سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: چانديءَ جون تارون پرهه کان پهرين

باب:

صفحو :6

صبح مهل ماسي شاهو، ممتاز جي ساهيڙيءَ جي گهران ڏڌ وٺيو پي نڪتي ته هڪ جيپ ڌڌڙ اڏائيندي اوچتو اچي لوڙهي جي ٻاهران بيٺي، اشرف کي هڪ ميم سان گڏ ڏسي ذري گهٽ هٿ مان دکي ٿي ڇڏايس. ”ائي متل! هيڏانهن ته اچ“ هوءَ سٽ پائي وري گهر اندر وئي- متل ۽ عاشيءَ جو کيس اهڙو گهٻرايل ڏٺو، سي پنهنجا ڪم ڪاريون ڦٽي ڪري وٺي ٻاهر ڀڳيون، عجب کان سندن وات کلي ويا. ايتري ۾ سهڻي ميم به ٽپ ڏيئي اڙدوءَ ۾ ڀر واري ڳوٺ جي زميندار جو ڏس پڇيائين ته ڪهڙو رستو وٺي وڃجي، جو هو سندس دعوت تي شڪار ڪرڻ لاءِ آيل هئا. ماسي شاهوءَ جون اکيو حيرت وچان ڦاٽي ويون ۽ ڳوٺاڻي سنڌيءَ ۾ اشرف ڏانهن اشارو ڪري چيائينس، ”اهو جيڪو گڏ ويٺو اٿئي انهي کي خبر ڪونهي ڇا جو اسان کي تنهنجي سهڻي شڪل ڏيکارڻ لاءِ موڪليو آهيس.“ ميم حيرانيءَ سان سندس جواب ٻڌڻ لڳي.

”حياءُ ڪونهي جو پاڻ زيپ“ ۾ آڪڙيو ويٺو آهي، ڳوٺ جي ماءُ ڀيڻ جو به ادب ڪونهيس.“ ماسي شاهوءَ جون ڳالهيون ميم جي سمجهه کان ٻاهر هيون. هوءَ انگريزيءَ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي وڃي جيپ ۾ سوار ٿي. سندن هلي وڃڻ جي دير هئي، ماسي شاهو مٿي تي پوتي ٺاهي سڌو کمونءَ ماءُ وٽ اچي ٺڪاءُ ڪيو ۽ کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌايائين. وڌيڪ پنهنجي طرفان وڌائيندي چيائين. ”امان پاڻ ته ٺهيو پر ميم کي مون سان چرچا ڪرڻ لاءِ چيائين، مُئي چئي رهي هئي ته اسان شادي ڪئي آهي ۽ ڀر وري ڳوٺ ۾ زميندار جي دعوت تي وڃي رهيا آهيون- ڀلا اهو مونکي ٻڌائڻ جي ڪهڙي پئي هئس، اهڙي جو سوڀ کٽي آيو هو ته وڃي پنهنجي ڀائيندڙ چاچي ۽ ڏاڏيس کي ٻڌائي ها، يا وري هن کي جيڪا سندس واٽ پئي نهاري.“ ٻئي طرف ممتاز جي ساهيڙي عاشي پنهنجي اکين ڏٺي حقيقت کان کيس واقف ڪيو. اها ڳالهه سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي وئي. وڏيرو مراد سخت پريشان ۽ ڪاوڙ ۾ هو. پر پوءِ اهو سوچڻ بعد ته کمون به ته سندس ئي ڀائيٽيو آهي تنهن کي ڀاڄائيءَ ساران جي ٻاڏائڻ ۽ منٿن تي ممتاز جو سڱ ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويو. هوءَ جا روايتي سنڌي گهراڻيجي نينگري هئي ۽ اها به خبر هئس ته سندس اصل حيثيت ڇا آهي انهيءَ شاديءَ کان انڪار نه ڪيائين. درد کان سندس دل ڳڀا ٿي پيئي هئي. اشرف جي بيوفائي سندس دل کي لهو لهو ڪري ڇڏيو هو.

کمون ماءُ جا نوان نوان لاڏ هُن لاءِ شروع ٿي ويا. کمون به وارن ۾ ٽيڻون چئڻون تيل مکي ڇاتي تاڻي هلڻ لڳو، ممتاز غور سان سندس بيهوده ادائن کي ڏسندي هئي ۽ پوءِ کيس بيوفا اشرف جو صاف سٿرو چهرو نظر ايندو هئو- بغير تيل ڦليل جي چمڪندڙ نکريل وارن جون لٽون، اهي خوشبودار ۽ صاف هٿ... خاموش التجائون... ۽ ڪٿي هي آچار جهڙا سنڌيل چهٽيل وار... کهرا ٻيڙيءَ ۽ چرس جي ڌپ وارا هٿ... اگهاڙيون خواهشون... هوءَ دل ئي دل ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي هئي.

وڏيري مراد، ممتاز کي ڏاڍي لاڏ ۽ ڪوڏ سان نپايو هو... ممتاز جي هوندي کيس پنهنجي بنا اولادي هجڻ جو ڪڏهن به خيال نه آيو... اڄ کمونءَ سان ممتاز جي شادي هئي... حويليءَ ۽ اوطاق کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو هو... وڏيرو مراد اڄ پنهنجي دل جي حسرتن کي پوري ڪرڻ لاءِ، پاڻيءَ وانگيان پئسو خرچ ڪري رهيو هو... اڄ هو بيحد خوش هو... پر تنهن هوندي به جڏهن کيس اشرف جو خيال ٿي آيو ته سندس دل ۾ وڍ ٿي پئجي ويا. ليڪن هو خاموش هو... هن جي آتما کي اڄ ڏاڍو سڪون هو- هُو اڄ سمجهي رهيو هو ته هن رمونءَ جي روح کي خوش ڪيو آهي... رمون سندس وفادار نوڪر... جنهن پاڻ ماري کيس نئين حياتي ڏني هئي... وڏيري مراد جو وجود خوشي ۽ غم جي گڏيل سڏيل وهڪري ۾ وهي رهيو هو. شاديءَ جا سڀ انتظام مڪمل ٿي چڪا هئا... آسپاس توڙي پري پري جا وڏا رئيس ۽ ڪامورا ڪڙا شريڪ ٿيا... نڪاح جو وقت ٿي چڪو هو، پر وڏيري مراد کي پنهنجي جگري دوست، رئيس ميرڻ جو انتظار هو. رئيس ميرڻ جيتوڻيڪ اڌوڙ عمر جو هو پر ڏاڍو دلچسپ ۽ نئين خيالن جو ماڻهو هو. هن جي دوستن ۾ هر طرح جا ماڻهو شامل هئا. شيل ۽ شڪار جو ته ڏاڍو شوقين هو.

جيپ جي زوڪاٽ تي، وڏيري مراد جون اکيون چمڪي اٿيون، هُو سَٽ ڏيئي اوطاق جي در ڏي وڌيو، رئيس ميرڻ پنهنجي لاکيڻي لوڏ سان جهومندو پئي آيو. وڏيري مراد وڌي وڃي کيس ڀاڪر ۾ وڌو. ”اشرف تون! ڪميڻا هي ڪتي هتي ڇو آندي اٿئي؟“ وڏيري مراد، رئيس ميرڻ جي پويان هڪ نوجوان جوڙي کي ڏسي رڙ ڪئي. اڙي! چريو ٿيو آهين ڇا؟... هي اسان جو دوست والٽر ۽ سندس گهر واري آهي... والٽر صاحب، پاڻ واري ائگريڪلچرل بئنڪ جو نئون ڊائريڪٽر آهي ۽ منهنجي دعوت تي ڪجهه ڏينهن ٿيا جو هتي آيل آهي.“ رئيس ميرڻ لوڻا هڻي، مراد کي سمجهائيندي چيو.

”پر هي ته بنهه اشرف مهانڊي آهي!“ وڏيري مراد ڏڪندي چيو.

”نه چريا... هي والٽر صاحب اٿئي!... مان ڏاڍو مصروف هيس... مان پاڻ توکي والٽر سان ملائڻ ٿي چاهيو... پر وقت ئي نه ملي سگهيو، پوءِ سوچيم ته اڳو پوءِ شاديءَ واري موقعي تي گڏباسين... مان پاڻ جڏهن والٽر صاحب کي سندس آفيس ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هو ته چڪرائجي ويو هوس، پر پوءِ اها غلط فهمي دور ٿي ويئي.“ ميرڻ، مراد کي وڌيڪ سمجهاڻي ڏني- وڏيري مراد اڳيان ڳچ ڏينهن اڳ، ماسي شاهو ۽ عاشيءَ وارو ٻڌايل واقعو اڀري آيو... سندس نبضون ڍريون ٿيڻ لڳيون... پر هو هٿ ڪپائي چڪو هو... هُو پاڻ کي ڪنهن اونهي ۽ اونداهي کڏ ۾ ڪرندو محسوس ڪري رهيو هو.

نڪاح پڙهجي چڪو هو... شرنائين جو آواز جيڪو ٻن جسمن ۽۽ دلين جي ميلاپ جي علامت سمجهيو ويندو آهي... پري پري ائين پولار ۾ سرن جي سرهاڻ ڦهلائي رهيو هو.

اشرف جي دل اڄ خوشيءَ کان جهومي رهي هئي... هو دل جي ڌڪ ڌڪ کان به تيز رفتار سان جيپ ڪاهيو، ڳوٺ طرف وڌي رهيو هو... هن جلد کان جلد ڳوٺ ٿي پهچڻ چاهيو.. نون مهينن جي وڇوڙي ۽ المناڪ انتظار جون گهڙيون ختم ٿيڻ واريون هيون... هن سوچيو: ”ممتاز جياڪا، سندس اوسيئڙي ۾، اکين جا چراخ ٻاري ويٺي هوندي، هن کي ڏسي ڪيڏو نه خوش ٿيندي... ڪاوڙبي... ۽ پوءِ هيءُ کيس ڳراٽڙيون پائي پرچائيندو... هن جي چپن تي مٺري مرڪ تري آئي. ”چاچو مراد... ها، هو جڏهن کيس ڪَرڙي اکين سان ڏسي ڀاڪر ۾ ڀريندو... تڏهن...“ هُو خوشيءَ کان بيتاب پئي ٿيو. ”ڏاڏي...“ ڏاڏي جي تصور سان ئي سندس روح ۾ مامتا جو ماڪ جيان پاڪ ۽ پوتر چهرو جهرمر ڪرڻ لڳو- هو سڀني ڳالهين کان بي خبر ۽ بي نياز اڳتي وڌي رهيو هو... اوطاق ۽ حويليءَ جي وچ واري ميدان ۾ وڏا وڏا شاميانه لڳل هئا. هو ڪجهه نه سمجهي سگهيو. اوطاق جي ويجهو اچي، هن زور سان بريڪ هنيو بريڪ لڳڻ ڪري، اوطاق ۽ شاميانه، مٽيءَ جي بادلن ۾ گم ٿي ويا.

جيپ مان، سوکڙين پاکڙين ۽ ٻين شين جا بنڊل لاهي هو خوشيءَ مان، اوطاق ۾ داخل ٿيو. وڏيري مراد جي جيئن اشرف تي نظر پئي. سندس دل ۾ درد جو دريا اٿلي پيو.

”پٽ! ڏاڍا ڏينهن لاتئي.“ هن چوٽ کائيندي پڇيو. ”ڪا سارسنڀال به نه لڌءِ!؟“ سندس دل جو سمورو سور اکين ۾ اُڀري آيو. ”چاچا سائين! ڌڻيءَ رحم ڪيو جو آءٌ جيئرو جاڳندو اوهان آڏو موجود آهيان. ٽريننگ پوري ڪرڻ بعد واپس موٽڻ مهل، اتي ئي ايئرپورٽ تي، منهنجي ٽئڪسيءَ جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو... مري مري بچيو آهيان، اطلاع ڏيئي اوهان کي پريشان ڪرڻ مناسب نه سمجهيم.“ اشرف هڪ ئي ساهيءَ ۾ چئي ويو.

”ڀلا گهر ۾ ته سڀ خيريت آهي نه... ڏاڏي ۽ ممتاز ته چاڪ آهن؟“

”ها پٽ...! سڀ چاڪ آهن. پر...ما...مان...“ وڏيري مراد جي جملي پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي رئيس ميرڻ، والٽر سوڌو اڳتي وڌي آيو.

“This man exactly looks like me! I am looking my self in mirror.”

(هي ته بنهه مون مهانڊو آهي! ائين ٿو لڳي ڄڻ آئيني ۾، مان پنهنجو ئي عڪس ڏسي رهيو آهيان.) والٽر اشرف کي ڏسي حيرانيءَ  وچان رڙ ڪندي چيو. اشرف پڻ، والٽر کي پنهنجي هم شڪل ڏسي حيران هو. ”والٽر صاحب! اوهان ۽ اشرف جي هم شڪل هجڻ ڪري، هت ته معاملو ئي اور ٿي پيو آهي. ياد اٿوَ! پهريون ڀيرو، جڏهن پنهنجي مسز سميت اسان وٽ شڪار تي اچو: ڳوٺ وارن، اوهان کي اشرف سمجهي، وڏيري مراد کي  ٻڌايو ته هُو ولايت ٻلايت ڪونه ويو آهي: هتي ئي ڪنهن ميم سان شادي ڪيو ويٺو آهي- اسان واري رئيس به پڪ ڪرڻ کانسواءِ ئي، اشرف جي مڱ کمونءَ سان پرڻائي ڇڏي.“ ”هان!“ اشرف هانوَ ڦاڙ رڙ ڪئي. بنڊل سندس هٿن مان ڇڏائجي پکڙجي ويا.

بظاهر ته خوشيءَ جو موقعو هو... پر ممتاز جي هڏڪين ۽ سڏڪين جي آواز سڀني کي غمگين ڪري ڇڏيو هو... وڏيرو مراد، اشرف کان اکيون هيٺ ڪري هلي رهيو هو... ڇو ته هن ئي سندس دل جي دنيا کي پائمال ڪيو هو... هن رمونءَ جي روح کي رنجايو هو... هن ممتاز کي هڪ دفعو ٻيهر ڪنڊن تي اڇلايو هو... هو اداس هو، سوگوار هو... ساري حويلي  اداس ۽ ويران هئي- اشرف خاموش هو... سندس اکيون پٿرائجي چڪيون هيون، سندس چهري تي ڪوبه تاثر نه هو... هو رات جي تاريڪين ۾ جيپ ڪاهي ڪنهن اڻ ڏٺل منزل طرف وڌي رهيو هو... سندس ڪنن ۾، ممتاز جا اکر گونجي رهيا هئا. ”پوڄاري جيڪي گل، پنهنجي ديوتا تي چاڙهيندو آهي... انهن گلن سان ٻئي ڪنهن جو تصور وابسته ڪرڻ پوڄاري جو موت هوندو آهي...“ ديوتاجي سيني کي چيريو ويو هو... گل لتاڙيا ويا هئا. سندس اکين مان ٻه لڙڪ، جيپ جي اسٽيئرنگ تي ماڪ جيان اڀري بيٺا... هو روئي رهيو هو... ڪائنات روئي رهي هئي، پوئين پهر رات ڳوڙها ڳاڙي مکڙين کي گل بنائي ڪنهن ٻئي ديوتا جي سيني ۾ جهير وجهڻ جا سانڀاها ڪري رهي هئي.

نَڪُ

   مٺيس: هاڻ ڪوهه ٿيندو؟“

”هاڻ باقي ڇا آهي جو ٿيندو، نَڪ جيڪو ورهين کان ساهه سين سانڍيندو آياسين سو وڍجي ويو.“

ڪريمت پنهنجي طوطي جهڙي نڪ کي آڱر جو گهڪو ڏيئي پٽ تي اهڙي ڇنڊ ڏني ڄڻ نڪ هيٺ اڇلجي ويو.

”ادي وڏل کي ڄاڻ آهي؟ انهيءَ جي ٻڌو پوءِ ته قهر ٿي ويندو.“

”تنهنجي ليکي اهڙيون ڳالهيون ڳجهيون رهي سگهنديون ڇا؟ ڀاڄائي کتل کي به ڀانيان ٿي ته ڪجهه کڙڪ آهي. جڏهن شهر اچي توسين حال ڪيم، ته ڀڻڪ سندس ڪنن به پيئي، پر ننڍڙي وٺي رنو اُمالڪ اوڏهن ڊڪي وئي-“

هائو ڀيڻ، ڳالهه ته بروبر لڪڻ جهڙي آهي ئي ڪين، پر ادي وڏل کي جي سڌ پئي ته اهو ڪنهن کي به جيئرو ڪين ڇڏيندو. بابي مرحيات کان پوءِ اهوئي ته اسان جو وڏو آهي. اسانجي هٿن ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيو. وهي وڃائي ڪراڙي اچي ٿي آهيان ته به وڏل بي نالو سين ڪمبڻي وٺيو وڃي.“

”ڇو ڪين، سدائين شان وارو، مان وارو ورلي ڪو جهڙس دلير مڙس هوندو، پر ڇوريءَ هڻي اسان جو اوچو ڳاٽ ڀڃي وڌو- ست پيڙهيون ڪاريون ڪري ڇڏيائين، هاڻ ڪهڙو منهن کڻي برادريءَ ۾ هلنداسين سڀ ڪو آڱريون کڻندو ته اجهي اهي آهن، فلاڻا وڏ گهراڻا ڪامورا جن جي نينگري...“

”هاءِ قسمت! ادي وڏل ته انهيءَ مهل دانهن ڪئي ته ڀاڄائي ۽ نينگري شهر نه وڃن. پر شهباز مڃيو ئي ڪين. چي جڏهن ڌنڌو ئي قسمت سانگي شهر ۾ ٿيو آهي ته ات ئي گهر ڪري ٻارن ٻچن سميت رهڻو به اٿئون، هيڪلائي ۾ هلاڪي ٿيندي. مون به گهڻو ئي مٿو هنيومانس ته زالون گهر جون شان هونديون آهن ڪو مڙسن ڪڍ ائين گهنڊڻيءَ وانگر پٺتئون نه ٿي لڳنديون آهن. ڪم ڪاڄ لاءِ نوڪر کڻي رکجان مهيني ٻئي اچيو ٻارن ٻچن کي ڏسو وڃجانءِ پر شهباز پنهنجي هوڏ تئون مڙيئي نه؛ چئي آءٌ ته؛ زينب کي وٺي ويندس. ادي مردن لاءِ ڪي زالون کٽيون آهن. الائجي ڪهڙو جادو ڪيس ڀاڄائي؛ مون کڻي ماٺ ڪئي. ادو وڏل به سور پي ڳاڙهو بنهه ٽامڻيءَ وانگر ٿي ويو پر ڪڇيو اصل ڪين. پيءُ کانپوءِ اهو ته سندس سنڀال لهندو پئي آيو. کيس ڪيئن رنجائي ها.“ پر اهو ڏوهه سڄو ڀاڄائي جو آهي جنهن هٿ وٺي اسان جي نينگريءَ جي ٻيڙي ٻوڙي، جهنگ جي ٻڪري ڇا ڄاڻي شهرن مان. ڌاري آخر ڌاري هئي کيس اسان جو آڪهه جي ڪهڙي ڪاڻ قسمت کڻي ادي جو انگ ات اڙايو نه ته حورون ٿي مليو ادي کي ته.“

”ها ڀيڻ، بروبر؛ پر قسمت!“

”مون به شهر وڃي اکين سين ڏٺو ته ڪل پيم. ادي جي پيٽ ۾ به الائجي ڪهڙا حرام وجهي ڇڏيا اٿس جو اکئين سڀ ڪجهه ويٺو ڏسي پر ڪڇي ڪين.“

”اسان جو ڀاءُ اٻوجهه غريب ڦاسجي ويو!“

”قسمت!“

”پر اَئي ڪريمت، ڳالهه بروبر سچي آهي ڪين ماڻهن اجايو دشمنيءَ کان...“

”ادي ماڻهن کي ڪهڙو لاچار پيو آهي، جو ڪوڙ ڳالهائين. اکين ڏسيو اچن، ڏندين اَڱريون وجهي پاڻ ۾ خبرون ڪندا هئا. ڳالهه هلي هلي مون توڻي به پهتي. ڀائين؛ جِت توکي باهه وٺي اُٺ من مون کي به سيڪ اچي؟ گهڻي جٺ ڪئي مانس شرم کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيائين بس ايترو سو چيائين ته ”ڇوڪريءَ جي قسمت ۾ جو ائين لکيل هو-؟“

”ڄيرو لڳيس قسمت ۾. اصل نهوڙي نيو ڇوريءَ اسانکي. انهيءَ ندوريءَ کي موت اچي ها ته ڀلو هو.“

”موت وري اهڙين کي ايندو ڇا؟ باقي اسان لاءِ سو موت ئي آهي، خاندان جو موت-“

”هاءِ منهنجارب! هي ڇا ڪري ڇڏيئي!“

”چوندا آهن ته سنگت جو به ته اثر ٿيندو آهي.“

”اهو ڪيئن-؟“

”سندس پاڙي واريون به ڏٺم ته ڏاڍيون هوشيار پئي ڏسڻ ۾ آيون.“

”پر ادي، انسان پاڻ سولو هجي ته ڪنهن جي مجال ئي ڪونهي جو وار به ونگو ٿئي. بڇڙي کي پنهنجي مَتِ هوندي آهي.“

”سچ ٿي چوين، مونکي ته اهو ڏينهن زهر ٿي آيو، ڇا جا کاڌا ڇا جا پيتا. بک کان پيٽ وڃي پٺيءَ سين لڳم. اهو حال اکين ڏسڻ سين ڄڻ اوندهه ڦري آيم. اهڙو حال ٿيم جو دشمنن جو به نه ٿئي. دل جو دهڪو ته ڄڻ ٻڌم ئي ڪين ٿي. چيم ته يا رب! سنجهيئي وڃي پنهنجي ڪکين ڀيڙو ڪريم.“

”ڳالهه ٻڌڻ سين منهنجو به هنيانءُ ويو هليو. الائجي ڇا ٿيندو. اجهو وڏل به ڄاڻ آيو ڪي آيو. ڳالهه ٻڌي نه ڄاڻي ڪهڙو حال ٿيندس دشمنن جو، مون کي ته ڀؤ آهي ته ڪٿ آپگهات نه ڪري!“

”هاڻ ڪهڙا آپگهات ٿيندا، مئا ته ائين ئي پيا آهيو.“

”هاءِ ندوري! تنهنجي ڪري اڄ هيءَ ڏينهن ڏٺوسين. تون ته ڄمڻ سين مري وڃين ها-“

”توڀان زاري، توڀان زاري.“

وڏل جي زال جنهن پينگهي ۾ ٻار کي کير ويٺي ڏنو تنهن کي سمهاري نڙاڻ وٽ آئي.

”ادي بتخاور خير ته آهي، اوهين موڳيون ڪوهه آهيو. گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ هيڊ هارجي ويئي اٿو منهن تي. مونکي به ته ڪجهه سڻايو ڪين...“

”ڇا ٻڌندينءَ ڀاڄائي؟“

”توهان جي ليکي آئون گهر جو ماڻهو ڪين آهيان؟ ڏاڏي پوٽي آهيان، لاڏين ڪوڏين آئي آهيان، ڪو ائين ته ڪونه آئي آهيان.“ کتوءَ چڙ مان چيو.

”توکي ته چڙ بس نڪ تي رکي آهي، ڪهڙي خوشخبري آهي جو سڀني ٻڌي باقي تون رهجي ويئينءَ؟ هيانءُ هجنيئي ٻڌڻ جهڙو ته ٻڌ. ڏيرهن جي جواڻ جماڻ ٻارهين ورهين جي ڌيءَ اسان جو نڪ وڍائي اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺي آهي.“

ناسُور

محرم خان جڏهن معمولي پوليس جمعدار هو تڏهن کان ئي زهره ٻائيءَ جو خوبصورت جسم سندس توجهه جو باعث هو ۽ ڪئين دفعا اظهار محبت ڪرڻ بعد به زهره کيس کنگهندي ئي ڪونه هئي. زهره جنهن جي در تي وڏا وڏا رئيس زاده، نواب زاده ٻهاريون ڏيندا هئا، تنهن جي هڪ فاقن ماريل پوليس واري تي ڪٿان ٿي اک ٻڏي.

جيئن ته بازار حسن ٿاڻي جي حد ۾ هو، تنهن ڪري محرم خان جي ڊيوٽي به اتي لڳندي ايندي هئي ۽ جڏهن پورو ڏينهن گذرڻ بعد به زهره جي جهلڪ کيس نظر نه ايندي هئي ته روايتي عاشقن وانگر مايوس ٿي پنهنجي پاڏي جهڙي آواز ۾ راڳ ڳائيندو هو.

”تو کون سي بدلي مين ميري چاند هي آجا.“

۽ عين ان وقت اتفاق سان جي زهره ٻائي پنهنجي ڪوٺي جي دريءَ مان نظر اچي ويندي هئس ته سندس للچايل اکيون منجهس ائين کپي وينديون هيون، جيئن ڪنهن بکايل کي اوچتو ئي اوچتو وڻ ۾ پڪل ميوو نظر اچي ويو هجي. سندس وات پاڻي پاڻي ٿي ويندو هو ۽ چپن تي زبان ڦيرائيندو اعتماد سان چوندو هو:

”پهلو نشين اي حور!

ٿيندينءَ تون ضرور.

تنهنجو حجاب، تنهنجو شباب،

بس لاجواب آ.“

زهره کيس پاڻ ڏانهن گهوريندو ڏسي، حقارت جو اظهار ڪرڻ واري انداز سان ڪنڌ کي جهٽڪو ڏيئي دريءَ تي پردو ڪيرائي ڇڏيندي هئي ۽ محرم خان اونهو ۽ ڪڙهيل ساهه کڻي رهجي ويندو هو.

محرم خان، جيڪو زهره جي نگاهه ڪرم جو منتظر هو، تنهن جي اميدن تي هڪ ڏينهن پاڻي ڦري ويو. ٿيو ائين جو کيس انهيءَ ٿاڻي تان بدلي ڪري ڀر واري ڳوٺ جي چونڪي تي رکيو ويو، جتي کيس سخت بيزاري محسوس ٿيڻ لڳي. هڪ هڪ گهڙي ڄڻ سالن برابر ٿي گذريس. شهر ۾ ته چهل قدمي سان گڏ ”چهل چشمي“ جو به موقعو ملي ويندو هئس، پر هتي ته سڃ هئي. رڳو ڪتن جي ڀونڪار ۽ گدڙن جي اوناڙ، اها به ڪا زندگي هئي. ڊيوٽي ختم ڪري پنهنجي ڪواٽر ۾ پيل ”ڪائي“ جهڙي کٽ تي اچي ڊهندو هو ۽ پنهنجي لوڪل زخمي ٽرانسٽر مان حسب معمول نڪرندڙ سُر ”ڌن ڪِتا! ڌِن ڪِتا“ ۽ ”جاڳي اٿي تنهائي، مايوسي“ وغيره جهڙن ”سنڌي“ نغمن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي ننڊ ۾ الوٽ ٿي ويندو هو.

چوندا آهن ته بخت نه ڏسي وقت، جي وري ته ويرم ئي نه ڪري. محرم خان جو به بخت وريو ۽ جيڪو عهدو کيس پنجويهن سالن تائين به نه ملي ها سو ٻن ڏينهن ۾ کيس ملي ويو. ڳوٺ ۾ ڌاڙيلن ويل ٻاري ڏنو هو. نامي گرامي ڌاڙيل سهراب سولنگي ته ڳوٺن جا ڳوٺ هيسائي ڇڏيا هئا، جنهن جي زنده يا مرده گرفتاري لاءِ پوليس بي آرام هئي. انهيءَ ڪم لاءِ حد جي صوبيدار، همت ڀرئي جمعدار شيرل سان گڏ محرم خان کي به اُماڻيو. محرم خان جهڙي بزدل ۽ رنگيلي شخص لاءِ انهن ڪمن ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي، پر لاچار فرض پوري ڪرڻ لاءِ وڃڻو پيس.

گهاٽو ٻيلو ۽ اونداهي هئڻ ڪري شيرل ۽ محرم خان کي ڪجهه دير تائين ڌاڙيل سهراب جي پناهگاهه هٿ ڪرڻ ۾ ڪافي دقت ٿي، پر اوچتو شيرل جي نظر سامهون روشنيءَ تي پئي ۽ هڪل ڪائين ”ڪير آهين؟“

جواب ۾ گجندڙ آواز آيو. ”ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي، سهراب سولنگيءَ کانسواءِ.“

”جيڪڏهن پنهنجي جان جي حفاظت چاهين ٿو ته هڪدم اسان جي پيش پئو. مان هڪ ٻه ٽي چوندس، نه ته مقابلي لاءِ تيار ٿي وڃ.“

انهي کان پهرين جو شيرل هڪ ٻه ٽي چوي، سامهون گولين هلڻ جا آواز ٿيا ۽ شيرل به جوابي ڪاروائي شروع ڪري ڏني. محرم خان، جنهن اهي آواز پئي ٻڌا، سو وڻن پٺيان بچاءَ لاءِ پئي لڪيو. اوچتو گولين جا آواز بند ٿيا ۽ محرم خان کي ڪجهه پرڀرو سندس ساٿيءَ جي ڪنجهڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڊوڙي وٽس ويو، جتي ڏٺائين ته هو پٽ تي ڪريو پيو هو. ايترو ڪي ٻڌڻ ۾ آيس ته سهراب منهنجي گوليءَ جو شڪار بنجي چڪو آهي، پر ڪمبخت مرڻ کان اڳ اهڙو ته نشانو لڳايو آهي جو مان به جيئرو نه رهي سگهندس... آه... ۽ شيرل اهي اکر چوندي دم ڏنو. محرم خان سج اُڀرڻ تائين اتي ئي ڇپ ماريو ويٺو هو- نه چريو نه پريو، سڄي رات ڏڪندي ۽ روئندي گذاريائين.

سج جي هلڪي روشنيءَ ۾ پريان هڪ لاش نظر آيس ۽ ڊڄندي ڊڄندي ان طرف وِک وڌايائين. اڃا به شڪ هئس ته جيئرو نه هجي ۽ کيس ماري نه وجهي. جڏهن پڪ ٿيس ته مري چڪو آهي، تڏهن چتائي سندس چهري ڏانهن ڏسڻ لڳو. کيس انهيءَ مهل سهراب جي مئل چهري ۾ پنهنجو چمڪندڙ مستقبل نظر اچي رهيو هو.

ٻيلي کان ٻاهر نڪري، ڀر واري زميندار وٽ مدد لاءِ ويو، جتان کيس هڪ ڍڳي گاڏي، لاش کڻي ٿاڻي تائين پهچائڻ لاءِ ملي.

سهراب سولنگي جو موت جي خبر ٻهراڙي مان ڳوٺن تائين ۽ ڳوٺن کان شهرن تائين هوا وانگر پکڙجي وئي ۽ مشهور ٿي ويو ته اهو ڪارنامو محرم خان سرانجام ڏنو. جلد ئي کيس، ”اعليٰ حڪام“ طرفان ترقيءَ سان گڏ ساڳئي شهر جي ساڳئي ٿاڻي ۾ بدلي جا آرڊر پڻ مليا.

محرم خان اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر ٿي ڄڻ هڪ ئي وقت ۾ ٻه ميدان ماري وڌا. زهره ٻائيءَ جي ڀاءُ کي ديسي شراب وڪڻڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ هوءَ کيس ڇڏائڻ لاءِ محرم خان کي سندس نئين عهدي جي مبارڪ ڏيڻ وئي.

”اڄ هڪ عرض کڻي آئي آهيان...“ زهره جون اکيون الفت جي نشي ۾ مخمور ڏسي هو بيتاب ٿي آيو.

”مان ته مدت کان تنهنجين اکين جي تيرن جو گهائل آهيان! ڀلا ڀاڳ، اڄ تون مرهم رکڻ آئي آهين.

”منهنجي درد بي دوا ته هن وقت صرف اوهان آهيو- صوبيدار صاحب!“

”حڪم!“ هن پاليل ڪتي وانگر زهره جي اڳيان سر کي ڪي قدر جهڪايو.

زهره ٻائي کيس پنهنجي ڀاءُ جي گرفتاري بابت تفصيل ٻڌائي. محرم خان هڪدم ٽيليفون ۾ هٿ وجهي نمبر گهمائي ايڪسائيز وارن کي فون ڪيو ته ”پيار عليءَ کي هڪدم رها ڪيو وڃي، پنهنجو ماڻهو آهي.“ ۽ ائين چئي هن رسيور کي ائين سٽيو جيئن ڪريڊل تي نه پر پيار علي کي گرفتار ڪرڻ واري جي مٿي تي هڻي ڪڍيو هجيس. پراڻيون ڳالهيون ختم ٿي ويون، خودبخود هڪ نئون ماحول پيدا ٿي ويو؛ ۽ انهيءَ شام جو ئي زهر ٻائي جي ڪوٺي تي محفل ڄمي.

محرم خان صوبيدار ٿيڻ بعد سڄي ٿاڻي تي دٻڙودونس مچائي ڏني هئي، فريادي ۽ جوابدار ته الڳ پر پنهنجي زيردستن تي به گار جي رئي پئي پوندي هئس. ظلم سندس پيشو ۽ رشوت سندس ايمان هو. مٿس پئسي جي بارش ٿيڻ لڳي. هر طرف نوٽ ئي نوٽ، ڪالهه جنهن کي ڪير پڇندو ئي ڪين هو اڄ پنهنجو مٽ پاڻ هو. اڳ جنهن جي گهر ۾ ڪاريءَ وارا ڪک هوندا هئا، تنهن وٽ ڪيترائي عرضدار صبح شام سندس اوطاق جي گلم تي ويٺل نظر ايندا هئا.

زهره ٻائي سان سندس لاڳاپا ڏينهون ڏينهن گهاٽا ٿيندا ويا. سندس راتيون وٽس گذرڻ لڳيون، جت بي گناهن جي خون پسيني جو پئسو هڪ ڌاڙيل وانگر لٽي ۽ ضايع ڪندو هو.

ڪجهه عرصي کان زهره ٻائي، محرم خان مان ڪڪ ٿي چڪي هئي، سندس خاص شڪايت هئي ته محرم خان ڪڏهن به ڏندڻ ڪونه ڏي تنهن ڪري سندس وات ۾ هميشہ ڪتو مئو پيو هوندو آهي. جيستائين وهنجڻ جو تعلق هو محرم خان جو اهو ايمان هو ته هڪ دفعو ماءُ جي پيٽ مان ڄمڻ سان وهتو آهيان ٻيو دفعو غوسلي غسل ڏيندم.

زهره عطر عنبير سرخيون پائوڊر لڳائي محرم خان جي انتظار ڪندي هئي ۽ هو جڏهن پنهنجو سڪي ويل اڇو پگهر ۽ مٽي، مُرن ۽ ڇاتيءَ تان، آڳوٽي ۽ آڱر جي زور سان مهٽي ڪڍندو هو ته زهره ٻائي جي سيني تي هڪ نانگ گهمي ويندو هو.

چوڻي آهي ته طوائف پئسي جي ٿيندي آهي ليڪن دل جا شيشي کان به نازڪ ٿئي ٿي سا طوائف کي به ٿي ٿئي ۽ هن جي دل محرم خان پنهنجي گدلائيءَ ڪري پرزا پرزا ڪري ڇڏي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com