سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: آمريڪا جو سياسي سرشتو

باب: --

صفحو : 3

 

تازن مسئلن جي ڄاڻ

جيڪڏهن ووٽر پنهنجين خواهشن ۽ پارٽيءَ جي مقصدن جي وچ ۾ ظاهري اختلاف هوندي به پارٽيءَ سان وفاداري قائم رکي سگهن ٿا، ته پوءِ انهن ووٽرن جو ڇا ٿيندو، جيڪي سندن مقصدن جي ترجماني ڪندڙ پارٽيءَ جي حمايت ڪن ٿا؟ ڇا هو وقت جي سڀني مسئلن کان واقف آهن، ۽ ڇا هو ڪنهن خاص قانون کي منظور ڪرائڻ يا ان جي مخالفت ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ پسند جي پارٽيءَ جي اڳواڻ سان هميشہ شامل ٿيندا آهن؟ ظاهر آهي ته ان جو جواب جدا جدا قسم جي ووٽرن جي حالت ۾ جدا جدا ٿيندو. انهن مان گهڻا ڪنهن خاص مسئلي تي پنهنجو موقف، پارٽيءَ جي موقف مطابق ٺاهيندا آهن. ٻئي پاسي، اسان کي معلوم ٿيندو ته ووٽرن جي وفاداري ڪانگريس يا صدر کي پيش آيل خاص مسئلن سان واسطو نٿي رکي، پر سندن وفاداريءَ جو بنياد پارٽيءَ جي ڊگهي عرصي تائين پوزيشن تي ٻڌل هوندو آهي. 1962ع ۾ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي ڪجهه ووٽرن ڪانگريس اڳيان آيل سڀني قانونن جي مخالفت ڪئي هوندي، پر تنهن هوندي به هنن ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ اقتصادي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي حڪومت طرفان طاقت استعمال ڪرڻ بابت، ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي عام روش جي پٺڀرائي ڪئي. ساڳيءَ طرح، سماجي ۽ اقتصادي معاملن ۾ وفاقي حڪومت جي وڌندڙ هٿ چراند جي مخالفت ڪري، ووٽر ريپبليڪن پارٽيءَ سان ساٿ ڏيئي سگهن ٿا، ۽ ساڳئي وقت هو ڪن خاص مسئلن تي پارٽيءَ جي موقف جي مخالفت به ڪري سگهن ٿا.

حقيقت اها آهي ته ٻين ملڪن وانگر، آمريڪا ۾ به ماڻهو ڪانگريس اڳيان هر روز پيش ٿيندڙ ڳالهين جو پيڇو نٿا ڪن. ڪجهه خاص گروپ انهن جو ڳوڙهو مطالعو ڪندا آهن، ڇو ته انهن ڳالهين جو مٿانئن فوري اثر پوندو آهي. مثال طور، شيدين ۽ ڏاکڻين رياستن جي اڇيءَ چمڙيءَ  وارن متعلق توقع ڪئي ويندي آهي ته هو شهري حقن بابت مسئلن کي چڱيءَ طرح ڌيان ڏيندا هوندا، پر ساڳئي وقت هو محصول وارين پاليسين ۽ پرڏيهي امداد جهڙن مسئلن تي گهٽ ڌيان ڏيئي سگهن ٿا.

 شايد ڏهه في سيڪڙو کان به گهٽ ووٽر ملڪ جي اڳيان پيش ٿيل مڙني وڏن مسئلن تي هر سال ڌيان ڏيندا آهن. ڪِي (Key) اسان کي ٻڌائي ٿو ته ”جيڪڏهن ڏهه في سيڪڙوآمريڪي ووٽر ڪنهن مسئلي تي پختي راءِ رکن ٿا ته ان جو اثر اٽڪل هڪ ڪروڙ ماڻهن تي پوي ٿو. ايترو تعداد به جمهوري ۽ غير جمهوري ضابطن ۾ حاڪمن ۽ عوام جي هڪٻئي سان ناتن ۾ نمايان اختلاف پيدا ڪري سگهي ٿو“(1).

جيئن اسان اڳتي هلي ڏسنداسين، وڏن مسئلن تي مختلف راءِ رکندڙ ماڻهن جي پاڻ ۾ رساڪشي به ڪڏهن ڪڏهن فيصلي تي پهچڻ وارن طريقن ۾ اهميت رکي ٿي؛ ڇو ته ان طرح عوامي عهدن تي فائز ماڻهن جي وچ ۾ به لڳاتار بحث جو يقين پيدا ٿئي ٿو.

عام راءِ جي مطالعن مان خبر پوي ٿي ته روزمرهجي اَٽي ۽ اَجهي جهڙن سادن معاشي مسئلن بابت مزدورن کي وڏي آمدنيءَ وارن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻ هوندي آهي. ٻئي هٿ تي، وڌيڪ منجهيل مسئلن بابت وري وڏي آمدنيءَ وارن ووٽرن کي وڌيڪ خبر هوندي آهي معاشري جي طبقن ۾ اختلاف بابت اسين جيئن مٿي چئي آيا آهيون، معاشري جي هر طبقي ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي ڪنهن وڏي اقتصادي ۽ سماجي قانون جي خلاف يا فائدي ۾ گڏجي ڪم ڪن ٿا. طبقاتي مسئلن کان اڳتي، هتي اسان کي ٻيهر اهي حدون نظر اچن ٿيون، جن سان جمهوري معاشري جي ڪارڪردگي آسانيءَ سان جاري رهي ٿي.

قدامت پسند ۽ آزاد خيال ووٽر

هن سڄي باب ۾ ۽ هن کان پوءِ ايندڙ بابن ۾، ”قدامت پسند“  ۽ ” آزاد خيال“  لفظ گهڙيءَ گهڙيءَ اچن ٿا. انهن لفظن جو عام مفهوم اهو ئي آهي، جيڪو عام طرح دانشورن جو ٺهرايل ۽ قبول ڪيل آهي، جڏهن اهي لفظ سندن باري ۾، استعمال ڪيا وڃن ٿا ته انهن کي پنهنجو خاص مفهوم  هوندو آهي. پر جڏهن اهي لفظ معاشري جي ٻين گروپن سان لاڳو ڪيا وڃن ٿا ته پوءِ انهن جي عام طرح قبول ڪيل معنيٰ ۾ ڦيرين گهيرين جي ضرورت پوي ٿي،  يا وري انهن لفطن جو استعمال ئي ڇڏڻو پوي ٿو. اسين انهن لفظن کي عام معنيٰ ۾ ئي استعمال ڪنداسين، پر هن هنڌ اسين انهن اختلافن بابت سمجهاڻي ڏينداسين، جيڪي دانشورن ۽ معاشري جي ٻين گروپن سان انهن لفظن کي لاڳو ڪرڻ بابت آهن.

عام استعمال ۾ جيڪڏهن اسين ڪنهن ماڻهوءَ کي ”آزاد خيال“ سڏيون ٿا ته ان جو مطلب اهو آهي ته هو معاشي ۽ سماجي معاملن ۾ حڪومت طرفان وڌيڪ مداخلت جي ضرورت ۾ يقين رکي ٿو. هو وڌيڪ سماجي تحفظ، اسڪولن کي امداد ڏيڻ لاءِ قومي ڪوشش، پوڙهن ماڻهن  کي وڌيڪ طبي سهوليتن ڏيڻ، ۽ اهڙين ئي ٻين ڳالهين جي حمايت ڪري ٿو. ٻيو ته هو اظهار راءِ ۽ اخبارن جي آزاديءَ تي پابندين جي گهڻو ڪري مخالفت ڪري ٿو، جڏهن ته ٻيا ماڻهو اهڙين پابندين کي قومي تحفظ لاءِ ضروري سمجهن ٿا. هو نسل يا خاندان  جي امتياز بنا، سڀني کي ترت هڪجهڙي حيثيت ڏيارڻ چاهي ٿو. حڪومت طرفان اهڙن ڪمن تي ٿيندڙ وڌيڪ خرچ جي پورائيءَ لاءِ هو ٽئڪسن کي وڌائڻ پسند ڪري ٿو. آخر ۾، هو گهڻو ڪري ”اقوام متحده“ جو زبردست طرفدار ۽ ٻين ملڪن کي وڌيڪ امداد ڏيڻ جو حامي ٿئي ٿو، ۽ مختلف قومن ۽ ملڪن جي وچ ۾ جهڳڙن کي نبيرڻ لاءِ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۽ ڳالهين جي ضرورت  ۾ يقين رکي ٿو – پوءِ ڀلي ته اهي ملڪ هڪٻئي جي نظرين يا مقصدن سان ڪيترو به اختلاف رکندا هجن.

اهو ضروري نه آهي ته سڀ آزاد خيال دانشور مٿي ٻڌايل هر هڪ خيال رکندا هجن، پر اها توقع ڪري سگهجي ٿي ته هو انهن اصولن مان گهڻن جا حامي هوندا.

آمريڪا ۾ ”قدامت پسندن“ جي سمجهاڻي ڏيندي، ائين ٿو چئي سگهجي ته هو انهن سڀني ڳالهين جي خلاف آهن، جن ۾ آزاد خيال يقين رکن ٿا. تنهن هوندي به اها توقع ڪري سگهجي ٿي ته هنن کي حڪومت طرفان گهرو مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ گهٽ اعتبار آهي. عام طرح هو شهري حقن ۽ شهري آزادين جي مخالفت نه ڪندو آهي، پر هو ان ڳالهه تي زور  ڏيندو آهي ته نسلي هڪجهڙائي آهستي آهستي آندي وڃي، ۽ جيڪڏهن عام اخلاق يا قومي تحفظ  تي خراب اثر پوندو هجي ته پوءِ اخبارن ۽ ڳالهائڻ جي آزاديءَ تي به پابنديون وڌيون وڃن. بين الاقوامي معاملن ۾، هو بين الاقوامي ادارن، ڪانفرنسن ۽ اقتصادي امداد  جي ڀيٽ ۾، ملڪ جي فوجي دفاع کي مضبوط ڪرڻ ۾ وڌيڪ اعتماد رکي سگهي ٿو. جيتري قدر اسين لفظ ”قدامت پسند“ کي سياست ۾ دلچسپي وٺندڙ دانشورن جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيون ٿا، اوتري قدر مٿين معنيٰ ڪافي حد تائين صحيح آهي، توڙي جو ڪي قدامت پسند دانشور پاڻ ڏانهن منسوب ڪيل ڪن ڳالهين سان اختلاف رکندا هجن.

مختلف ڌنڌا ڪندڙ گروپن جي راين جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته سياست ۾ دلچسپي  وٺندڙ يا سياست بابت لکندڙ دانشورن کان علاوه، تمام ٿورڙن ماڻهن کي ” آزاد خيال“ يا ”قدامت پسند“ سڏي سگنجي ٿو. ملڪ جا باقي رهيل ماڻهو ڪجهه آزاد خيال اصولن کي ۽ ڪجهه قدامت پسند اصولن کي قبول ڪري سگهن ٿا.

سياست جا مقامي سطح تي ڪيل مطالعا ڏَسين ٿا ته قومي چونڊن ۾ جيڪي ماڻهو ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ کي سماجي ڀلائيءَ جي قانونن ۾ اضافي آڻڻ جي غرض سان چونڊين ٿا، اهي ئي ساڳيا ماڻهو عوامي باغن يا ثقافتي سرگرمين، جهڙوڪ ميونسپل سمفني آرڪيسٽرا، بلڪ خانگي سڌارن جي ڀيٽ ۾ ميونسپل جهڙن اهم ڪمن تي به وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي مخالفت ڪري سگهن ٿا. هو انهن شهري سڌارن جي مخالفت انهيءَ ڪري ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن سڌارن آڻڻ لاءِ خرچ وڌندو، جيڪو کين ڳرن ٽئڪسن جي صورت ۾ ڀرڻو پوندو. ان جي ابتڙ، شهرن ۾ ڌنڌو ڪندڙن يا واپارين جي اڪثريت، جيڪا سماجي ڀلائيءَ وارن قانونن جي مخالفت سببان ريپبليڪن پارٽيءَ کي قومي چونڊن ۾ ووٽ ڏيندي آهي، ساڳئي وقت باغن کي سڌارڻ ۽ ثقافتي ڪمن تي وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي حمايت به ڪري سگهي ٿي(1).

انهيءَ سجھيءَ معلومات کي يڪجا ڪرڻ سان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اهڙا ٿورا ماڻهو آهن، جيڪي ”آزاد خيال“ يا ” قدامت پسند“ لفظن جي صحيح معنيٰ تي ٺهڪي اچن. سواءِ دانشورن جي، گهڻو ڪري ڪنهن به ماڻهوءَ جي پرڏيهي يا ملڪي مسئلن بابت نظرين سان ” آزاد خيال“ ۽ ” قدامت پسند“ لفظن جي معنيٰ لاڳو نٿي ڪري سگهجي.


(1) V.O. Key, op. cit, p. 93. See also Robert A. Dahl, op. cit. pp. 279-280

(1)  ماڻهن جي انهن روين بابت معلومات لاءِ هن ڪتاب جو مصنف يونيورسٽي آف آريگان جي رابرٽ ائگر (Rober Agger)  جو ٿورائتو آهي، جنهن 1960ع ۾ انهيءَ يونيورسٽيءَ ۾ تقرير ڪندي، ٻين مسئلن سان گڏ، هن مسئلي تي به بحث ڪيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org