مِٺو ڀَتُ
”اَئي ڀاڳلَ، اُٿ ڀلا! دير ٿي وئي، زالون مِڙيون
ويٺيون آهن!“ راڄ جي وڏڙيءَ حاجاڻي خيربانوءَ،
ڪوٺيءَ ۾ گهڙندي، فڪرمند ٿي چيو.
”حاجاڻي، ٽي لڳي ويا، هيانءُ لُڙهي ويم. ڪو ڀور
ذرو پيٽ ۾ وجهان ته اچان ٿي.“ شيدياڻي ڀاڳل ناز
مان اکيون ڦرڙائيندي چيو. سندس اِن ادا ۾ پيشو
ڪندڙ زالن جهڙي بناوٽ هئي. ڀر ۾، ڀت جي ٽيڪ تي
ويٺل، پورن ڏينهن سان، هاشو پخاليءَ جي زال عاشو،
جيڪا پنهنجن چئن ٻارن کي سمهاري، بي فڪري ڪندي،
داداگيرن وانگر ’ڪي- ٽو‘ جا ڪَش هڻي رهي هئي، تنهن
ڏانهن منهن ڪندي، اڻوڻندڙ انڪار مان بلغم ڀريل
آواز ۾ چيائين: ”اِهي سُر ڪين اٿئون، پر وَهي نه
وَهي وٺ رينگٽ کي!“
”واهه جا ڳالهه ڪئي اٿئي!“ عاشوءَ پيلا، ڪٽيل ڏند
ڪڍي، زور سان ڀاڳل جي سٿر تي هٿ هنيو. هوءَ گهري
سانوري رنگ جي، کٽ کٽيلي زال هئي. سندس اکيون
مرانجهڙيون، پر ڳاڙهيون هيون، جن مان بيحيائي پئي
بکي.
”چڱو، چلم کي هيڏانهن ڪر. ڦوڪ ذري ته ڀري وٺان،
زالن ۾ ته پيتي نٿي ٿئي.“ حاجاڻي خيربانوءَ، ورهين
کان سور ۾ ڪڙهندڙ گوڏن کي پيڙا مان جهلي، منجهيءَ
تي ويهندي چيو.
”توڀان، حاجاڻي، اهو به ڪونه سٺئي! اچي، وٺ...“.
ڀاڳل لچائيءَ سان حاجاڻيءَ کي گهوريو. وري
پاڻمرادو نڪ تي اڱر رکندي چيائين، ”مائي، ڳالهه
ڪين جُٺ! ڪا مهل ٿي آهي، رئيسن مان ڀور ذرو به نه
آيو! وڏا ماڻهو آهن، وئي هوندن ڳالهه وسري. ٺهيو،
وڃيو ٿي رڌڻي ۾ ڏسان. من ڪو رکو سکو ملي وڃيم.
حالي ته هنيانءَ جهلو ڪري زالن ۾ ويهڻ جهڙي
ٿيان... رب منهنجا رحم ڪجانءِ!“ گوڏن کي جهلي اُڀو
ٿيڻ مهل، هميشہ رب ياد پوندو هوس. کيس به ڄڻ سور
جون سَٽون سنجريون هيون.
ڇا ته ڏينهن هئا مائي ڀاڳل جا! بَلي... ڪرائيءَ ۾
ٻڌل مرداني واچ، پيرن ۾ ڪشن سان چيچاٽ وارو بوٽ،
هٿ ۾ پاسينگ شو جو پاڪيٽ، ٻارهن والن جي سلوار ۽
ڪلهي تي اجرڪ، ٻاچ ۾ وڏي ڳاڙهي ٽڪ سان خوفناڪ قسم
جي منڊي، عطر ۾ ٻڏل کيسي مان لڙڪيل رومال، کل ته
ائين چمڪندي هيس جيئن ڪاري بوٽ تي ڪِوي پالش! سندس
هلڻ جي لوڏ ئي بس هئي. اڳهين قدبت جي جانٺي، ويتر
جو مٿان اها ٺاهه ٺوهه، تنهن ورهيه کان ’ڪوٽن ۾
قابو‘ ٿيل ڪيترين زائفائن جا تختا ئي ڪڍي ڇڏيا-
سندس اک جي هڪ اشاري ڪاڻ جهڙيون مانديون. مڙس کي
ته سنجهي ئي ’طلاق‘ ڏيئي آجو ڪري وڌو هئائين. باقي
سندس مرادانگيءَ جو ڀرم رکندي هڪ پٽ به ڄڻي ڏنو
هئائينس، ۽ پاڻ اڪيلي سر پئي هرڻ جهٽيندي هئي،
ڪڏهن رئيسن جي حويليءَ، ڪڏهن ڪامورن جي ڪوٺين، ۽
ڪڏهن وڏيرن جي ديري، مطلب ته ساهيڙين جي کيس ڪمي
ڪانه هئي- بس جنهن تي ’راڻي جو راز‘ . ’ساهيڙين‘
جا فرض پورا ڪرڻ جي عيوض کيس کاڌي پيتي کان وٺي
ڪپڙي ڏوڪڙ تائين سڀڪجهه پيو ملندو هو، جنهن سان
سندس سڪيلڌي پٽ ۽ ڏهاڳ ڏنل مڙس جي پورائي پڻ پئي
ٿيندي هئي. پر وقت بادشاهه، وڏا وڏا نشان ڊاهيو
ڇڏي. هيءَ به وقت جي وير ۾ وهي، جو ڪٿي اچي پهتي
هئي. ”ڇو پاڳل، ڍري ڇو ٿي وئي آهين؟“ ڪير کڻي
پڇندو هوس؛ ته پاڻ ڏاڍيءَ بيحيائيءَ سان اک ڀڃي
چوندي هئي: ”هاڻ چيلهه ۾ اڳيون دم نه رهيو اٿم.“
ساهيڙپ جي ڌنڌي کان پينشن وٺڻ کان پوءِ، سندس شمار
باقاعدي ’ردي گهوڙن‘ واريءَ قطار ۾ ٿيڻ لڳو. عمر
جو آخري حصو شادين غمين طهرن ۽ نذر نياز ۾ گذرڻ
لڳو هوس. زماني جي جهوني پر تڏهن به گڙي تڙي هئڻ
ڪري راڄ ڪاڄ ۾ سڀني کان اڳري اهميت ملندي هيس. اڄ
پڻ هوءَ خانبهادر الهه جڙئي خان جي گهر سندس مرڻي
تي، راڄ جي وڏڙين جي صلاح سان، پنهنجي ٽوليءَ سميت
لٿل هئي.
چاشني، سيرو ۽ مالپڙو، جي هُن گهر موڪلڻ لاءِ پٽس
جي انتظار ۾ صبح کان ئي ’پاسيرا‘ ڪري رکيا هئا، سي
به بک کان پاهه ٿي کيس ئي کائڻا پيا. کائي پي،
ڏاٺون کوٽي، واڇون اُگهي، کنگهڪار ڪري ٻڪل هڻي،
جڏهن ورانڊي ۾ ويٺل تڏي تي زالن اڳيان آئي، ته
سندس منهن پاڻمرادو لٽڪي پيو خانبهادرن، خانصاحبن،
سردارن، رئيسن، وڏيرن ۽ آفيسرن جي خاندانن کان
وٺي، علو ڪاسائي، ربو کٽي ۽ قاسو حجام جي خاندان
جهڙين زالن جا ڪٽڪ ويٺل هئا. هيٺيون طبقو ته اڃان
پئي آيو، جن ۾ زالو گهٽ ۽ ٻار گهڻا هئا. ٻار وري
اهڙا جو ڄڻ ڏڪاريل گهرن مان آيل هجن. ايندي ئي
گِلم تي ليٿڙيون پائي مانيءَ لاءِ رڙڻ شروع
ڪيائون. ٿڃ پياڪن جو ته خير ’ريڊي ميڊ‘ معاملو هو،
باقي ٻين جي ته رڙ مٿي رڙ پي پئي، ۽ جڏهن مڙس جي
غم کان بيحال زينب کي، جيڪا لڙڪن کي ضبط ڪرڻ جي
ڪوشش ۾ ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺي هئي، ڀاڳل اچڻ شرط منهن
تي ڪپڙو وجهي، ڀاڪر پائي وڏا وڏا پار ڪڍي روئڻ
لڳي. تڏهن مس وڃي ٻارن هيسجي روئڻ بند ڪيو.
”جهالر جهوني نه ٿئيئي. اڄ تنهنجي نڪؤن لٿي نٿ،
پير پٽؤن ڪونئرا، تنهنجا راڻي ڪيا رت،
او جبل، مون سان روءُ، ڪڍي پار پنهونءَ جا.“
ڀاڳل درديلي انداز سان پار به ڪڍي رهي هئي، ۽ سڏڪا
به ڀري رهي هئي.
”ڪڪر ڪر ڇانوَ، منهنجو پنهل پنڌ ۾.“
”اي اما! جوڳي نه ڪجن مِٽ، جن جو پنڌ پري!“
”ويهي ڀِٽن ڀر، ڏکياَ ڪاٽيم ڏينهڙا،“
سورن جو هي ثمر، لکيو آهه نصيب ۾.“
”جانب سوا جڳ ۾، جالڻ ٿيو جنجال،“
جندڙي ٿي وبال، پنهون ڌاران پنڌ ۾.“
ڀاڳل اِهي پار اهڙي ته ڏک ۽ سوز مان ڪڍي رهي هئي
جو زينت جي لڙڪن جو بند ٽٽي پيو. هوءَ هيانءَ ڦاڙ
اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. سندس ٻارن ۽ عزيزن جو به
روئڻ ۽ غم کان بروحال هو. ڪجهه ڌاريون زالون تڏو
پرايو، سور پنهنجا‘ وانگر، درد انگيز پار ٻڌي،
لڙڪن کي جهلي نه سگهيون، ۽ ڪي ته صرف هر لحظي
زوريءَ ٿڌا ساهه کڻنديون ۽ رکي رکي توبهه- توبهه
جو نعرو بلند ڪنديون رهيون، کين ڪير سمجهائي ته
خدا جون بنديون ڏک جو اظهار خاموش رهي به ڪري
سگهجي ٿو.
زالن کي روئڻ ۾ مشغول ڏسي، ’بيگم ڏندين ڏاند،
کُرين گابي‘- جيڪا انهيءَ نالي سان ئي مشهور آهي،
۽ کڏون کوٽڻ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ آهي- تنهن کان رهيو
نه ٿيو، ۽ زينب جي گگدام اٻوجهه ۽ مسڪين ڀاڄائيءَ
گُلان کي پنهنجي ويهن تولن جي سونين چوڙين واري
ٻانهن جي ٺونٺ ڪُک ۾ هڻندي، رازداريءَ مان پڇيو:
”زينب جي نڻان شڪارپور کان ڪانه آئي؟“
”هائو! ادي جي وفات کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ کيس ڏسي،
ڳالهائي ٻولهائي، ادي جي موڪل سان ئي هلي وئي.“
گلان ڪک ۾ لڳل ٺونٺ جو سور پيئندي جواب ڏنو.
”بس؟ پوءِ وري ڪانه آئي؟“
”مڙس جي حالت اوچتو خراب ٿي پيس. ڊاڪٽرن بنهه کٽ
کان هيٺ پير رکڻ نٿي ڏنس. ٻيو ته سندس ننڍڙو ٻار
بخار جي مَچ ۾ هو، تنهن کي ڪنهن جي حوالي ڪري اچي
ها.“
”آخر گهر ۾ ٻيو به ته ڪو هوندس؟“
”ڪٿي ادي! ويچاري جو سهرو ته وڃي رب کي رسيو، سسڻس
سنجهي ئي سڀ لاڳاپا لاهي وڃي ٻيو مڙس ڪيو. باقي نه
نڻان، نه ڏير، الله جو نالو موچارو.“
”ڇا هو، پوءِ هتي به گهڻئي ڊاڪٽر هئا، کڻي اچي
ها.“
”فون تي چيائين پئي ته ڀاءُ سان ملڻ نه ٿئيم ها
ته پوءِ ور ۽ گهر کي خدا جي حوالي ڪري، گهڙيءَ
لاءِ ته اچي سندس ديدار ڪريان ها؛ پر خدا کي جو
ساڻس مرڪندڙ، نماڻي چهري سان آخري ملاقات ڪرائڻي
هئي، ۽ اها ڳالهه هميشہ لاءِ ذهن ۾ رکڻي هئي، ته
پوءِ ڇو ڀاءُ جو بيجان چهرو ڏسان، ۽ ڪهڙي دل سان!“
”چئبو ته هنجي طبيعت ئي اهڙي آهي- وڏائي خور ۽ سخت
دل. جڏهن پنهنجن ڪاڻ اهڙي آهي، تڏهن پوءِ ساڻس ٻين
جون ڪهڙيون ميارون.“
”ها، بس، پنهنجي طبيعت اٿس.“ گلان جند ڇڏائڻ لاءِ
سادگيءَ سان ايترو چئي کڻي ماٺ ڪئي.
مائي، توبهن! ڀاءُ جي مرڻ تي به نه آئي!“ بيگم
ڏندين ڏاند کي ڄڻ سياسي ٽاپڪ ملي ويو، ۽ اوسي پاسي
ويٺل زالن سان ناسون هڻي، دير تائين انهيءَ موضوع
تي گفتگو ڪري، پاڻ کي توجهه جو مرڪز بڻائيندي رهي.
”مائي رن آ ڪين راهُو! هتي به کُنڌ- لايو ويٺي آ!“
هڪ مائي ڪڪ ٿي ٻيءَ کي چيو.
”بلي، اسان ڪاڻ زال ٿي پئي آ... يتيم ڀاڻيجي مُيس
ته ڪفن به ڌارين ڏنس. پاڻ مِکر صدمي کان ڏندڻجي
پئجي رهي. ٻيو ته ٺهيو، پر پنهنجن نياڻين کي به
ڪونه ڇڏيائين- ڇو ته ڊپ ٿيس جو غريب جي گهر وڃڻ
سان متان سوني ڪلنگي نه لهي پوين!“ ٻيءَ زائفان،
’هَڻ ڌيءَ کي سِکي نُنهن واري لهجي ۾ چيو.
”هائو، ڀيڻ، بروبر. مينهن پنهنجي ڪارهن نه ڏسي،
ڍڳيءَ کي چئي، هل ڙي پُچ ڪاري!“
بيگم ڏندين ڏاند به آخر سَر ڦٽايو ويٺي هئي، سمجهي
وئي ته اشارو ڏانهنس آهي. پر پرايو راڄ، پرايو
تڏو- ٿڌو ساهه ڀري، کڻي ماٺڙي ڪيائين.
ڀاڳل جڏهن پاڻ اڌ- مئي ٿي ۽ گهر وارن کي اڌ- مئو
ڪيائين، تڏهن وڃي زينت کي ڇڏيائين، ۽ منهن تان
گنديءَ جو پلاند لاهي، نڪ کي جهليندي، هڪ وڏي ڦون
ڪري، سِنگهه لاپرواهيءَ سان اُڇل ڏنائين، جا ٽڙاڪ
ڪري وڃي ڀر ۾ ويٺل هڪ معزز بيگم صاحبه جي جارجٽ
نائلان بادلي سان ڀريل ڪاريءَ ساڙهيءَ تي لڳي،
جنهن کي هوءَ خاص طرح سان مرڻن جي موقعن تي
پائيندي هئي- تنهن ڇرڪ ڀري، بيوسيءَ مان ڀاڳل جي
گهاٽي، پيليءَ ۽ سائيءَ سنگهه ڏانهن نهاريو.
هيانءَ تي ڄڻ مُهري لڳي ويس. نازڪ موقعو ٿي پيو
هو، انهيءَ ڪري سور پي وئي. باقي جن زالن جي مٿس
نظر پئي ۽ جيڪي هن نڀاڳيءَ ساڙهيءَ کان اڳ ئي
ڇرڪيل هيون، سي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳيون.
”ائي چڱو ٿيس!“ هڪڙيءَ ٻي جي ڪنن ۾ سُرٻاٽ ڪيو.
”نڀاڳي ڏيڻ، جتي ٿو ڪو قضيو ٿئي، اُتي ڪاري ساڙهي
اوڍيو بيٺي آهي! وري اهڙي ته چنڊال آهي جو ان
ساڙهي کي ڊراءِ ڪلين ڪرايو وريو ڪنهن ٻئي قضيي
لاءِ سانڀيو رکي.“ ٻيءَ سرٻاٽ جو جواب ٻوڪاٽ ۾
ڏنو.
”انگريزن ۾ اهو رواج آهي.“ ٽينءَ زال وري پنهنجي
ليکي انسائيڪلوپيڊيا آف برٽينيڪا جي هڪ باب ۾
اضافو ڪيو.
”ائي آهي وڏي، ٻڌايانس وري... وڪٽوريا جي ڌيءَ!-“
”ڀيڻ، اهو وڏن ماڻهن جو فيشن آهي.“
”باهه لڳي اهڙي فيشن کي!“
ڳچ وقت تائين سندس باري ۾ اهڙي سس پس ٿيندي رهي.
ايتري ۾ شهر جي هڪ ٻي معزز ۽ پڙهيل لکيل خاتون،
چپن تي سرخي، ڳلن تي هلڪي لالي، ڪاريءَ عينڪ سان
اچي سهڙي. سندس ڳاڙهو، گهنجن وارو چهرو ڏسڻ سان
ائين پئي لڳو، ڄڻ ريفريجريٽر ۾ رکيل پاروٿو ٽماٽو.
پٽ تي زالن جي ويٺل ميڙ مان پاڻ بچائيندي ۽ نخري
مان هوريان هوريان وکون ڀريندي، اچي زينب جي اڳيان
اونڌا گوڏا ڪري ويٺي، ۽ پنهنجو هٿ زينب جي پٺيءَ
تي رکي، ٿڌو ساهه کڻي چيائين:
”بس جيڪو الله کي منظور هو سو ٿيو. روئڻ مان ڇا
ورندو.“
ويٺل زالون حيرت مان سندس عذر خواهيءَ جي رُکي
نموني کي وائڙيون ٿي ڏسي رهيو هيون. ۽ اڃان سوچ ۾
ئي هيون ته هن پرس کوليو ۽ ويهه رپيا ڪڍي، ٻيهر
ٿڌو ساهه ڀريو، ۽ ڏهين- ڏهين جا ٻه نوٽ زينب جي
جهوليءَ ۾ لاڙي ڇڏيائين.
”هن مان نيرن- پاڻي ڪري ڇڏجو. آءٌ ويلو ڪريان ها،
پر مون کي ڪنهن ضروري ڪم سانگي لاهور وڃڻو آهي.“
هيءَ اهائي زال هئي، جيڪا مرحوم خانبهادر جي
حياتيءَ ۾ زينب جون طرح طرح سان خوشامندون ڪري کيس
پنهنجو سچو همدرد، ڀيڻن کان وڌيڪ غمخوار ظاهر ڪندي
هئي- رڳو ان ڪري جو سندس گهرواري جا ڪيئي ڪم
خانبهادر مرحوم ۾ ڦاٿل هوندا هئا.
نوٽ ڏسي، زينب جي چپن تي کن لاءِ هلڪي ڦڪي مُرڪ جي
لهر اُڀري- اهڙي مرڪ، جنهن ۾ لڙڪن کان به گهڻو درد
هوندو آهي. سندس دل چاهيو ته زور زور سان ٽهڪ ڏئي،
ايترو زور سان جو مڙسس جي فاتحا تي آيل معزز بيگم
صاحبه انهن اُٻرندڙ بيدي وانگر ٽهڪڻ لڳي. پر ٽهڪ
هنجي نڙيءَ ۾ سڏڪا بنجي رڪجي ويا.
”ان جي ڪهڙي ضرورت هئي، ڀيڻ!“ هن ايترو چئي، ڪنڌ
لاڙي ڇڏيو.
”بس، اهي دنيا جون ريتون آهن.“ هن هڪواري ٻيهر
شوڪاري جهڙو ساهه کنيو.
’ريتون... ڪيتري نه هڪجهڙائي آهي انهن ريتن ۾- موت
جون ريتون، شاديءَ جون ريتون...‘ هوءَ اکيون ڦاڙي
نوٽن کي ڏسي رهي هئي. جن ۾ کيس پنهنجي تصوير نظر
اچي رهي هئي. سندس ذهن ماضيءَ طرف موٽي چڪو هو...
هن جي ڪنن ۾ شهناين جو آواز ٻُري رهيو هو... جرڦل،
روشنيءَ جي ننڍڙن بلبن وانگر ذهن ۾ پکڙجي ويا هئس-
مڱڻو- ونواهه- ميندي- شادي ستاوڙو- هڪ هڪ ٿي، سڀ
موقعا ذهن جي پيچرن مان گذرڻ لڳس... ڳاڙهي وڳي ۽
سونن زيورن سان جهنجهيل سندس ڪنڌ، شرم کان جهڪيل
هو. هرڪا سلاميءَ جا نوٽ هنج ۾ وجهي رهي هيس....
هن هڪ دفعو ڪنڌ مٿي ڪيو، ۽ ڏهين- ڏهين جي ٻنهي
نوٽن کان جهوليءَ کي خالي ڪيو. کيس ڪهڙي خبر هئي
ته هڪ دفعو اهي
نوٽ وري ڏهاڳڻ جي جهوليءَ ۾، سندس اڇي وڳي ۽ غم
کان جهڪيل سِر جو ائين مذاق اُڏائيندا، ۽ نڪاح ۽
ستاوڙي جون رسمون، ٽيجهي، چاليهي ۽ عدت ۾ تبديل ٿي
وينديون. هڪ اڻڄاتل پيڙا سندس وجود کي وڻ- ويڙهيءَ
وانگر وڪوڙي ڇڏيو هو.
”بابا، پردو ڪريو، ماني ٿي اچي.“ اُستي ابن
کنگهڪار ڪري ڏيڍيءَ مان رڙ ڪئي.
”ماني! ڪٿي آ ماني؟ ڪنهن چيو ماني؟“ ڀوپي نوران،
جا بک کان پاهه ٿي اتي ئي گلم تي، برقعي مٿان بوبڪ
جي ڳيري جيان جهوٽا کائي رهي هئي، مانيءَ جو ٻڌي
ٿاٻڙندي اٿي کڙي ٿي. اوٻاسي ڏيڻ سان سندس اکين ۽
واڇن جي ڪنڊن تي ويٺل مکين ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو، ۽
هوءَ ڀواتئي نموني نڪ، واڇن ۽ هٿن جي حرڪت کان کين
پري ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي، اٿي رڌڻي ڏانهن ڀڳي.
علو ڪاسائيءَ جي زال، جنهن ٻار کي ٿڃ پئي ڏني،
تنهن به مانيءَ جي نالي تي ايڏو ته ڇرڪ ڀريو جو
ٻار جي وات مان ٿڃ ڇڏائجي ويس، ۽ هو ڪاتي پيل ٻڪري
وانگر گلو ڦاڙي رڙڻ لڳو.
”ائي امان! ننڍڙي کي کير ڏينس، روئنئي پيو.“ ڀاڳل
جي ڀيڻ بيبل ٽوڪ واري نموني سان ڌيان ڇڪايس. پر
هوءَ رڌڻي جي آڳر جي اڳيان لهندڙ ديڳن کي ڏسڻ ۾
ايڏو ته غرق هئي جو بيخيالي ۾ ٿڃ کڻي ٻار جي نڪ ۾
ٽنبيائين.
ڀاڳل ۽ حاجاڻي خير بانو، پنهنجو عهدو سنڀاليندي،
وڃي ديڳين جي وَڌ تي ويٺيون. زينب جي ڌيئن جون
جيڏيون سرتيون، بيبل سميت، راڄ کي کارائڻ پيارڻ
لڳي ويون.
ٽن لاوارث ڪراڙين، جن جوانيءَ ۾ پاڙي جي هر ٻار کي
زوريءَ ٿڃ ڏيئي پنهنجي ليکي ڄڻ کير- ماءُ جي
اعزازي ڊگري حاصل ڪئي هئي، تن اصل ويل ٻاري ڏنا.
شادي هجي توڻي غمي، شل نه اهڙو موقعو ملين. پاڻ
کڻائي به وڃي پهچنديون هيون، ۽ ليسوڙيءَ جي جنَ
وانگر وڃڻ جو نالوئي ڪونه وٺنديون هيون. تن اچي
زينب جو پاسو ورتو. حڪم هلائي هلائي، گهر جي ڀاتين
کي ذري گهٽ چريو ڪري وڌائون.
”ائي امان، بلقيس!“ هڪ ڪراڙيءَ ويٺي ويٺي، کنگهندي
۽ چنگهندي سڏ ڪيو. ميٽرڪ جي شاگرد بلقيس کيس سوال
جي نشاني بڻجي ڏٺو.
”ائي امان، چانهه جي ڦڙي! رات کان وٺي لنگهڻي پئي
آهيان. وڻيم ته ڪجهه ئي نٿو، نڙيءَ مان ئي نٿو
لنگهيو ٿئي، پر بک کان ويٺو به نٿو پڄي- پيري آهي،
رڳو ٻه ڍُڪ چانهه جا.“
بلقيس خاموشيءَ سان ڪوپ اڳيان رکي، ڪٽليءَ مان
چانهه اوتڻ لڳي.
”بس بس، ججهي آهي.“ ڪراڙيءَ ڌاڳي سان ٻڌل عينڪ جي
ٿلهن شيشن مان بکايل نظرن سان ٽِري ۾ پيل شيرمال
کي چتائيندي چيو.
”امڙ، شيرمال جو ڇڙو اڌ ٽڪر بس آهي.“ پوڙهي ائين
چوندي، ڪنڌ جهڪائي جيئن ٽري ڏانهن شيرمال لاءِ هٿ
وڌايو، ته سندس عينڪ وڃي ٽري ۾ ڦهڪو ڪيو. ٽري
منجهان چانهه جا ڦڻنگا وڃي بلقيس جي منهن تي ڪريا.
”اُف ڪهڙين ڄرن سان اوسطو پيو آهي!“ بلقيس ڀڻڪندي
ٽري مان عينڪ ڪڍي پوڙهيءَ جي ڏڪندڙ هٿن تي رکي،
جنهن کي ڪراڙيءَ پنهنجي پهراڻ سان اُگهندي، اکين
تي کوپي وانگر چاڙهي ڇڏيو.
”شوو اٿئي ڇا، هٿ ۾؟“ بلقيس جي وڃڻ بعد، بيبل جا
پويان پئي آئي، تنهن کي پوڙهيءَ رڙ ڪري چيو.
”هائو جيجي، ججهو!“ بيبل پنهنجي ٿلهي ۽ ٽوڪ ڀريل
آواز ۾ چيو.
”ڏي ته ڀلا، شيرمال جو ڀور ٻوڙيان کڻي. هيانوَ ته
سُڄيا پيا آهن، پر زالن جي وچ ۾ ٿو ويهجي ته ويهي
نٿو سگهجي، بک جو چڪ هانوَ ۾ لڳو پيو آهي. ادي،
جواني ته ڪانه اٿئون. تون ڀيڻ ويٺي آهين، سڄي رات
پاسن جي سور کان مئي آهيان.“ هن پنهنجن ٻين
جوڙيوال ڪراڙين کي مخاطب ٿيندي چيو.
ايتري ۾ هڪ زال کي ايندو ڏسي کائڻ واري پوڙهي ڏڪي
وئي. گرهه تي هٿ ڍرا ٿي ويس. کيس ڏسندي ئي منهن
چٻو ڪري رڙ ڪيائين:
”زينب کان پڇ، هينئر روئي پٽي ويٺي آهيان. ٽڪر ڀور
به اهو زوريءَ ڏنو اٿن، تنهنجي اڳيان. باقي ستين
مذهبين حرام! منهنجو به ٻچو هو- آنڊن ڄڻيو نه، ته
به کير ته پيتو هئائينم- اُنهن جهڙوئي هو. پڇاڙيءَ
اهو ڏک به ڏسڻو هوم!“ |