سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: سنڌباد جو سفر

علي بابا

صفحو :7

ھوٿل پري ۽ گوڪان ڏائڻ

ھاڻ ڇڏيون ٿا سنڌباد کي، وٺون ٿا ھوٿل پري کي، جا سونھن جي کاڻ ھئي. پراسرار علمن ۽ ڪاري جادوءَ جي کيس وڏي ڄاڻ ھئي. علم نجوم ۾ سندس ڪو ثاني نھ ھو. جيڪا سالن کان ننگر پارڪر ۾ وڏا ٽڪساٽ سجايو ويٺي ھئي. ڪئين ديو، جادوگرياڻيون ۽ ڏائڻيون سندس سڳي ۾ ٻڌل ھئا. ھوٿل پريءَ جي ڪنھن تي اک ئي ڪانھ ٻڏندي ھئي.

ان ويل ھوٿل پري جادوئي آرسيءَ آڏو بيٺي سمونڊ جو سارو لقاءُ ڏسي رھي ھئي. ٽئي ٻيڙا سندس اکين آڏو ھئا ۽ جادوئي آرسيءَ ۾ چٽا ڏسڻ ۾ پئي آيا. اڳئين ٻيڙي جي آڳل تي بيٺل نوجوان تي ھن جون اکيون کپي ويون ھيون. انھيءَ نوجوان جي کاٻي چمڙا بند ٻانھن مٿان خوبصورت باز پکي ويٺل ھو. انھيءَ نوجوان جي سونھن ڏسي ھوٿل پريءَ جو عقل ئي خرچ ٿي ويو ھو ۽ ھوءَ جادوئي آرسيءَ آڏو بيٺي الائي ڇا ڇا سوچڻ لڳي ھئي. سنڌباد ۾ نھاريندي ھوٿل پري جادوئي آرسي اڳيان ھڪدم ھٽي وئي ۽ ھوءَ ڪنھن کي وڏي واڪي سڏ ڪرڻ لڳي ھئي:

”گوڪان...... ڏائڻ گوڪان...... گوڪان.......“ ھوٿل پري تڪڙي تڪڙي پنھنجي محل اندران سڏ ڪندي، محل اندران ھلندي ٿي وئي. محل جي دروازن جا پڙدا ھلڪي ھوا تي پئي لڏيا. محل جي پوئين پاسي پھاڙي غفائون ھيون. ھوٿل پريءَ جي سڏن جي پڙاڏي تي ھڪ غفا مان گوڪان ڏائڻ ڊوڙندي آئي ۽ وڏي ڏھڪاءَ کان دھلجندي ھوٿل پريءَ جي پٺيان پٺيان ھلڻ لڳي. مھيري ماين جو اڻيل، سندس اوني ڪارو کٿو سندس مٿي ۽ چيلھھ کان ھيٺ پيرن تائين لڙڪندو محل جي فرش سان گھربو پئي آيو. گوڪان ڏاڍي ڊناڻي ھئي. ھن جي رڳو ڪاڻيءَ اک ۾ سرمو پيل ھو. ھوٿل پريءَ جي سڏن تي ھوءَ ايترو تڪڙو آئي ھئي جو ٻيءَ اک ۾ سرمو وجھڻ ئي کيس وسري ويو. ھوٿل پري محل ڏانھن موٽ کاڌي ھئي ۽ گوڪان ڏائڻ سندس پٺيان لڙڪندي گھربي پئي آئي. ھوٿل پري ڄڻ پنھنجي منھن ڳالھائيندي ٿي وئي:

”گوڪان! اڄ گوديءَ تي وڏا ٻيڙا لنگرجي رھيا آھن. الائي ڪھڙي ولات جا ٻيڙا....!“

”سائڻ، ٻيڙا تھ روز پيا گوديءَ تي لنگربا آھن. ان ۾ عجب جي ڪيھي ڳالھھ آھي؟“

”آھي ڳالھھ عجب جي! گوڪان، مان عجب ۾ آھيان تھ انسان ايڏو سھڻو ٿيندو آھي! سچ جادوئي آرسيءَ ۾ انھيءَ نوجوان کي ڏسي مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ منھنجو روح ڌوپجي اجرو ٿي پيو ھجي.“

”سانئڻ، ڀلا مون ڪارو جادو پڙھندڙ بدروح ڏائڻ کي ڪھڙي خبر تھ روح ڪيئن ڌوپندو آھي ۽ روح آھي ڇا؟ اھي ڳالھيون اسان بي روح ڏائڻين جي ڀاڳ ۾ ڪٿي!“

ھوٿل پري سندس ڳالھھ ڄڻ ٻڌي ئي ڪانھ. ھوٿل پريءَ کي تھ بس پنھنجيءَ لنءُ جي لوري لڳل ھئي، سو گوڪان کي چيائين:

”گوڪان! آئون چاھيان ٿي تھ اھو واپاري مون وٽ مھمان ٿئي. ننگر پارڪر جا منارا ۽ ڪارونجھر ون چوٽيون اھڙيون تھ وڻي وڃنس جو پنھنجو وطن ئي وسري وڃيس. گوڪان ڪن کولي ٻڌي ڇڏ، ور ڪنديس تھ اھو ڪنديس، نھ تھ ٻيو ور ڪنديس ڪانھ. بس، اھو ئي نوجوان آھي، سالن کان مون کي جنھن جو انتظار ھو. اڄ آئون ڏاڍي خوش آھيان. وڃ، گوڪل ديو کي چئھ تو گوديءَ جو ڳرو ناڪو اڳاڙڻ جي مھرباني سان انھيءَ نوجوان واپاريءَ کي ريھي ريبي منھنجي شاھي محل ۾ وٺي اچي. ھاڻ آئون ھار سينگار ڪنديس. تون وڃ ۽ اھو ڪم وڃي پورو ڪر.“

”جيڪو حڪم سانئڻ.... حڪم جي پيروي ڪبي.“ گوڪان ڪارو کٿو ٻانھن سان جھوليندي، ڳات جھڪائي ھوٿل پري آڏو ڪورنش ڪيا ۽ ڪارو کٿو لڙڪائيندي، شاھي محل مان ھلندي، غفائن ڏانھن وڃڻ لڳي.

”گوڪل.... او گوڪل......“ اونھين غفائن ۾ گوڪان ڏائڻ گوڪل ديو کي سڏ ڪرڻ لڳي. ھڪ غفا مان پلاءُ جي خوشبو پئي آئي، تڏھن گوڪان ڏائڻ کڻي اوڏانھن منھن ڪيو ۽ منڊڪائيندي، گھرجندي، سڏ ڪندي، انھيءَ خوفناڪ اونھيءَ غفا ۾ ھلندي ٿي وئي، جنھن ۾ وڏا ڀالا ۽ موتمار ھٿيار ٽنگيل ھئا.

انھيءَ اونھي غفا ۾ ھاٿي جي ٻچي ھڙو ٿلھو ٿنڀرو گوڪل ديو پلاءُ جي ديڳ مٿان ويٺو وڏي ڏوئي سان ديڳ مان پلاءُ ڪڍي، ڏاڍي مزي سان ھڙپ ھڙپ ڪندو کائيندو ٿي ويو ۽ پلاءُ کائيندي، گوڪان ڏائڻ جا سڏ ٻڌي ڪاوڙ مان سڄي سڄي دھل ٿي پيو ھو. سو وڏي ٻوٽي مان چڪ ھڻندي چيائين:

”گوڪان، سؤ ڀيرا چيوٿمانءِ تھ جڏھن آئون پلاءُ کائيندو ھجان، تھ مون کي سڏ نھ ڪندي ڪر، نھ ايندي ڪر منھنجي غفا ۾. ڏوئي سان مٿو ٻھ اڌ ڪري ڇڏيندو سانءِ، ڏند ڀڃي ڇڏيندو سانءِ.“ گوڪل جي انھيءَ ڪاوڙ تي گوڪان بھ کنڊا ڏند ڪڍي ٽھڪ ڏنو ۽ خوشيءَ مان ڪيڪراٽ ڪري اڃا وڏا ٽھڪ ڏيڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي:

”گوڪل، جيڪو کاڌئي سو کاڌئي. آئون سمجھان پئي تھ ھاڻ تنھنجي کائڻ جا ڏينھن کٽي ويا. سچ چيو اٿن تھ جيڪو گھڻو کائي ٿو، سو پنھنجي عمر گھٽائي ٿو.“ گوڪان ڏائڻ اڃا وڏا ٽھڪ ڏيڻ لڳي.

”مٿو پا تي ڦريو اٿئي گوڪان؟ اڄ ڏاڍا پئي ٽيڪراٽ ڪرين.“

”گوڪل، جيڪا ٻوٽي کاڌئي سا کاڌئي. ھوٿل پريءَ حڪم ڏنو آھي تھ ھينئر جو ھينئر گوديءَ تي وڃ.“

”ڇو؟ گوديءَ تي ڇو وڃان؟“

”گوديءَ تي نوجوان واپاريءَ جا ٻيڙا لنگرجي رھيا آھن. آئون خوش آھيان، زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ھوٿل پريءَ کي ڪو آدم زاد وڻيو آھي. پھريون ڀيرو سندس من ۾ پيار جي اٿل آئي آھي. ھاڻ ھوءَ ڏک سک مون سان سليندي. عورت عورت جو کاڄ آ. ھاڻ سندس اولا ڪم آئون سولا ڪنديس. گوڪل تنھنجو لڳڙ ڪاٽا ٿي ويو. ھوٿل پريءَ حڪم ڏنو آھي تھ گوڪل کي چئھ تھ ڪٽڪ جو جٿو وٺي ڳرو ناڪو اڳاڙڻ جي بھاني سان انھيءَ واپاري کي شاھي محل ۾ وٺي اچي. جلدي حڪم جي پيروي ڪر، نھ تھ تنھنجو خير ڪينھي. پلاءُ جون ديڳيون تھ ڇا، پوءِ ھڏا ڳولئي بھ ڪونھ ملندءِ.“ گوڪان ڏائن جي واتان اھي اکر ٻڌي گوڪل ديو کي ڄڻ تپ چڙھي ويو ھو. اڃان پلاءُ جي ديڳ بھ ھن ڪانھ کاڌي ھئي ۽ سندس کاٻي ڪک ئي اڃان ڪانھ ڀري ھئي جو ھيءَ ڏائڻ ھوٿل پريءَ جو حڪم کڻي، مٿان اڇي موت جي سڏ جيان نازل ٿي ھئي.

”وڃان ٿو، وڃان ٿو....“ گوڪل ديو اھو چوندي ٻحھ چار ڏوئا پلاءُ جا ڳڙڪائي ورتا ۽ ديڳ ۾ حسرت مان نھاريندي، ھٿ ڇنڊي، اٿي کڙو ٿيو.

گوڪل ديو ۽ گوڪان ڏائڻ جو اھو سمورو جھيڙو مينا پکيءَ غفا جي مٿاھينءَ جڳھھ تان پئي ڏٺو. مينا پلاءُ جي خوشبو تي آئي ھئي. گوڪل ۽ گوڪان جو جھيڙو ڏسيو ڏاڍي پئي خوش ٿي ۽ ڏاڍي بک محسوس ڪندي گوڪان کي ھڪل ڪيائين:

”گوڪان ڙي گوڪان.....“ از عيبي آواز تي گوڪل ۽ گوڪان ۾ ٿرٿلو پئجي ويو تھ ھي ڪنھن جو آواز آھي؟ اھو ڪير آھي جو ھنن جي غفائن ۾ گھڙي آيو آھي؟ مينا وري ڳالھاين:

”ھيڏانھن. ھيڏانھن..... آئون ھتي ويٺي آھيان. پلاءُ جي سرھاڻ آيم تي لھي پيس.“ مينا پکيءَ کي ٻوليندي ڏسي، تڏھن ٻنھي ۾ وڃي ساھ پيو، نھ تھ اصل جھڙوڪر ڊڄي ويا ھئا.“

”ڀلي ڪري آئين مينا، اسين چئون تھ ھي آواز ڪٿان آيو؟“

”مون کي بک لڳي آھي. چار ڪڻا مون کي ڏيو تھ چوڳو ڪري وٺان.“ تڏھن گوڪان ڏائڻ ھڪ ڏوئي پلاءُ جي ڀري، خوبصورت تڏي تي کڻي ڦھلائي ۽ مينا مزي سان چانور چڻڻ لڳي ۽ مزي مزي سان گوڪان سان ڳالھائيندي بھ پئي رھي. ڄڻ گوڪان ڏائڻ کيس وڻي وئي ھئي. ڪاڻي اک ۾ سرمي جي لپ سان.

”آئي گوڪان! ھي بي سونڍ ھاٿي تنھنجو ڇا ٿئي؟ جو ھيڏا روب پيو رکي.“

”اھو نڀاڳو ڪونھون[1] منھنجو مڙس آھي.“ جواب ٻڌي مينا کلي کلي کيري ٿي پئي. سندس مڌر ٻولين جا آواز غفائن سان ٽڪرائجندا شاھي محل ۾ پئي پڙاڏيا.

”ڇا ڪندو آھي تنھنجو مڙس؟“ مينا بھ ڪچھري جي ڪا ڪوڏي ھئي.

”شھر ننگر پارڪر جو ڪوٽوار آھي.“

”ڪوٽوار...! سمجھي ويس. معنيٰ ڪوٽوار تنھنجي اڌ برابر بھ ناھي. توھان جي ڳالھين مان ئي مون کي خبر پئجي وئي تھ تون يعني مائي گوڪان، ننگر پارڪر شھر جي راڻيءَ جي صلاح ڪار آھين....!“

”دعا کپي مينا، ھي شھر منھنجي حڪم تي ھلندو آھي. ھتي ھر جاءِ منھنجي جادوءَ جا منڊ منڊيل آھن. اھڙا ڪئين گوڪل ڍينڍا منھنجي حڪم سان ماني کائيندا آھن. آئون ھن شھر جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪياڻي آھيان.“

”مينا ۽ گوڪان ڏائڻ جي ڪچھريءَ جو فائدو وٺندي گوڪل ديو زرھ بھ پئي ٻڌي ۽ اک وٺي ديڳ مان چانورن جا لبا بھ پئي ھنيا، جنھن جو گيھھ سندس واڇن کان ھيٺ ڏاڙھي کان پئي ڳڙيو.

”گوڪل ديو.....“ اوچتو گوڪان ڏائڻ باھ ٿي وئي. ”توکي ھينئر ڪٽڪ سميت غفا کان ٻاھر نڪري وڃڻ گھرجي ھا، گودي ڏانھن!“

شرمسار ھيساڻو گوڪل ديو چانورن مان آخري جھٽ ھڻي، لوھي ٽوپ مٿي تي پائي، ترار کڻي غفا مان نڪرڻ لڳو ھو. گراھ ڳوريندي ھن مڙي نھاريو بھ ڪين.

”ڇا نالو آھي ھن شھر جي راڻيءَ جو؟“ مينا ڪڻو ڳڙڪائيندي چيو.

”ھوٿل پري.“

”دل جي ڪيئن آھي؟“

”ڏاڍي سھڻي.“

”شونق ڪھڙا اٿس؟“

”پنھنجي سونھن کي روزان روز وڌائڻ. کير ان گڏ ھلڪا کاڌا کائڻ. سينگار ڪري، راڳ ٻڌڻ ۽ ھيرا موتي ميڙڻ.“

”واھ..... واھ..... راڻي تھ اھا، شوق تھ اھي، ڀلا ظالم آھي ڪين رحم دل؟“

”اھا ڳالھھ اسين ڪنھن کي بھ ٻڌائي نٿا سگھون. اسان جا وات منڊيل آھن. جيئن جوڳين وٽ ڪاريھر ۽ ڪلا ڌاري نانگ منڊيل ھوندا آھن.“

”جنگجو آھي ڪي امن پسند؟“

”چيم نھ تھ انھن ڳالھين جي اسان کي ڄاڻ ڪانھي.“ گوڪان، مينا آڏو ٺڪرائين باسڻ ۾ پاڻي رکندي چيو. پاڻي پي مينا جي دل کي آسيس اچي وئي. ٿڌو ساھ ڀري گوڪان کي چيائين:

”گوڪان راڻي، ھرڪو پنھنجي قبر ڀريندو. کائي وات، شرمائن اکيون. ملائڪ گواھ آھن تھ آئون گپتن يا جاسوس نھ آھيان. ڪنھن لب لالچ تي ھتي جي ڳالھھ ھتي وڃي ڪرڻ پاڻ کي ڪانھ اچي. غيبت ۽ چغل خويءَ کان رب پاڪ امن ۾ رکيو اٿم. باقي ھڪڙي ڳالھھ، سا آئون چوان ٿي تھ تون مون کي وڻين آھين. تنھنجو اھو پاڻيءَ جو ڪپو ۽ چار چانور مون کي قيام نھ وسرندا.“ مينا جي ڳالھھ تي گوڪان ڏائڻ کان ٽھڪ نڪري ويو. چيائين: ”نور ڇا کائيندو؟ ٻھ ٻير. ڇا تون ڇا تنھنجو قوت! ھي ڪارونجھر آھي، سدائين سامونڊي ڇاٽ ۾ پيو وسندو آھي. اھو تھ تنھنجو گڻ آھي جو ھيڏا ميدان، ٻيلا، وڻڪاريون ڇڏي مون وٽ آئي آھين.“

”مھرباني..... چڱو ھاڻ آئون ھلنديس. خوش ھجين شال.“ ائين چئي مينا گوڪان ڏائڻ آڏو ٻوليون ٻوليندي اڏاڻي.

گوڪان عجب مان کيس آسمان ڏانھن اڏامندو ڏسندي رھي. غفا مان ڪٿان سج جو ڪرڻو گوڪان جي سرمي واري اک تي اچي پيو ھو. گوڪان جي سرمي ھاڻي اک، جنھن ۾ ماڻڪي نھ ھئي، اڇي اڇي ھئي. گوڪان جي اک، آسمان ۾ کتل، سوچ ۾ ٻڏل اک.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org