گوڪان ڏائڻ جو جادو
انھيءَ رات، جڏھن سنڌباد سيلاني ۽ سندس ساٿي ھوٿل پريءَ جي محل
۾ مٺي ننڊ ستا ھئا ۽ عجيب عجيب خواب پئي ڏٺائون ۽
سندن سپنن ۾ جادوئي ڪٺ – پتليون پئي نچيون تھ ان
ويل گوڪان ڏائڻ جاڳي پئي. گوڪان ڏائڻ جي ڄڻ ننڊ
ڦٽي وئي ھئي، ڇو تھ گوڪان ڏائڻ ھوٿل پريءَ کي خوش
ڪرڻ لاءِ اھڙو جادو ٿي پڙھڻ چاھيو، جو سنڌباد کي
سڄي ڄمار جي يادگيري وسري وڃي ۽ ھو سدا لاءِ ھوٿل
پريءَ جي حڪم ۾ ٻڌجي وڃي. انھيءَ ڪري گوڪان ڏائڻ
ڏاڍي خوش ھئي. سندس ماڻڪيءَ کان خالي، اڇي اڇي
ڪاڻيءَ اک ۾ مڪر ۽ فريب ڀريل ھو. سنڌباد سيلانيءَ
کي گھريءَ ننڊ ۾ الوپ ڏسي، ھوءَ محل جي پراسرار
تھھ خانن جي سرنگھن مان ڪارو کٿو جھوليندي، خوفناڪ
ٽھڪ ڏيندي، پاڻمرادو ڳالھائيندي، پنھنجي جادوئي
غار ڏانھن ھلندي ٿي وئي. ھي ھي ھي ...... انتر
منتر ڪال ڪلنتر. ھي ھي ھي ...... رکي رکي غفائن ۾
سندس خوفناڪ ۽ پراسرار ٽھڪن جو پڙادو پئدا ٿي ويو
ٿي.
انھيءَ ويل ڊنڊڻ گوڪل ديو سندليءَ تي پلاءُ جي گرم گرم ديڳ مٿان
ويٺو پلاءُ بھ کائي رھيو ھو ۽ ننڊ جا جھوٽا بھ
کائي رھيو ھو. اوچتو گوڪان ڏائڻ جي شيطاني ٽھڪن جي
آواز تي ھو ننڊ جي جھوٽي مان جاڳي، تڪڙو تڪڙو ھڙپ
ھڙپ ڪري پلاءُ کائڻ لڳو ھو ۽ پلاءُ جي ديڳ مان وڏا
وڏا گوشت جا ٻوٽ ڪڍي، چڪن سان ڇني، گوشت ويو ٿي
ڳڙڪائيندو. ڏسڻ ۾ تھ گوڪل ديو پلاءُ کائي رھيو ھو،
پر سندس سڄو ڌيان گوڪان ڏائڻ ڏانھن ھو، ڇو تھ
گوڪان ڏائڻ جڏھن بھ ائين ٽھڪ ڏيندي ھئي تھ گوڪل
ديو کي خبر پئجي ويندي ھئي تھ گوڪان ڏائڻ اڄ ڪو
وڏو خوفناڪ، ڪڌو ڪم ڪرڻ واري آھي. جڏھن گوڪان ڏائڻ
ٽھڪ ڏيندي، سرنگھن مان ھلندي، گوڪل ديو جي غفا ۾
پھتي تھ کيس ڏسي گوڪل ديو جي وات مان بھ ٽھڪ نڪري
ويو. گوڪل ديو جي ان طرح ٽھڪ ڏيڻ تي گوڪان ڏائڻ کي
شڪ پيو، سو ڪاوڙ مان ھڪل ڪري چيائينس:
”ڇو ڙي مئا ڏئوت! تون ڇو پيو کلين؟“ گوڪان ڏائڻ جي ڪاوڙ تي گوڪل
ديو ھيسجي ويو ۽ وڏو وڏو گراھ ڳوريندي، دل جھلي
وراڻيائين:
”گوڪان! آئون سمجھندو ھوس تھ توکي موت ايندو ئي ڪونھ، پر ھاڻ
ائون محسوس پيو ڪريان تھ تنھنجو موت، تنھنجي مٿان
اچي بيٺو آھي. دنيا ۾ تون ڪجھھ ڏينھن جي مھمان
آھين.“
”وات نھ ھڻ!“ موت جي نالي کان گوڪان ڏائڻ ڊڄي وئي ۽ وڏو ڪڙڪو
ڪندي گوڪل ديو کي چيائين:
”ٻڌاءِ، اڄ تو اھڙي منحوس وائي ڪيئن ڪڍي؟ توکي ايڏي ھمٿ ڪيئن
ٿي؟“ گوڪان ڏائڻ گوڪل ديو آڏو ڪاڻيءَ اک سان ڄن
ڪاٺي بڻجي بيھي وئي ھئي. تڏھن گوڪل ديو ڊڄندي،
ھٻڪندي چيس:
”گوڪان! مان محسوس پيو ڪريان تھ تون پنھنجي مھمان سنڌباد سان ڪو
فريب ڪرڻ واري آھين، جيڪا ڳالھھ تو لاءِ سٺي نھ
ٿيندي. ان ڪري توکي چتاءُ پئي ڏنم.“
”ھون.... غداري....... غداريءَ جي بوءِ. گوڪل ديو، تون لالچ ۾
اچي ويو آھين. پڪ ئي پڪ انھيءَ سنڌباد توکي ڪا وڏي
لالچ ڏني آھي.“
”نھ گوڪان! سنڌباد منھنجي جان بچائي آھي، نھ تھ اڄ مون سمونڊ جو
ترو وڃي ورتو ھو. جي سنڌباد منھنجي مدد نھ ڪري ھا
تھ آئون ٻڏي وڃان ھا. مون دل ۾ پڪو فيصلو ڪيو آھي
تھ جيستائين جيئرو ھوندس، سنڌباد جو وفادار
رھندس.“
”ھون..... غداريءَ جي بوءِ....... مون سان غداري، ھوٿل پريءَ
سان غداري......! جن جو کائين پيئين ٿو، انھن سان
غداري ڪندين.....؟ ۽ سنڌباد سان وفاداري؟“
”گوڪان! تون انھيءَ کي غداري سمجھين يا ڇا بھ. آئون توکي اڳ واٽ
چتاءُ ٿو ڏيان تھ جي تو سنڌباد کي ٿورو بھ نقصان
رسائڻ جي ڪوشش ڪئي تھ پوءِ تنھنجو خير نھ آھي.
سنڌباد ھڪ ڀلارو ماڻھو آھي، ان کي نقصان رسائڻ سان
ملائڪ ڏمرجندا.“
ھي ھي ھي ....... ھي ھي ھي ....... ملائڪ ڏمرجندا! ھا ھا ھا
........ ملائڪ ڏمرجندا. گوڪل، ائين ڇو نٿو چئين
تھ ھاڻ تنھنجو بول ڀرجي ويو آھي. ھاڻ تون پيٽ
ڀرائيءَ جون ڳالھيون ٿو ڪرين. کائي کائي ھاڻ
تنھنجو بول ڀرجي ويو آھي. ڇا ڏيڏري، ڇا ڏيڏريءَ جا
ڏند..... گوڪل، ياد رک! جي منھنجي ۽ ھوٿل پريءَ جي
وچ ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندين تھ چيڀاٽجي ويندين. ڪو
پاڻي ڪونھ پياريندءِ.....“ ڪاوڙ کان گوڪان ڏائن جو
منھن ٽامڻي ھڻي ويو ھو. ھوءَ ڪاوڙ مان ڏڪندي،
ڪرڙين اکين سان گوڪل ديو ۾ نھاري رھي ھئي. گوڪل
ديو ڊڄي ويو ھو.
”گوڪان! تون اجايو پئي ڪاوڙ ڪرين. مون تھ تنھنجي ڀلائيءَ لاءِ
پئي چيو.“
”ڀلائي! ھھڙا تھڙا، تون ٿو مون کي ملائڪن کان ڊيڄارين. آئون
جيئن چاھينديس، تيئن ڪنديس، سنڌبار ڀلارو ماڻھو
آھي ڪي گلارو، اڄ رات منھنجي پيئڻ بلا سندس ساھ پي
ويندي. ھي ھي ھي ....... ھي ھي ھي ....... ھاڻ
ٻڌاءِ تون سانس ڪھڙيون وفاداريون ٿو ڪرين؟ تون –
تون فقط پنھنجي پيٽ سان وفادار آھين. اونھن.....
منھنجو ڪتو مون تي ڀونڪي. ھي ھي ھي ....... ھي ھي
ھي .......“ گوڪل ديو کي دڙڪا ڏيڻ کان پوءِ گوڪان
ڏائڻ غفا ۾ رکيل بُجڪي مان خوفناڪ ڳوھ جھڙي چئن
پيرن واري پيئڻ بلا ڪڍي مٿس جھاڙ پڙھڻ لڳي ۽
جادوئي مرلي وڄائڻ لڳي.
”انتر منتر، ڪال ڪلنتر
جادو جنتر، شو شو شو......
آمڻ ڪنديس، ڪامڻ ڪنديس
ڪارو جادو، شو شو شو......
ساھ پئندي، ڪونھ ڇڏيندي
نانگڻ جوڳڻ، شو شو شو......
جال جلنتر، انتر منتر
ڪال ڪلنتر شو شو شو......“
گوڪان ڏائڻ جي ائين جادو پڙھڻ سان پيئڻ بلا ۾ ڄڻ ساھ پئجي ويو ۽
پيئڻ بلا ٻھ منھين زبان ڪڍي، گوڪان ڏائڻ ۾ نھاري
ڦوڪارو ھڻڻ لڳي. ”شو..... شو...... شو....“ گوڪان
ڏائڻ پيئڻ بلا مٿان ڪئين ڀيرا منتر پڙھيا. ستل بلا
ڄڻ سجاڳ ٿي ڦوڪارا ھڻڻ لڳي.
”ھي ھي ھي..... ھي ھي ھي.......“ گوڪان ڏائڻ پيئڻ بلا کي ڏسي
ٺريو ٿي پئي ۽ وڏا ٽھڪ ڏيندي، بلا کڻي، غفائن سان
وڃڻ لڳي. انھيءَ محل ڏانھن جنھن ۾ سنڌباد ستل ھو.
”گوڪان! آئون توکي وري چتاءُ ٿو ڏيان تھ انھيءَ خوفناڪ ارادي
کان مڙي وڃ.“ پر گوڪان ڪانھ مڙي. ھوءَ پيئڻ بلا
کڻي ڊگھو ڊگھو ڪارو کٿو جھوليندي، گڏڪ گڏڪ پراسرار
سرنگھن مان ھلندي ٿي وئي.
انھيءَ وقت پلاءُ کائيندي، گوڪل ديو پاڻ کي ڏاڍو بيوس محسوس ڪري
رھيو ھو. ھن ڪاوڙ مان پلاءُ جي ديڳ اونڌي ڪري ڇڏي
۽ ڪروڌ ۾ اچي باھ مان ھڪ وڏي بنڊي ڪڍي، گوڪان ڏائڻ
پٺيان اڇلائي. سجي غفا ۾ ٽانڊا ئي ٽانڊا پکڙجي ويا
۽ گوڪل ديو پنھنجي لاچاريءَ تي ٻئي ھٿ مٿي تي ڏيئي
ويھي رھيو تھ ھاڻ ڇا ڪريان؟ ”آئي ھائي ھائي.......
گوڪل ديو ھي ڇا ڪيئي! آخر ڪھڙي ڳالھھ تان تڪرار
ٿيو......؟“ اوچتو ازغيبي آواز تي گوڪل ديو ڊڄي
ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو تھ ھي آواز ڪٿان پيو
اچي؟
”ڊڄ نھ گوڪل ديو آئون مينا آھيان، او ھتي ويٺي آھيان.“ مينا کي
ڏسي گوڪل ديو کي مڙئي ساھ پيو.
”ڇو سائين گوڪل! راڪاس برڙ باڪاس لڳو پيو آھين. تنھنجي ھڪڙي ڦوڪ
سان اھا سنھڙي شپڪڙي رن اڏامي وڃي، انھيءَ ھڏن جي
پڃري کان ٿو ڊڄين! حيف ٿئي ڙي گوڪل، حيف ٿئي. اسان
پرڏيھي پکي سچ نھ چونداسين تھ ٻيو ڪير چوندو؟“
”مينا، توکي ڪھڙي خبر تھ اھا گوڪان ڏائڻ ڪيڏي نھ حرفتڻ آھي.
انھيءَ جي خوفناڪ جادوءَ کان منھنجو ھيانءُ ٿو
ڏڪي. ھاءِ ھاءِ منھنجي قسمت! جنھن ٻڏندي منھنجي
جان بچائي، اڄ آئون ان جي ڪابھ مدد نٿو ڪري
سگھان.......“ گوڪل ديو روئڻھارڪو ٿي ويو.
”توکي ڪھڙي مدد کپي، نيٺ ٿيو ڇا آھي......؟“ مينا گوڪل ديو جي
ڳالھھ تي حيران ٿيندي چيو.
”مينا، توکي خبر ناھي! اھا خونڻ گوڪان ڏائڻ سنڌباد سيلانيءَ تي
پنھنجي پيئڻ بلا سان جادو ڪرڻ وئي آھي. سنڌباد
جڏھن سجاڳ ٿيندو تھ ھو چريو ٿي ويندو. سنڌباد جي
زندگي خطري ۾ آھي.“
”ھاءِ ھاءِ ھاءِ، ھي ڪھڙيون ڳالھيون پيو ڪرين؟ مان ڇا
ڪريان......؟ ڪيڏانھن وڃان......؟“ اوچتو مينا وٺي
ڀڙڪو کاڌو ۽ غفا کان مٿي اڏامي باز پکي کي سڏ ڪرڻ
لڳي:
”گرڙ..... او مئا گرڙ، جھٽ اچ. سنڌباد کي خطرو آھي. جھٽ اچ، نھ
تھ گوڪان ڏائڻ سنڌباد کي ماري وجھندي.“ مينا جي
آواز تي باز پکي پنھنجا خوبصورت پک ھوا ۾ پکيڙيا.
”جھٽ ڪر، منھنجي پٺيان اچ.“ مينا جي ڳالھھ تي باز پکي تيزيءَ
سان مينا پٺيان اڏامندو، گوڪل ديو جي غفا ۾ داخل
ٿي ويو. غفائن جي اندر سرنگھن ۾ ٻنھي جي اڏام جو
پڙاڏو پئدا ٿي ويو. کين سمجھھ ۾ نٿي آيو تھ گوڪان
ڏائڻ ڪھڙيءَ ڳجھيءَ سونگھھ ڏي وئي آھي؟ ديوڪل ديو
سندن مدد لاءِ ڊوڙندو پئي آيو. مينا ڦڙ ڦڙ ڪري
اڏامندي گوڪل کي رڙ ڪندي چيو:
”گوڪل، ڪھڙي پاسي کان سندس پيڇو ڪريون....؟“ گوڪل ديو سھڪندي
حيران ٿيندي وراڻيو! “مينا، مون کي پاڻ انھن
جادوئي سرنگھن جي ڄاڻ ڪانھي. منھنجي اکين آڏو
اوندھ اچي وئي آھي. ھاڻي جي ائون اڳتي وڌندس تھ
مرندس. ھاءِ ھاءِ، ھاڻ تھ مون کي ڪابھ شيءِ ڏسڻ ۾
ڪانھ ٿي اچي.“ گوڪل ديو اتي ئي مٿي تي ھٿ ڏئي ويھي
رھيو، پر مينا ھمٿ ڪانھ ھاري. ھوءَ اڳيان ۽ باز
پکي پٺيان، ٻئي تيزيءَ سان ڦڙ ڦڙ ڪندا ويا ٿي اکٽ
اِنگڙ ونگڙ سرنگھن مان اڏامندا.
|