سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: سنڌباد جو سفر

علي بابا

صفحو :6

ڪارونجھر جبل جو ڏھڪاءُ

اتر جون ٿڌڙيون ھوائون گھلڻ لڳيون ھيون. سرن جا پانڌ نسري پيا ھئا. پوھ جي پھرين جو چنڊ ڏسي، راجا ۽ راڻيءَ سنڌباد کي سمونڊ جي سفر جي موڪل ڏني. پاتال بندر جي ماڻھن وڏي ڌام ڌوم، ٺٺ ۽ اڊمبر سان سنڌباد جي ٻيڙين اسھڻ جو جشن ملھايو. گوديءَ تي ملھيون ۽ ٻلھاڙا کيڏيا ويا. راڻيون، دايون ۽ ٻايون سمونڊ کي موکا ڏيڻ لاءِ پکا وجھڻ لڳيون، ڪنواريون ناچ ڪرڻ لڳيون، سمونڊ ڪناري چوڏس دھل ۽ دمام ھئا. ناکئن کوھا کولڻ جا ناد وڄايا.

ايلي آلا ايسو.

زور لڳايو ھيسو.

ايلي آلا ايسو. مھاڻا وڏاندرا ونجھھ ھڻندا ٽنھي ٻيڙن کي اونھي عميق ڏانھن ڪاھيندا ٿي ويا. سنڌباد جي کاٻي ٻانھن تي باز ويٺو ھو. ھو ساڄي ٻانھن لوڏي راجا، رانيءَ، ڄامڙيءَ ۽ بندر تي آيل سڀني ماڻھن کان موڪلاڻي پئي ورتائين. ٻار[1] ۾ ٻيڙن جا اڇا، گيڙو ۽ ھيڊا سڙھ، ھوائن ۾ ڦوڪجندا، مٿي کڄندا ٿي ويا. شراپ.... شڙاپ.... شڙاپ.... ٽئي ٻيڙا چنگھندا پاڻيءَ کي چيريندا، پنھنجي پٺيان گاج[2] جا وڏا ليڪا وجھندا پئي ويا.

ھو – نيدوءَ ۾ ناتاري

ايسو ..... ھيلي الا ھيسو .....

ھو – سمونڊ آ ساٿاري ايسو .....

زور لڳايو ايسو ..... ھيسو .....

ايلي آلا ھيسو ..... ايسو

زور لڳايو ايسو ..... ھيسو

سمونڊ ۾ ٻيڙا موج ۾ ھلندا پئي ويا. سنڌو درياھ جي ٽنھي ڇاڙن وٽان گذرندي سنڌبار ۽ سندس ساٿي سنڌو درياھ جا نظارا ڏسي حيران ٿي ويا. اکين کي ڄڻ ڍءُ ئي نھ پيو ٿئي. سنڌو درياھ جي آرسيءَ جيان شفاف پاڻيءَ ۾ جلپريون ۽ ٻلھڻيون تڙٻيون کايو ڏاھيالي راند پئي کيڏيون ۽ سامونڊي گھوڙا، ھاٿي، ھرڻ، ڦاڙھا، گينڊا ۽ روجھون ميدانن ۾ پئي چنا. سنڌباد جي ڪيھر شينھن جي جوڙي حيران ٿي انھن جانارن ۾ نھاري رھي ھئي ۽ باز اڏامي سڙھ جي چوٽيءَ تي وڃي ويٺو ھو. ناکئا ۽ مھاڻا ھوڙھا ھاڪاريندا ٿي ويا.

ھيلي آلا ھيسو ..... ھيسو

زور لڳايو ھيسو ..... ايسو

ھو – سڀ ڇاڙون ۽ ڇڇ

اڪري وينداسون .....

ھيسو ..... ايلي الا ايسو .....

ھيسو ..... ھو، ھر مشڪل سان .....

نبري وينداسين ..... ايسو

زور لڳايو ايسو ..... ھيسو

ايلي آلا ھيسو ..... ايسو

ناکئا ھوڙھا ھڪليندا پئي ويا. سج پئي لٿو ۽ اڀريو. جيستائين نھار ٿي ويئي، ڇولان ڇول مھا سنڌ ساگر ڇلي رھيو ھو. ڇولين جا ڇڇڪا ھئا. چوٿين ڏھاڙي ئي اوڀر کان سج ڪني ڪڍي تھ نوجوان ملاحن جي واتان رڙيون نڪري ويون. وٺي خوفناڪ دانھون ڪيائون:

”خبردار! پڪ ئي پڪ اسين ڪنھن مصيبت ۾ ڦاسڻ وارا آھيون.“

”ھي لقاءُ تھ ڏسو، سمونڊ کي باھ لڳي پئي آھي....! اسين ڪنھن وڏي جادوءَ ۾ ڦاسڻ وارا آھيون.“ ٻئي ملاح رڙ ڪئي ھئي. تڏھن سنڌباد ڊوڙندو ٻيڙي جي آڳل تي آيو. ڏسي تھ اڀرندي پار ڏي سمونڊ ۾ نيڻ نھار تائين پکڙيل ٽانڊي جو پھاڙ آھي، جيڪو پيو ٻري ۽ ٻاڦون ڇڏي.

”خبردار! موٽ کائو نھ تھ اسان جو موت آھي.“ ٻين جي ٻيڙين مان بھ اھڙا آواز اچي رھيا ھئا. ٽنھي ٻيڙين ۾ ڏھڪاءُ پئجي ويو ھو. سڀ اکيون ڇنڀڻ کان سواءِ خوف مان انھيءَ ٻرندڙ باھ جي جبل ڏانھن نھاري رھيا ھئا. تڏھن سنڌباد وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ چيائين:

”ساٿيو، اڃا ڳالھھ ڪٿي پئي آھي. اڃان تھ اسين پنھنجي وطن ۾ آھيون. پارا ڇر رشيءَ[3] جي ديس ۾. اعتبار ڪيو تھ اھو ٽانڊن جيان ٻرندڙ جبل جنن ۽ ديون جو اسٿان نھ پر ڪارونجھر جبل آھي. اراولي جبل جو پاھڻ ائين سج جي روشني پوڻ تي ٽانڊن جيان تجلا ڏيندو آھي.“ تڏھن ھڪ نوجوان ملاح رڙ ڪندي چيس:

”سنڌبار، اسين ڊڄون پيا. متان ڪا آفت مٿان اچي ڪڙڪي.“ ملاح جي انھيءَ ڳالھھ تي سنڌباد دلاسو ڏيندي چيس:

”ناکئا! ڀانيان ٿو تھ انھيءَ پار تون پھريون ڀيرو سفر ڪري رھيو آھين، تڏھن پيو ھيڻو ٻولين.“

”ھا..... مان سمونڊ جي سفر تي پھريون ڀيرو نڪتو آھيان.“ سنڌباد ناکئي جي ڳالھھ ٻڌي چيو:

”مون ناد ۽ نگد ۾ پڙھيو آھي تھ اھو ڪارونجھر پھار وڏن رشين ۽ سامين جو ماڳ آھي. اھو ڏاڍو پاڪ پھاڙ آھي. انھيءَ پھار جي چوٽين مٿان ڪابھ پراسرار طاقت پر نٿي ھڻي سگھي. ان پھاڙ جي پرئين پار ننگر – پارڪر جا محل ۽ ماڙيون آھن. ھلو تھ اڄ انھيءَ ڀلاري جبل جا سير ڪريون ۽ ساھي پٽيون. انھيءَ ڀلاري ڀونءِ تان رڳو ائين ٺلھو گذري وڃڻ سٺو نٿو لڳي.“ سنڌبار جون اھي ڳالھيون ٻڏي پوڙھي ناکئي چلم مان بُڙڪو ڀريندي چيو:

”بلاشڪ سنڌباد، تون ڌرتي جو ڄاڻو ماڻھو آھين! علم کان سواءِ ماڻھو انڌو ۽ بيڪار آھي. ائون ان ڪري چپ ويٺو ھئس تھ ڏسان تھ تون ڇا ٿو چئين؟ توکي جس آھي. مون کي ياد آھي، آئون اڃا ڳڀرو ھئس. آئون راجا مھيرامڻ سان گڏ ڪارونجھر گھمڻ آيو ھوس. اتان راجا ايسن جي پٽ جيسن جو ٻيڙو اچي لانگھائو ٿيو تھ ھو ڊڄي ويا. دھشت نھ جھلي سگھيا تھ الائي ڇا آھي، ڪھڙو جادو آھي. اھو اھو آھي ڪارونجھر جو نظارو.“ پوڙھي ناکئي جي ڳالھھ سنڌبار وڏي غور سان ٻڌي.

”تھ چئبو تو راجا ايسن جي پٽ جيسن کي بھ ڏٺو؟“

”ھئو.... شينھن مڙس ھو. اصل ميٿر! ايڏو وڏو سيلاني اسان اڳ ٻڌو ئي ڪونھ. نھ ماءُ ڄڻيو، نھ ڄڻيندي.“

”ناکئا.... اڄ رات ننگر پارڪر ۾ گذارينداسين.“ سنڌباد جي ڳالھھ تي پوڙھي ناکئي ھائوڪار ڪئي ۽ خوش ٿي حقي کي بڙڪو ڪڍائيندي چيائين:

”واھ جي ڳالھھ ڪيئي. انھيءَ پھاڙ ۾ پارا شر رشي چلا ٿو ڪڍي، ويد ٿو رچي. اھو پاڻ کي سمونڊ جون ڪئين ڳالھيون ٻڌائيندو. انھيءَ رشي کان آشيرواد وٺي پوءِ ٻيڙا اڳتي ھاڪارينداسين. پوءِ سمجھھ تھ پنھنجا ٻيڙا پار آھن. جوکو ٿئي م جھاج کي.“

”ناکئا، جيڪا تنھنجي صلاح.“ سنڌباد ناکئي جون ڳالھيون ٻڌي ڪارونجھر جي چوٽين ڏانھن نھاري رھيو ھو. جيئن جيئن ٻيڙا پھاڙ ڪارونجھر کي ويجھا ٿيندا ٿي ويا، ڪارونجھر جي چوٽين مان مورن جي ٽھوڪن جا ازغيبي آواز وڌندا پئي ويا. پوڙھي ناکئي جي حڪم سين ملاح ٽنھي ٻيڙن کي ننگر پارڪر جي گوديءَ ڏانھن ھاڪارڻ لڳا ھئا.

ھيلي الا ھيسو ..... ايسو زور لڳايو ھيسو ..... ايسو

نيڊوءِ ۾ ناتاري ..... ھيسو ....

ھو – سمونڊ آ ساٿاري ..... ھيسو زور لڳايو ھيسو .....

ايسو ...... ھيلي آلا ايسو ..... ھيسو ......

ٻيڙا گوديءَ تي لنگر انداز ڪرڻ لاءِ ملاحن وڏاندرا ونجھھ پئي ھنيا. ان ويل مينا آڏري اچي سنڌباد جي ڪلھي تي ويٺي ۽ چڻ چڻ ڪري مٺيون لاتيون لنوندي، ٻوليون ٻوليندي، سنڌباد کي چوڻ لڳي:

”سنڏباد، مون کي موڪل ملي. آئون ھلان ٿي ملڪ جو واءُ سواءُ وٺڻ.“

سنڌباد چيس: ”توکي موڪل آھي، تون ڀل وڃي ملڪ جو واءُ سواءُ وٺ.“ سو مينا خوشي مان اڏاڻي ۽ سنڌباد جي ڏسندي ئي ڏسندي دور ڪارونجھر جبل جي چوٽين مٿان پر ھڻندي نيري نڀ ۾ گم ٿي وئي.


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org