ڪنويشن سرشتو
ڪنويشن جو گهڻو ننديل سرشتو، نمايان جمهوري سڌاري جي صورت ۾
وجود ۾ آيو. اصل ۾ صدارتي اميدوار ”ڪانگريشنل
ڪاڪس“ (Congressional
Caucus)
وسيلي ٿاڦيا ويندا هئا، جنهن موجب ڪنهن پارٽيءَ جا
ڪانگريس وارا ميمبر پاڻ ۾ گڏجي بحث ڪندا هئا ته
ڪنهن کي صدر ٿيڻ گهرجي. 1800ع کان 1820ع وارن 21
سالن ۾، جڏهن هڪ ئي پارٽيءَ جو ڪانگريس تي قبضو
هو، انهيءَ سرشتي ڏاڍيءَ خوبيءَ سان ڪم ڪيو. پر
جڏهن ڊيموڪريٽڪ – ريپبليڪن ملڪ جي مڙني راين کي
وڌيڪ وقت تائين منهن ڏيئي نه سگهيا، ته ڪاڪس سرشتي
تي عمل ٿيڻ ڏکيو ٿي پيو.
1824ع ۾ ڪاڪس کي استعمال ڪرڻ جي آخري ڪوشش ناڪام ٿي. جن ٽن
اميدوارن جا نالا آخري پسند لاءِ نمائندن واري
ايوان اڳيان آيا، تن مان ڪنهن کي به ڪاڪس جي
پٺڀرائي ڪا نه هئي.(اها صورتحال ان ڪري پيش آئي جو
اوائلي چئن اميدوارن مان ڪو به اميدوار، ”
چونڊيندڙ ووٽرن“ جي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه
ٿيو هو).
چار سال پوءِ جنرل ائنڊريو جئڪسن(General
Andrew Jackson)
جي حامين اها ڪوشش شروع ڪئي ته سندن سورمي کي هر
رياست ۾ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي پنهنجو اميدوار ٿاڦي(1).
ڪڏهن سندس نالو رياستي قانون ٺاهيندڙ اسيمبليءَ جي
ٺهراءَ وسيلي پيش ڪيو ويو، ڪڏهن رياستي جماعتي
ڪنوينشن ذريعي، ۽ ڪڏهن ٻين طريقن ذريعي، پر هر هنڌ
هو پارٽيءَ جو اميدوار ٿاڦيو ويو. ڪنهن اميدوار جي
نالي کي هر رياست ۾ عوام اڳيان مختلف ذريعن سان
پيش ڪرڻ وارو اهو طريقو اطمينان بخش ثابت نه ٿيو.
1832ع ۾، ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ بالٽيمور ۾ پنهنجو
پهريون ڪنوينشن سڏايو. اٺن سالن کان پوءِ، وِگ
پارٽيءَ به پنهنجا اميدوار ٿاڦڻ لاءِ قومي
ڪنوينشن گهرايو. ان کان پوءِ وارن سورهن سالن ۾
ڪنوينشنن جي تنظيم ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ ٿوريون ڦيريون
گهيريون ڪيون ويون. ڪنوينشنن جي تنظيم ۽
ڪارڪردگيءَ 1952ع ڌاري پختائي حاصل ڪئي، ۽ انهيءَ
وقت کان وٺي ڪنوينشن جو سرشتو ساڳيءَ طرح جاري
رهندو اچي.
ڪنوينشنن ۾ ڪير شريڪ ٿيندا آهن؟
شروع کان وٺي هر رياست ڪنوينشن ۾ نمائندن جو اوتروئي تعداد
موڪليندي آهي، جيترو تعداد ان رياست مان نمائندن
واري ايوان ۽ سينيٽ جي ميمبرن جو هوندو آهي. گهڻي
عرصي تائين هر رياست کي ڪانگريس ۾ سندس ميمبرن جي
تعداد کان ٻيڻا نمائندا ڪنوينشنن ۾ موڪلڻ جي اجازت
هئي، پر اهڙيءَ صورت ۾ هڪ نمائندي کي اڌ ووٽ ڏيڻ
جو حق هوندو هو. ان سان ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي
ڪنوينشنن ۾ ڪو به اثر نٿي پيو، ڇو ته رياستن جي
وفدن کي ايڪي (Unit)
جي بنياد تي سڀ ووٽ انهيءَ اميدوار کي ڏيڻا پوندا
هئا، جنهن کي وفد جي ميمبرن جي اڪثريت جي پٺڀرائي
هوندي هئي. ريپبليڪن پارٽيءَ جنهن ڪڏهن به ايڪي جي
بنياد تي عمل نه ڪيو آهي، ووٽن کي ڀڃڻ جي گهٽ
فائدي ۾ هئي.
ريپبليڪن ڪنوينشن جا نمائندا
ڪانگريس ۾ نمائندگيءَ جو بنياد تي ڪنوينشن ۾ نمائندن يا ووٽن جو
تعداد پهرينءَ نظر ۾ ته صحيح معلوم ٿئي ٿو، پر
رياستن جي سياسي حقيقتن تي نظر وجهڻ سان صاف ظاهر
ٿئي ٿو ته اهڙي طريقي ۾ بي انصافي به ٿي سگهي ٿي.
ڏاکڻين رياستن کي، جن ڪڏهن به ريپبليڪن پارٽيءَ جي
صدارتي اميدوار کي ووٽ نه ڏنا، ڪنوينشن ۾ اتر
وارين رياستن جيتري طاقت ڏني ويئي، جن هميشه
ريپبليڪن اميدوار کي ووٽ ڏنا. ساڳي صورتحال ڊيمو
ڪريٽڪ پارٽيءَ جي ڪنوينشنن ۾ به موجود هئي.
آخرڪار 1916ع ۾ اترادي ريپبليڪنن ،ڏکڻ جي ٿورڙن ريپبليڪنن جي
گهڻيءَ نمائندگيءَ خلاف ان وقت بغاوت ڪئي، جڏهن هر
انهيءَ تڪ کي، جنهن ريپبليڪن اميدوار کي ساڍن ستن
هزارن کان ڪجهه گهٽ ووٽ ڏنا، سندس ٻن نمائندن مان
هڪ نمائندي کان محروم ڪيو ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ
ووٽن جو انگ وڌائي 10 هزار ڪيو ويو. 1916ع ۾،
انهيءَ نئين قاعدي هيٺ، ڏاکڻن وفدن پنهنجا 78
نمائندا وڃايا، ۽ جڏهن ووٽن جو انگ وڌايو ويو ته
انهن جي نمائندن جو تعداد اڃا به گهٽجي ويو.
انهيءَ کان پوءِ، جيڪڏهن ڪنهن تڪ ۾ ريپبليڪن
پارٽيءَ جي اميدوار کي گذريل اليڪشن ۾ هڪ هزار کان
گهٽ ووٽ مليا هئا ته ان کي نمائندگيءَ کان بلڪل
محروم ڪيو ويو. 1956ع ۾، هڪ نمائندي لاءِ، گذريل
چونڊن جي ووٽن واري انهيءَ هڪ هزار جي انگ کي
وڌائي 2 هزار ڪيو ويو. بهرحال، انهيءَ وچ ۾
ريپبليڪن پارٽيءَ ڏکڻ ۾ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جو
قبضو ٽوڙي ڇڏيو، جنهنڪري هر هڪ تڪ ۾ ريپبليڪن
پارٽيءَ جي صدارتي اميدوار کي گهٽ ۾ گهٽ 2 هزار
ووٽ ملندا رهيا. تنهنڪري اڄڪلهه ڏاکڻين رياستن مان
هر هڪ کي ڪنوينشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 نمائندا آهن، جن
مان ٻه سينيٽ ۾ سندن نمائندگيءَ جي بنياد تي، ۽ هڪ
يا ٻه نمائندن واري ايوان ۾ ميمبرن جي بنياد تي(1)
جيڪي رياستون ريپبليڪن صدارتي اميدوارن کي ووٽن جي اڪثريت نه
ڏيئي سگهيون، ڪنوينشن ۾ انهن رياستن جي نمائندن جي
تعداد کي محدود بنائڻ سان گڏ، جن رياستن ريپبليڪن
پارٽيءَ جا گورنر يا سينيٽر چونڊيا آهن يا گذريل
چونڊ ۾ ريپبليڪن پارٽيءَ جي صدارتي اميدوار کي
ووٽن جي اڪثريت ڏني هئي، انهن رياستن کي پارٽيءَ
انعام طور ڪنوينشن ۾ 6 وڌيڪ نمائندا موڪلڻ جي
اجازت ڏني آهي. ريپبليڪن پارٽيءَ جي 1960ع واري
ڪنوينشن ۾ سڄي ملڪ مان 1331 نمائندا آيا هئا.
ڊيمو ڪريٽڪ ڪنوينشن جا نمائندا
1936ع تائين ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي پنهنجي ڪنوينشن ۾ رياستن کي سندن
ڪانگريس ۾ ميمبرن جي تعداد جيترن نمائندن موڪلڻ جي
اجازت ڏيندي رهي. انهيءَ سال پارٽيءَ اهو هڪ صدي
پراڻو شرط ختم ڪري ڇڏيو، جنهن هيٺ صدارت لاءِ هڪ
اميدوار کي ڪنوينشن جا ٻه ڀاڱي ٽي ووٽ حاصل ڪرڻ
ضروري هوندا هئا. انهيءَ شرط جي هٽڻ سان ڏاکڻين
رياستن جي وفدن جو زور ختم ٿي ويو. انهيءَ نقصان
جي معاوضي طور، پارٽيءَ انهن رياستن کي انعام طور
2، ۽ پوءِ 4، وڌيڪ نمائندن موڪلڻ جي اجازت ڏني، جن
گذريل اليڪشن ۾ ڊيمو ڪريٽڪ اميدوار کي ووٽن جي
اڪثريت ڏني هئي. ان کان پوءِ، جن رياستن ڊيمو
ڪريٽڪ پارٽيءَ جا گورنر يا سينيٽر چونڊيا هئا،
انهن کي وڌيڪ نمائندن موڪلڻ جي موڪل ڏني ويئي. آخر
۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪنهن به رياست کي نمائندن
موڪلڻ کان محروم نه ڪيو وڃي. 1960ع ۾ ڊيمو ڪريٽڪ
پارٽيءَ جي ڪنوينشن ۾ 1521 نمائندا شريڪ ٿيا هئا.
بونس سرشتو (The Bonus System)
بونس سرشتي جو هڪ نتيجو اهو نڪتو آهي جو ڇڊي آباديءَ واريون
رياستون ڪنوينشن ۾ وڌيڪ نمائندا موڪلينديون آهن.
ٻنهي پارٽين جي ڪنوينشنن ۾ ننڍين رياستن کي وڌيڪ
نمائندگي آهي، خاص طرح ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي
ڪنوينشنن ۾. مثال طور، يامنگ (Wyoming)
۽ نيواڊا (Nevada)
جي آبادي ايتري ته گهٽ اهي جو انهن مان هر هڪ کي،
ٻن سينيٽرن کان سواءِ، نمائندن واري ايوان ۾ رڳو
هڪ هڪ ميمبر موڪلڻو آهي. پر ڇاڪاڻ ته انهن ٻن
رياستن ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جا سينيٽر ۽ گورنر
چونڊيا هئا، تنهنڪري انهن مان هر هڪ کي انعام طور
اٺ نمائندا وڌيڪ موڪلڻ جي اجازت ڏني ويئي. ڳتيل
آباديءَ وارين رياستن به بونس نمائندا حاصل ڪيا
آهن، پر آباديءَ جي لحاظ کان کين گهڻو فائدو نه
پهتو آهي.
گهٽ آباديءَ واريون رياستون حالانڪ آباديءَ جي لحاظ کان ڪنوينشن
۾ وڌيڪ نمائندا موڪلين ٿيون، پر عام ووٽن جي خيال
کان کين اهميت نه آهي. اهو ثابت ڪري سگهجي ٿو ته
1956ع واري ڊيمو ڪريٽڪ ڪنوينشن ۾ ڪئليفورنيا رياست
مان هر هڪ نمائندي 32 هزار ڊيمو ڪريٽڪ ووٽرن جي
نمائندگي ڪئي، پر ساڳيءَ چونڊ ۾ نيواڊا جي نمائندي
اڍائي هزارن کان به گهٽ ووٽرن جي نمائندگي ڪئي.
تنهن هوندي به نيويارڪ، ڪئليفورنيا، اِلينائي ۽
پينسلوانيا جي وڏن وفدن جو ڪنوينشن تي قبضو رهيو.
انهن وڏن وفدن جي اثر جو سبب اهو هو جو سڀني
نمائندن کي بخوبي معلوم هو ته صدارتي نامزدگين ۾
ڪاميابيءَ جو مدار اميدوار توڙي سندس پٺڀرائي
ڪندڙن طرفان صنعتي رياستن جي وڏن وفدن جي حمايت
حاصل ڪري سگهڻ جي لياقت تي آهي. ٻيو ته هو اهو به
ڄاڻندا آهن ته ايندڙ عام چونڊن ۾ به صدارتي
اميدوار وڏين رياستن جي مدد سان ئي ڪامياب ٿي
سگهندو آهي.(1).
نمائندا
ٻنهي جماعتن جي قومي ڪنوينشنن جي نمائندن ۾ ڪانگريس جا ڪجهه
ميمبر به شامل هوندا آهن، پر گهڻو ڪري انهن ۾
پارٽيءَ جي انتظامي پاسي جا نمائندا هوندا آهن.
رياستي وفدن جي اڳواڻي عام طرح گورنر ڪندا آهن.
اميدوار گهڻو ڪري نمائندا نه هوندا آهن، خاص طرح
جيڪڏهن هو پهرين ٻن يا ٽن اميدوارن مان هوندا آهن.
رواج موجب ته هنن کي ڪنوينشن واري هنڌ تي موجود به
نه رهڻو آهي. اميدوار ڪنوينشن- هال جي ڀرسان
آفيسون قائم ڪري سگهن ٿا، يا ٽيليفون تي
ڪنوينشن-هال اندر ۽ ان کان ٻاهر پارٽي$
جي اڳواڻن سان رابطو قائم ڪري سگهن ٿا، پر هو بذات
خود ڪنوينشن ۾ موجود نه هوندا آهن.
نمائندن جي وڏي اڪثريت جماعت جي انهن ميمبرن جي هوندي آهي، جيڪي
عوام ۾ نمايان نه هوندا آهن. اهو انهن ” وفادار“
ميمبرن مان هوندا آهن، جن گهڻن سالن کان پارٽيءَ
جي اميدوارن لاءِ سخت پاڻ پتوڙيو هوندو، پر پاڻ
ڪڏهن به ڪو عوامي عهدو نه ماڻيو هوندائون. نمائندن
۾ اهي ميمبر به هوندا آهن، جن پارٽيءَ کي
فراخدليءَ سان مالي مدد ڪئي هوندي. اهڙن ميمبرن کي
سندن مخلصانه خدمتن جو قدر ڪري، ڪنوينشن ۾
نمائندگي ڏني ويندي آهي. ڪجهه نمائندا هر دفعي
ڪنوينشن ۾ ايندا آهن، پر اڪثر نمائندا سڄي زندگيءَ
۾ هڪ يا ٻه دفعا ڪنوينشن ۾ شريڪ ٿيندا آهن. ان جي
ابتڙ، رياستي وفدن جا اڳواڻ گهڻو ڪري هر ڪنوينشن ۾
ايندا آهن. اهي اڳواڻ ئي آهن، جيڪي پنهنجن وفدن جي
ووٽن بابت فيصلو ڪندا آهن، پر وفدن تي سندن مڪمل
اختيار نه هوندو آهي.
نمائندن جي چونڊ
قومي ڪنوينشنن لاءِ رياستن طرفان نمائندن جي چونڊ رياستي
ڪنوينشنن ذريعي، يا سڌين ابتدائي چونڊن ذريعي، يا
وري ٻنهي طريقن ذريعي ڪئي ويندي آهي. ڪنوينشنن
ذريعي چونڊ جي حالت ۾ نمائندا ووٽن جي اڪثريت سان
چونڊيا ويندا آهن. ڪجهه رياستن ۾ نمائندن جو رڳو
ڪجهه حصو رياستي ڪنوينشنن ۾ چونڊيو ويندو آهي،
باقي نمائندا ڪانگريس جي هر تڪ جي ڪنوينشنن پاران
مقرر ڪيا ويندا آهن. ٻين رياستن ۾ وري هر هڪ تڪ جا
نمائندا سڌين ابتدائي چونڊن ذريعي چونڊيا ويندا
آهن، باقي رياستي نمائندن جي چونڊ رياستي ڪنوينشن
يا پارٽيءَ جو ٻيو ڪو رياستي ادارو ڪندو آهي.
|