سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: سنڌباد جو سفر

علي بابا

صفحو :16

ڀونءِ ترو کنڊ جو سفر

ڪارونجھر جبل جي پاڙ ۾ اٺن جي دڪي تي اچي سڀ پنھنجي پنھنجي اٺن تي سوار ٿيا. گوڪل ديو جي مھري اٺ پٺيان سڀ اٺ گڙندا، راڙا ڪندا اٿيا. ھان سندن قافلو گودي ڏانھن وڃي رھيو ھو، جتي سنڌباد جا ٻيڙا لنگر انداز ھئا. اٺن جا اوچا ڳاٽ تلا وڄائيندا، گڙڪندا ھم ھم ڪندا پئي ھليا.

بندر جي دڪي تي اچي گوڪل ديو اٺ ھشايا. اڄ گوڪل ديو ڏاڍو اداس، رنجوڙ ۽ اٻاڻڪو پئي ڏسڻ ۾ آيو. ڄڻ مڙس جي سڄي طاقت ختم ٿي وئي ھئي. منھن ئي ڪارٽيو پيو ھوس. سنڌباد انھيءَ ڳالھھ کي محسوس ڪندي چيس:

”ڪوٽوار گوڪل ديو! اسين جڏھن ھتي آيا ھئاسين تھ اوھان جو چھرو ٻھڪيو پئي. ڏاڍي ڦڙتي ھئي اوھان جي ھلڻ ۾. اوھان جي ھلڻ سان ڄڻ ڌرتي ڌبي ٿي. پر اڄ اوھان ۾ اھا ڦڙتي ڪانھي. اوھين ڪجھھ اداس پيا ڏسڻ ۾ اچو. ڪٿي اسان پاران اوھان کي ڪو رنج تھ نھ پھتو آھي؟ انسان خطا جو گھر آھي. جي اھڙي ڪا ڳالھھ آھي تھ پوءِ اسين توکان معافي ٿا وٺون.“ سنڌباد جي ڳالھھ تي گوڪل ديو ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ چيائين:

”سنڌباد! اوھان جھڙن ڀلارن ماڻھن کان ڀلا ڪنھن کي رنج ملندو؟ اھي تھ اسان جھڙا ھچارا ماڻھو ھوندا، جي ٻين جون دليون ڏکوئيندا آھن. مون کي تھ انھيءَ ڳالھھ جو ارمان آھي تھ آئون اوھان جي خدمت ڪرڻ بدران، اوھان جي رستي ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪندو رھيس. ھاءِ ھاءِ.... ڪتي پيٽ لاءِ زندھ رھڻ ڪيڏو نھ حقير ۽ نيچ ڪم آھي.“ اھا ڳالھھ چوندي گوڪل ديو روئڻھارڪو ٿي ويو ھو. تڏھن جھوني ناکئي چيس:

”نھ گوڪل ديو! تون پنھنجو پان کي اجايو پيو گھٽ وڌ ڳالھائين. سچ پڇين تھ اسان جي دل ۾ تو لاءِ وڏي عزت آھي. تون جيڪو کائين ٿو سو ھنڊائين ٿو. تو جھڙن پھلوانن جي ڪري ئي اسان جي ملڪ جو ڳاٽ اونچو آھي. توکي ڪاڻيارو ڪير چوي!“

”تھ ڇا سچ پچ اوھين مون کي چڱو ماڻھو ٿا سمجھو؟“

”ھائو! تون بي ڊپو، بھادر، فرض شناس ۽ مانجھي مرد آھين. اسان تنھنجو مرتبو سڃاڻون ٿا. باقي کل ڀوڳ، سو اسان سيلانين جي ڳالھھ دل ۾ نھ ڪجانءِ.“

”سچ، اھڙيون ڳالھيون ڪري اوھان مون کي لڄيندو ڪري رھيا آھيو. دل چوي ٿي تھ جيڪر مان آزاد ھجان ھا ۽ انھيءَ سفر ۾ اوھان سان گڏ ھجان ھا.“

”گوڪل، تون سدائين اسان کي ياد ھوندين.“ سنڌباد ۽ جھوني ناکئي جي ڳالھين سان گوڪل ديو خوش ٿي ويو ھو. منجھس ساڳي ڦڙتي موٽي آئي ھئي.

سڀ پاڻ ۾ ڳالھيون ڪندا، ٻيڙيءَ جي ڪاٺائن ڦٽن تان مٿي ھلندا ٻيڙن ۾ سوار ٿيا. سنڌباد جي شيھن جي ٻچن جي جوڙي راند لاءِ وري گوڪل ديو تي حملو ڪيو.

”پري ٿيو ٻليءَ جا ٻچا، ھٽي پري ٿيو ٻليءَ جا ٻچا......“

گوڪل ديو جي ساڳي ھڪل لڳي پئي ھئي ۽ ساڳئي وقت ھو ھٿ ڦيرائي ساڻن پيار بھ ڪري رھيو ھو ۽ شينھن جا ٻچار بار بار گوڪل ديو سان راند ڪرڻ لاءِ مٿس ٽپا ڏئي رھيا ھئا ۽ گوڪل ديو وڏا ٽھڪ ڏئي رھيو ھو.

”گوڪل! شينھن جي ٻچن کان ڊڄين ڪونھ ٿو، پر ھڻ ڪاٺي جھڙي سڪل زال کان بھ ڪيڏو ٿو ڊڄين.“ مينا جي ڳالھھ تي سڀ کلڻ لڳا. گوڪل ديو مينا کي چيو:

”مينا! توکي خبر ناھي. اھا سڪل ٻاندي مڪريل جادوگرياڻي آھي.“

”ٺھيو ٺھيو ٺھيو...... اجايو پيو ويچاريءَ کي ٽيڳر ڏين. لاھي پادر ھڻيس تھ سڄو جادو نڪري وڃيس. باز کان نھ ڇڏايانس ھا تھ اڄ تون تنڙ ھجين ھا.“ سڀني جي کلڻ تي گوڪل ديو بھ ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳو.

پوءِ گوڪل ديو سنڌباد ۽ سڀني ساٿين سان ڀاڪر پائي موڪلايو ۽ ٻيڙي جي ڦٽي تان ھيٺ لھي ويو. سنڌباد جا ساٿي ڪاٺ جو ڦٽو ٻيڙي ۾ اندر ڪري پڳھھ ڇوڙي، کوھا کڻي، وڏاندرا ونجھھ ھڻندا ٽئي ٻيڙا ھاڪارڻ لڳا. رکي رکي ٻيڙن جا سڙھ مٿي کڄندا ٿي ويا.

”ھيسو ........ زور لڳايو ھيسو ........

ھيلي آلا ھيسو، ايسو ........

ھو، موج ۾ مڪڙي ........ ھيسو ........

ھو، سمونڊ آ ساٿاري ........ ايسو

ھيسو زور لڳايو ........ ايسو“

ھاڻ سنڌباد جا ٻيڙا ڀونءَ ترو کنڊ جي اڄاتل منزل ڏانھن وڌي رھيا ھئا. گوڪل ديو بندر تي بيٺو موڪلاڻيءَ لاءِ ھٿ لوڏي رھيو ھو. ايستائين جو ٽئي ٻيڙا ڏور ٿيندا، سندس نھار مان نڪري ويا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org