سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چانديءَ جون تارون پرهه کان پهرين

باب:

صفحو :22

ڪريم بخش آرام ڪرسيءَ تي پريشاني مان اکيون ٻوٽيون ليٽيو پيو هو. ايتري ۾ در جي گهنٽي وڳي. سندس سنڍو قاسم علي ملڻ آيس. ايندي ئي وڏو ڀاڪر پائي همدرديءَ مان چيائينس، ”يار هي ڇا پيا ٻڌون!“

”سڀ ٺيڪ پيا ٻڌو ادا“ ڪريم بخش ٿڌو ساهه کڻندي وراڻيو.

”پر ادا، هي سڀ ٿيو ڪيئن؟“

”بس ادا، جنهن موٽر تي ناز هئم سائي آڏو آيم. جنهن ٽانگي سان نفرت ڪيم سوئي نصيبن ۾ لڳم.“ ڪريم بخش هرڻي ۽ سڱن واري مشهور ڪهاڻي جو ڊائلاگ پنهنجن لفظن ۾ دهرايو، اکين مان لڙڪ لڙي  چشمي ۾ اٽڪي پيس.

”ادا دل نه لاهي، مڙسن تي مهلون اينديون آهن اهي عهدا ۽ اقتدار ته اچڻ وڃڻ واريون شيون آهن.“

اڄ به ڪريم بخش جو ٽانگو جڏهن ٺنڍي سڙڪ تان ٽاپ ٽاپ ڪري لنگهندو آهي ته پاڻ چوگرد نظر ڦيرائي ٿڌو ساهه ڀري ڇڏيندو آهي.

موڪلاڻي

ڪمري کان ٻاهر ايندي ئي هن جي نظر پيءُ تي پئي، جيڪو الائي ڪيتري دير کان ائين ئي ورانڊي ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويهي گلن جي ڪونڊين کي ڏسي رهيو هو. هنجي ماٺ ٻڌائي رهي هئي ته هو ڪنهن گهري سوچ ۾ غرق هو. هلڻ جو آواز ٻڌي هنجو ڌيان اوڏانهن ويو، هن ڌيءَ کي نماڻائيءَ سان مسڪرائي ڏٺو، هنجي چپن تي به بي معنيٰ مرڪ پکڙجي وئي... هوءَ وڌيڪ اتي نه ترسي سگهي ائين ئي ڀر ۾ پيل ميز تي رسالن کي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳي... هوءَ سوچي رهي هئي... جن نظرن سان هنجي پيءُ هن کي نهاريو، اُهي هميشہ جي نظرن کان ڪيتريون نه مختلف هيون! انهن ۾ خلوص ۽ شفقت نمايان هوندي هئي... پر اڄ هي نماڻائيءَ به گڏ هئي، انهيءَ نماڻائيءَ هن کي بيتاب ڪري ڇڏيو... هو انهي نماڻائيءَ جو راز سمجهي چڪي هئي تڏهن ئي ته هو انهن کي محسوس به ڪري رهي هئي... هوءَ انهن جو تاب نه سهي سگهي ۽ وري واپس ڪمري ۾ اچي وئي.

”هوءَ بيٺي رهي ۽ ڇا ڪري...؟ ڪجهه سمجهي نٿي سگهي... اطمينان ڄڻ هن کان موڪلائي ويو هو احساس هن کي ڪجهه ڏينهن کان گهڻو ٿي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه سڀني جي توجهه جو مرڪز هوءَ هئي. گهر جا ڀاتي هن سان اهڙو ورتاءُ ڪرڻ لڳا هئا جيئن نهايت ئي پيارو مهمان ڪجهه ڏينهن رهي رخصت جي تياري ڪندو هجي.  

هوءَ آرسيءَ وٽ اچي ڦڻي ڏيڻ لڳي، ڪنهن جي قدمن جو آواز ٿيو، هن ڪنڌ ورائي اچڻ واري ڏانهن نهاريو اهو هن جو ننڍو ڀاءُ هو.

’سومر اڱارو‘ پنهنجن ٻن آڱرين کي سامهون جهلي هن مسڪرائيندي چيو ۽ ڪمري مان بي معنيٰ چڪر ڏيئي هليو ويو... ڪيترو نه احساس هو کيس انهن ٻن ڏينهن جو... سندس بي جان مرڪ ٻڌائي رهي هئي. ڦڻي ڏيندي هن جا هٿ رڪجي ويا... يڪدم هن کي احساس ٿيو ته پنهنجي گهر ۾ صرف هوءَ ٻه ڏينهن ئي آهي اهو گهر، جنهن ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جا ارڙهن سال گذاريا، هاڻ ان ۾ کيس ٻه ڏينهن رهڻو هو... صرف ٻه ڏينهن... بس ٻه ڏينهن! ٻه ڏينهن هن جي دماغ ۾ ڄڻ سمائجي ويا هئا.

هوءَ غير ارادي طور رڌڻي ڏانهن وئي- هميشہ وانگر ڪچهري متل هُئي... هرڪو چانهه پي رهيو هو، هوءَ چانهه ته نه پيئندي هئي پر ڪچهريءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ رڌڻي ۾ ضرور ويندي هئي... هن ڀاڄائيءَ سان ذهني پريشاني جو ذڪر ڪندي چيو، ”هاڻ ته هت رڳو ٻن ڏينهن جي مهمان آهيان ڀاڄائي!“

”ائين ته نه چئو، منهنجو هنياءُ ٿو ڦاٽي!“

هن جي ماءُ دانهن ڪندي چيو ۽ هو نماڻائيءَ سان مسڪرائڻ لڳي. چوگرد نظر وڌائين، سڀني جون اکيون لڙڪن سان ٽمٽار هيون.... هن پاڻ کي ٻين تي ظاهر نه ڪرڻ جي خيال کان بظاهر کلندي چيو:

”وڃان ٿي، وڃان ٿي!! توهان ته اجايو روئڻ شروع ڪيو آهي.“

”ها، وڃ، وڃ! ٽر!“ هن جي ماءُ ڏک ۽ روئڻ لڪائڻ لاءِ ظاهري سختيءَ سان چيو، مگر انهيءَ ظاهري سختيءَ ۾ هوءَ ماءُ جي پرخلوص دل ۾ لڪل جدائي جي غم کي سڃاڻي وئي هئي...

ڪمري ۾ آئي ته دريءَ مان ٿڌڙي هير هن جي پسيل ڳلن کي لڳي، هن کي ڏاڍي فرحت محسوس ٿي. هن جي دل ۽ دماغ به انهيءَ فرحت کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو...

”تون منهنجي جنت آهين“... پرڪيف هوا ۾ هڪ نرم ۽ پياري آواز جو احساس هو جنهن سبب چپن تي مرڪ پکڙجي وئي، اهڙي مرڪ جيڪا صبح جو سويري باغ ۾ مکڙين جي شرميلي منهن تي هوندي آهي!... ڪيترو نه اعتماد هو انهن لفظن ۾! ڪيتري نه محبت هئي!

”مون وٽ صرف تنهنجي لاءِ پيار آهي... ۽ بيحد گهڻو پيار.... پيار ئي پيار...! ٻيو ڪجهه به نه...“ ۽ هنجو پيارئي ته هن لاءِ سڀ ڪجهه هو، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي شيءِ ٿي سگهي ٿي!

پر ڇا هو هميشہ ائين ئي رهندو...؟

هڪ مٿاڇرو خيال هنجي ذهن ۾ آيو، الائي متان ناراض ٿي وڃي...

غلط فهميون پيد اٿين... پوءِ...! ڇا ٿيندو؟

”تون اڃا به ائين سوچي سگهين ٿي؟ آءٌ توکان ناراض ٿي سگهندس؟ آءٌ ڪنهن جي چوڻ تي ڇو لڳندس، ڪير توکي منهنجي خلاف ڪجه چوي ته ان تي اعتبار ڪندينءَ؟ نه، ته پوءِ منهنجي لاءِ ائين ڇو سوچيئي؟ پنهنجي زندگي کان ڪڏهن پري ٿبو آهي؟...“

معصوم ۽ ٿڌڙو آواز هنجي ڪنن ۾ ڄڻ سرگوشي ڪئي... پوءِ هن کي ائين محسوس ٿيو جيئن سخت اڃ ۾ ٿڌو ۽ فرحت بخش پاڻي پي وئي هجي!

”آئون توکي پنهنجو اعتبار سمجهندو آهيان... تون خود هاڻي اعتبار آهين...“

”مان توکي ايترو ڀانيان ٿو جو دنيا جون سڀ چاهتون منهنجي چاهت اڳيان نامڪمل آهن.“

صرف عورتون ئي وفادار نه هونديون آهن مرد به وفا جا پتلا ٿيندا آهن.

”آئون ڪيترو به برو سهي، ڪيترو به خراب سهي، مگر هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ... مون کي ڪڏهن به پاڻ کان جدا نه سمجهجانءِ... ڪڏهن به نه سمجهجان... ڪڏهن به نه...!“

”ياد؟ ڪنهنن کي ياد ڪريان تون ياد بڻجي دماغ تي ڇانئجي وئي آهين...“

هن مسرت کان بي قابو ٿيندي پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون، هوا هن کي پنهنجي نرم نرم جهوٽن سان اتي ئي سمهاري ڇڏيو.

ڀر واري هال ۾ ٻارن جي گوڙ کان هن جي اک کلي وئي؛ هن کي ڪاوڙ کان پيشانيءَ تي گهنڊ پئجي ويو هن چاهيو ته وڃي ٻارن کي خوب دڙڪا ڏي، پر اوچتوئي هن کي ڪجهه ياد اچي ويو هوءَ ائين نه ڪري سگهي، هن کي ڏک ٿيڻ لڳو ته ٻارن کي دڙڪن ڏيڻ لاءِ سوچيو ئي ڇو!

هن پنهنجي ڪمري جي هر شيءِ تي نظر وڌي. انهن سڀني جو هاڻ ڇا ٿيندو...؟

۽ پوءِ ڪجهه سوچي هن پنهنجي سڀني شين کي مضبوطيءَ سان تالي ۾ بند ڪري ڇڏيو. هن کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڀائرن جو تنگ ڪرڻ ياد اچي ويو:

”هاڻي هن ڪمري ۾ تنهنجو حق نه رهندو.“

”ڇو ڪونه رهندو.“

”ڇاڪاڻ ته هاڻي هيءَ اسان جو آهي. هي ڪٻٽ به اسان جو، ميز به اسان جي، ڪتاب به اسان جا، سڀ شيءِ اسانجي!“

”هون، ڇو ڀلا، اهي سڀ شيون منهنجون ئي رهنديون آئون ايندس به ته پيئي نه آخر.“ هن پنهنجو پاڻ کي تسلي ڏني.

”اوهون. اهي قبضا ڪونه هلندا، هاڻي اسين مالڪ آهيون، ڪيئن چينا؟“ وڏي ڀاءُ ننڍي کي هُشي ڏني.

”منهنجي ٻچڙيءَ جو هيانءُ ڇو ٿا ڪڍو.“ ماءُ ٻارن کي دڙڪا ڏيندي ڌيءَ جو پاسو کنيو.

”امان ڏس نه، اڃان به پيا ستائين.“

”نه ڌيءَ توسان ڀوڳ ٿا ڪن، ڪير به تنهنجي شيءِ کي هٿ نه لاهيندو تون ڪوبه خيال نه ڪر.“

کيس وري اطمينان ٿيو، ڀلا مذاق ته ڪونه هو جو پنهنجي سالن جي ساهه سان سانڍيل ننڍڙي دنيا ٻارن جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ اهو به جيئري! مگر ڪاش هن کي ڪنهن شيءِ سان به محبت نه هجي ها! هن سوچيو، نه گهر سان نه ماءُ سان، نه ڀاءُ ڀيڻ سان... نه ته انهن سڀني کي ڇڏي وڃڻ جو هن کي بلڪل ڏک نه ٿئي ها. هو پنهنجي نئين منزل ڏانهن، اکين ۾ انهن جي ياد جا لڙڪ ڀرڻ کانسواءِ ئي رخصت ٿي وڃي ها.

اڄ مٿس الوداعي نظرون پئجي رهيو هيون، هن جي زندگيءَ جو هڪ دؤر ختم ٿي رهيو هو... هن تي گهٻراهٽ طاري ٿيڻ لڳي.... هن جو ذهن ڄڻ ته مائوف ٿي ويو ۽ پوءِ اها شام به اچي وئي جنهن ۾ هن کي چادر ۾ لڪايو ويو... الائجي چادر ۾ ڪهڙو اثر هو، جنهنجي پوڻ سان هو خاموش ٿي وئي هئي.... هو ڪجهه نه سوچي رهي هئي... ڪجهه نه ڳالهائي رهي هئي. هن جون سڀ قوتون ڄڻ ختم ٿي ويون هيون. هن پنهنجو جهڪيل سر ٿورو مٿي کنيون... اوچتو هن جي نظر سامهون وئي... اُف! اها ڪهڙي ناقابل فراموش گهڙي هئي....!

هن ڏٺو، هن جو ننڍو ڀاءُ بند ٿيل دروازي جي شفاف شيشي مان معصوميت سان ڏسي رهيو هو... سندس اکين ۾ لڙڪ هئا ۽ چهري تي مرڪ! مگر اهڙي مرڪ جنهن ۾ لڙڪن کان به گهڻو درد هو... تمام گهڻو درد هو...!

هن جي دل تي زور سان ڌڪ لڳو گلي ۾ جهڙا وڍ پوڻ لڳس ۽ هن هڪ وڏي اوڇنگار سان پنهنجو سِر وري جهڪائي ڇڏيو!

نيو فيلڊس طرفان شايع ٿيل ڪتاب

نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻي

Long walk to freedom) جو ترجمو)

(آتم ڪهاڻي- نيلسن منڊيلا)

تاريخ ساز شخصيتن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي قومي اڳواڻ نيلسن منڊيلا جو شمار پڻ ٿئي ٿو. جيڪو اڄ ڏکڻ آفريڪا جي ڪارن توڙي ڳورن جو متفقه صدر بنيل آهي. سندس فڪر توڙي جدوجهد جي روشنيءَ سان سڄو اونداهو آفريڪا منور ٿي رهيو آهي. سندس عظمت جو هڪڙو ثبوت سندس هيءُ ڪتاب آهي. ڏکڻ آفريڪا جي ڳوري اقليت جي نسل پرستي واري حڪومت جي خلاف، جيڪا رنگ ۽ نسل جي بنيادن تي قائم هئي، اُتان جي مقامي ڪارن رهاڪن جي جدوجهد، تاريخ جو هڪ اهڙو باب آهي جيڪا هن دنيا ۾ جيستائين هڪ به انسان جيئرو رهندو، ڏاڍي عزت ۽ احترام سان ڏٺي ويندي. اهي ماڻهو آزادي ۽ انساني بنيادي حقن کان صدين تائين محروم رهيا، کين پنهنجي ئي ملڪ ۾ ويڳاڻو ۽ مهاجر بڻايو ويو هو. کين پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪاري رنگ هئڻ جي ناتي ووٽ، تعليم، نوڪريون، ملڪيت جي خريد ۽ اهڙين ٻين شين کان محروم رکيو ويو هو. جنهن جي نتيجي ۾ اتان جي ماڻهن، پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ شاندار جدوجهدون هلايون، سوين هزارين ماڻهو قتل ٿيا يا ڦاسي چاڙهيا ويا، نيٺ کين پنهنجي جدوجهد جو ڦل آزادي جهڙي خوبصورت نعمت جي صورت ۾ مليو. آزاديءَ جي اهڙي جري ۽ پر جوش سورمن مان نيلسن منڊيلا به هڪ آهي. هن جي جدوجهد تاريخ جو اڻ مٽ باب آهي. هن پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي آزادي واسطي 27 سال جيل ڪاٽيو، پر پوءِ به هو نه جهڪيو ۽ نه وري پنهنجي مقصد تان ڦريو. نيلسن منڊيلا جي هيءَ آتم ڪهاڻي، پهريون ڀيرو 1994ع ۾ برطانيا مان Long walk to freedom جي نالي سان شايع ٿي. اڳتي هلي 1995ع ۾ انهي جا ست ايڊيشن 1996ع ۾ نون ايڊيشن ۽ 1999ع ۾ گهٽ ۾ گهٽ برطانيا ۾ ويهه ايڊيشن ٻيا شايع ٿيا اٿس. تنهن کانسواءِ آمريڪا ۽ ٻين يورپي ملڪن مان به گهٽ ۾ گهٽ ويهه کن ايڊيشن شايع ٿيا آهن. ائين هيستائين انهيءَ ڪتاب جا رڳو سٺ ايڊيشن انگريزيءَ ۾ شايع ٿيا آهن. جڏهن فرينچ، اسپينش ۽ جرمنيءَ کان علاوه ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ پڻ هي ڪتاب ترجمو ٿي شايع ٿيو آهي اندازو آهي ته هيستائين هن ڪتاب جون 50 لک ڪاپيون ڇپجي چڪيون آهن.

نيو فيلڊس جو شايع ٿيل نئون ڪتاب

ماڻهو

(انسان جي ارتقا جي ڪهاڻي)

مصنف: بدر ابڙو

سنڌيءَ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون تحقيقي ڪتاب، جنهن ۾ ڌرتيءَ جي عمر ۽ ان جا دؤر، ڌرتيءَ تي زندگي، ڌرتيءَ تي برفاڻا دؤر، ماڻهوءَ جو جنم، ماڻهوءَ نما مخلوق جا ابتدائي اهڃاڻ، ماڻهو جا ارتقائي مرحلا، ماڻهو جو ڪٽنب، عظيم ٻوڏ، طوفانِ نوح، ثقافتي دؤر، ابو ظهبي ۾ پٿري دؤر، قديم انسان جو مختصر خاڪو، قديم ترين انسان ۽ پٿري هٿيارن جي ارتقا، آفريڪي ڍنڍن جا ڪنارا جتي پٿر جو دؤر شروع ٿيو، آفريڪا مان اسي هزار سال پراڻا اوزار مليا، اوزارن جي ارتقا، اوائلي شڪاري، ننڍن جانورن جي شڪار ۽ شڪارين جو دؤر، ٿڌن علائقن ۾ رهائش پهريون گهر جهوپڙي، موت جو احساس ۽ قبرون، برفاني دؤر جي شڪارين جون قبرون، يورپ جا اوائلي فنڪار، بُت تراشي، ڌٻڻين ۾ نفيس پيچرو برفاني انسان تاريخ کان اڳ واري زماني جو آرٽ، زرعي دؤر جي ابتدا، راجستان ۽ گجرات، سينٽرل انڊيا، سوان ماٿري ۽ پوٺوار، سنگهاؤ غار، سنڌو ماٿري ۾ پٿري دؤر جو آرٽ، چِلاس، بلوچستان ۾ آڳاٽي چترڪاري، سنڌ جا جبل ۽ ٽڪريون، سنڌ ۾ انساني سرگرميون، سنڌ ۾ پٿري دؤر جا ڪجهه ماڳ، گنجو ٽڪر، قديم سنڌين گهر ٺاهڻ ڪيئن شروع ڪيا، پروفيسر آلوچن ۽ سنڌ جون پٿري آباديون، اڪيولين اوزار، تاريخ کان اڳ ڀرپاسي موسمي حالتون، روهڙيءَ واريون ٽڪريون، سنڌ ۾ پرڀاتي اوزار، ٻڌڪي غار، ڪالڪان غار، چچ جي غار، مڪليءَ واري ٽڪري، مڪليءَ ۾ پوريل ڏوماڻي غارون، رني ڪوٽ جون غارون، ڪرچات غار، آدم ڏر، گوندراڻي غارون ڪراچي ۽ لسٻيلي جي ڀرپاسي ۾ پٿري دؤر، سنڌو تهذيب کان آڳاٽا ڪوٽ، سنڌ بلوچستان ۾ سامونڊي ڪنڌيءَ جا ڪجهه پٿري ماڳ، ٿرڙو، سيوهڻ ۽ لڪيءَ لڳ غارون، لڪي غار، سنڌ ۾ قديم انسان جي ماڳن جا تفصيل ۽ انهيءَ کان علاوه گهڻو ڪجهه ڏنل آهي. 150 صفحن تي اسڪيچ، نقشا ۽ فوٽوگراف ڏنل آهن. خوبصورت ٽائيٽل سان سينگاريل. پڪي جلد ۾. ڪل صفحا 450. قيمت 250 رپيا. گهرائڻ لاءِ لکندا: نيوفيلڊس پبليڪيشنس ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد فون: 653270

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com