سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چانديءَ جون تارون پرهه کان پهرين

باب:

صفحو :15

صفوران جي مرضيءَ خلاف ڪا ڳالهه ٿيندي هئي ته سندس موڊ سخت خراب ٿي ويندو هو، تنهن ڪري ڪنهنجي به مجال نه ٿيندي هئي جو سندس مرضيءَ خلاف ٿئي يا حڪم جي پوئواري نه ڪري... البته زبيده مٿائنس ڪڏهن ڪڏهن چوٽون ڪري وجهندي هئي، جيڪي کيس ناگوار ته لڳنديون هيون پر خبر ناهي ته ڪيئن سهندي پئي آهي.

صبح سان جو حليمان کي اجل کنيو سا حڪم هلائي وڃي بورچياڻيءَ گلان سان وڙهي ته قيمي ۾ لوڻ جهجهو وڌو اٿئي. گلا به ميس ميس ڪري روئيندي صفوران وٽ آئي.

”ائي ڇو؟“ صفوران نچڪڻي سان ڀرونءَ پٽيندي چيو.

”آون...آون آنهه آونهه. اِهين اِهين!“

”ائي توکي وري ڇا ٿيو؟“ صفوران نچڪڻو رکي مڇن لاءِ ’ٿريڊنگ‘جا سانباها ڪندي پڇيو.

”سائڻ! توهان جي هوندي حليمان مون تي حڪومت ٿي ڪري... مون سان وڙهي آهي... توهان لاءِ به لفظ ڳالهايا اٿس.“ گلان ساڙ ۾ اُهي ڳالهيون ٻڌائڻ چاهيون جن جو جهيڙي سان تعلق نه هو پر جيڪي شروع ۾ حليمان ۽ هن سنمک ٿي ’ناني ڳوٺڙو‘ ڪري گڏجي ڪيون هيون.

”ڇا آهي آخر؟“ صفوران ڪڪ ٿي پڇيو.

”سائڻ! حليمان چوي ٿي ته منهنجو به حق آهي هن گهر ۾... رئيس سان ننڊي لاڪر راندون ڪڏيون هئم... ۽... ۽... “

”۽ ڇا؟“ صفوران ڊريسنگ ٽيبل اڳيان اٿندي پلنگ تي ويهندي پڇيو.

”چئي ٿي ته پنهنجي ڪونج جهڙي، موتين جي داڻي مثل ڏاڏي پوٽي پنجن پٽن جي ماءُ ويٺي آهيس- پر ڦاٿو آهي ته اشراف کي نڀائڻي پئي.“ گلان پنهنجو هانوَ هلڪو ڪيو.

”تون بس ڪر، آءٌ پاڻهي ٿي ڏسان!“ صفوران چڙ ۾ بنهه باهه ٿي ويٺي. اکين مان ڄڻ اُلا نڪرڻ لڳس، ۽ منهن تي هيبت طاري ٿي ويس. انهيءَ مهل ئي وڃي حليمان تي ڪڙڪي.

”مائي! هينئر جو هينئر وڃو پنهنجي گهر. گهڻوئي رهيون، توهان ڇا ڄاڻو مانَ مان.“

”ادي اسان کان ته ڪا غلطي ٿي ڪونهي، تون ڇو ٿي ڪاوڙجين- مون ٻيو ته ڪجهه نه رڳو نياڻيءَ کي چڱائي چئي- هاڻي اسين ڪهڙو منهن کڻ مائٽين وينديوسين جو انهن کي ڇڏي تو وٽ....“

”ائي ٺهيو ٺهيو، پنهنجيءَ جون ڪونه ٿيون سو منهنجون ڇا لاءِ ٿينديون؟“

اوچتو مٿان رئيس آيو. حليمان کي ڄڻ ساهه پئجي ويو ۽ شڪايت واري لهجي ۾ چيائين.

”ادا، ڀاڄائيءَ کي ڏسين ٿو...!“

رئيس حليمان جي ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪري ٻئي ڪمري ڏانهن چُپڙي ڪري هليو ويو.

”ائي ادي ڀلا ٽانگو ته گهرائي ڏي.“ ڪا واهه نه ڏسي حليمان، صفوران کي چيو.

”نوڪر واندا ڪونه آهن، پاڻهي وڃي ڪريو.“ صفوران بنهه اکيون ڍڪي ڇڏيون- ۽ انهيءَ مهل ئي هو برقعا پائي رمنديون رهيون. اڳيان حليمان پاڻ، پٺيان چار ڌيئون ٽانگو به ڪونه لڌن، الائي ڪيئن وڃي ڳوٺ ڀيڙيون ٿيون.

حاجياڻي ڀَمل جي گهر مبارڪ ڏيڻ وارن جي چهل پهل لڳل هئي تنهن سان گڏ گلن هارن ۽ مِٺاين جا هٻڪار پي آيا. ڀمان سڀني سان کلي کيڪرون ڪري دين ايمان جون مبارڪون وصول پئي ڪيون ۽ هر ڪنهن وٽ ٿوري ٿوري دير پئي ويٺي. گرمي به دوزخ جي هئي نوڪر ٿڌي پاڻي جا گلاس ڀري ڀري زالن کي ٿي ڏنا- زبيده، عاشي ۽ صفوران به پنهنجو گروپ ٺاهيون ڪچهري لايو ويٺيون هيون.

”زُبي، گرميءَ ۾ اُڃ کان ساهه ٿو ماندو ٿئيم!“ صفوران چپن تي زبان ڦيريندي چيو، ”پاڻيءَ لاءِ ته نوڪر کي چئينس.“

”ابا هيڏانهن پاڻي ڏجانءِ.“ زبيده نوڪر کي صفوران ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

”هائو ادي!“ ائين چوندي نوڪر پاڻيءَ جي جو گلاس ادب سان کڻي صفوران ڏانهن وڌيو.

”ماسي پاڻي...!“

صفوران سڙي ڀُڄي گلاس ورتو. منهن جو پنون ئي لهي ويس.

”ادي، توکي اُڃ به لڳي، پاڻي به ڪونه پيتئي!؟“ زبيده صفوران کان حيرانيءَ مان پڇيو.

”اَئي ادي ڏٺئي؟“ صفوران ڄڻ شڪايت ڪئي. ”موئي هيڏي ساري ڏاڙهيءَ واري پاڏي، مونکي سڏيو ماسي!“

”ادي عمر جو ته ننڍو هو، ڳوٺاڻا ماڻهو اهڙا ٿيندا آهن، ويهن ٻاويهن جو هوندو. چيائين ته ڇا ٿيو؟“ زبيده وراڻيو.

”پر ڏس ته هاڻي توکي ٿو ننڍو سمجهي جو ادي ڪري سڏيائين ۽ مونکي وري وڏو!- ڀلا اسان جو بدن آهي ٿلهو تنهن مان سمجهيائين ته ڪا وڏي آهي.“ صفوران چيو.

”بس ادي، نه پاڻي گهُرين ها نه اهي سور ڏسين ها- تنهنجا ته کاڌا پيتا زهر ٿي ويا!“ زبيده ٽوڪ ڀريل همدرديءَ مان چيو.

”چئين ڇاٿي! زهر ٿين منهنجي دشمن جا- ڳالهائڻ جو ڍنگ ته سکي آ.“ صفوران چڙ مان چيو.

”ادي ڍنگ ته توکي آهي جو پاڻي ڦُڙيءَ ڪري هيڏا طائفا ڪيا اٿئي!“ زبيده به ٺهه پهه وراڻيو.

”ڇا ٿي پيو صفوران!“ عاشيءَ صلح ڪرائيندي چيو.

”مونکي ته نوڪر چاڪر امان ڪري سڏين ته به آءٌ ڪونه چڙان، هڪ سال پاڻ تون وڏي ٿيندينءِ... تنهنجو ته مڙس به وڏو آهي. منهنجو مڙس ته وري به تنهنجي مڙس جي پٽ جيڏو آهي، سٺ سال جو آهي مڙسهين!“

”چري ٿي آهين، دماغ ڦري ويو اٿئي. اُڻهٺ جو آهي، سٺ ۾ اڃان ٻه مهينا پيا اٿس، هينئر ئي تو سٺ جو ڪيس. آئي زبيده ٻڌين پيئ!“ صفوران دادرسيءَ جي اُميد ڪندي چيو، ”توکي ته رئيس صاحب جي سڀ خبر هوندي ته ڪيڏو هو؟“

”ادي مون ته جڏهن ڏٺو هو مانس ته پٺيان چولو ٻڌو پيو هئس، بانبڙا پئي پاتائين!“ زبيده وراڻيو.

”تنهنجا به انصاف آهن.“ صفوران چيو، ”وقت تي مسخري ٺهندي آهي، هينئر مسخريءَ جو ٽيم ڪونهي.“

”ادي پڇيو به تو، مونکي ڪهڙي خبر، ڪٿي جي جهار ڪٿي جي جهرڪي. رهي راهو جا، بهي باهوجا، تڏهن به ڪُتي ڪنؤري جن جي. مونکان ٿي پڇين، مونکي ڪهڙي خبر مڙسهين ابوالڦوڙاٺ جي عمر جي! آءٌ ڪا ڪُراڙ ته ڪونه آهيان. ننڍپڻ ۾ شادي ٿي ته ٻار به پاڻ جيڏا اٿم. توهين مڙهه ٿي ڪراڙ ٿي، پڙڻيون ته ننڍا ٻار ڏسيو پاڻ کي ڪِڪيون پيون سمجهو.“ زبيده ٿورو تکائيءَ مان چيو.

”ادي هروڀرو گرم ٿي وئي آهين.“ صفوران اٿندي چيو، ”آءٌ مرڳوئي هِتان وڃان ٿي.“

صفوران ڪجهه پريان وڃي فون جو نمبر ملائڻ لڳي. عاشيءَ کيس ويندو ڏسي مشڪي ڏنو.

”ادي مريم ڏٺئي!“ زبيده ڀر ۾ ويٺل هڪ زال سان ڳالهايو، ”مُڙس جي هڪ سال وڏي عمر ڪرڻ سان ڦٽجي پيو آهن. هاڻي اڻهٺ جو ٿئي ٿو؛ سٺ جو ٿيندي ڪهڙي ڪس ٿي لڳيس.“

”سڀ تنهنجون ڳالهيون ٻڌم ويٺي.“

مريم دلچسپي سان وراڻيو، ”کل کان ساهه ٿي نڪتو.“

”هاڻي ڏس ته، ادو يوسف به اسان جيڏو آهي. ان لاءِ ڪڏهن تو چيو آهي ته ڪو ننڍو آهي.“ زبيده اعتماد ۾ آڻيندي چيس.

”تنهنجي ته سچي ڳالهه آهي منهنجي عمر به ته ٽيهه سال آهي.“

”ڇو اچي بڇڙي ٿي آهين، ٻين جي اڳيان تون پنجويهن جي وڃي ٿيءُ- منهنجي اڳيان نه چئو- سڄا پندرهن سال ڳڙڪائي ويئين! پاڻ سال اڌ مونکا وڏي هوندينءَ!“

”ائي هاڻي ٺهيو، آهستي ڳالهاءِ ٻيون نه ٻڌن.“ مريم هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چيو. ”هوندو ڀلا کڻي آءُ بحث ڪونه ٿي ڪريان.“ موٽ ۾ زبيده ڏانهنس مشڪي ڏٺو.

”ڀيڻ ڪهڙيون ڳالهيون ڪري پيون کلو مونکي به ته شريڪ ڪيو. هڪ کلمک عورت ساڻن گڏجي ويهندي چيو.

”ادي ڳالهيون وري ڪهڙيون، اڻهٺ جو ٿيو آهي سٺ تان مونکي وڙهي ڦٽي رکيو اٿن.“ زبيده وراڻيو.

”ادي شال سٺ جو نه ٿئي، اڻهٺ ۾ ئي پنڌ پوي. ڪهڙي نه ماڻهن جي ننڍڙي ٿيڻ جي عادت آهي- مائي آءٌ ته پنجاهه جي آهيان.“ کلمک زال، خوش طبعيءَ مان وراڻيو- ايتري ۾ ساڳئي نوڪر پريان ئي وڏي آواز ۾ صفوران کي مخاطب ٿيندي چيو.

”ماسي توهان جي موٽر آئي آهي!“

صفوران جنهن يڪو نمبر ڊائل پئي ڪيو تنهن ور وڪڙ کائيندي نوڪر ڏانهن ڏٺو. ويٺل زالون چپن ئي چپن ۾ مرڪڻ لڳيون.

چخ چخ

”مين اَکيا ڪيڏي پي ويندي هئين، ڏاڍي وٺو سينگار ڪيتي هي! هي ته خير؟”

”خير ڪيون نهين! مين ته جڏان ستر- ڪپڙي پيندي هان، جلدا ويندا هئين، اهو ڀي ڪوئي مڙسين دا شان اي؟ اهين ڏينهن به ڳيس متو دي ڇٺي تي دک ڳيو ئي طول ڪنون ته وڃ وهاڻي ڪون لڳوائي.“

”تون ته ڪائي ڀري بيٺي هئين! مئن پڇندا آخر ان لاءِ ٺهه جڙ وڃڻ دي ڪيهي ضرورت هي؟“

”ڪيون نهين هي!“

”اِهوئي ته پڇندا، ڪيا هي جو اِتلي گل ڦل وار ڪڍئي هئي!“

”اهو ڀي نه سهه سگهيوئي، اپڻي ڀي ته ڪر، صبح نال آئيني دي اڳون کڙدا هئين لپ سرمي دي گهت، اُنون اکيندا هئين ”آ رانجهن دي ما، تيل ذرا ته مارم مٿي ڪون! ميڏا ته هي چوٽا، تنهن ڪون ڦڻيان ڏي گل ڦل ڪڍان چا ڳتان ڪران، پر تيڏي ڏون گنج تي وال هن، انهان ڪون ڦيري ڏتي پيا ڦڻيان ڏيندا هئين. مَين تيئن ڪڻون ڀي ڳيس ڪيا-؟ مين سدا سهاڳڻ، ويندي پئي هان اپڻي امڙي ڪڻي، ڪيون نه ٺهه جڙ ويسان-“

”وات نه ڪر مئين نال- زالان گهر دي سونهن هونديان هن. تيڪون ته جڏان ڏيک تڏان برقي پئي هي.“

”مئين ڪائي“ ”گهر دي گندي“ نهين ها. آخر اٿسان ٻهسان- زماني وچ جو رهڻا هي. تين سڄا ڏينهن ڪهڙي ڪرڪر لاتي هي ميڏي پڇون! ”ڪرڪڻي ڪانڌ ڪنون ڀينگ ڀلي“ اهين ڪنون ته مئين ڪنواري چڱي هس، تيڏي نال ته نه پرڻيجان ها-!“

”پڇي ڪيون پرڻي هين؟ مين پهين ڏي ڪائي ميڙ چاتي هامين ڪيا؟“

”تين نه چاتي هئي ته ڪائي مين ڀي چاتي ها مين ڪا؟ درين دي اڳون تون لنگهندا هئين؛ ڪاغذين تي ڏهه ڏهه لک تون منجيندا هئين ۽ هڪ دفعا ماهين دي هٿون جليبيان ڀي متيان هئي. اهين مهل ماهين لور لور ڪر آئي ها وئي ته سوٽ جليبيان متيان هنين. اهو ڏينهن وسر ڳيا هئي، جو هڻ ميڏي ڪاڻ مڙس ٿي پيا هئين-!“

”مٿا ڦيهه ماهين دا، جا سڄا ڏينهن ڳچي وچ سير دا هس گهتي کنگهندي ٻيٺي هي. مردي پئي هي، تڏان ڀي سنيگار نهين ڇڙيندي!“

”ميڏي ماءُ دا نان نه گهن، اپڻي ماءُ دي ڪر جيڪا پنج مڻي سمٽ دي ڳوڻي وانگڻ ٻيٺي کانوان کانوان ڪريندي هي. چاچي ربو ڪون کان ڇوڙيا هس هڏڙئين دي مٺ ٿيا واه ٽلڪندا هي-“

”ميڏي ماءُ دا وڏا ويلا هئي! اپڻا پئي کؤندي هي، تين ڪَڻون ڪونه آپنيا هس-“

”کاوي! کاوي! اڃا ججها کاوي! پنجين وچون ويهين مڻين دي ٿيوي-“

”الله دان نان هئي ڇوڙ گهپي، تيرهين تيزئين وچ ميڏي پڇون-“

”مين پيا گهه پي ڪريندا هان؟ ڳالهه ڪيتي هم ته نڙي ڪنون چا پڪڙيا هئي.“

”مئين نال نه الا! مئين تپي پيئي هان، خدا دي سنهن! تين ميڪون تنگ ڪيتا ته مين رڙان ڪر روسان!“

”بسم الله! شروع ٿي ڪنهن جهليا هئي“

”اڙي... ڙي... ڙي...! تون ته سچي پچي روندي هئين. ڪجل ته سڄا وهه ڳيائي، ايڏي آ... ٻي ڪاني گهتئين.“

”هائي! هائي! ميڏي ڪهڙي ڀاڳ ڦٽي جو اهين“ گهر وڃ پرڻيج آيس.“

”ڇوڙ ڇوڙ رانجهن دي ما! چري ته نهين ٿي هئين اي ڪيا پئي ڪريندي هئين! منهن مٿا پٽ آپڪون اڌمويا ڪر ڇوڙيا هئي.“

”اُٿ، هڻي اٿ، مين تيڪون ڇوڙ آوان چاچي ڪني.“

”مين ڪونه ويسان.“

”ڪيون نه ويسين؟

”ميڏي مرضي!“

”اتلي ڪاوڙ! منهن اتي ڪر، ڏيکان. خدا دي سنهن! سينگار ڦٽ ڳيئي ته ڪهڙي نه سهڻي پئي لڳندي هئين اهين حال وچ.“

”تون ٺر. تون خوش ٿي.“

”مين ڀلا تيڏي نال ڪڏان سڙيا هان؟“

”نه الا مئين نال.“

”سڻ ته سهي...“

”مين واندي نهين هان... مائي جيوي! چاڙهه توَا ته ماني پڪاوان ڪونهي پئي ويندي هان. سڀ ٺر پهو.“

جيئڻ ڪارڻ جيڏيون

ڀيڄ موليٰ ڀيڄ! پلي کي واٽ الله جي مليل، نيت جي ماني کڻي ايندو ڏسي گانگٽ پريان ئي هٿ مٿي ڪري پنهنجي بلغمي آواز ۾ نعرو هنيو.

”يار وارو ڪر! ڏاڍي بک لڳي آهي.“ کڳي پنهنجي گرانٺ کن ڊگهي سڪل کاڏي، جا ڳالهائڻ مهل اڃان به انچ کن اڳتي کسڪي ايندي هئس؛ سا کڙڪائي ۽ تاش جا پتا کٽ تي اُڇلي، روڳ جهڙي پگهر ۾ پسيل گوڏ کي، ٿورو ڇڪي ٻڌو. الائي سندس گوڏ ۾ ڪهڙو خلل هو، جو هلڻ مهل مکين جو وڏو جلوس به پٺيان اُٿي هلندو هئس ۽ فضا ۾ ککيءَ ڌپ جا ڀڀڪا محسوس ٿيڻ لڳندا هئا.

”آخ ٿو...!“ پلي پنهنجي ناس گڏيل هيڊي کانگهاري سان پٽ تي رکيل  گگهيءَ جي پاڙ لِمبي ڇڏيو ۽ ماني کڻي کٽ تي رکيائين.

ڏاڍي دير ڪيئي ير!“ گانگٽ کوهه جهڙي کٽ جي هڪ پاسي کسڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي، پلي کي جاءِ ڏيندي چيو.

بش ير“ رنن جو راڄ ڀلا، جڏهن ماني ڏين مار پوين قلندر جي، ڪاڙهي ۾ بيهي بيهي لاهه نڪري آيا، گرميءَ کان آشل ”مگز ٽڙڪو ڏيئي ٻاهر ٿي نڪتو.“ پلي پٿلي هڻندي چيو. کڳو جيڪو ترڪي اچي ساڻس لڳو هو تنهن کي دڙڪو ڏيندي چيائين.

”اڙي! پري ڪر پنهنجا اُڀا گوڏا، پاسراٽيون ڀڄي وڌيون اٿئ.“

کڳي، جنهن جا ڍڪڻين سوڌو سُڪل گوڏا گوڏ مان ظاهر پي ٿيا سو ڦڪائيءَ مان کلندي اوڪڙو ٿي ويٺو.

”مار پوئي شولو ٿي ويهه، ڏشين نٿو ماني رکي آهي، انشان خطا جو گهر آهي.“ پلي ٻيهر حملو ڪيس پر تڏهن به جهڙو نرجو، لاچار هڪ گوڏي کي ليٽائي ٻيو گوڏو اڀو ڪري ويٺو رهيو.

ٽئي ڄڻا ڳجهن ۽ سرڻن وانگر جهپٽا هڻي ماني کائڻ لڳا.

”واه مرڻ وارا واه! جنت ۾ جايون هوندئي، موج ڪرائي ڇڏيئي!“ گانگٽ کي نري  چوسيندي ڏاڍو مزو آيو.

”پر يار پيٽ نه ڀريو!“ ڏاٺ مان ٻوٽيءَ جو ڦاٿل ذرو ڪڍي وري چٻاڙيندي کڳي چيو. ڦاٽل گنجيءَ مان سندس ڇاتيءَ جا وار برباد آکيرن جي تيلين وانگر پکڙيل نظر اچي رهيا هئا.

”مار پويئي، شڄي ماني ته کائي وئين، ڪا تولاءِ ته ڪونه  ملي هئي، پنهنجي گهر نٿي کاڌئي“

”گمُ نه ڪر دلبر! جهونا سلامت ته مانيو کوڙ، ڄاڻ آيا رهيا!“ کڳي، پلي جي پٺي ٺپيندي ٻه دفعا چپٽي وڄائي. ”پاڻ واري چاچي ربوءَ جوبه چاڙهو ڪونه اٿئي، بنهه هڏڙن جي مٺ وڃي بچيو آهي رڳو اٿس زبان، سا به ڪڙيون ڪساريون دوائون گوريون کائي کائي ڄڻ جتي جو ترو بڻجي وئي آهيس، چڱي مٺي ڳالهائڻ جي ڪا خبر ئي نٿي پويس... ڪالهه ڀائٽس قبر لاءِ جاءِ به جاچي ويو اٿس... واٽ الله جي ماني جي ماني کائڻ واري پاڙي ۾ اسان جهڙا مسڪين ۽ بي روزگار وري ڪي پيا هوندا ڇا؟ ڪيئن ٿو ڀانئين ڙي! کڳي، گانگٽ ڏانهن پنهنجي ٻاڏيءَ اک جو تير اڇليو.

”بابا، موليٰ مڙئي پيو سڻائي ڪري اسين ته دعاڳو آهيون سڀني جا.“ گانگٽ ڄڻ پنهنجي قبر ۾ نهاريندي چيو.

اوڳرائيءَ سان گڏوگڏ، ’آفيمي اسٽائيل،‘ جو نعرو بلند ڪري کڳي ٻوڙ وارا هٿ پنهنجي گوڏ سان اگهيا. گانگٽ اهو ڪم پنهنجي مڇن کان ورتو ۽ پلي منگهڻن سان ڀريل ڪڙي تيل واري رليءَ سان هٿ اُگهندي، تاش جا پکڙيل پتا ميڙيا.

حسن علي، اسانجي پاڙي جو چڱو مڙس ته نه، باقي بزرگ ضرور آهي. ستر ورهين جي عمر ۾ به ڪنوارو رهڻ جي ڪري نانا يا ڏاڏا ته ٺهيو، پر مجال جو کيس ڪو چاچو يا مامون چئي سگهي، البت ادا يا اَبا سڏائڻ ۾ کيس ڪو اعتراض نه هو، پر تنهن هوندي به ڪي سر ڦريا پرپٺ کيس گانگٽ جي خطاب سان ياد ڪندا آهن. ڇو ته سندس مڇون، گانگٽ جي مڇن کان به گوءِ کڻي ويون آهن. سندس ڍرڪيل چپ اُٺ جي چپ کي به شهه ڏيئي ويو آهي. گويا اُٺ سندس سهڻي چپ اڳيان شرمسار آهي. اها چوڻي ته: ’اچئي ٿو ڪانگ ڪارو هڻنئي ٿو چهنب چپن ۾‘ ساڻس بلڪل ٺهڪيو اچي. دنيا ۾ اهڙو ڪو مرض ناهي جيڪو کيس نه هجي. هڪ گهمندڙ ڦرندڙ لاش... پر ’لک لهي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي.‘ هڪ سيٽ آهي جا هنجو جياپو آهي!

جڏهن پٽيواليءَ تان رٽائر ٿيو ته اچي حيدرآباد ۾ پنهنجي اباڻي ڪوٺڙي وسايائين.

معمولي پينشن، مهانگائيءَ جو دور، نه ڪو پڇڻ وارو ۽ نه ئي ڪو ڏيڻ وارو. همراهه جا تاڪ لڳي ويا. جڏهن نوڪريءَ ۾ هو ته روز ٻه ٽي رپيا مٿين آمدني به هوندي هئس پر هاڻ ته بنهه ڀينگ هئي.

اڳ ئي پاڙي ۾ ٻن مستقل بي روزگارن پلي ۽ کڳي تپڻ تپائي ڏنا هئا، ويتر جو هي ٽيون به اچي سهڙيو ته ڄڻ سندن الله کڻي جوڙ جوڙي. اڳ ئي نينگر نچڻي ويتر پيس گهنگهرو ٿورن ئي ڏينهن اندر هن به پنهنجي ٻن ساٿين جيان پاڙي ۾ ڌاڪ ويهاري ڇڏيو.

پلو اڌ وهيءَ جي ويجهو هوندي به اڃا ڇڙو ڇانگ هو ائين به نه هو ته ڪو نڌڻڪو ۽ غيباڻو هو. پنهنجي وڏي وڳر ۽ ويڙهي وارو هو پر مهذب نموني سان پنڻ سندس پيشو ۽ عادت هئي. هنجي نڪمي؛ بداعمال ۽ بيڪار هئڻ ڪري سندس مائٽن به کائنس پاڻ پلي ۽ آسرو لاهي ڇڏيو هو. راتين جون راتيون اوتارن ۾ موالين شوالين سان گڏ ڪونڊا گهوٽي پيو ڪچهريون ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن رات جي پوئين پهر گهر جي ڀت ٽپي يا ڪڙا ڪنڊا کولي اچي ڊهندو هو، پر جڏهن گانگٽ سان ياري ٿيس تڏهن کان ساڻس گڏجي رهڻ لڳو.

مٿس پلو نالو پوڻ به هڪ عجيب اتفاق هو بلڪ نهايت ئي معمولي واقعو. پاڙي ۾ جهيڙا جهٽا ٿيندا ئي رهندا آهن، اهڙي ئي هڪ جهيڙي ۾ واٽ ويندي ڀورل ماءُ جي طرفداري ڪندي ٽپي پيو تڏهن ڀورل ماءُ گهر جي ڀاتين کي کلندي چيو هو ته اهو پلو پيو وڙهي، يعني سندس مراد اها هئي، جيئن ته هن کي تازو پلي جو پلاهه کارايو ويو هو تنهن ڪري سندس پاران وڙهڻ لڳو. اُنهي ڏينهن کان پوءِ سندس نالو ئي پلو پئجي ويو.

انهي واقعي کي ڪئي سال گذري ويا آهن پر اهو نالو مٿس ائين ئي قائم آهي، ڀل انهيءَ حقيقت جي کڻي ڪنهن کي سُڌ نه هجي.

طبيعت جو جيترو نرم ۽ مسڪين ايترو ئي وري تيز ۽ بي لحاظ. هڪ دفعي پاڙي جي ڪنهن شرير نينگر کيس چغلي هنئين ته ڀورل ماءُ توکي ’پلو‘ ڪري سڏيندي آهي، تنهن تي ڏاڍو ڪاوڙجي پيو ۽ ڀنگ پي اکيون ڳاڙهيو ڪري مقابلي جي خيال کان در وٽ اچي بيٺس.

”ماشي! توکي اشان پنهنجي ماءُ شمجهندا آهيو ۽ تو اشان کي پلو ٿي شڏين!“

”نه منهنجا ٻچا، توکي الله رکي! آءٌ ڇو توکي چونديس. مون ته پاڻ تنهنجي ساراهه ڪندي زماني جي ڳالهه پي ڪئي ته ويچارو پلي وانگر ٿڌو مَنو ٿيو پنهنجو پاسڙو وٺيو ويٺو آهي نه ڪنهن جي تيريءَ ۾ نه ميريءَ ۾!“ ڀورل ماءُ هُنجي اکين ۾ شور ڏسي صاف پلٽو کائي وئي.

”هان! هان! شو نه... شونه... آخر اسان جي ماءُ آهين نه! پلو ائين چوندي ٿڙندي ٿاٻڙندو اڳتي وڌي ويو.

”ٻيو نه ته ابا!“ پلي کي ويندو ڏسي ڀورل ماءُ کي پيٽ ۾ ساهه پيو.

”متان وري اِنهن ڪوڙن ڇورن جي چوڻ تي لڳو آهين.“

کڳي کي انهيءَ سان نوازڻ ۾ سندس ڊگهي وڌيل کاڏي، ڏرا ڏنل مُنهن ۾ تند جهڙي ڳچي جو وڏو هٿ آهي. ظاهر آهي ته اهڙو ماڻهو صرف کڳوئي ٿي سگهي ٿو.

کڳو هو ته ٻارن ٻچن وارو، غريباڻي حال پنهنجي ابي جو اجهو به هيس، پر سندس هڏ به حرام تي هريل هئا، زندگيءَ جا ڪجهه سال ڀورل جي گهر بورچيءَ جي حيثيت ۾ گذريا هئس، پر جڏهن کان ٻوڙ ۾ چچي، مانيءَ ۾ مکيو ۽ آمليٽ ۾ پنهنجي ممڙي جهڙي ٽنگن ۽ گهوڙي جهڙي ناسن جا ڇڻيل وار وجهڻ لڳو ته لاچار کيس رٽائر ٿيڻو پيو. ان کان پوءِ کڳو لائي چائي ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪنهن ڪم جو نه رهيو. لائي چائي جو پيشو به ’خاشو‘ ٿيندو آهي، سدائين پئي ٻن ڌرين ۾ چخ چخ هلندي. جيڪڏهن ’مخالف ڪيمپ’ ۾ هوشياريءَ سان ’خبر‘ پهچائبي ته خاطرداري به ڏاڍي زورن تي ٿيندي آهي. پر اهو پيشو به گهڻا ڏينهن ڪونه هليس، ۽ کڳو چغل خور سڏجڻ لڳو. وس هلندو نه ڏسي آخري ۽ سڀ کان فائدي وارو پيشو، مهذب طرح سان پنڻ شروع ڪيائين. ’پارٽ ٽائيم‘ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پاڙي جي گهرن جو خرچي وٺي ننڍو سنڍو ڪم به ڪري ڏيندو هو. سندس گهر جون شريف ۽ ساديون زائفائون ويچاريون سڄو ڏينهن اڳٺ اُڻي رليون سبي ڇڪي تاڻي پيون پورت ڪنديون هيون پر کيس ڪا ڳڻتي ئي ڪانه هئي اُٽلندو کانئن ماري پئسا وٺي وڃي نشو پاڻي ڪندو هو.

گانگٽ جي ڪوٺڙيءَ ۾ پلي ڄڻ ننڍي پيماني تي ساقي خانو کوليو. جتي پاڙي جا سڀ ڇوڪرا ڀنگ تي هيريائين. گانگٽ وڏي عمر جي ڪري جيتوڻيڪ پاڻ ڀنگ پيئڻ جي لائق نه رهيو هو، ڇو ته سندس چوڻ آهي ته؛ ’هنجو مغز هينئر خالي ٿي چڪو آهي. نه ته  مائٽ، اسان اُهي ڀنگون پيتيون، جو اڄڪلهه جي جوانن جي طاقت ئي ناهي‘- سو اڄلڪهه صرف نماڻي ٻوٽيءَ جي ساراهه ڪندو آهي ۽ اِنهيءَ جي تعريف ڪندي پاڙي جا الهڙ ڇوڪرا پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي پلي ڏانهن Pass on ڪندو آهي ۽ ڀنگ جي ڪمائي ٽئي ڄڻا پاڻ ۾ ونڊي ورهائي کڻندا آهن. وري جو خدا انهن جي ٻڌي ۽ ڀورل جهڙو نوجوان جو پاڙي ۾ سڀني کان وڌيڪ پئسي وارو هو، سو سندن ور چڙهي ويو ته موليٰ هنن جا ٻيڙا ئي پار ڪري ڇڏيا. پلي ڀنگ سان گڏ شراب شروع ڪيو. پراڻي پيچش جو مريض گانگٽ، جنهن جا چوويهن مان چوڏهن ڪلاڪ ڪاڪوس ۾ گذرندا هئا تنهن پنهنجي ڪوٺڙيءَ جي ڀر ۾ هڪ ’اٽيج  ڪاڪوس‘ ٺهرايو نه ته آڌيءَ مانجهي سرديءَ گرميءَ ٺڪر جو ڪونئرو کڻي ڀر واري مسجد جي ’بيت الخلا‘ ۾ ڪاهي پوندو هو. هاڻي ڄڻ سُک ٿي پيس. بنا اوني ٿيو ويٺو هوندو هو. کڳي جون ڌيئرون پٽ ۽ زال بک ۾ پاهه پيا ٿيندا هئا تن به پيٽ ڀري کائڻ شروع ڪيو. پاڙي ۾ شال نه ڪنهنجو نوڪر ڀڄي وڃي تنهن گهر جو ٻوڙ ٻاڙي وٺي اچڻ جو بار به هنن مان ڪنهن هڪ تي رحم جي صورت ۾ نازل ٿيندو هو، ٻاهران ٻوٿ بڇڙو هوندن ۽ دل ۾ دهل پيا وڄندن. گانگٽ پريان ئي رڙ ڪندو ۽ ان سان گڏ وڏو ڪلمو ۽ چار وڏا قسم ٺڪاءُ جي صورت ۾ ظاهر ڪري چوندو. ”ملڪ ۾ مهانگ وڌي ويو، بنگال جو ڏڪر پئجي ويو! ماسي خدا جو قسم بصر ٽين رپئي سير!“ ماسي ويچاري به گهُرجائو ۽ مجبور، ٻچن کي ماني جو کارائڻي ٿيس سو ڪيڏانهن وڃي. يڪدم معصوم صورت ڪري چوندي: ”ابا مونکي سڄر خبر آهي. تون ڪلما نه پڙهه، گناهگار نه ٿي- تون سَون ۾ سرهو، توکي الله رکي، جيڪو تون چئين ٿو سو سچ اڃان به ساڍي ٽين رپئي هوندو اهو توکي ڏسي ٿا ٽين رپئي ڏين“ اتي گانگٽ جون مڇون خوشيءَ ۾ لغڙ بڻجي ڦڙڪڻ لڳنديون هيون. ”ماسي، اٿم ته ڪم گهڻا، پر تون ماءُ ويٺي آهين، توکي ناراض نٿو ڪري سگهان.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com