سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: سنڌباد جو سفر

علي بابا

صفحو :3

 

سنڌ جي راجا جو شرط

 

ٻئي ڏھاڙي سنڌ جي راجا وڏي ڌام ڌوم سان سنڌباد جي دعوت جھلي. سڀ راڻيون، وڏا منتري، ويد، ديوان، ڪوي محل ۾ اچي گڏ ٿيا. وڏا وڏا ناکئا ۽ سامونڊي ودوان گھرايا ويا. جڏھن سنڌباد راجا جي محل ۾ پيھي آيو تھ سنڌباد جي سونھن ڏسي ديوان ۽ ٻايون حيرت ۾ پئجي ويون. ڏندين آڱريون اچي وين، ڄڻ تھ ڪو پريزاد اچي ويو ھو. سنڌ بار راجا آڏو ترار اونڌي کوڙي، گوڏو ڀڃي، سيس نوائي ڪورنش ڪندي چيو:

”شال سنڌ جي راجا جو سخت سڀنيھان اونچون ۽ مان مٿانھون ھجي، شال پرجا مٿان سدائين اوھان جو مھر ڀريو ھٿ سوايو ھجي، آئون سنڌباد پنھنجي راجا مھيرامڻ آڏو ڪورنش ڪريان ٿو.“

”ڀلي آئين، جيءَ آئين، تنھنجي ڏاھپ جي ڳالھين ۽ دانائيءَ اسان جو من موھي وڌو آھي، پر اڃا ڦنڊو ھنئين، تو ڳلن مان رت نڪري. ڪا ڄاڻ اٿئي تھ کارو کيڙڻ[1] ڪيڏي جان جوکم جو ڪم آھي. نيڊوءَ ۾ سدائين نانھن لڳي پئي آھي، جت لھرن جي لپاٽ سين ٻيڙا ٻھ اڌ ٿيو پون. وڏا وڏا ڊينگ ڍريو پون. ڪيھي خبر تھ انھيءَ سمونڊ ۾ ڪيھا ڪيھا مڇ ٿا پڇ ھڻن. ڪھڙا مانگر ٿا ٻيڙا اٿلين ۽ شارڪ شوڪٽ ڪن. ويل مڇي سمونڊ ۾ ڪھڙا ويل ڪندي آھي. سسي ڳاڙھي سمونڊ ۾ ھوندي اٿس تھ پڇڙي ڀونچ سمونڊ ۾. سو سنڌباد، ساھ پيارو اٿئي تھ انھيءَ ڳالھھ تان لھي وڃ، باقي راڄ ڀاڳ ۾ جيڪي عھدا گھرين، سي ڏيانءِ.“

راجا جي اھا ڳالھھ ٻڌي ويچاري سنڌباد جي منھن جو پنو ئي لھي ويو، سوکم کائيندي چيائين:

”راجا...... شونق جو ڪو ملھھ ئي ڪينھي. جڏھن اجل ايندو آھي تھ جتيءَ ۾ ھڻ کڻ ويھي ويندي آھي. ڀلا موت جيڪو اچڻو ئي اچڻو آھي، انھيءَ کان ڪيترو پاڻ بچائبو؟ ڇتي ڪتي جي چڪ کان سٺو آھي تھ ماڻھو ميڪر[2] منھن وڃي. چوان تھ انھيءَ ڇولان ڇول سمونڊي جي ڇاتيءَ تي ڪو نشان ڇڏي وڃان، ڪو يادگار قائم ڪري وڃان. راجا، راضي ٿيءُ، منھنجو عرض اگھاءِ.“

”وھ ڙي واھ سنڌباد! واھ جي ڳالھھ ڪيئي. بروبر ڇتي ڪتي جي چڪ کان سٺو آھي تھ ماڻھو ميڪر وات وڃي. دليريءَ جي ڳالھھ ڪري دل خوش ڪري ڇڏيئي. ھاڻ جھڙا چوندين، اھڙا ڏان ڏيندوسانءِ، اھڙا ھوڙھا ۽ ٻيڙا ڏيندوسانءِ، جو ستن سالن ۾ ست ئي وڏا سمنڊ پار اڪري وڃين. پر ھا، ھڪڙو سو منھنجو ڪم توکي ڪرڻو پوندو، پر اھو ڪم سمونڊ پار ڪرڻ کان بھ اھکو آھي.“

”راجا، ماڻھوءَ جي پاڻ سچو ھجي تھ پوءِ دنيا جو ڪوبھ ڪم اھکو آھي ئي ڪونھ، سڀ ڪم سھکا آھن.“ ”تھ پوءِ ڪن ڏئي ٻڌ سنڌباد!“ اتي سنڌباد ڏٺو تھ اوچتو راجا جون اکيون ڪاوڙ کان چنجھيون ٿي ويون ۽ مٽون ڦوڪجي ويو. راجا چيو: ”سنڌباد، پوٽاميا[3] جي راجا تي اسان جون وڏيون باھيون آھن. وڏي غيرت آ اسان کي. جيڪا ڪنوار اسان کي وڻي، سا بھ اھو راجا وڻي پرڻيو ۽ اسين چپ چٽيندا رھياسين، ڇا تھ عجب عورت ھئي! ٿيڻو تھ ھئس سنڌ ملڪ جي راڻي، پر الائي ڇا وڃي ٿي!.......“

اھا ڳالھھ راجا وڏو ٿڌو شوڪارو ڀريندي چئي ۽ وڏي ڪروڌ مان ڳالھائيندي ترار تي ھٿ مھٽيندي چيائين:

”وري منھنجو پيءُ راجا ڀنڀو مھيرامڻ گذاري ويو، ڪونھ آيو. منھنجي تخت نشينيءَ تي بھ ڪونھ آيو، وري مٿان ٽوڪ تھ سنڌ جي راجا کي راجائيءَ جي ڪيھي خبر؟ سنڌ جو راجا وڃي جھار ھڪلي. سو ھاڻ چوان تھ نھڙنيانس. تاج ۽ تخت سڀ اونڌو ڪري ڏيانس. کاڄي ڇا سان.“ سنڌباد، راجا جي اھا ڳالھھ ٻڌي وائڙو ٿي ويو، سو پريشان ٿيندي چيائينس:

”راج ڌڻي، پوءِ آئون ڇا ڪريان؟ انھيءَ ڳالھھ سان منھنجو ڪھڙو واسطو؟ اھو تھ اوھان جو ذاتي مسئلو آھي.“

راجا، سنڌباد جي ڳالھھ اڌ ٻڌي ڪندي چيو:

”سڄو ڪم ئي توکي ڪرڻو آھي سنڌباد!“

”ڪھڙو ڪم؟“ – سنڌباد حيران ٿي ويو ھو.

”ٻڌايانءِ ٿو...... ٻڌايانءِ ٿو........ تنھنجو ڪم ڇا آھي؟ آڪ مان ماکي لاھڻي آھي. بس تون پوٽاميا وڃي پتو لڳائجانءِ تھ پوٽاميا جي راجا جي ڪل فوج گھڻي آھي؟ ھڪ، پيادي فوج گھڻي اٿس؟ ٻھ، اٺن ۽ خچرن ۽ گھوڙن جا ڪيترا جٿا اٿس؟ ٽي، اھو تھ آرياٿان[4] واري ھرنامس نار[5] ۾ سندس ھوڙھا ۽ ٻيڙا ڪيترا آھن؟ ملڪ جي مالي حالت ڪھڙي آھي؟ ملڪ ۾ ڏڪار اٿن، ڪي سڪار؟ بس پوءِ تون ڇٽو آھين. ڏس تھ پوءِ ڪيئن ٿو واڄٽ وڄايانس. اصل دوناڙ ڀڃندوسانس، جيئن مايون چونديون آھن: ڏوئي سان ڏند ڀڃندي سانس.“

راجا جي ڳالھھ ٻڌي سندباد جا ڄڻ ڇيھھ ڇڄي پيا، سو سر تان آھو کڻندي، ٺھھ پھھ چيائينس:

”راڄ ڏڻي، سمجھو تھ اھو ڪم بھ ڪين ٿيو. اھڙو ڪڌو ڪم مون کان اصل ڪين ٿيندو.“

”ڇو؟... ڇو نھ ٿيندو، اھو ڪم توکان؟“

”ڇو تھ آئون ھڪ سيلاني آھيان نھ گپت[6].“

”تون سيلاني آھين ڪي گپت، ڇو نھ ڪندين تون اھو ڪم؟ لاڦون تھ وڏيون ٿو ھڻين.“

”ڇو تھ ھڪ سيلاني گپت ٿي نٿو سگھي. دنيا ۾ اھڙو ڪو مثال آھي ئي ڪونھ. راجا، سيلاني جو ڪم دشمن ملڪن کي دوست بنائڻ آھي، جدا جدا ملڪن جي علم ۽ فلسفي کي ھڪ ٻئي سان روشناس ڪرائن آھي، سڄي دنيا جي ملڪن ۾ واپاري لاڳاپا پئدا ڪرڻ ۽ ھنرن جي مٽا سٽا ڪرائڻ آھي، جيئن سڄي دنيا ھڪ بھشت بڻجي پوي. ھڪ سيلانيءَ جو ڪم اھو ناھي تھ ھو ستل نارين ۽ ٿڃ پيارڪ ٻارڙن مٿان گھل چاڙھي اچي ۽ سندن پر امن ملڪ ۾ مانڌاڻ وجھرائي ڇڏي. نھ راجا، اھو ڪم مون کان اصل ڪين ٿيندو.“

”ھاٿيءَ جي پيٽ ۾ سبرائي ڇڏيندوسانءِ. اسان جي ڏمر کان ڏڪ، سوچي سمجھي جواب ڏي، سنڌبار! مارائي ڇڏيندوسانءِ.“

”مرضيءَ جو مالڪ آھين راجا!“ سنڏباد کي جيڪي چوڻو ھو سو چئي ڌنائين. تڏھن راجا خوش ٿي چيس:

”وھ ڙي واھ سنڌبار! توکي جھڙو ٻڌوسين، تھرو ڏٺوسين. اسان تنھنجو امتحان پئي ورتو. پوٽاميا جو راجا اسان جو وڏو يار آھي، دوست ملڪ آھي اسان جو. تون پنھنجي پيشي سان ايڏو تھ سچو آھين، جو ڪنھن بھ ملھھ توکي خريد ڪري نٿو سگھجي ۽ نھ ئي موت جو ڊپ ڏئي توکي ھيسائي سگھجي ٿو. تو کٽيو، ھاڻ تون جيئن چوندين، تيئن ٿيندو. اسين توکي اھڙا ھوڙھا ڏينداسين جن جا اولا عاج جا ھوندا. اھڙا ٻيڙا، جي مھا سنڌو ساگر کان سواءِ ٻين ملڪن ڏٺا ئي نھ ھوندا.“

پوءِ راجا سنڌباد کي شاھي دسترخوان تي وٺي آيو، جتي طرحين طرحين طعام ۽ ميوا سجايل ھئا ۽ سنڌباد راجا، راڻين، منترين ۽ سڀني مھمانن سان گڏجي کاڌو کائڻ لڳو. سڀ ڏاڍا خوش پئي ڏسڻ ۾ آيا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org