڪري ته مون محض رومانس کي ئي موضوع بنائي لکڻ
بدران پنهنجي چؤطرن نهاريو.
ماڻهن، ماحول ۽ انهن جي مسئلن کي ذهن ۽ دل جي اکين
سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ پوءِ جيڪو
ڪجهه محسوس ڪيم اُهو لکيو اٿم. اميد ته قبول
پوندو.
ماهتاب محبوب
’ارم نما‘
279-H،
سٽيزن هائوسنگ سوسائٽي،
حيدرآباد
مهاڳ
ادب اڄ به زنده آهي
اڄوڪن ڏينهن ۾ جڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا، ڊش اينٽينا
سموري دنيا جا واڄٽ وڄائي ڇڏيا آهن ۽ انٽرنيٽ
دُنيا کي هڪ ڳوٺ مان تبديل ڪري هڪ گهر بنائي
ڇڏيوآهي، تڏهن اسان واري ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ اِهو
بحث ڪاهي پيو آهي ته ڪتاب خاص طور ادبي ڪتاب جو
کپت وارو سج لهي چڪو آهي. داناءُ اِهي دليل پيا
ڊوڙائين ته خدا جي خلق جو وات ٽي وي سيٽن اڳيان
پٽيو پيو آهي جتي خبرن ۽ عام معلومات کان وٺي آرٽ،
فلم، موسيقي مطلب ته سندس پسند جو هر سامان مهيا
آهي. ليڪن سِگهوئي سياڻن جي لڱين اِهو لهي ورتو ته
ڪتاب جي اهميت اڄ به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي.
دنيا جا مشهور ادبي شهپارا هاڻ به نه رڳو لکن جي
تعداد ۾ ڇپجي رهيا آهن پر ماڻهو اُنهن کي وڏي
دلچسپيءَ سان پڙهي رهيا آهن. روسي ليکڪن ٽالسٽائي
۽ چيخوف کان وٺي وليم فاڪنر، آسڪروائيلڊ ۽ ڪازان
زاڪس جهڙن چڱن مڙسن جي شهرت جو سج ڏينهون ڏينهن
چوٽ تي چمڪي رهيو آهي. دنيا جي ماسٽر پيس ڪتابن تي
عمديون فلمون پڻ جوڙيون ويون آهن پر سواءِ روسي
ليکڪ پيسٽرنڪ جي ناول ڊاڪٽر زواگو مٿان ٺهيل فلم
جي ٻي ڪابه فلم اُهو تاثر نه ڇڏي سگهي آهي جهڙو رس
چس، مزو ۽ تاثير اصل ڪتابن ۾ موجود آهي. اِهوئي
سبب آهي جو لاطيني آمريڪي ليکڪ گارشيا مارڪيز
پنهنجي مشهور ناول ”اڪيلائي جا سؤ سال“ مٿان فلم
ٺاهڻ جي اجازت نه ڏني. سبب صاف ظاهر آهي ته ٽن
ڪلاڪن جي فلم ۾ اُهو سڀ ڪجهه نٿو اچي سگهي جيڪو
ڪتاب ۾ موجود. ڳالهه جا ٻه اکر ته دنيا جا ٻيا
سمورا ٽڪساٽ ۽ کيل تماشا ۽ ماڻهن جون مصروفيتون
پنهنجي جاءِ تي پر عمدي ڪتاب جي اهميت پنهنجي جاءِ
تي اڄ به قائم آهي.
سنڌ ۾ به ڪجهه سالن کان اهو روئڻ روئجي رهيو آهي
ته سنڌي ڪهاڻي ختم ٿي چُڪي آهي، نثر لکندڙن جو ڳچ
حصو ٽي وي ۽ روزاني اخبارن ڏانهن لڙي چُڪو آهي
ساڳي طرح پڙهندڙ به اخبارن ۾ ڇپجندڙ ڪالم، تحقيقي
رپورٽون ۽ اسٽوريون پڙهي پنهنجي عادت پوري ڪريو
ويٺا آهن جنهن ڪري تخليقي ادب ۾ نه ڪجهه اهو لکجي
پيو ۽ نه وري پڙهندڙ به ان کي خريد ڪرڻ ۽ پڙهڻ
لاءِ تيار آهي.
ان موقعي تي منهنجو ذاتي خيال ڪجهه ٻي طرح آهي.
آئون سمجهان ٿو ته ٻئي دنيا وانگي سنڌ ۾ پڻ سٺي
ادبي ڪتاب جي اهميت ۽ ضرورت پنهنجي جاءِ تي موجود
آهي. منهنجي ان ذاتي راءِ لاءِ وڏي ۾ وڏو دليل
اِهو آهي ته مانواري ماهتاب محبوب جي ٻن ڪهاڻين جي
مجموعن، ”چانديءَ جون تارون“ ۽ ”پرهه کان پهرين“
ٻنهي ڪتابن جو ٽيون ”گڏيل ڇاپو“ اوهان اڳيان اچي
رهيو آهي. ڪجهه وقت پهرين سندس لکيل ناول ”خواب
خوشبو ڇوڪري“ جا جڏهن هڪ ئي سال ۾ ٻه ڇاپا ڇپجي
چُڪا، ته ان ڳالهه کي هٿي ملي ته پاڻ سنڌي ادب ۾
سڀ کان گهڻي پڙهي ويندڙ ليکڪا آهي. ماهتاب محبوب
جي همعصر ليکڪن مان ڪيئي ٽي وي ڊرامن جي ور چڙهي
ويا، ڪجهه اخبارن ۾ ڪالم لکي پنهنجو اظهار ڪن ويٺا
۽ ڪيترا ته پنهنجين پراڻين لکڻين جي آڌار تي اڃان
تائين ويٺا سنڌي ادب ۾ نالو ڳڻائين. انهن سڀني کان
الڳ هو نج ۽ نبار ليکڪا نه رڳو مسلسل پي لکيو آهي.
پر ادب جي لڳ ڀڳ هر صنف تي ڪامياب طبع آزمائي ڪئي
آهي. ڪهاڻي، مضمون، خاڪا، ڪالم، سفرنامي کان وٺي
ناول تائين ماهتاب محبوب سنڌي ادب ۾ پنهنجو هڪ الڳ
جهان جوڙي رکيو آهي.
وارا جملا ۽ موهيندڙ مزاح سندس ڪهاڻيءَ جو اهڙو ته
تاڃي پيٽو اُڻن ٿا جو اُها ڪهاڻي پنهنجي پڙهندڙ تي
ڀرپور تاثر ڇڏي ٿي. سنڌي ڪهاڻي لکندڙ گهڻن ليکڪن
جدت جي نالي ۾ اُٻهرائي ۽ اوندهه ۾ هٿوراڙيون هڻڻ
کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو، جدت ۽ تجربو سٺي
ڳالهه آهي پر جدت جڏهن پنهنجي ورثي کان مڪمل ڪٽجي
نقاليءَ جو روپ وٺي ٿي ته اهڙيون تخليقون بي
پاڙيون، بيڪار ۽ فن کان وانجهيل ٿيو پون. سنڌي
ڪهاڻيءَ ۾ ڪئين ماڻهو فرد جي اڪيلائي، ناڪامي ۽
مايوسيءَ جو ڍنڍورو ڏيندا رهيا، ٻيا وري انقلاب جي
انگاس تي چڙهي عوام کي خطاب ڪندا رهيا ليڪن اهڙي
سموري ڌمچڪر کان ٻاهر ماهتاب محبوب ماٺ ميٺ ۾ اُهو
ڪجهه تخليق ڪندي رهي جيڪو هڪ حقيقي ليکڪ کي سونهي
ٿو.
سموري دنيا جي انسان جي خوشين جا ذريعا ۽ غم جا
سبب لڳ ڀڳ ساڳيا آهن، لوڀ لالچ، ساڙ، ڪدورت، وهم
پرستي وير، جهيڙو، اڻ برابري ۽ ٻيون لڱايون سڄي
عالم ۾ ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان ماڻهوءَ ۾ موجود آهن.
اهڙيءَ طرح محبت، جدائي، درد، خوشي، سچائي ۽ نيڪ
نيتي به موجود آهن. دنيا ۾ جن به ليکڪن انهن
انساني گڻن، اوگڻن، لڱاين ۽ چڱائين تي پنهنجي
پنهنجي ماحول ۽ معاشري مطابق فنڪارانه انداز ۾
لکيو آهي ته اُهو پورهيو ضرور ساب پيو آهي. ماهتاب
محبوب جون ڪهاڻيون به سنڌي سماج جي انهن سمورين
لڱاين چڱاين کي پاڻ ۾ محفوظ رکن ٿيون، سندس ڪهاڻين
جا ڪردار ڄاتل سڃاتل ۽ سنڌي سماج جو حصو آهن جن
وسيلي هوءَ نه رڳو سماج جي بدعتن ۽ بڇڙاين تي طنز
ڪري ٿي پر خود پڙهندڙ کي به ان مٿان تبصرو ڪرڻ تي
مجبور ڪري ٿي.
مان ڪو گهڻو پڙهيل يا ادب جو نقاد ڪونه آهيان جو
سندس فن تي مڪمل ۽ ڀرپور راءِ ڏيئي سگهان يا سندس
تخليق جو چڱي ريت ڇيد ڪري سگهان پر هڪ عام پڙهندڙ
۽ ذاتي طور هن درويش صفت ليکڪا کي ويجهو هجڻ سبب
هي معلومات مون ۽ ٻين سڀني پڙهندڙن لاءِ يقيناً
ڏاڍي موهيندڙ آهي ته ماهتاب محبوب اسان جي سنڌي
ادب جي اُها واحد ليکڪا آهي جنهن جا هيل تائين
گهڻي کان گهڻا ڪتاب ڇپيا آهن جن ۾ ڪهاڻيون،
سفرناما، خاڪا، ڪالم ۽ ناول اچيو ٿا وڃن. ورهاڱي
کان پوءِ سنڌي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”چانديءَ
جون تارون“ به عورتن ۾ هن ليکڪ جوئي ڇپيو جنهن کي
ان وقت پاڪستان رائيٽرز گلڊ پاران پهريون انعام
ڏنو ويو. جڏهين ته ٻين تخليقن تي پڻ کيس سنڌي
لينگويچ اٿارٽي ۽ اڪاڊمي ادبيات پاڪستان پاران
انعام ڏنا ويا آهن. عورت ليکڪائن ۾ پهريون ناول
لکڻ کان وٺي سندس ڪهاڻين جي اردو ۾ ترجمو ٿيل
پهرين ڪتاب ”پل صراط“ تائين هن ليکڪا ڪيئي اعزاز
ماڻيا آهن. پر ذاتي طور مان ماهتاب محبوب کي ڪڏهين
به رڳو هڪ عورت ليکڪا طور نٿو ڏسان. ڇو ته سنڌ جي
نثري ادب ۾ ماهتاب محبوب باقائدي نسيم کرل، علي
بابا ۽ هڪ ٻن ٻين وڏن ليکڪن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي
بيٺل نظر اچي ٿي. سندس پڙهندڙن ۾ نوجوان شاگرد
شاگردياڻيون، آفيسر، اپر ڪلاس جا ماڻهو اديب ۽ عام
ماڻهو شامل آهن.
ماهتاب محبوب سنڌ جي انهن ڪجهه ليکڪن مان هڪ آهي
جن ماڻهن کي سنڌي ادب پڙهڻ ڏانهن راغب ڪيو.
انهن سمورين مڃتائن ۽ اعزازن کان به وڏا اعزار کيس
سندس پڙهندڙن وٽان ملندو رهيو آهي ۽ سنڌي ادب جي
آسمان تي سندي نالي وارو ماهتاب پنهنجي پوري آب
تاب سان چوڏهين جو چوٽ ته چمڪي رهيو آهي. آئون
سمجهان ٿو ان کان وڏو اعزاز ٻيو ڪوبه نٿو ٿي سگهي.
حسن درس
8- فيبروري 1999ع
چانديءَ جون تارون
عرش جون بلنديون
”نه! نه! نه! تون هرگز هرگز هيٺ نٿو وڃي سگهين،
تون ان لاءِ سوچي به نٿو سگهين!“ سج پهرين کان به
تپي لال ٿي چيو...
”مگر سج... مان هن کي چاهيان ٿو“ آسمان جي لهجي ۾
التجا هئي...
”لعنت هجي اهڙي چاهت تي، پنهنجي عظمت کي سڃاڻ،
پنهنجي بلندين جي شان کي ڏس! ڇا تون پاڻ سان گڏ
اسانکي به نيچ بنائڻ چاهين ٿو...؟
انهيءَ ۾ نيچ بنجڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي سج! خدا اهو
ته ناهي فرمايو ته هڪ ٻئي کي نيچ نظرن سان ڏسو“
اهي فرمان انسانن لاءِ آهن، پاڻ ۽ انسانن ۾ فرق به
ته آهي، پاڻ لاءِ رڳو اهو آهي ته جنهن ڪم لاءِ
اسان کي خلقيو ويو آهي انکي سرانجام ڏيندا رهون“
”پر سج! محبت تي ڪنهنجو اختيار آهي؟“ ڪجهه به هجي،
اسان کي هرگز پسند ناهي. توکي بلندين تي رهي
بلندين سان محبت ڪرڻ گهرجي. مون سان محبت ڪر، تارن
سان ڪر.“
آءٌ تجارت نٿو ڪريان! آءٌ ته محبت ٿو ڪريان
محبت... جا خدا آهي... زمين سان محبت ڪندي مونکي
ائين ٿو محسوس ٿئي جئين آءٌ پنهنجي خلقيندڙ سان
محبت ڪري رهيو هجان.“
خبردار! جذباتي نه ٿيءُ. ايڏي وڏي بي ادبي جي توکي
جرئت ڪيئن ٿي؟ آئينده ڪڏهن زمين لاءِ سوچجان به
نه...“ سج غضبناڪ ٿيندي چيو.
”پر سج! پستي توڙي بلنديءَ کي هڪ جيترو حق حاصل
آهي، هڪ جيترو حق نه هجي ها ته زمين جو عڪس گرهه
جي صورت ۾ ڇو پئي ها. پوءِ ڇا توکي پست نٿو سمجهي
سگهجي!“
”اهو گرهڻ منهنجي بلندين ۾ ڍڪجي ويندو آهي، منهنجي
بلندين کي ڏسندي ڪنهن جي مجال ئي ناهي جو منهنجي
عيب کي ياد رکي سگهي. ڇو ته بهرحال آءٌ بلند
آهيان.“ سج غرور سان وراڻيو.
پوءِ آهستي آهستي سج لهڻ لڳو. اونداهي وڌندي وئي.
آسمان اداس هو. زمين سان ڳالهائڻ لاءِ هن جا چپ
چريا ۽ خاموش ٿي ويا ڇو ته هن ڏٺو ته بي نور چنڊ ۾
روشني اچي رهي آهي.
سندس اداسائي گهري ٿيندي وئي. هن جي تصور ۾ به نه
هو ته انسانن جي دنيا وانگر هتي به ايتري بي رحمي
ٿيندي.
چنڊ هاڻي پوريءَ طرح سان روشن ٿي چڪو هو. هن
پنهنجي نرم لهجي ۾ پڇيو: ”آسمان! تو سج کي ناراض
ڪيو آهي.“
”جيڪڏهن محبت، يعني خدا کي حاصل ڪرڻ ناراضگي آهي
ته مون کي ان ناراضگي جي پرواه ناهي!“
آسمان!“ چنڊ هلڪي دانهن ڪئي...
”هي ڇا چئي رهيو آهين! اسانکي خبر نه هئي ته
بلندين تي رهندي به تون ايتري پست ذهنيت رکندين!
اسان کي ان جي خبر نه هئي. اهو خيال تنهنجي دل ۾
ڪڏهن آيو...؟“
”اسانجي دلين ۾ خدا ازل کان پيار پيدا ڪيو هو ۽
اهو لازوال آهي. منهنجي صبر جي انتها ٿي چڪي آهي
چنڊ! آءٌ پنهنجي زمين جي ڏکويل سيني سان لڳي هن جو
غم پري ڪرڻ ٿو چاهيان! آءٌ هنکي تڙپندي نٿو ڏسي
سگهان، نٿو ڏسي سگهان...“ آسمان جذباتي ٿي ويو.
”مگر خدا اهو ڪڏهن به نه چاهيندو، آسمان!“
”ڇو چنڊ؟ آخر ڇو..؟ آسمان بيتابيءَ سان پڇيو. ”ڇو
ته هن کي اهو منظور ناهي. هيترا سارا تارا اسان تي
کلندا، اسين اهو ڪيئن برداشت ڪداسين؟“ ”تارا؟ تارن
جي ڇا حيثيت آهي چنڊ! آءٌ ته انهن کي به دنيا جي
لاتعداد انسانن وانگر سمجهندو آهيان، جيڪي پنهنجي
منهن، مختلف ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. ڪڏهن به
مطمئن نه هوندا آهن ۽ جن لاءِ پنهنجي عزيز ۾ عزيز
شيءِ قربان ڪرڻ وڏي حماقت آهي.“ آسمان سمجهائيندي
چيو. ”مگر پوءِ اسان جو شان ڪيئن برقرار رهي
سگهندو؟“
”ان ۾ شان جو ڪهڙو سوال آهي چنڊ! خدا جي نظر ۾ سڀ
برابر آهن ۽ هو هر ڪنهن جو شان سندن سٺن اعمالن
سان ئي قائم رکي ٿو. هنجي اڳيان پستي ۽ بلندي ڪابه
حيثيت نٿي رکي.“ ضرور رکي ٿي، تڏهن ته هن اهو فرق
پيدا ڪيو آهي.“ چنڊ دليل ڏنو. ”بس! اهائي تنهنجي
سمجهه آهي؟ آسمان مشڪيو، خدا ته اِهو راز رکيو آهي
چنڊ! جنهن کي پرکڻ واريون تمام گهٽ نظرون ۽
سمجهڻ وارا تمام ٿورا دماغ هوندا آهن. تون، سج ۽
تارا جنهن بلنديءَ تي آهيو، حقيقت ۾ اِها بلندي
ناهي. جڏهن توهان غرور نه ڪريو تڏهن ئي توهان بلند
سڏائڻ جا مستحق آهيو.“
”اُهي وعظ انسانن لاءِ آهن، توکي ته بهرحال اسين
زمين سان ڪوبه واسطو رکڻ نه ڏينداسين، اهو خيال ئي
دل مان ڪڍي ڇڏ.“
”چنڊ... چنڊ! تون ته تمام معصوم لڳندو
آهين...معصوم چهرا ته ايڏا پٿر دل نه هوندا آهن...
سهڻا چنڊ مونکي وڃڻ ڏي. ايڏو بي رحم نه ٿي.“
” نه آسمان، ائين نه ٿو ٿي سگهي.“
”ڇو نٿو ٿي سگهي؟“ آسمان کي جوش اچي ويو.
”مونکي هاڻي ڪير به نٿو روڪي سگهي! مون کي وڃڻ
گهرجي! آءُ ويندس! آءُ ضرور ويندس! آءُ وڃي رهيو
آهيان...
آسمان هيٺ لهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري مگر ائين ڪرڻ سان هن
کي محسوس ٿو ٿئي ته هو پنهنجي جاءِ تان ذرو به نٿو
چري سگهي هن وري به ڪوشش ڪئي مگر ناڪام رهيو.
”ها... ها... ها!! ڏٺئي:“ چنڊ کلڻ لڳو. سندس معصوم
چهري تي طنز جي ڪيفيت ظاهر ٿي بيٺي. ”توکان شايد
اهو وسري ويو هو ته تون ڪنهن قانون جو پابند آهين.
خدا اهو بلڪل نٿو چاهي، جيڪو تون ٿو چاهين. توکي
خبر ناهي ته توکانسواءِ اسان ڪنهنجي سهاري
جيئنداسين؟ بهرحال هاڻي جڏهن توکي هيٺ لهڻ جو حق
ناهي، تڏهن زمين سان ڳالهائڻ جو به حق ناهي. ڇو ته
تون بلند آهين... بلند...“
آسمان خاموش رهيو... قدرت جي قانون اڳيان هن جو سر
جهڪي ويو، اڄ پهريون دفعو هن کي محسوس ٿيو ته هو
ڪيڏو نه مجبور آهي!
اونده... تمام گهڻي اونده پوري دنيا تي ڇانيل
هئي... تاريڪي ۽ ويراني جا ڪارا ڪڪر اڃا به گهڻا
ٿي ويا. هوريان وهندڙ دريا جي ڪناري تي دونهون اٿڻ
لڳو... دونهون... جو زمين جي دل مان نڪتل دردن جو
دونهون هو. آسمان ڏانهن وڌندو ويو، ۽ بادل بنجي
ڇانئجي ويو، ان کي محسوس ڪري آسمان جي اکين مان
هلڪا هلڪا لڙڪ برسات جي شڪل ۾ وسڻ لڳا، ڪائنات کي
سهارو ڏيڻ واري زمين شڪست خورده انسان وانگر خاموش
هئي. ڇو ته هن کي تمام گهڻا ڏک هئا، هن جو اندر ڏک
۽ غم سببان ڦلوڪڻا بنجي ويو هو.
جيئن جيئن ڪڪر وڌندا ويا، تيئن تيئن آسمان تي
تاريڪي ڇائنجي وئي. رات جي تاريڪي...گهري...تمام
گهري، جنهن سڀني تارن کي لڪائي ڇڏيو.
زمين! هڪ معصوم ۽ نرم آواز ۾ سر گوشي ڪئي.
چئه آسمان...“ هن جي آواز مان مظلوميت ظاهر ٿي رهي
هئي.
”اڄوڪي رات پنهنجي آخري رات آهي...“ آسمان ڏکويل
لهجي ۾ چيو، ”ها... آءٌ ڄاڻان ٿو...“
”پوءِ تو خاموش ڇو آهين؟...“
”آءٌ چئي به ڇا ٿو سگهان...؟“
”زمين... آءٌ قدرت جي قانون جو پابند آهيان، ۽ ان
جي حڪم کان سواءِ هڪ ذري برابر به نٿو چري
سگهان... آءٌ هيٺ نٿو لهي سگهان زمين... زمين! آءٌ
بيحد مجبور آهيان... بيحد... آءٌ ڪجهه به نٿو ڪري
سگهان، ڪجهه به نه... مونکي بلندين تي رهندي به
آزاديءَ جو حق ناهي. مون کي ڀل توسان محبت هجي...
تنهنجي جدائيءَ ۾ منهنجي دل ڀل ٽڪر ٽڪر ٿيندي هجي
مگر تڏهن به مونکي اختيار ناهي ته توسان ملان. ان
لاءِ ته آءٌ مجبور آهيان... بيوس آهيان.. منهنجي
زمين... منهنجي پياري زمين...“ آسمان سڏڪي ٿو.
”آءٌ تنهنجيون مجبوريون سمجهان ٿي آسمان! مونکي
ڪابه شڪايت ناهي... آءٌ پست آهيان! انهي لاءِ ته
توکان گهڻو هيٺ آهيان... آءٌ گنهگار آهيان! انهيءَ
لاءَ ته دنيا جو هر گناهه منهنجي مٿان ٿئي ٿو ۽
تيستائين ائين ٿيندو رهندو. جيستائين هي دنيا قائم
آهي.“
”ائين نه چئه زمين... ائين نه چئه.... تون گنهگار
ناهين، گنهگارن توکي ان جو احساس ڏياريو آهي.
گناهه سماج سان تعلق رکن ٿا. تنهنجو انهن سان ڪهڙو
واسطو؟“
”ڪاش! دل رکڻ وارين ڳالهين سان دل جا زخم ڀرجي
سگهن... پر اها حقيقت آهي آسمان! ته آئون تنهنجي
قابل ناهيان... تون بلند آهين... روشن آهين... ۽
آئون... آئون...“
”زمين! زمين! منهنجي زمين... خدا جي واسطي ائين نه
چئه... ائين نه چئه... منهنجي دل ڳڀا ڳڀا ٿي
ٿئي... ڪاش زمين! آئون به تنهنجو ئي هڪ حصو هجان
ها ته اڄ مون کي فخر محسوس ٿئي ها. تون ڪيتري بلند
آهين. تون ڪيڏي نه عظيم آهين. ڪاش! توکي ڪو
منهنجين اکين سان ڏسي ۽ محسوس ڪري...“
”آسمان...! اهي انسان، جيڪي منهنجي مٿان رهن ٿا،
جن جو آئون سهارو آهيان. جيئڻ ۽ مرڻ تائين اهي مون
کي حقارت جي نظر سان ڇو ٿا ڏسن؟ ڪنهن جي گهٽتائي
جو مثال پيش ڪرڻ مهل به اهو ئي چيو ويندو آهي مون
توکي آسمان جي بلندين جهڙو سمجهيو هو، مگر تون
زمين جهڙي پست ثابت ٿئينءَ.. ذليل نيچ.‘ آسمان!
اهو ٻڌي منهنجي ڪهڙي حالت ٿيندي هوندي. ان بابت ڇا
چوان؟ ايترو احساس ضرور ٿيندو اٿم ته خدا وٽ مون
لاءِ انصاف ناهي. مونکي ڪهڙي گناهه جي سزا ملي آهي
جو منهنجي لاءِ هر قدم تي ڪنڊا پوکيا ويا آهن.
جڏهن مونکي انهن جو سهارو سمجهي بنايو ويو آهي ته
مون سان اهڙي هلت ڇو ٿي ڪئي وڃي. آسمان! اهو ته
آئون روز ٻڌندي آهيان ته، ’هو هڪ شريف، امير
گهراڻي جو چشم و چراغ ۽ هوءَ هڪ نيچ گهراڻي جي
ڇوڪري، ٻنهيءَ جو جوڙ ڪيئن ممڪن ٿيندو؟ زمين ۽
آسمان جيترو فرق آهي...‘ هرڪو پنهنجو پنهنجو مثال
پيش ڪري ٿو. جڏهن دنيا وارا پنهنجي ميلاپ کي
ناممڪن ٿا سمجهن ته سج ۽ چنڊ ته بلند هستيون آهن.
اهي ڪيئن گوارا ڪندا؟ خود قدرت به ته اهو نٿي چاهي
آسمان! پوءِ پنهنجي ڇا مجال آهي؟ آسمان! گناهه
هڪڙا ڪن ۽ سزا موکي ڇو ٿي ملي؟ پستيءَ تي پرورش
ڪندڙن کي به خدا بلنديءَ جو درجو ڏئي ٿو. ڪيترا
عظيم انسان منهنجي مٿان گذري ويا آهن ۽ مون ۾ دفن
آهن. اهي سڀ بلند هئا ليڪن آئون اهائي پست رهيس.
آسمان! آئون ڪيتري نه مظلوم آهيان...“ زمين جو
آواز ڏک سبب ڀرجي ٿو وڃي.
”ڪاش! آئون ڪنهن قانون جو پابند نه هجان ها ته اڄ
تنهنجي سيني سان لڳي، تنهنجا سڀ غم دور ڪريان ها،
پر منهنجي زمين... آئون هاڻي به توکان جدا
ناهيان... توکي نٿو وساري سگهان زمين! تنهنجي ياد
منهنجي دل ۾ ڪنهن ڪنواري، ڪنول جيان سدائين ٽڙندي
رهندي... آئون خاموش هوندس، مگر جڏهن منهنجون
اکيون وسنديون تڏهن تنهنجي مٿان سرسبز ۽ شداب
ٻوٽا، وڻ ٽڻ ۽ گل ڦل لهرائيندا. اهڙيءَ طرح مونکي
اهو سڪون ملندو ته آءٌ تنهنجي ويجهو اچي ويو
آهيان... ايترو ويجهو جو تنهنجو هڪ حصو بنجي ويو
آهيان! ۽ زمين ڇا تون مونکي پاڻ وٽ ڏسي خوش نه
ٿيندينءَ ٻڌاءِ...؟
”اوه آسمان!“ سڏڪا... آهون...
”۽ ٻڌ زمين! منهنجي تصوير به تنهنجي سيني ۾ سدائين
محفوظ رهندي. اهڙي ڪا صورت ئي ناهي، جا تنهنجي
سيني جي شفاف سمنڊ، دريائن ۽ چشمن کي مونکي توکان
الڳ رهڻ لاءِ بند ڪري ڇڏي.“
”آسمان...!“ سڏڪا... خاموشي.
”زمين! جڏهن تنهنجو عڪس سج ۽ چنڊ تي پوندو آهي
تڏهن هو پنهنجي حسن کي داغدار سمجهندا آهن. پر
زمين! مون کي ان مهل هو ٻئي ڏاڍا حسين لڳندا آهن.
مون کي ائين لڳندو آهي جيئن تون، مون وٽ اچي وئي
هجين.“
”.......“ زمين خاموش آهي. |