سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: سنڌباد جو سفر

علي بابا

صفحو :2

 

سنڌ جو راجا ۽ سنڌباد سيلاني

ھڪڙو ھوندو ھو مھاراجا، سو بھ سنڌ ملڪ جو مھاراجا. ڏاھن ۾ ڏاھو، وڏو وير، ڳالھين جو ڪويسر ۽ وڏو طاقتور راجا. اھڙو جو ڪنھن ڀرپاسي واري راجا کي زور وٺڻ ئي ڪين ڏيندو ھو. پري پري ولاتن ۾ سنڌ جو جھڙوڪر ڏونڪو پيو وڄندو ھو. ڀلا سنڌ ھڪ سڪارو ملڪ، پوري وچ مان سون تي سھاڳي جيان سنڌو درياھ پيو وھيس. پھاڙن تان جتان نھار، ماٿريون ئي ماٿريون. سنڌ سڳوريءَ جا ماڻھو بھ وڏا محنتي، زالين مڙسين سھڻا، پڙھيا ڳڙھيا، ناد، نگد ۽ ٻيا ويد پراڻ ۽ منتر ورايو ورايو پيا پڙھن. پوکون پيا پوکين، سرون پيا ٺاھين، نار پيا ھلائين، ڍڳي گاڏين جا رينگٽ، گھر گھر ڏس تھ چرخو پيو ھلي. چريو بھ ڏسي تھ کانڀاڻي کنيو جھار پيو ڪلي. وھيو وھيو پيو ڪري. جي جنگ ڪن تھ بھ دشمن جي لشڪر مٿان کانڀاڻين ۾ شيھي جا گولا ڀريو پيا سٽڪا ڪرائين. امن توڙي جنگ ۾ سنڌ ڏس تھ نغارن سان پئي گڙي.

مھاراجا جو وڏي ۾ وڏو شونق ڏس تھ ٻيڙا پيو ٺھرائي. منتري چونس: ”سائين ڇا ٿا ڪريو؟ ائين تھ خزانو کٽي ويندو!“ راجا ڪنڌ کي ڌوڻا ڏيو چي: ”خزانو، کٽي ويندو تھ پورت ڪري وينداسين. ٻيڙن کان سواءِ ڪم ڪين ھلندو. ڪيئن سنڀالي سگھنداسون ھيڏي وڏي ملڪ جون سرحدون؟ سنڌ جو وڏو حصو آھي ئي سمونڊ. ان تان ھٿ ڪيئن کڻبو؟ اڙي منتري ڇا تون، ڇا تنھنجا منتر. توکي ملڪ جي سرحدن جي ڪيھي خبر؟ ويچارا ماڻھو ڇا کائي ڇا کائيندا؟ ٻيڙا ھوندا تھ مڇي بھ جھجھي جھينداسون. عوام جيڪو کاڌو کائيندو، سو تھ ھر حال ۾ حاضر ڪري ڏبو.“ اھو ھوندو ھو، راجا جو جواب. ڪڏھن ڪڏھن راجا ڪاوڙجي ڪاوڙجي دھل ٿي پوندو ھو ۽ چوندو ھو تھ کيس اونڌيون متيون ڏيڻ بند ڪيون وڃن.

سنڌ جي ان راجا جو پيءُ سؤ سالن کان بھ وڏو ٿي، گذريل سال چالاڻو ڪري ويو ھو. سنڌ جا ماڻھو ڍڪون ڀري رنا ھئا.

عام ماڻھو پنھنجي ان پوڙھي راجا سان ڏاڍو پيار ڪندا ھئا. ڇا تھ راجا جا شونق ھئا! ان جھوني راجا جو وڏي ۾ وڏو شونق باز ۽ چيتا پالڻ ھو. جڏھن ڏس تھ باز سندس تخت جي سوني پاڳي تي سينو ڪڍيو بيٺو آھي ۽ محل ۾ چيتن جي جوڙي ٻلين وانگي پئي ھلي. بادشاھ انھن کي ڏسيو خوش پيو ٿيندو ھو. چي: ”باز تھ ننگر ٺٽي جا. چيتا تھ کير ٿر جبل جا.“ ڪڏھن وري ڏس تھ آکاڙي ۾ چيتا ۽ گينڊا پيو ويڙھائي.

پر چوندا آھن تھ انبن جون سڪون ڪي انبڙيون لاھينديون ڇا! ھن راجا ۾ پيءُ واري ڳالھھ ڪٿي، ھن راجا جا وري شونق ئي پنھنجا. ٻيڙا پيو ٺھرائي. ھڪ ھڪ ٻيڙي کي ست ست سڙھ! ڪڏھن ڏس تھ راجا لوھرن سان ڪچھريون پيو ڪري ۽ مترڪي سان سانڌاڻ تي ڌڪ پيو ھڻي. ھڪڙو شونق راجا جو اھڙو جو ڪنھن کي ٻڌائي نھ سگھجي. اھو ھو ڄامڙا پالڻ. ڪو واپاري آيو، ڪي وڻجارو، ڪي ڇا. ھن راجا کي سوکڙيءَ طور ھڪ گراٺ مٺڙي ڏني، تئي جي تري جھڙي ڪاري، گھنڊيدار وارن واري ڄامڙي، جيڪا اڃا ننڍي ٻار ھئي. راجا بھ کڻي ڪڇ تي کنيس. اھڙي وڻيس جو ان کان سواءِ رات جو راجا کي ننڊ ئي نھ اچي. ڏينھن پٺيان ڏينھن گذرندا ويا. جيئن جيئن ڄانڙي ارھ ڪڍيا ۽ اچي سامائي تھ راجا کي اچي ڄامڙيءَ جي شاديءَ جي ڳڻتي لڳي. ھاڻ راجا اھڙو گراٺ مٺڙيو، گھونڊيدار وارن وارو ڪٺ ڪارو گھوت ڪٿان آڻي! سو کڻي ملڪ ۾ پڙھو گھمارايائين تھ: ”ھن ڄامڙيءَ جو گھوٽ جيڪو مون کي آڻي ڏيندو، ان کي ٿالھھ ٽڪا ڏيندس. مالا مال ڪري ڇڏيندس ان ماڻھوءَ کي.“

راجا کي انصاف جي ڪرسيءَ کان سواءِ ملڪ جو ٻيو ڪوبھ اونو ڪونھ ھو. پوءِ تھ بس راجا جو سڄو راڄ ڀاڳ ان ڄامڙيءَ مان اچي ڦاٿو. سو راجا جي سڄي ملڪ جو سرشتو ئي ڄڻ ڊانواڊول ٿي ويو. ماڻھن کي اچي ٽڪن جي لالچ کنيو، سو جيڪو لئيءَ مان لٺ ڀڄي، ان کي ڏس تھ ڄامڙيءِ لاءِ گھوٽ ڳولڻ پيو وڃي، دھري دان جي لالچ ۾ ماڻھن پنھنجا ڪم ڪاريون ڇڏي ڏنا.

راجا جي وڏي منتريءَ جڏھن ڏٺو تھ ملڪ ٿو ڦٽي، سو چار چڱا ۽ ديوان داڙا وٺي، راجا کي سمجھائڻ لاءِ محل ۾ گھڙي آيو. ساڻس گڏ سنڌباد نالي ھڪ مالھي ٿان (ملتان) شھر جو ھڪ نوجوان ھو، جنھن کي راجا سان ملڻ جي ڏاڍي اڪير ھئي.

ان ويل راجا محل جي ھڪ وڏي ڪمري ۾ ويٺي پاليل ڄاھن کي ڪڻڪ جي ڪٽي کارائي. فرصت جي وقت ۾ راجا وري اھڙا ڪم ڪندو ھو. منتري نھ سر جو سانگو ڪيو نھ ڇا. اچي راجا جي مٿان بيٺو.

”منتري، خير تھ آھي؟“ راجا مڙسن جو ڊنب ڏسي کيس ڀليڪار ڏني.

”وڏا ڀال اوھان جا، اسان تي شال سدائين راجا جي مھر ھجي. آئون اوھان کي ڪي چيتارڻ آيو آھيان، جيئندان ملي تھ ڳالھھ ڪريان.“

”ڪھڙي ڳالھھ چيتارڻ آيو آھين؟“

”راڄاڻ، اوھان پڙھو گھمائي غضب ڪيو آھي.“

راجا چيس: ”منتري، ڳجھارتون نھ ٻڌاءِ، ڪھڙو غضب ڪيو اٿم.....؟“ منتريءَ جي ڳالھھ تي ويچارو راجا ڪجھھ وائڙو ٿي ويو ھو تھ منتري چوي ڇا پيو!

”راڄاڻ! اوھان کان ڀل ٿي وئي آھي. اوھان پنھنجي رعيت کي وڏن ٽڪن جي لالچ ڏئي ڀل ڪئي آھي. مھرباني ڪري پنھنجو اھو اعلان موٽائي وٺو.“

منتريءَ جي ڳالھھ تي راجا ڏمرجي پيو. اکيون کڻي ڪرڙيون ڪيائين، ڪڙڪ تي چيائين:

”اڙي منتري، چريو تھ ڪين ٿيو آھين! ڪي نشو سوايو ڪيو اٿئي. ھڪ راجا جو اعلان قدرت جي قانون جيان ھوندو آھي. جيڪو چيو، سو ٿيو، ختم....... سر جو خير گھر منتري. اٿئي ڪو عقل؟“

”جيئندا قبلا، گھرجي بھ خير.“ منتري اصل مڙيو ئي ڪونھ. سر جو سانگو ئي نھ ڪيائين. ڊنو ئي ڪين، حجت ڪندي راجا کي چيائين:

”منتري راجائن جا ساٿاري ۽ يار ھوندا آھن. ٻاڏائيندڙ ٻانھا، جيئن خدا جا پرھيزگار ٻانھا پنھنجي خدا کي راضي ڪري ڇڏيندا آھن، تيئن پنھنجي راجا کي ھميشھ حق چوڻ اسان جو فرض آھي ۽ جيسين حيات ھونداسين، حق سچ چوندا رھنداسين.“

منتريءَ جي اھا ڳالھھ ٻڌي راجا جا ٺپ ئي ٺري ويا. پوءِ بھ ڏک ڪندي چيائين:

”منتري، ڪا عقل جي ڳالھھ ڪر. ڀلا اسين پنھنجي اعلان تان ڪيئن ڦرنداسين؟ خلق کلائڻي آھي ڇا؟ ڀل قيام اچي وڃي، انھيءَ اعلان تان نھ ڦربو.“

راجا جو ضد ڏسي منتريءَ کي عقل کان ڪم وٺڻو پيو، سو چيائين:

”منھنجا حاڪم! اوھان کي ڍنڍورو ڦيرائڻ سان مطلب آھي يا ڄامڙيءَ لاءِ گھوٽ ڳولڻ سان مطلب؟“

”ظاھر آھي، اسان کي ڄامڙيءَ سان گھوٽ ڳولڻ سان مطلب آھي.“

”تھ پوءِ ڍنڍورو ڏيڻ بند ڪرايو. ھي نوجوان پاڻھي ڄامڙيءَ لاءِ گھوٽ ڳولي ايندو.“

تڏھن راجا غور سان منتريءَ جي ڀر ۾ بيٺل نوجواڻ ۾ نھاريو. راجا لاءِ اھو نوجوان نول ماڻھو ھو. راجا کيس اڳي ڪڏھن ڪين ڏٺو ھو.

”ڪير آھي ھي؟ ڪنھن جو پٽ آھي؟ ڇا ڪندو آھي ھي؟......“ سدا سھڻي نوجوان ۾ نھاريندي راجا ھڪ ئي ساھيءَ ۾ ڪئين سوال ڪري ويو.

”جيئندا قبلا! جيئندان ملي. ھي نوجواڻ اوھان جي رعيت مان آھي. ايڏڙي ننڍڙي وھيءَ ۾ ناد ۽ نگد پڙھيا اٿائين. ويھارو کن ملڪن جون ٻوليون ٿو سڻي ۽ سمجھي، واڍڪو ڪم مالھي ٿان ۾ پنھنجي پيءُ کان سکيو آھي. درياھي ٻيڙين جي ڪم ۾ مھارت حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھاڻ پاتال بندر ۾ آيو آھي ۽ چوي ٿو تھ وڏا سامونڊي ٻيڙا ٺاھيان ۽ نوان نوان ملڪ وڃي پسان. نيت جو بھ سونو ماڻھو آھي.“

”جيءَ آيو، ڀلي ڪري آيو، اسان جون اکيون ٿڌيون.“ راجا ڏاڍو سرھو ٿي کيس ٻيھر ڀليڪار ڏني ۽ پڇيائين:

”اڳ ڪھڙا ڪھڙا ملڪ ڏٺا اٿئي؟ ڪھڙا سمونڊ، اپ – سمونڊ؟ ڪھڙيون ڍنڍون، ڪھڙا بندر بازارون ڀيٽيا اٿئي؟“

”مھاراجا جا لک ڪائق، منھنجو نالو سنڌباد آبي.“

]۽ سنڌ بار راجا کي وڏا ڪورنش ڪري ٿو.[

”ھنيان اڳي ڪنھن بھ ملڪ جو سير نھ ڪيو اٿم، ڇو تھ اڃا رڳو پئي ويدن جو اڀياس حاصل ڪيم، جتان اھا خبر پيم تھ ھيءَ پرٿوي وڏن وڏن کنڊن ۾ ورھايل آھي، جنھن جي وچ ۾ سمونڊ پيا ٿا ڇلن. وري ھڪ ھڪ ڪنڊ ۾ الائي ڪيترا ملڪ آھن. ھاڻ دل جو ڪاڍو چوي تھ بس اھي ملڪ وڃي ڏسان.“

”ان مان فائدو؟......“ راجا نوجوان جون ڳالھيون ٻڌي منجھس دلچسپي وٺڻ لڳو.

”فائدو ئي فائدو آھي راڄاڻ! دنيا جا شيل ڪندي ئي خبر پوندي آھي تھ دنيا ڪيڏي وڏي آھي؟ دنيا ۾ گھڻا ملڪ آھن؟ ڪھڙا ملڪ آسودا ۽ ڪھڙا ڏڪاريا؟ ڪھڙي ملڪ جو راجا عادل آھي ۽ ڪھڙي جو ظالم؟ انھيءَ شيل ڪرڻ سان ملڪن جي تواريخ ۽ جاگرافي ۽ جنگي مھارت جي خبر پوندي ۽ اھا بھ خبر پوندي تھ ڪھڙي ملڪ ۾ ڪھڙا اناج ۽ ڪھڙا ميوا اپڙن ٿا؟ انھن ملڪن جا مذھب ۽ ريتون رسمون ڪھڙيون آھن؟ ڌرتيءَ جي ڪھڙن ملڪن سان ڪيئن ۽ ڪھڙو واپار ڪجي؟ ڪھڙن ملڪن کي ڇا ڏجي ۽ ڇا وٺجي؟ اھو سمورو عقل ۽ علم شيل ڪرڻ سان ٿو ملي.“ نوجوان سنڌباد جون اھي ڳالھيون ٻڌي راجا ريجھي پيو. خوشيءَ کان مک ئي ٻھڪي ويس. وڏي سوچ ويچار کان پوءِ چيائين:

”تنھنجي ڳالھين اسان کي موھي وڌو آھي. اسان کي تو جھڙي ڏاھي نوجواڻ جي ضرورت ھئي. ھيئن ڪر، سڀاڻي مانجھاندو اسان سان گڏ ڪر. ڪڍھري بھ ڪناسين. تون وڏو ڪارائتو نوجواڻ آھين. بس ائين سمجھھ تھ ھاڻ تون شاھي مھمان آھين. جيئن تون چوندين، تيئن ٿيندو.“

راجا ۽ سنڌ بار جي وچ ۾ اھي ڳالھيون ٿيون. منتري ۽ ٻيا ديوان داڙا سنڌ بار جون اھي ڳالھيون ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويا ھئا. پوءِ راجا کيس پنھنجي محل جي دروازي تائين ڇڏڻ آيو.

اھڙي ريت نوجواڻ سنڌ باد پنھنجي ڄاڻ ۽ ڏاھپ سان راجا جي دل جيتي چڪو ھو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org