سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: آمريڪا جو سياسي سرشتو

باب: --

صفحو : 4

 

ڊيمو ڪريٽ ڪير آهن؟

ائين چوڻ ناممڪن آهي ته ماڻهن جو هِي يا هُو گروپ هڪ خاص پارٽيءَ سان تعلق رکي ٿو. ڪو به هڪڙو يڪو گروپ ڪنهن به وڏيءَ پارٽيءَ کي مجموعي طور تي حمايت نٿو ڪري، پر تڏهن به ڪن گروپن جي ميمبرن جي اڪثريت ڊيمو ڪريٽ ٿي سگهي ٿي، ۽ ٻين گروپن جي اڪثريت ريپبليڪن پارٽيءَ سان واسطو رکي سگهي ٿي. انهيءَ قسم جي بحث لاءِ ڏکڻ هڪ خاص مسئلو پيدا ڪري ٿو، ڇو ته جيئن اسين مٿي ڏسي آيا آهيون، سواءِ صدارتي چونڊن جي، ٻين سڀني چونڊن ۾  ڏکڻ جي ووٽرن جو هر گروپ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوارن کي زبردست اڪثريت سان چونڊي ٿو. اُتر ۾، جتي اڪثر رياستن ۾ ٻيئي وڏيون پارٽيون گهڻو ڪري ساڳئي پيماني تي هڪٻئي جو مقابلو ڪن ٿيون، ووٽرن جي ورڇ مختلف آهي.تنهنڪري پارٽي ميمبرشپ بابت هيٺ اسين جيڪو بحث ڪنداسين، اهو بنيادي طرح اتر سان تعلق رکي ٿو.

1932ع کان وٺي، اتر – اوڀر ۽ وچ اولهه جا وڏا شهري مرڪز ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي طاقت جا مرڪز پئي رهيا آهن. جيئن اسين مٿي چئي آيا آهيون، ڪجهه شهرن ته 1928ع ۾ ئي ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ  جي اميدوارن جي حمايت ڪئي هئي. شهرن ۾ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي گهڻي حمايت مزدور ۽ ڪجهه اقليتون، جهڙوڪ شيدي، يهودي ۽ ڪئٿلڪ ڪن ٿا. سراسري طرح، سڀني شهري مزدورن جو 65 في سيڪڙو ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ سان واسطو رکي ٿو. 1960ع ۾، ٿلهي ليکي، يهودين، شيدين ۽ ڪئٿلڪن جي 80 سيڪڙو ووٽرن ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوارن کي ووٽ ڏنا هئا. يهودي ووٽرن جو 1960ع وارو انگ گذريل 30 سالن ۾ ٻين چونڊن کان ڪو ٿورو ئي مٿي هو (1).

ڪئٿلڪن جا ووٽ، جيڪي گهڻي عرصي کان وٺي اڪثر ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي فائدي ۾ هوندا هئا، 1948ع کان وٺي آهستي آهستي ريپبليڪن پارٽيءَ ڏانهن وڃڻ لڳا. 1956ع ڌاري انهن جا ووٽ ٻنهي جماعتن لاءِ اڌو اڌ وڃي بيٺا. 1960ع ۾، سراسري طرح، ڪئٿلڪن جا پنجن مان چار ووٽ سينيٽر ڪينيڊيءَ کي مليا. ملڪ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾، اتر – اولهه ۽ ڏکڻ جي ڪئٿلڪن ان کان به وڌيڪ تعداد ۾ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوارن کي ووٽ ڏنا.(2)

گهرو لڙائيءَ کان وٺي 1932ع تائين، شيدين جا ووٽ گهڻي ڀاڱي ريپبليڪن پارٽيءَ طرف هئا. اقتصادي بحران ۽ فرينڪلن روزويلٽ جي ”نيو ڊيل“ (New Deal)  کان پوءِ، شيدي يڪدم ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ طرف ٿي ويا. انهيءَ وقت کان وٺي شيدي ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جا حامي آهن. هڪراءِ شماريءَ مطابق، صدر آئزنهاور جي ذاتي مقبوليت ڪري کيس شيدين جا 39 سيڪڙو ووٽ مليا. 1952ع ۾ شيدين جا جيترا ووٽ آئزنهاور کنيا هئا، اهو تعداد ان کان 18 في سيڪڙو مٿي هو. ان سان گڏ، ريپبليڪن پارٽيءَ جي اميدوار کي گهڻن شهرن ۾ رهندڙ شيدين جا ووٽ پڻ مليا. هن ڪجهه ڏاکڻين شهرن ۾ خاص طرح شيدين جا وڌيڪ ووٽ کنيا، ڇو ته اتي شيدين ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوارن کي نسلي علحدگيءَ ۽ امتياز جو حامي ٿي سمجهيو. 1960ع ۾ اتر ۽ ڏکڻ جا گهڻا شيدي ووٽر ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ ڏانهن موٽي آيا. ”گئلپ پول“ (Gallup Poll)واري اندازي موجب، ڪينيڊيءَ شيدي ووٽرن جي 68 في سيڪڙو جي حمايت حاصل ڪئي. ڪجهه ٻين اندازن موجب، سينيٽر ڪينيڊيءَ انکان به وڌيڪ ووٽ کنيا هئا. شيدين جي تمام گهڻيءَ آباديءَ وارن يارهن وڏن شهرن مان گهڻن ۾ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ، 1956ع جي مقابلي ۾، 8 في سيڪڙو کان وڌي، 26 في سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا. رڳو ائٽلانٽا شهر ۾، جتي وڏي شيدي آبادي آهي، ريپبليڪن پارٽي ڪامياب ٿي.

پورهيتن جا ووٽ به 1960ع ۾ ريپبليڪن پارٽيءَ کان ڦري ويا، پر ايتري گهڻي تعداد ۾ نه، جيئن ڪئٿلڪن ۽ شيدي ووٽرن جي حالت ۾ ٿيو هو. اقتصادي بحران وارن سالن ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ منظم توڙي غير منظم پورهيتن جي گهڻي تعداد تي قبضو ڪري ورتو. روزويلٽ جي حڪومت پورهيتن کي منظم ٿيڻ لاءِ سهولتون ڏئي ۽ بيروزگارن کي حڪومت طرفان نوڪريون ۽ ٻي امداد ڏياري، پورهيتن جي ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ سان واسطيداريءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. انهن سڀني ڳالهين ڪري، ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ پورهيتن جي ووٽرن جو ڳچ حصو پنهنجي طرف ڪري ورتو. ان کان پوءِ آئزنهاور، ٻين گروپن وانگر، پورهيتن طرفان به گهڻا ووٽ حاصل ڪيا. آئزنهاور 1952ع ۾ پورهيت ووٽرن جو 39 في سيڪڙو، ۽ 1956ع ۾ 43 في سيڪڙو حاصل ڪيو. 1960ع ۾ ريپبليڪن پارٽيءَ کي ملندڙ پورهيت ووٽرن جو تعداد هڪ دفعو وري گهٽجي، اٽڪل 35 سيڪڙي تي وڃي بيٺو.

ريپبليڪن ڪير آهن؟

ريپبليڪن پارٽيءَ جي ووٽرن جو گهڻو تعداد واپارين- وڏن توڙي ننڍن ۾ لڀي ٿو. آزاد پيشي وارا ماڻهو، خاص طرح جن جي آمدني گهڻي آهي،اڪثر ريپبليڪن آهن. ڏکڻ جي رياستن کان ٻاهر وارا هاري عام طرح ريپبليڪن پارٽيءَ کي ووٽ ڏيندا آهن، توڙي جو هو اهڙو سختيءَ سان پابند نه رهيا آهن، جهڙو اقتصادي بحران واري وقت هئا. 1960ع ۾ هارين تمام گهڻي انداز ۾ ريپبليڪن  پارٽيءَ کي ووٽ ڏنا، توڙي جو ڏهن سالن کان وٺي (ڪوريا واريءَ لڙائيءَ جي مختصر عرصي کان سواءِ) زمينن مان آمدني گهٽبي پئي ويئي.

ٻين ملڪن مان لڏي آيلن مان ريپبليڪن پارٽيءَ کي سڀ کان گهڻي حمايت اِسڪئنڊينيويا ۽ جرمنيءَ وارا ڏيندا پئي رهيا آهن. جرمنيءَ مان ماڻهو تمام وڏي تعداد ۾ پهريون دفعو 1848ع واري ناڪام انقلاب کان پوءِ آمريڪا لڏي آيا هئا. انهن مان گهڻن ” يونين“  جي فوجن سان گڏجي غلام رياستن جو مقابلو ڪيو، ۽ 1860ع ۾ نئين قائم ڪيل ريپبليڪن پارٽيءَ  جي حمايت ڪيائون. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته جرمنيءَ مان آيلن جي وفاداري ريپبليڪن پارٽيءَ سان انهيءَ ڪري به وڌي آهي جو ٻنهي مهاڀاري لڙاين وقت جڏهن آمريڪي سولجر جرمنيءَ جي فوجن جو مقابلو ڪري رهيا هئا، تڏهن آمريڪا جو صدر ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جو هو.

پراٽيسٽنٽن جا ووٽ به عام طرح ريپبليڪن پارٽيءَ کي ملندا رهيا آهن. مختلف جائزن مطابق، ريپبليڪن پارٽي عام طرح پراٽيسٽنٽن جي 62 في سيڪڙو ووٽن کٽڻ جي اميد رکي سگهي ٿي. 1960ع ۾ اهو تعداد رڳو هڪ في سيڪڙو وڌيو هو. جهڙيءَ طرح ڪئٿلڪ ڦري ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ سان گڏيا هئا، اوتري گهڻي تعداد ۾ سڄي ملڪ ۾ پراٽيسٽنٽ ريپبليڪن پارٽيءَ طرف نه آيا. ريپبليڪن پارٽيءَ کي پراٽيسٽنٽن جا گهڻا ووٽ ڏکڻ جي رياستن ۽ سرحدي رياستن- اوڪلاهوما، ڪينٽَڪي ۽ مِسوري - ۾ مليا. ريپبليڪن پارٽيءَ جا پراٽيسٽنٽ ووٽ وچ اولهه جي ڪجھ رياستن ۾ به وڌيا. ان جي ابتڙ، اتر – اوڀر ۾ ڊيمو ڪري،ن پنهنجي رواجي انداز کان وڌيڪ پراٽيسٽنٽ ووٽ کنيا.

وڏين پارٽين مان هر پارٽي انهن گروپن مان به ڪجھ ووٽن جي اميد ڪري سگهي ٿي، جيڪي مخالف پارٽيءَ  سان گهڻو وفادار آهن. ريپبليڪن پارٽي، پورهيت طبقي مان اٽڪل 35 سيڪڙو ووٽن حاصل ڪرڻ جي اميد رکي سگهي ٿي. اهڙيءَ طرح، ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي به واپاري ۽ پيشه ور ملازم طبقي مان اوترن ئي ووٽن جي اميد ڪري سگهي ٿي.

هر پارٽيءَ کي جنهن قسم جي حمايت حاصل ٿئي ٿي، ان جو اثر وڏين پارٽين جي سرپئنچن جي نقطه نظر تي به پوي ٿو. ٻنهي جماعتن جا اڳواڻ اعتدال پسند آهن، ڇاڪاڻ ته هو گهرندا آهن ته پنهنجي پارٽيءَ جي وڏن ذريعن کان ووٽ حاصل ڪرڻ سان گڏ، مخالف پارٽيءَ جي قلعن مان ايندڙ حمايت کي به قربان نه ڪن. ريپبليڪن پارٽي نٿي چاهي ته پورهيتن جي هڪ حصي کان اڃا تائين ملندڙ ووٽن کي وڃائي ڇڏي. ساڳيءَ ريت، ڊيموڪريٽ به نه گهرندا آهن ته وچولي ۽ وڏيءَ آمدنيءَ واري طبقي مان ملندڙ ووٽ هٿان ڇڏيا وڃن.

هيءَ ڳالهه به ثابت آهي ته ٻنهي وڏين پارٽين مان اقليتي پارٽي، اڪثريت واريءَ پارٽيءَ جي مقابلي ۾، هر اليڪشن ۾ پنهنجن ووٽرن کي سوگهي جهلڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. مثال طور، ريپبلڪن پارٽيءَ جي اثر جي 75 سالن اندر، ڊيمو ڪريٽ پنهنجي پارٽيءَ سان شامل رهيا، ۽ هينئر وري ڪٽر ريپبليڪن عام طرح ڪامياب ٿيندڙ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ ڏانهن وڃڻ جي لالچ جو مقابلو ڪن ٿا. ان جي ابتڙ، اڪثريتي پارٽيءَ  جا گهٽ حمايتي ڇڄي، مخالف پارٽيءَ جي اميدوار کي چونڊي سگهن ٿا. ٻئي هٿ تي، اڪثريتي پارٽيءَ وٽ نه رڳو ڪٽر حمايتي هوندا آهن، پر مخالف پارٽيءَ جا اهڙا ماڻهو به ملندا، جن کي هوءَ لالچ ڏيئي پاڻ ڏانهن ڪري سگهي ٿي.  بهرحال، پارٽين جا اهي ڪٽر حامي ئي آهن، جن جي آڌار تي آمريڪا ۾ ٻن پارٽين وارو سرشتو قائم رهندو اچي.

طرفدار ۽ آزاد ووٽر

ڪيترن ئي نسلن کان وٺي، آمريڪا۾”آزاد ووٽر“ جو هڪ خاص تصور قائم ٿي چڪو آهي. پنهنجي انهيءَ ڪردار جي حيثيت سان، هو هڪ اهڙو شهري آهي، جيڪو پنهنجي ووٽ استعمال ڪرڻ کان اڳ مختلف پارٽين، اميدوارن ۽ مسئلن جو چڱيءَ ريت مطالعو ڪري ٿو. انهيءَ خيالي ” آزاد ووٽر“ بابت سمجهيو ويندو آهي ته هو چونڊن  جي هر ڪنهن مهم کي شروع کان ويندي آخر تائين نظر ۾ رکي ٿو، ۽ ڪنهن به پارٽيءَ کي چونڊن کان ٿورواڳ تائين ڪو به واعدو نٿو ڪري. ووٽ ڏيڻ کان اڳ سڀني اميدوارن بابت چڱيءَ طرح سوچڻ کانپوءِ، هو فيصلو ڪري ٿو ته فلاڻيءَ پارٽيءَ جو فلاڻو اميدوار سندس ووٽ جو حقدار آهي.

غير طرفداريءَ ۽ سياسي آزاديءَ کي چڱي پاليسي سمجهڻ واري خيال جي اوسر، اڻويهين صديءَ جي آخري سالن ۾ ٿي. انهيءَ زماني ۾ ليکڪ هڪڙي طرفدار ووٽر جي تقرير ائين چٽيندا هئا، ڄڻ ته هو ذري گهٽ اڻپڙهيل لڏي آيل هو، جنهن کي سياسي اڳواڻ ۽ انهن جا ڪارڪن، اهڙن ئي ٻين ووٽرن جي ڌڻ سان گڏ، ووٽ ڏيارڻ لاءِ ڪاهي ويندا هئا. انهيءَ طرفدار ووٽر کي سياست ۽ عوامي مسئلن بابت ڪا به ڄاڻ ڪانه هئي. هو ذاتي وفاداريءَ ڪري اڳواڻ جي پٺيان لڳندو هو، يا وري ان ڪري، جو پارٽي سندس ووٽ خريد ڪري وٺندي هئي. مطلب ته هو ڪنهن به سوچ ويچار بنا، پارٽيءَ جي جائز ناجائز طريقن سان اقتدار قائم ڪرڻ جي بُرن نتيجن کان بي تعلق رهي، پارٽيءَ جي فائدي ۾ ووٽ ڏيندو هو.

آزاد ووٽر کي دانشورن طرفان سياسي مشينن ۽ پارٽين جي مخالفت جو حصو سمجهيو هو. جيڪڏهن پارٽيءَ جي اڳواڻي راشي ماڻهن جي هٿن ۾ هئي، جن جو مقصد عام ماڻهن جي خرچ تي طاقت ۽ دولت حاصل ڪرڻ هئي، ته پوءِ ووٽرن جي پارٽيءَ سان وفاداريءَ سبب حڪومت ۾ بڇڙائيءَ جا امڪان وڌي پئي ويا. پارٽين جي قوت کي ناس ڪرڻ سان ايماندار حڪومت قائم ٿي پئي سگهي، پر پارٽين جي قوت کي ڀڃڻ لاءِ ضروري هو ته ووٽرن کي پارٽين سان وفاداريءَ خلاف خبردار ڪيو وڃي. جيڪڏهن ائين سمجهيو وڃي ته بيعقل ماڻهو پارٽين جا حامي هئا، ته پوءِ معاشري جي سمجهو ماڻهن کي آزاد رهڻو پئي پيو.

اوڻيهين صديءَ جي سياست جي مٿينءَ تصوير جا ڪجهه حصا شهرن بابت سچ ٿي سگهن ٿا، جتي نوان لڏي ايندڙ ڪڏهن ڪڏهن بدديانت پارٽين جي هٿ ۾ کيڏندا رهيا. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته گهڻو ڪري اهي سياسي تنظيمون لڏي ايندڙن کي غلط هٿن ۾ وڃڻ کان بچائينديون هيون.  ٻيو ته اهي پارٽيون ئي انهن نون شهرين کي آمريڪي بڻائڻ جو آخري وسيلو هيون.

ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ڪهڙِ به حالت هجي، اڄوڪن جائزن مان معلوم ٿيئ ٿ ته آزاد ووٽر جي خوبين تي هينئر شڪ ڪيو پيو وڃي. سندس بابت اڳوڻو تصور ختم ٿي ويو آهي. انهن جائزن مان ڄاڻ پوي ٿي ته جيڪي ووٽر چونڊن جي مهم جي شروع ۾ ئي فيصلو ڪري ڇڏين ٿا، تن جو وڏو سبب پارٽيءَ سان سندن وفاداري آهي. پر جائزا اهو به ٻڌائين ٿا ته اهي ووٽر اخبارون پڙهندا آهن، ۽ ريڊيو تان اميدوارن جون تقريرون به ٻڌندا آهن. هو انهن مسئلن بابت چڱي ڄاڻ رکن ٿا،جيڪي سندن پارٽيءَ ۽ اميدوارن کي تنقيد کان بچائڻ لاءِ اهم هونديون آهن. هو ڀَل مخالف اميدوارن جون تقريرون نه ٻڌندا هجن يا سندن اميدوارن خلاف اخبارن ۾ ڇپيل ڪالمن کي نه پڙهندا هجن، پرسندن ذهنن ۾ اها تصوير چٽيل هوندي آهي ته هو هڪ اميدوار جي پٺڀرائي ۽ ٻئي جي مخالفت ڇو ٿا ڪن. انهيءَ تصوير جو بنياد پارٽيءَ بابت قائم ڪيل مفروضي تي ٿي سگهي ٿو، پر وري به ان ۾ ٿوري صداقت هوندي آهي.

ان جي ابتڙ، اهي آزاد ووٽر عام طرح بلڪل اڻڄاڻن مان ٿين ٿا. هو اخبارون گهٽ پڙهندا آهن ۽ سياسي تقريرون ورلي ٻڌندا آهن. اهو سچ آهي ته هو مهم جي آخري ڪجهه هفتن يا ڏينهن کان اڳ تائين فيصلو نه ڪندا آهن. پر آخرڪار جڏهن هو فيصلو ڪندا آهن، ته اهو گهڻو ڪري تمام معمولي ڄاڻ جي بنياد  تي هوندو آهي.

وِي. او. ڪي (V.O.Key) اسان کي ٻڌائي ٿو ته”هڪ ماڻهوءَ کي ڪنهن پاليسيءَ بابت جيتري گهٽ ڄاڻ ۽ دلچسپي آهي، اوترو ئي گهٽ هو ووٽ ڏيندو آهي.  هڪ ووٽر کي مسئلن جي جيتري گهڻي معلومات آهي، اوتري ئي جذبي سان هو ووٽ ڏئي ٿو ۽ اليڪشن جو رخ مقرر ڪري ٿو... ڪجهه ماڻهو سياست ۾ ايترو ته گهٽ چاهه وٺندا آهن جو کين چونڊن مان نڪرندڙ نتيجي جي ڪا به پرواهه نه هوندي آهي.“ هو پوءِ ” مطالعاتي کوجنا جي مرڪز“ جي جائزن جو حوالو ڏيئي، ٻڌائي ٿو ته جيڪي ماڻهو ان جي ” گهڻي پرواهه“  ڪندا آهن ته ڪهڙيءَ جماعت کي طاقت ۾ اچڻ گهرجي، تن مان 83 في سيڪڙو پنهنجا ووٽ استعمال ڪندا آهن. ” گهٽ پرواهه“  ڪندڙن مان 79 في سيڪڙو ووٽ ڏين ٿا. انهن ووٽرن مان، جيڪي “ گهڻي پرواهه نٿا ڪن“، فقط 70 في سيڪڙو ووٽ استعمال ڪن ٿا، ۽ جيڪي ” بلڪل پرواهه نٿا ڪن“، انهن جو 57 في سيڪڙو ووٽ ڏئي ٿي (1).

هڪ تازو جائزو اهو به ٻڌائي ٿوته سياست سان دلچسپي ٻار مائٽن کان به حاصل ڪري سگهن ٿا. جن ووٽرن جا والدين سياست ۾ گهڻو چاهه وٺندا هئا، انهن 1958ع ۾ اهڙن ووٽرن کان ٻيڻي تعداد ۾ ووٽ ڏنا، جن جا والدين سياست ۾ گهٽ دلچسپي رکندا هئا.... هڪ وڏي حقيقت اها آهي ته سياست ۾ ٿوري دلچسپيءَ  وارن ڪٽنبن سان واسطو رکندڙ ووٽرن جي وڏي تعداد، چونڊن ۾ گهٽ حصو ورتو. ائين ٿي سگهي ٿو ته گهڻي دلچسپي وٺندڙ مائٽن جا ٻار سياست ۾ گهٽ بهرو وٺن، پر ائين ورلي ٿئي ٿو ته گهٽ دلچسپيءَ  وارن مائٽن جا ٻار تمام گهڻي دلچسپي وٺن.“(1)

ووٽر، مسئلا، ۽ پارٽيون

ووٽرن طرفان پنهنجي سياسي وفداريءَ بابت فيصلي ڪرڻ ۾ ڪجهه عام حالتن هيٺ طبقاتي مسئلا اهم حصو وٺندا آهن. انهيءَ هوندي به ٻنهي مان ڪا به پارٽي ڪنهن خاص طبقي لاءِ نه آهي. سيمر مارٽن لپسيٽ (Seymour Marin Lipset) ، جنهن آمريڪي پارٽين ۾ سياست جي وڏن تاريخي مطالعن  تي تبصرو ڪيو آهي، انهيءَ نتيجي تي پهتو آهي ته طبقي جو خيال به ووٽرن طرفان پارٽيءَ جي پسند ۾ خاص جزو آهي. اسين اڳ ۾ ئي ڏسي آيا آهيون ته ٽن مان ٻه مزدور ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي پٺڀرائي ڪندا  آهن، ۽ ساڳئي حساب سان وري واپاري ۽ آزاد پيشي وارا ريپبليڪن پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندا آهن. انهيءَ معلومات  مان اسان کي خبر نٿي پوي ته ووٽر جدا جدا مسئلن بابت ڇا محسوس ڪندا آهن، ۽ نه وري اهو معلوم ٿئي ٿو ته مزدورن جي ٽين پتي ڇو ريپبليڪن پارٽيءَ سان شامل آهي، يا واپارين جي ٽين پتي ڇو ڊيمو ڪريٽ آهي. اچو ته انهيءَ صورتحال کي سمجهڻ ڏانهن توجهه ڪريون.

مختلف جائزن اسان کي ڏيکاريو آهي ته سڀني سياسي وفادارين وارا مزدور، اڪثر اقتصادي ۽ سماجي مسئلن بابت ساڳي راءِ رکندا آهن. جيڪي ريپبليڪن پارٽيءَ جي مدد ڪندا آهن، اهي ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوارن جي پٺڀرائي ڪندڙن کان قدري پراڻن خيالن جا هوندا آهن، پر سڀيئي حڪومت طرفان ساڳئي قدم جي خواهش رکندا آهن. مختلف پارٽين کي ووٽ ڏيڻ لاءِ مزدور پنهنجي سمجهاڻي انهيءَ بنياد تي ڏيندا آهن ته ڪهڙي پارٽي اڳتي هلي قومي مسئلن کي چڱيءَ طرح نبيريندي. جيڪي واپاري ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي حمايت ڪن ٿا. انهن جا به اڪثر خيال ريپبليڪن پارٽيءَ جي پوئلڳ واپارين وارا آهن، پر سندن اختلاف انهيءَ  ڳالهه تي آهي ته ڪهڙي پارٽي واپارين جي مسئلن کي بهتر نموني ۾ منهن ڏيئي سگهندي.

جيڪي مزدور ريپبليڪن پارٽيءَ لاءِ ووٽ ڪندا آهن، ۽ جيڪي واپاري ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جا اميدوار چونڊيندا آهن،  اهي گهڻو ڪري انهن ئي پارٽين سان واسطو رکندڙ ڪٽنبن مان آهن. هو پنهنجين پارٽين سان ايڏاو ته وفادار آهن جو سندن ڦرڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. تنهنڪري هو پارٽيءَ جي منشور  توڙي پارٽيءَ جي ترجمانن جي تقريرن ۾ اهڙيون ڳالهيون شامل ڪرائيندا آهن، جيڪي سندن اڪثريت پسند ڪري ٿي. مخالف پارٽي ڪجهه به ڪري، ته به پنهنجي پارٽيءَ سان سندن وفاداريءَ ۾لوڏو نه ايندو. سياسي تقريرن ۽ ڪاررواين سان هو خاص بي تعلقي ڏيکاريندا آهن. هو يا ته پنهنجن مقصدن ۽ پنهنجي پارٽيءَ جي مقصدن جي وچ ۾ ظاهري اختلاف کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن، يا ته وري بحث ڪري سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته ڪهڙيءَ ريت سندن ئي پارٽي سندن مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪندي.


(1)  1930ع کان اڳ يهودي انهن ماڻهن مان هئا، جيڪي گهٽ تعداد ۾ ووٽ ڏيندا هئا. سياست ۾ سندن حصو هٽلر جي ظلمن کان پوءِ تمام گهڻو وڌي ويو. هنن فرينڪلن روزويلٽ ۽ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي زبردست حمايت ڪئي، ڇو ته روزويلٽ نازي اِزم جو مخالف ۽ شهري آزادين جو حامي هو.

(2)  ڪئٿلڪ ووٽرن جي تبديليءَ ڪري، پراٽيسنٽنٽ فرقي سان تعلق رکندڙ نائب صدر نڪسن کي سخت نقصان رسيو، ڇو ته اڳي ڪئٿلڪ نڪسن جا زبرست حامي هئا. 1960ع جي شروع ۾، نيويارڪ ۾ معلوم ڪيل راءِ شماريءَ مان اندازو لڳايو ويو ته نڪسن، سواءِ سينيٽر ڪينيڊيءَ جي، ٻين مڙني ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوارن جي مقابلي ۾ ڪئٿلڪن جا تمام گهڻا ووٽ حاصل ڪندو.

(1)  V. O. Key, Public Opinion and American Democracy (New York: Alfred A. Knopf, 1961), p. 466

(1)  ساڳيو ڪتاب صفحو 302، 303

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org