ممڪن آهي اڄ هو واقعي سنجيدگيءَ سان ناراض ٿيو هجي
۽ مون کي سزا ڏيڻ لاءِ شايد فلم جي آخري شو ۾ هليو
ويو هجي. ٽيبل ليمپ روشن ڪري، هن جي ڪتابن مان هڪ
ڪتاب کنيم. پريم اسٽوڪر جو ’ڊريڪولا‘ پڙهيل ته اڳ
ئي هئم پر وقت گذارڻ لاءِ ڪجهه پنا پڙهي ڇڏڻ ۾
ڪهڙو هرج هو... هونئن به اهڙا ڪتاب رات جو اڪيلائي
۾ پڙهڻ سان وڌيڪ دلچسپ لڳندا آهن. پر اڄ هي ڪتاب
پهرين کان وڌيڪ ڀوائتو لڳي رهيو هو... مون ڪتاب
بند ڪري ڇڏيو... اُف.... هي مڇر به ڪنهن ڊريڪولا
کان گهٽ ڪونهن، سڄي رات رت چوسي سج اڀرڻ کان اڳ
غائب ٿيو وڃن. مڇرن کي ڪن وٽ ڀون ڀون ڪندو ڏسي
سوچيم.
ٻارهن لڳا...... بس ڄاڻ آيو.... پر دير ٿيندي وئي،
هو نه آيو... منهنجي بيچيني وڌندي وئي... مون
ڄاريءَ ڏنل دريءَ مان رستي تي نهاريو... پورو
علائقو اونداهيءَ ۾ ٻڏل هو..... گهڻو پري ڪنهن
ڪنهن گهر جي دريءَ مان هلڪي هلڪي روشني نظر اچي
رهي هئي.... هوا معمول کان تيز هئي...
زون...زون.... گهون... گهون...!
وڻ عجيب شڪليون ٺاهي دريءَ سان لڳل ڪمپائونڊ وال
تي پاڇو وجهي رهيا هئا.
ياالله! خير ڪجان.... ائين ته ڪڏهن به نه ٿيو آهي.
هڪ لڳي چڪو هو، پوليس واري سيٽي وڄائي. دل چاهيو
ته کيس سڏي چوان ته ارشد کي تلاش ڪر... پر اها ته
بيوقوفي هئي. آخر مان ڇا ڪريان؟
ڪو حادثو ته... نه نه!! ان کان وڌيڪ ڪجهه سوچي نه
سگهيس... مون زور سان پنهنجون اکيون بند ڪري
ڇڏيون....
ارشد جي خالي بستري تي نظر وڌم، منهنجي اکين مان
ڳوڙها ڪري پيا... مان برف جهڙي ٿڌي ٿي ويس ٻه به
لڳي ويا دل چيو ته خوب رڙيون ڪريان، جيئن سڀ پاڙي
وارا مون وٽ هليا اچن. ارشد مون کان کڻي ڪيترو به
ناراض هجي پر هو هر گز هر گز اهڙي سزا مونکي نٿو
ڏئي سگهي. ضرور ڪا اهڙي ڳالهه ٿي آهي، جنهن سبب هو
اڃا تائين گهر نه آيو آهي... آخر رات جو ننڍڙي ٻار
کي ڇڏي آءٌ اڪيلي ڪنهن وٽ وڃا... نئون گهر، نئون
شهر، هتي آئي ڪي ٿورا ڏينهن ته ٿيا آهن. هڪ هنڌان
ٻئي هنڌ بدليون ته نوڪريءَ ۾ ٿينديون ئي رهن ٿيون.
اُف خدا! مون کي معاف ڪري ڇڏ آءٌ ڪڏهن به کيس
ناراض نه ڪنديس... ڪڏهن به کانئس ناراض نه ٿينديس!
آئون نٿي ٻڌائي سگهان ته منهنجي حالت ڇا هئي.. ٽي
به لڳي ويا! هاڻي مون کان صبر نٿي ٿي سگهيو، مان
روئيندي روئيندي بي هوشيءَ جهڙيءَ حالت ۾ اٿيس ۽
طارق کان مدد وٺڻ لاءِ سندس گهر وڃڻ جو خيال
ڪيم... مون در کوليو... ڪمري مان پير ٻاهر رکيم...
خاموشي ۽ سناٽو ڄڻ منهنجو پيڇو ڪري رهيا هئا... ڀر
واري ڪمري جو در کليل ڏٺم... پکي هلڻ جو آواز به
هو! ٻه قدم اڳتي وڌي ڏٺم ته هو بي خبر پلنگ تي ستل
هو.
مون هڪ ڊگهو ساهه کنيو، حيرت ۾ اتي ئي بيهي رهيس ۽
پنهنجن سڏڪن تي قابو نه پائي سگهيس... آواز تي هن
اکيون کوليون، پر پوري طرح سان سجاڳ نه هئڻ ڪري
گهٻرائجي ويو ۽ هڪدم مون وٽ اچي مون کي جهنجوڙڻ
لڳو:
”ڇو انجم...! انجم...؟ ڇا ٿيو!؟“
”ڪجهه نه...“ آءٌ توکي ڳولهڻ پي نڪتس... ايترو
انتظار تو ڪڏهن به نه ڪرايو هو...“
”پر آءٌ ته ڏهين بجي ئي اچي ويو هئس. در کڙڪايم،
ته تو ڪو جواب نه ڏنو، مون تنهنجي ننڊ خراب نٿي
ڪرڻ چاهي ۽ اچي هتي سمهي رهيس.“
”الا....! چه... چه... شايد مون کي ان مهل ڪجهه
پنڪي اچي وئي هئي... مون کي معاف ڪر ارشد... آءُ
هاڻي ڪڏهن به توکي نه رنجائينديس... ڪڏهن به نه...
مون کي گهڻي سزا ملي چڪي آهي.“ مون سڏڪا ڀريندي
چيو.
”بس انجم... بس.“ هن پيار مان منهنجا ڳوڙها اگهندي
منهنجو سر پنهنجي سيني تي رکي ڇڏيو.
ڀون ڦِرندي
ڪريم بخش هونءَ ته کڻي ڪهڙو به هو، پر هٿ جوڙي سا
ڏاڍي هوندي هئس. مڙس ٻه ڀيرا هو. اصل ٻَنا لڳا پيا
هئس نِوڙت جا. سڀڪو چوندو هئس، ”واهه ادا ڪريم بخش
واهه!“ ٻنيءَ ٽڪر هئس، پنهنجي مڇيءَ ماني وارو هو.
عزت سان وقت پيو گذرندو هئس. ڪنهنجا ڍڳا ڍور ويندا
هئا، دانهن هن وٽ ايندي هئي، ڪنهنجي ٻانهن ڀڄندي
هئي ته به فيصلي ڪاڻ وٽس ئي پهچندا هئا. هو لٺ به
ڏيکاريندو هئن ۽ چٺ به، اهڙيءَ ريت سوَ رپيا ڀُنگ
جا وٺي اڌ پئسا چورن کي ۽ باقي پئسا پاڻ ’هانا
مانا‘ ڪري مال وٺرائي ڏيندو هو.
ٽانگي جي سواريءَ سان ته ڏاڍي دل هوندي هئس. موٽر
۾ ويٺل ڪا زناني سواري اڳيان لنگهي ويندي هئس ته
ويچارو گهڻو ئي ٽانگي کي هڪلرائيندو هو پر پهچي نه
سگهندو هو. سندس ناڪاميءَ تي موٽر مان وڏا ٽهڪ ٻڌڻ
۾ ايندا هئا، جي خوشقسمتيءَ سان ڪنهن جي موٽر خراب
ٿيندي هئي ته ڄڻ ’ٻليءَ جي ڀاڳئين ڇِڪو ڪريو،‘
ٽانگو بيهاري اُمالڪ وڃي پنهنجو خدمتون پيش ڪندو
هو. پر اکيون زالن ۾ هونديون هئس. ڪارو چشمو لاهي
صفا ڪرڻ جي بهاني نظرون به ملائي وٺندو هو. انهيءَ
ڏينهن به ’ٺنڊي سڙڪ‘ تان چهل قدمي ۽ چهل چشمي
ڪندي؛ اوچتو سندس نظر مائي رحيمان تي وڃي پئي.
مائي رحيمان کي افعالن جي خبر هئي تنهن تيئن تِکي
وِک کنئين. ڪريم بخش به مُڇون مروٽي کنگهڪار ڪري
ٻانهن کي لوڏو ڏيئي کڙين تي زور رکيو جيئن ٿي تِکي
وک کينائين تيئن شلوار پيٽ تان ڍُرڪي ڍاڪ وٽ ٿي
اٽڪيس، هڪڙو هٿ ور ۾ هجيس ۽ ٻئي سان پگهر اگهندو
پي هليو. پنهنجي پر ۾ گهڻئي تکو هلڻ جي ڪوشش
ڪيائين پر مڙس هجي هلڻ جو ڍرو، ڪَڪ ٿي پاڻمرادو
ڀڻڪندي چيائين: ”هري هَري هلڻ جي عادت ئي ڪانه
اٿن.“
مائي رحيمان کي ڏند هڪ به نه هجي، باقي سينگار جو
هجيس ’لک لهي ٿي لوڏ‘ سوني سنئڪلي ڳچيءَ ۾ ڏيڍ اک
۾ ڀَنگ وارو نشائي ڪجل، پيرن ۾ وڏن ٽونئرن واري
جتي، ٻه پڙي اجرڪ مٿي تي، مٿان وري هلڻ اهڙو جو ڄڻ
گهوڙو پيو ڀڄي. ڪريم بخش ويچاري گهڻي ڪوشش ڪئي ته
پهچي وڃي منهن ڏسانس پر هوءَ ائين پي وئي جيئن
واچوڙو، ڪريم بخش به پٺيان لڳو آيس. جنهن بنگلي ۾
مائي رحيمان ٿانوَ ٻهاري ڪندي هئي سو به اچي ويجهو
ٿيو. اتي ڏٺائين ته هاڻي اچي ويجهو ٿي آهيان تڏهن
منهن تان اجرڪ لاهي چيائينس، ”ابا ڇا آهي؟ ڪنهن تي
ڀُليو آهين؟؟“ ڪريم بخش وراڻيو، ”مصيبت پوَيي،
سوير کڻي مون ڏي منهن ڪرين ها، ايڏو رلايئي ڇو
ٿي؟“ ائين چوندي لَسڙو ٿي ڍرڪيل قدمن سان پٺتي
موٽيو.
چوڻي آهي ته ’رن پٽ جو لڳي ڀاڳ، ته ڏياري جوئر جي
ڀت کي داغ.‘ ڪريم بخش کي ميونسپالٽيءَ ۾ وڏو عهدو
ملي ويو، پوءِ ته ڀل ڀلان ٿي وئي. هو چويس منهنجو
ڪم ڪر، هو چويس منهنجو! پاڻ ڀانئين ته آءٌ پنهنجو
ڪو ڪريان ته پيريءَ ۾ سک ڏسان. ننڍڙا ٻچا، ٻه
زالون ڪٿان پورت ٿيندم روز جواني ته ڪانهي. هاڻ ته
ڪيس ڪري ڪري مُڇون به سڙي ويون اٿم، پر ’بَڙا سڏا
وڻ، بِڙا دُک پاوڻ.‘ ماڻهو ڪٿي ٿا ڇڏينس اڃان صبح
سان ڪاڪوس ۾ ئي هجي ته گهل چڙهيو وڃينس کانئس ويهه
سال وڏي، پوڙهي ڏاڏي پوٽي زال اڳ ئي در تي کڙڪو
ٻڌي وٺي پاراتا ڏيڻ شروع ڪندي هئي. اڄ به نوڪر کي
رڙ ڪري چيائين:
”اي خميسا ڇورا، ٻڌين ٿو! ميرل جي پيءُ کي اڃا
ڪاڪوس ۾ پنج منٽ به ڪونه ٿيا آهن ته مُئن اچي
گهوڙا گهوڙا ڪئي آهي. ڪو نيرن جو ٽڪر به نصيب
ٿيندس يا نه؟“
”جيجي آءٌ ته گهڻوئي ٿو چوان، چون ٿا ته اسان جو
صاحب ۾ ڪم آهي، اسان جو ڪم نه ٿيو ته چرخي وانگر
ڦري ڦري اونڌا ٿي پونداسين.“
”ابا اِهي نپٽا ڪين ڇڏيندس، ٻيڙي ٻڏن ڄٽن مان اچي
ڦاٿو آهي.“ پوڙهيءَ چِڙ مان منڌيئڙيءَ کي ڏڌ ۾
زورائتو لوڏو ڏيندي چيو. ايتري ۾ باٿ روم مان فلش
ڪرڻ جو آواز آيو ۽ ڪريم بخش هلڪڙو ٿي ٻاهر نڪتو.
”خميسا ڪهڙو کڻي گوڙ لاٿو اٿئي، ٻاهر جون ڳالهيون
ڇو گهر ٿو ڪرين.“ ڪريم بخش ٽوال سان هٿ اگهندي
چيو.
”سائين ٻاهر ماڻهن گهل لاهي ڏني آهي، هڪڙي ٻانهن
گڏ اٿن. جا مڙس وٽ نٿي وڃي، تنهن نبيريءَ لاءِ آيا
آهن.“
”هون... پوڙهي آهي جوان؟“ ڪريم بخش آهستگيءَ سان
پڇيو.
”سائين بس گدرو آهي گدرو!“
”ائي ڇورا! گدرو، گدرو ڇا پيو چوين؟ ڪهڙو گدرو؟“
پوڙهيءَ زال چاڏيءَ مان مکڻ ڪڍندي پڇيو. اهو ٻڌي
ڪريم بخش اُتي ئي ڪري خميسي کي گهٽيو:
”اڙي هل، هاڻي هل، ٻاهر هل. گهرن ۾ اهڙيون ڳالهيون
نه ڪبيون آهن.“ ائين چوندي پاڻ ڊريسنگ روم ڏانهن
وڌيو.
”ميرل جا پيءُ، ماني کائي پوءِ وڃجو.“ پوڙهيءَ کان
رهيو نه ٿيو. ڪريم بخش کيس ڪوبه جواب نه ڏنو.
”سائين جلدي ڪجو.“ خميسي وري ياد ڏياريس.
”ها بابا ها، اچان ٿو، هڪڙن ڪمن مان آجو ٿيان.“
ائين چوندي پتلون پاتائين. سڄي عمر شلوار خميس ۾
رهيو تنهن ڪري اهو لباس کيس ڏاڍو ڏکيو لڳندو ۽
اڪثر چوندو آهي ته: ”بندوق جي منهن ۾ ڀلي وڃان پر
پتلون نه پايان، عهدي ڪاڻ کڻي ڪارو منهن ٿو
ڪريان.“ آخر پتلون، ٽوپلو ۽ نيڪ ٽائي پائي جيئن ئي
ٻاهر نڪتو ٿي ته ننڍيءَ زال سڏ ڪيس: ”سائين مان
صبح کان انتظار ۾ ويٺي آهيان، ماني کائي پوءِ ٻاهر
نڪرو. رات به دير ٿي وئي هئيوَ، هاڻي ته ڀور کايو
وڃو.“ ڪريم بخش ننڍيءَ نيٽي زال جو چيو ڪيئن نه
مڃي، سو لاچار ٻه گرانهن تڙ تڪڙ ۾ لوڻ پاڻي ڪري
کاڌائين. اتي وڏيءَ ڏٺو ته منهنجي چوڻ تي ڪونه آيو
سا سَڙي ڀُڄي ڪباب ٿي وئي. دل ئي دل ۾ ننڍيءَ لاءِ
چيائين ته: ’اڄ هيءَ مرندي يا آئون.‘
ڪريم بخش ٻاهر اوطاق ۾ پهچي ماڻهن سان کيڪر ڪري
حال احوال وٺڻ لڳو. ها بابا جڙيا، ڪر خبر؟“
”سائين خبرون مڙئي خير جون، بچل؛ مون وارو سالو،
سيَن واري عيد تي منهنجي زال مائٽن سان ملائڻ وٺي
ويو، هينئر جو آءٌ وٺڻ ويس ته ٻانهن موٽائي ڏيڻ
کان صفا انڪار ڪري بيهي رهيا. تون بابو ويٺو آهين،
ڏاڍو رُلايو اٿن.“
سائين جڙيو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، ويچاري نياڻي جنهن کي
اسان لاڏن ڪوڏن سان نپائي وڏو ڪري شادي ڪرائي سين
تنهن کي ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيو اٿس.“ جڙئي جي
سُهري ڪانڀ ٻڌندي چيو. ”سڄو وقت نشاپتا ڪيو رُلندو
وتي. هاڻي ته ڪَچي جي بَٺي به لڳائي اٿس. اڃا ٽيو
ڏهاڙو ايسائز (ايڪسائيز) وارا ڳوٺ تي ڇاپو هڻڻ آيا
هئا، ڀلو ٿئي جانڻ جو جنهن حال ڳالهه ٽاري ڇڏي.“
”سائين اهي آبڪاريءَ وارا ته ائين ئي اچي رلي مئا
آهن.“ جڙئي پن جي ٻيڙيءَ مان ڦوڪ ڀريندي چيو.
”ڳالهه ۾ ٺهي ڪجهه ئي ڪين، اجايو اچي پاڻ ۾ ڦٽيا
آهيو.“ ڪريم بخش چيو.“ ڪٿي آهي ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي
ماءُ، آءٌ ٿو وڃي کين سمجهايان.“
”سائين ڇوڪري پَرئين ڪوٺيءَ ۾ ويٺي آهي.“ جڙئي جي
سهري وراڻيو.“ باقي سندس ماءُ توهانجي حويليءَ ۾
ويل آهي.“
”اڙي خميسا!“ ڪريم بخش زورائتو سڏ ڪيو، ”ڪيڏانهن
مري وئين؟ همراهن کي ٻاهر گلم تي ويهاري نيرن پاڻي
ڪرائين ڏهه پيا ٿين، ڪو آئي وئي جو خيال به ڪونه
ٿو پونئي.“
”حاضر سائين، ماني رکي اٿن.“ خميسي فرمانبرداريءَ
سان وراڻيو.
”اَبا توهان ماني کائو، اءٌ ٿو نينگريءَ کي
سمجهايان. مونکي پاڻ دير پئي ٿئي. جڙيي کي به ٿو
ٿُڪ لعنت ڪريان.“ ائين چوندي ڪريم بخش کي اوچتو
سرڪاري ڪاغذن وارو ٿيلهو ياد اچي ويو. جيڪو تڪڙ ۾
کڻڻ ئي وسري ويس. هو ٻيهر حويليءَ ڏانهن ويو.
ڪريم بخش جي غير موجودگيءَ ۾ سندس وڏي زال جيڪا اڳ
ئي ڀري ويٺي هئي، جنهن جي ڦٻي وات مان سدائين
هڙپون هڙپون جا آواز پيا ايندا هئا سا يڪدم ننڍيءَ
تي وڏ ڦڙي وانگر وسڻ لڳي. ”اَئي منهنجي مڙس سان
جادو ڪهڙو ڪيو اٿئي، جو هڪڙو اکر نٿو ڳالهائيم
مالڪياڻي ته آءٌ هئس، تون ڪالهه آئي آهين هينئر ئي
رعب ٿي ڄمائين.“
”مائي، ماسان گوڙ نه ڪر، اهو تون ڄاڻ تنهنجو ميرل
جو پيءُ ڄاڻي، مان توهان جهڙي ڪونه آهيان. مانکي
تقدير وٺي آئي آهي مانجي جند ڇڏ.“
”ائي جند ڇڏ ڪو آءٌ توکي کان ٿي ڇا. ٻوٽيون پٽيون
اٿمئين ڇا؟“
”ٻوٽيون پٽ وڃي پنهنجي مئن جيئرن ننڍن وڏن، ستن
پيڙهين جون!“
”بَلي ڙي بَلي! تون اهڙي زال ٿي آهين جو منهنجا
مئا جيئرا ٿي ڪڍين.“ ائين چوندي وڃي چوٽيءَ ۾ هٿ
وڌائينس.
اِنهيءَ اَتر ويلي ۾ ڪريم بخش به ٿيلهو کڻڻ لاءِ
اچي پهتو: ”ڇا هي ڇاجو گوڙ آهي.“
”ڏسو نٿا مان جي چوٽيءَ مَئون ڪري پڪڙيو آهيس.“
ننڍيءَ چيو.
”منهنجا موئا جيئرا ڪڍيا اٿس، سي ڪي لوهه لڙهندا
هئا ڇا.“ وڏي چيو.
”هاڻي ڪريو ماٺ نه ته کڻي پستول ٻنهيءَ کي ٿو پورو
ڪريان. ٻاهر جا ڪم نبيريان ڪي توهانجا؟ زالون ٿيو،
پاڻ ۾ سَرچوَ“ ائين چوندي ٻاهر ڪوٺيءَ ۾ ڇوڪريءَ
ڏانهن ويو.
خبر تان پئي جو گهوڙاڙي گهوڙاڙي پئجي وئي اوطاق ۾
ويٺل سڀئي ماڻهو ڪوٺيءَ جي در وٽ اچي پڳا. ڪريم
بخش جا ٻه به ويا ته ڇهه به ويا.
”ماءُ منهنجي، تنهنجي مرضي نٿي وڃڻ چاهين ته نه
وڃ.“ وري چور اکين سان مجمئي ڏانهن ڏسندي چيائين،
”بابا مون رڳو قرب سان نصيحت ڪئي اٿمانس ته وٺي
گهوڙا گهوڙا ڪئي اٿس. بيٺو به ته اجهو هتي آهيان.
ٻه فوٽ پري. وٺي وڃو پنهنجي امانت.“ ائين چئي چڙ
مان هليو ويو.
ڪريم بخش ٽيبل تي ننڍيءَ زال سوڌو ماني ويٺي کاڌي
ته خميسي سرڪاري خط آڻي ڏنس.
”ٻيڙيءَ ٻڏا، پاڻيءَ جو گلاس ته پياريم.“ ڪريم بخش
چيو. گرانهن نِڙيءَ ۾ اٽڪي پيس. ٻه ڍُڪ پاڻيءَ جا
پي سڄو خط پڙهڻ لڳو، پڙهڻ سان منهن هيڊو ٿي ويس،
ڌڪ هڻيس ته رت جي ڦڙي نه هجيس. ننڍي زال اهو حال
ڏسي وٺي پٽ وڌي. وڏي زال ڊوڙندي آئي. تنهن اچي
تريون هنيس ۽ ڏک ڀريا سُرَ ڪڍيا. ”منهنجا ڪُلهي
ڪانڌي ڪمان جهڙا ميرل جا پيءُ رلايو ٿو وڃيم روح
۾!“
”تير ڪمان جي ڌيءَ، هٽي وڃ هتان! نڀاڳيون ڪهڙا
ولايتي پار ڪڍيا اٿوَ، مونکي پنهنجي ساهه جي لڳي
پئي آهي. توهان مصبتن مان ڦاٿو آهيان، ٽري وڃو
منهنجي اڳيان ته ڳڀا ڳڀا نه ڪري ڇڏيانوَ.“ ڪريم
بخش سخت ڪاوڙ مان چيو. ٻئي ڄڻيون ڊڄي ٻيءَ ڪمري ۾
وڃي ويٺيون. وڏي، ننڍيءَ کي سرخرو ٿي چوڻ لڳي،
”ادي ڏٺئي، ڪنڌ لٿي جا ڪم، يارن جون باهون ٿو
ڀتارن مان ڪڍي.“
توڀان مائي، ڪنهن کي بي سورو ويهڻ ڏين ٿي. ميرل جي
پيءُ جو اهڙو حال ۽ تون ويٺي آن پٽون ۽ پاراتا
ڏيڻ. تنهنجن گهپين ۽ ڪروڌن ته اهي ڏينهن ڏيکاريان
آهن.“ ننڍيءَ چيو.
”ائي ڏينهن ڏسنئي ننڍا وڏا، چئونڪ چنڊي، ڪهڙا ٿي
ڏينهن ڏيکارين! مونکي پنجويهه سال ٿيا آهن، هن گهر
۾ پيارو مونکي آهي ڪين توکي؟ توکي پنج سال آئي مس
ٿيا اٿئي سو اهڙو اچي سيڪ لڳو اَٿئي.“
”مان توبهن ڪئي، تون غصو نه ڪر، تنهنجون ئي هجي،
پر شال جڙيو هجي.“
”اَئي سو آءٌ ڳچيءَ ۾ ڳانو ڪري ٻڌندي مانس ڇا،
مونکي اهو ڏهاڳ ڏياريو اٿئي، اڃان ٺري ڪانه آهين.“
ايتري ۾ ڪوٺيءَ مان گجندڙ آواز آيو:
”او ڪَٻرون مصيبت پئيوَ، ماٺ ڪنديون ڪي آءٌ اٿان،
کڻان پستول!“ ڪريم بخش جي اها اصل عادت هوندي هئي
جو ٿوري گهڻيءَ تي پستول ۾ هٿ وجهندو هو تڏهن زالن
کي به ڏڪڻي وٺي ويندي هئي ۽ چپ ڪري ويهنديون هيون. |