گوڪل ديو ۽
سنڌباد سيلاني
”ھي، ھم ھي.... ھي، ھم ھي.... ھي، ھم ھو....“
”ھٽو پري ٿيو – ڪوٽوار جو قافلو گذرندو.“
”دڳ ڇڏي بيھو – ڪوٽوار جا اٺ ٿا اچن. ھي ھم
ھو......“ گوڪل ديو جي مھري اٺن جي اڳيان پٽيل ۽
سندس جت جھنڊا کنيو، پيادا ھوڪا ڏيندا ٿي ھليا.
پٽيل جي ھٿ ۾ شاھي فرمان ھو. اھي سڀ ماڻھو اٺن جون
مھارون جھليو، اڳيان تکا تکا ھلندا پئي ھليا ۽
گوڪل ديو جي اٺن جا ڳاٽ ھيٺ مٿي ٿيندا پئي ويا.
گوڪل ديو جو اٺ جيڪو سڀني کان ڀاري، ڀلو، ٿلھو ۽
متارو ھو، سڀني اٺن اڳيان گڙندو پئي ھليو ۽ اٺ جي
ڳچيءَ ۾ ٻڌل ٽکو ڊڙم ڊڙم وڄندو ٿي آيو. سڀني اٺن
جي سنڌ سنڌ تي گھنگھرو، ڇمڪا ۽ ٽلا ٻڌل ھئا، جنھن
سان ھوا ۾ وڻندڙ آواز پئي پئدا ٿيا.
شھر جي ماڻھن بھ حيرت مان پئي گوڪل ديو جر الستي
اٺن جي قافلي ۾ پئي نھاريو. ھنن کي حيرت لڳندي ھئي
تھ اھو اٺ انھيءَ پٻ جھڙي ڊنڊڻ گوڪل ديو کي کڻي
ڪيئن ٿو سگھي؟ نھ تھ جھڙي تھڙي اٺ تي گوڪل ديو
ويھندو ھو تھ اٺ اٿي نھ سگھندو ھو، پر ھي اٺ تھ
گوڪل ديو کي ڄڻ اڏائي کڻي ويندو ھو ۽ ماڻھو چوندا
ھئا تھ جھڙا اٺ تھڙا لوڏا. ڀل ڀلان جو ڇيھھ آھي ئي
ڪونھ، پر گوڪل ديو جي اٺن جو آواز لکن ۾ پڌرو.
ڊنڊڻ گوڪل ديو کي ماڻھو ڀائيندا ھئا، ڇو تھ گوڪل
ديو پھرئين جوڙ جو آڙي ڪاپ ملھھ ھو. ڪو ملھھ کانئس
چڙھندو ئي ڪين ھو. جڏھن ھو ملاکڙي جي ميدان ۾
سورھن وال سٿڻ جا ور کڻي سندرو ٻڌيو، ڍڍ ڪڍيو پيو
ھلندو ھو تھ ماڻھو کيس ڏسيو پيا ٺرندا ۽ خوش ٿيندا
ھئا.
ھڪڙي ڀيري ھڪ اترادي ملھھ کيس سندرو ٻڌندي، لاڦ
ھئين ۽ گوڪل کي چيائين تھ اڄ مان توکي وارا پٽي
اھڙي ملھھ ھڻندس جو ٻڏي ويندين. ماڻھو تريون ھڻي
ساھھ وجھندءِ. بس انھيءَ ڳالھھ تي گوڪل ديو اچي آ
ڦڙيو، سو ڪاوڙ ۾ اچي پيٽ کي اھڙو تھ وٺي ڦوڪيائين
جو ٽڙھ سان سندرو ٽٽي ويو! پوءِ تھ ھوڪرو مچي ويو.
ماڻھن وٺي واھ واھ ڪئي. اھو اترادي ملھھ ايترو تھ
ڊنو جو پاڻ کي کڻي گوڪل ديو جي پيرن ۾ اڇلايائين.
انھيءَ ڏينھن کان وٺي ڪو ملھھ گوڪل ديو سان وڙھن
لاءِ ستجندو ئي ڪون ھو. انھيءَ ڪري ماڻھو اڄ بھ
گوڪل ديو کي ڏسيو، ڏاڍو خوش پئي ٿيا.
”گوڪل ديو جو خير......“
”گھرجي بھ خير.....“
”گوڪل ديو جو خير ھجي......“
”خير ئي خير، بابا خير ئي خير......“ ماڻھن کي
ائين رستن ۾ سلام ڪندو ڏسي گوڪل ديو ڪجھھ مڙئي
ڦوڪجي ويندو ھو. ان ويل ماڻھو کيس ننڍڙا ننڍڙا
گوڏي جيڏا ڏسڻ ۾ ايندا ھئا. گوڪل ديو ڏاڍي ٽانءِ
مان، آڱرين سان شھپرن کي تاءُ ڏئي، اڃان مٿي ٽاٽ
ڪندو ويندو ھو.
”ھو. ھي ھم ھي..... ھي ھم ھي.....“ سندس جت ھوڪا
ڏيندا ھلندا ھئا.
گوديءَ تي وڏي اچ وڃ لڳي پئي ھئي. واپارين نيلام
جون ٻوليون پئي ڏنيون. ڪي وري اھڙا واپاري بھ ھئا،
جن سان گڏ زالون ۽ ننڍڙا ٻار بھ ھئا. ڏاڍا خوش پئي
گھميا. حملان ھڪڙي ٻيڙي مان مال لاٿا پئي تھ ٻين
ٻيڙن ۾ چاڙھيائون پئي. پر گوڪل ديو جو انھن سان
ڪوبھ واسطو نھ ھو. گوڪل ديو انھن تي اک بھ ڪانھ
ڇنڊي. ھن جي نظر ۾ فقط سنڌباد جا ٽئي ٻيڙا ھئا.
اھڙا ڍينگ ٻيڙا جو اھڙا ڍينگ ٻيڙا اڳي ھن ڪڏھن بھ
ڪين ڏٺا ھئا.
”ناڪو ڇا! پھرين تھ انھن جي ٻيڙن جھڙتي وٺبي. ڪھڙي
خبر انھن ٻيڙن ۾ لشڪر ۽ ھٿيار ھجن ۽ رات جو اسان
مٿان حملو ڪن. اھا ڪھڙي ڳالھھ آھي. ڪو ائين
ڇڏيندوسانءِ ڇا؟..... واھ ميان واھ، ڳالھھ آھي.“
گوڪل ديو ڳالھائيندو ٿي ھليو. گوڪل ديو دلير ھو.
نوراني جبلن جو ڄائو ڀلي ڪھڙا بھ ڪٽڪ ھجن، گوڪل
ديو اڪيلي سر سندن جھڙتي وٺندو ھو، ڀلي سامھون ڪير
بھ ھجي.
انھيءَ مھل باز پکي عمارتي ڪاٺ واري ٻيڙي جي اونچي
چيخلي مٿان گوڪل ديو کي ڪو اک ۾ ڪيو ويٺو ھو.
سنڌباد، جھونو ناکئو ۽ سندس ڪجھھ ساٿي ننگر پارڪر
جو شھر گھمڻ لاءِ ڪاٺ جي وڏن ڦٽن مٿان ھلندا، ھيٺ
گودي تي لٿا تھ سنڌباد جي ھڪ ساٿيءَ پري کان گوڪل
ديو کي ڏسي رڙ ڪئي: ”مار پويس، ھيءَ تھ ڪا وڏي پٻ
آھي!“
”ھئو، وڏي ڪا بلا آھي! انھيءَ ڪري چوندا اٿئي
ڊنڊڻ.“ جھوني ناکئي بھ مشڪيو. ھتان ھي مڙس تھ ھتان
ھو مڙس ھلندا ھڪ ٻئي کي سامھان اچي ٿيا.
”خبردار! جتي آھيو اتي بيھجي وڃو. شھر جو ڪوٽوار
گوڪل ديو اوھان سان ڳالھائيندو.“ پٽيل اچي سنڌباد
کي نياپو ڏنو. شاھي فرمان پٽيل جي ھٿ ۾ ھو. ايتري
۾ گوڪل ديو بھ دھلن دمامن سان مڇ کي تاءُ ڏيندو
ھاٿي جيان ڌم ڌم ڪندو، وڏي پيٽ سان ھلندو آيو ۽
سنڌباد کي چيائين:
”ڪير مڙس آھين؟ ڪھڙي ملڪ جو واپاري؟“
”منھنجو نالو سنڌباد آھي، اسين واپاري نھ، سيلاني
آھيون.“
”اوھين ڪير بھ آھيو، آئون ٻيڙن جي جھڙتي وٺندس.“
گوڪل ديو جيئن ئي ٻيڙن ڏانھن وڌيو تھ باز پکي
اڏامندي اوچتو لوھي ٽوپ مٿان جھٽ ھنيس. ٿوري دير
لاءِ گوڪل ديو جا تھ ھوش ئي اڏامي ويا. اڏمندڙ باز
۾ ڪاوڙ مان نھاريندي، شاھي ٽوپ سنڀاليندي چيائين:
”ھي باز پکي اوھان جو آھي؟“
”ھئو سائين، اھو باز اسان جو آھي.“
”ھون....“ گوڪل ديو ڪاوڙ مان اکيون ڦوڏاري مڇ کي
آڱرين سان تاءُ ڏيندي مڇ کي ڇنڊڪو ڏنو. ”جي مون کي
رانڀوٽو لڳي وڃي ھا يا منھنجو شاھي ٽوپ، جيڪا
منھنجي پڳ آھي، ڪري پوي ھا تھ پوءِ؟“ گوڪل جي
انھيءَ ڳالھھ تي سنڌباد ھيٺاھين وٺندي چيس: ”ائين
ڪو ٿيندو ڇا سرڪار! ھي جھنگلي نھ پر ڀوڳائي پکي
آھي. جيڪو ماڻھو ھن کي وڻندو آھي، انھيءَ سان راند
ڪندو آھي.“
”واھ جي راند ٿو ڪري. جي منھنجو شاھي ٽوپ لھي پوي
ھا تھ آئون جيڪر اوھان جون اکيون ڪڍي ٻلين کي
کارايان ھا. ھلو اڳيان ٿيو. آئون تلاشي وٺندس. ڇا
آھي ٻيڙين ۾....؟“
”سرڪار، ڳالھھ تھ ٻڌو. سنڌباد تڪڙو پٺيان وڌي چيس.
”ڪابھ ڳالھھ ڪانھ ٻڌبي. پھرين جھڙتي وٺبي، پوءِ
ناڪو....“ گوڪل ديو سنڌ باد جي ڳالھھ ٻڌڻ لاءِ
تيار ڪين ھو. ھو ڌم ڌم ڪندو ٻيڙي ۾ چڙھڻ لاءِ ڪاٺ
جي ڦٽن تان جيئن ٿي مٿي وڌيو تھ ڪيھر شينھن جي ٻچن
جي جوڙي، ٻيڙي مان مٿانھس رومڙ ڪئي. انھيءَ اوچتي
حملي تي گوڪل ديو جا ڪاٺ جي ڦٽي تان پير اکڙي ويا
۽ ھو ڌو وڃي سمونڊ ۾ ڪريو. ڌڙام.... ھيٺ تري ۾
ھليو ويو. سنڌباد ڏٺو تھ مڙس ٿو ماڳھين ٻڏي. سو
ھڪدم ساٿين کي ھوشيار ڪري، سمونڊ ۾ مڇي جيان کڻي
ٽپ ڏنائين ۽ ٻڏندڙ گوڪل پٺيان ٽٻيءَ ۾ ترندو تري
تائين ھليو ويو. گوڪل ديو جي پٺيان سندري ۾ ھٿ
وجھي، پوري طاقت سان پربت جھڙي گوڪل ديو کي مٿي
ڇڪيندو آيو. گوڪل ديو پاڻ بھ ڪجھھ مڙسي ڪئي. الاھي
دير کان پوءِ سنڌباد ۽ گوڪل ديو پاڻيءَ مان سسيون
ڪڍيون. سنڌباد جي ساٿين پاڻي ۾ کڻي رسا اڇلايا،
جيڪي سنڌباد گوڪل ديو جي چيلھھ ۾ ٻڌا. پوءِ تھ
سنڌباد جا ساٿي زور لڳائي گوڪل ديو کي مٿي ڇڪڻ
لڳا. وڏن زورن سان مڙس کي ڇڪي کڻي مٿي ٻيڙي جي آڳي
تي ليٽايائون. گھوتا اچڻ ڪري گوڪل ديو ڪجھھ مڙئي
ساڻو ٿي پيو ھو. شينھن جا خوفناڪ ٻچا ڏسي، پٽيل ۽
گوڪل ديو جا ٻيا ساٿي مٿي جھاز ۾ چڙھيا ئي ڪونھ
ھئا. شينھن جا ٻئي ٻچا گوڪل ديو جو ٻوٿ چٽي رھيا
ھئا. ھوش ۾ ايندي ئي گوڪل ديو ترار سنڀالي ھڪل
ڪئي:
”پري ٿيو ٻليءَ جا ٻچا......“ شينھن جي جوڙي ڇرڪ
ڀري ھٽي وئي. شينھن چٽي چٽي گوڪل ديو جي مڇ ئي لسي
ڪري ڇڏي ھئي.
”پري ٿيو ٻليءَ جا ٻچا.“ ايتري جٺ ٿيڻ کان پوءِ بھ
گوڪل ديو جي گجگوڙ لڳي پئي ھئي. تلوار سڌي ڪري،
پسيل بُت کي ڇنڊڪو ڏئي اٿي کڙو ٿي بيھي رھيو ھو ۽
ھن ٻيڙن جي تلاشي وٺندي، سنڌباد کي چيو:
”ڏسو منھنجا بابا! اسان جو اوھان سان ڪو جھيرو
جھٽو ڪينھي. باقي گودي جو ناڪو اوھان کي ڏيڻو
پوندو. ٽنھي ٻيڙن جو ناڪو ڪل ملائي پنج سؤ تولا
سون ٿيندو......“
”پنج سؤ تولا سون......!“ سنڌباد جي وات مان دانھن
نڪري وئي.
”ھا – پنج سؤ تولا سون. جيستائين اوھين اھا رقم
جمع نھ ڪرائيندا، اوستائين اسين اوھان کي ھتان وڃڻ
نھ ڏينداسين.“
”جي اسين رقم نھ ڏينداسون تھ پوءِ.......؟“ سنڌباد
جي ساٿي ھي آواز تي گوڪل ڪڙڪ ٿي وراڻيو:
”رقم تھ اوھان جا وڏا بھ ڏيندا.“
”پر اسين تھ سيلاني آھيون، ايڏي وڏي رقم اسان وٽ
آئي ڪٿان؟“
”سرڪار، چيوسون تھ اسين واپاري ناھيون.“ جھوني
ناکئي بھ لاچار ڳالھايو.
”آئون ڪجھھ بھ چئي نٿو سگھان. راڻي ھوٿل پري جو
ناڪو آھي، سو اوھان کي ڀرڻو آھي.... ھش..... پري
ٿي ٻلي جا ٻچا........“ گوڪل ديو ڳالھايو بھ پئي ۽
تلوار سان شينھن جي ٻچن کي پاڻ کان پري پئي ڪيو.
”پر ايڏو ناڻو اسين آڻيداسون ڪٿان جو ڀري
ڏينداسون؟“ جھوني ناکئي جي ڳالھھ تي گوڪل ديو
مڙيوئي ڪجھھ ٿڌو ٿيو ۽ سوچيندي چيائين:
”يار، اوھين مڙس آھيو ڀلا. آئون اوھان کي ھوٿل
راڻي ڏانھن وٺيو ٿو ھلان. اھا جي اوھان کي ناڪو
معاف ڪري تھ پوءِ ڪو ڦڏو آھي ئي ڪونھ.....“
”پري ٿيو ٻلي جا ٻچا...... ھش پري پري.......“
گوڪل شينھن جي ٻچن کي ھڪلون ڏيو، پاڻ کان پري پئي
ڪيو.
”ٺيڪ آھي، اسين ھوٿل پري وٽ ھلڻ لاءِ تيار آھيون.“
سنڌباد چيو.
”تھ پوءِ منھنجي پٺيان اچو......“ ائين چئي گوڪل
ديو ساڳئي ڏکي سان ٻانھون سيٽيو، تلوار لوڏيندو،
جھاڙ مٿان ڪاٺ جي ڦٽي تان ھيٺ لھڻ لڳو. سنڌباد ۽
سندس ساٿي گوڪل ديو پٺيان ھلندا، ھوٿل پريءَ جي
شاھي محل ڏانھن وڃڻ لڳا. |