اختصار
سڌين اتبدائي چونڊن ۽ عام چونڊن بابت تفصيلي معلومات واري هڪ
باب کي مختصر طرح بيان ڪرڻ جو بهترين طريقو شايد
اهو آهي ته چونڊن جي طريقي کي ٻن خيالن کان ڏٺو
وڃي. پهريائين اسين انهيءَ طريقي تي نظر
ڊوڙائينداسين، جنهن جو اثر ڪانگريس جي عهدي لاءِ
هڪ اميدوار تي پوي ٿو. ان کان پوءِ اسين مختصر طور
ٻڌائينداسين ته اهو طريقو شهرين لاءِ ڪهڙي معنيٰ
رکي ٿو.
هڪ نوجوان، جيڪو سمجهي ٿو ته هو ملڪي مسئلن کي نبيرڻ ۾ مدد ڏيئي
سگهي ٿو، سو ڪانگريس جي چونڊ لڙڻ جو فيصلو ڪري ٿو.
ان کان پوءِ، سندس پهريون ڪم اهو هوندو آهي ته هو
پارٽيءَ طرفان اميدوار مقرر ڪرڻ واريءَ سڌيءَ
ابتدائي چونڊ لاءِ سرڪاري بئلٽ تي پنهنجو نالو
لکرائي. هو خود ئي وڃي اهي ڪاغذ داخل ڪرائيندو
آهي. ابتدائي چونڊ کٽڻ واريءَ مهم لاءِ هن کي
پنهنجي مدد لاءِ عملو رکڻو پوندو آهي. مهم جي آفيس
هلائڻ لاءِ هو ٻن يا ٽن ماڻهن کي نوڪريءَ ۾ رکي
سگهي ٿو، پر سندس عملي جو وڏو ڀاڱو سندس انهن
دوستن ۽ گهڻگهرن جو هوندو آهي، جيڪي پاڻمرادو
پنهنجون خدمتون آڇيندا آهن. سندس مدد ڪندڙن ۾ وڏو
تعداد انهن عورتن جو هوندو، جيڪي ڏسنديون ته
اميدوار جي سڀني پٺڀرائي ڪندڙن جا ووٽ داخل ٿي ويا
آهن ۽ اليڪشن واري ڏينهن اهي سڀ پولنگ اسٽيشن تي
اچي حاضر ٿين ٿا. جيڪڏهن اميدوار کان ٿي سگهي ته
هو پنهنجي تڪ جي ڪن پارٽي اڳواڻن جي مدد حاصل ڪندو
آهي. هو جيڪڏهن انهيءَ ۾ ڪامياب ٿئي ته سندس ڪم
نسبتاً آسان ٿي پوندو؛ پر هو اميدواريءَ تان رڳو
انهيءَ ڪري هٿ نه کڻندو ته پارٽي اڳواڻ ڪنهن ٻئي
اميدوار جي مدد ڪن ٿا. کيس ۽ سندس آفيس جي عملي کي
ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي تقريرن ڪرڻ، پنهنجي پروگرام
سمجهائڻ لاءِ اشتهار ڇپائڻ، ۽ مهم جي ٻين خرچن
لاءِ، هر حالت ۾ چندو گڏ ڪرڻو پوندو. هو گهڻي ۾
گهڻيون تقريرون ڪندو، ۽ جيترو وقت ملندس، پارٽيءَ
۾ رسوخ رکندڙ ميمبرن سان گهڻا هٿ ملائيندو. جڏهن
ابتدائي چونڊ جو ڏينهن ايندو ته سندس پٺڀرائي
ڪندڙَ سڀني ووٽرن کي چوندا ته هو پولنگ اسٽيشن تي
اچي سندن اميدوار کي ووٽ ڪن. ٻيا وري پولنگ
اسٽيشنن تي ويهي اهو ڏسندا ته جن ووٽرن ووٽ نه ڏنو
آهي، انهن کان ووٽ ڏياريو وڃي، ۽ هر ووٽر کي سندن
اميدوار جي پروگرام کان واقف ڪيو وڃي. ووٽنگ جي
ختم ٿيڻ کان پوءِ، شام جو، اميدوار پنهنجي هيڊ
ڪوارٽر تي دوستن سان گڏجي چونڊ جي نتيجي جو انتظار
ڪندو. تڪ جي ڪن وڌيڪ اهم پارٽي – اڳواڻن جي
پٺڀرائي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ جي باوجود، کيس
خوشخبري ملي ٿي ته ابتدائي چونڊ ۾ ٻين ٽن يا چئن
اميدوارن جي مقابلي ۾، ٿورن ئي ووٽن جي اڪثريت
سان، هو اميدوار چونڊجي ويو آهي.
هڪ دفعو جڏهن هو اميدوار نامزد ٿي وڃي ٿو ته کيس پارٽيءَ جي
سڀني ڌرين ۽ اڳواڻن جي حمايت ملي ٿي. ڪالهه جن
سندس مخالفت پئي ڪئي، اڄ اهي ايندڙ نومبر واريءَ
عام چونڊ ۾ مخالف پارٽيءَ جي اميدوار جي مقابلي ۾
کيس ڪامياب ڪرائڻ لاءِ، سندس مدد ڪرڻ لاءِ تيار
آهن. پهريون دفعو کيس تڪ ۽ رياست، بلڪ قومي جماعتن
وٽان چندن ملڻ جي اميد ٿئي ٿي. رياستي ۽ قومي
جماعتن ابتدائي چونڊن ۾ حصي وٺڻ کان پاسو ڪيو هو،
۽ تڪ جي اڳواڻن ٻئي اميدوار جي حمايت ڪئي هئي: پر
هينئر سڀ گڏجي ابتدائي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيل اميدوار
جي پنهنجي آفيس جاري رکي ٿو، ته کيس پارٽيءَ جي
آفيس به مدد پهچائي ٿي. هو پاڻ ۽ سندس حمايت ڪندڙ
مسلسل پرچار ڪندا رهن ٿا، ۽ پنهنجيءَ ڌر سان تعلق
رکندڙ ووٽرن جا نالا داخل ڪرائين ٿا. عام چونڊ
واري ڏينهن به سندس ڪم ساڳيو آهي، جيڪو ابتدائي
چونڊ وقت هو، سواءِ هن جي ته هن دفعي سندس ڪوششون
ٻين عهدن لاءِ سندس پارٽيءَ جي اميدوارن سان گڏيل
آهن. ووٽنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ، کيس وري نتيجي جو
انتظار ڪرڻو پوي ٿو؛ پر پارٽيءَ جي اميدوار جي
حيثيت ۾، هو ٻين عهدن لاءِ پارٽيءَ جي اميدوارن
سان گڏجي، پارٽيءَ جي هيڊ ڪوارٽر تي ويهي ٿو. هن
کي معلوم ٿئي ٿو ته هو چونڊ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، ۽
ايندڙ جنوريءَ ۾ جڏهن ڪانگريس جو اجلاس ٿيندو ته
آئين مطابق وڃي پنهنجو عهدو سنڀاليندو.
نمائندن واري ايوان جي چونڊ هجي، يا سينيٽ توڙي رياست جي ٻين
عهدن جي، چونڊ جو طريقو ساڳيو هوندو آهي.، اصل فرق
حقيقت ۾ رڳو تڪ جي ننڍي يا وڏي هجڻ ۾ آهي.
هڪ ووٽر لاءِ نامزدگيءَ ۽ چونڊ جو اَمريڪي سرشتو هيٺين معنيٰ
رکي ٿو: جيڪڏهن ووٽر”بند ابتدائي چونڊ“ وارين
رياستن ۾ نامزدگيءَ واري سرشتي ۾ حصو وٺڻ گهري ٿو
ته کيس نه رڳو پنهنجو نالو ڪنهن ذميدار سرڪاري
عملدار وٽ داخل ڪرائڻو پوي ٿو، پر جنهن پارٽيءَ
سان شامل ٿيڻ گهري، ان جو نالو به ظاهر ڪرڻو پويس
ٿو. جڏهن ابتدائي چونڊ ٿئي ٿي ته هو هر هڪ عهدي
لاءِ اُميدوار ٿاڦڻ لاءِ، جنهن کي به پسند ڪري،
تنهن کي ڳجهيءَ طرح ووٽ ڏئي ٿو. ساڳئي سال جي
نومبر مهيني ۾، پنهنجي پارٽيءَ ۽ مخالف پارٽيءَ جي
اميدوارن ۾ چونڊ ڪرائڻ لاءِ، وري ووٽ ڏيڻ وڃي ٿو.
”کليل ابتدائي چونڊ“ وارين اڌ درجن رياستن کان
سواءِ، اهو طريقو سڄو آمريڪا ۾ رائج آهي. کليل
ابتدائي چونڊ واري سرشتي هيٺ، ووٽر کي پنهنجيءَ
پسند جي پارٽي سرڪاري عملدار اڳيان ظاهر ڪرڻي نه
پوندي آهي. کيس سڀني پارٽين لاءِ بئلٽ پيپر ملندا
آهن، پر هو انهن مان رڳو هڪ پارٽيءَ جي اميدوارن
کي ووٽ ڏيندو آهي.
صدر جي چونڊ
آمريڪي چونڊ جي سرشتي جي سڀ کان غير معمولي ڳالهه اهو طريقو
آهي، جنهن هيٺ شهري پنهنجي صدر جي چونڊ ڪن ٿا.
شروع کان ئي، ملڪي توڙي غير ملڪي نقادن طرفان صدر
جي چونڊ جي نموني کي ننديو پئي ويو آهي. جيتريون
ترميمون هن طريقي کي بدلائڻ لاءِ پيش ٿيون آهن،
اوتريون آئين جي ٻئي ڪنهن به فقري لاءِ نه ٿيون
آهن. ترميمون هونئن ته هميشہ ڪانگريس اڳيان
هونديون ئي آهن، پر هر چوٿين سال صدارتي چونڊ کان
پوءِ انهن جو انگ تمام گهڻو وڌي ويندو آهي. انهن
مان ڪجهه ترميمون فقط اِنهيءَ سرشتي جي آخري
مرحلي، يعني چونڊيندڙن جي اداري (electoral
college)
۾ تبديلين لاءِ هونديون آهن؛ ڪجهه پارٽين طرفان
اميدوارن ٿاڦڻ واري طريقي کي بدلائڻ لاءِ، ۽ ٻيون
وري صدارتي چونڊ جي سڄي سرشتي کي بدلائڻ لاءِ
هونديون آهن.
انهن تنقيدن هوندي به، صدارتي چونڊ جو طريقو گهڻو ڪري ساڳيو ئي
آهي، جيڪو ڏيڍ صدي اڳ هو. چونڊيندڙن جي اداري ۾
ڦيرگهير آئين جي عمل ۾ اچڻ کان 15 سال پوءِ ڪئي
ويئي هئي ته جيئن ان ۾ اُڀرندڙ سياسي جماعتن جو به
خيال رکيو وڃي. اميدوارن کي ٿاڦڻ لاءِ ڪنوينشن
واري سرشتي کي ”قومي ريپبليڪنس“ 1831ع ۾ رائج ڪيو،
ساڳئي سرشتي تي ”ڊيموڪريٽس“ 1832ع ۾، ۽ ان وقت جي
هڪ ٻيءَ وڏيءَ پارٽيءَ، ”وگس“ (The
Whigs)،
1840ع ۾ عمل ڪرڻ شروع ڪيو. انهيءَ وقت کان وٺي هن
سرشتي ۾ فقط ڪي معمولي تبديليون ڪيون ويون آهن.
خود ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ کان علاوه به، ”قومي
ڪنوينشن، آمريڪا جو سڀ کان پراڻو ۽ لڳاتار سياسي
ادارو آهي، ۽ مستقبل جي نظر ايندڙ حدن تائين ان ۾
ڪنهن به تبديليءَ جو امڪان ڪو نه آهي.
”ٿاڦيندڙ ڪنويشن“ هن ملڪ ۾ گهڻي قدر اوڻيهين صديءَ جي نشاني
آهي. ڪجهه رياستون اڃا تائين گورنرن، سينيٽرن ۽
ٻين رياستي عهديدارن کي ٿاڦڻ لاءِ ڪنويشن سرشتي کي
استعمال ڪنديون آهن، حالانڪ ٻيا عهديدار سڌيءَ
ابتدائي چونڊ وسيلي منتخب ڪيا ويندا آهن. نيويارڪ،
انڊيانا، رهوڊ آئلنڊ ۽ ڪنيڪٽيڪٽ رياستن ۾ رياستي
عهدن جي اميدوارن کي ٿاڦڻ لاءِ ٿيندڙ ڪنوينشن،
صدارت ۽ نائب صدارت جي اميدوارن کي ٿاڦڻ واري قومي
ڪنوينشن جو هلڪو نقل آهن. ڪنهن شخص هڪ ڀيري
ڪنويشنن کي ”روءِ زمين جي سڀ کان وڏي نمائشن“ سڏيو
هو. هن صديءَ جي شروع ۾، آسٽروگورسڪيءَ (Ostrogorski)
لکيو هو ته ”آمريڪا جي صدارت لاءِ اميداور جو نالو
ڪنوينشن جي ووٽن سان ائين نڪرندو آهي، جيئن
لاٽريءَ مان نمبر نڪرندو آهي ..... تنهن هوندي به،
جيڪڏهن اوهين پنهنجا خيال انهيءَ منظر کان هٽائي
وٺو جيڪو اوهان هينئر ڏٺو، ۽ آمريڪا جي ٿي گذريل
صدرن جي قطار تي نظر ڊوڙايو ته اوهان کي معلوم
ٿيندو ته اهي سڀ جا سڀ عظيم نه سهي، سڀ جا سڀ
احترام لائق ضرور هئا.“
آسٽروگورسڪيءَ اڌ صدي اڳ جيڪي ڪجهه چيو هو، ان جو اڌ اڄ به سچ
آهي. ڪنوينشن طرفان احترام لائق شخصيتن کي ٿاڦيو
ويندو آهي، پر سندن چونڊ لاٽريءَ مان نمبر ڪڍڻ
وانگر ڪانه هوندي آهي. جيتوڻيڪ ان جو نمائشي
اهتمام اڃا به گهڻي قدر قائم آهي، پر ان جي پس
منظر ۾ ڪيترن ئي مهينن جون اڳواٽ تياريون،
ڳالهيون، رٿائون ۽ تحريڪون هونديون آهن. ڪنوينشن
شروع ٿيڻ کان اڳ ئي اميدوارن جو تعداد گهٽائي، هڪ
يا وڌ ۾ وڌ ٻه يا ٽي ڪيو ويندو آهي، جن مان آخري
طرح هڪ اميدوار ٿاڦيو ويندو آهي.
هڪ وڏي پارٽيءَ جي ”قومي ڪنوينشن“ کي قومي پارٽيءَ جي سڀ کان
وڏي اختياري تسليم ڪيو وڃي ٿو، تنهن هوندي به
ڪنوينشن اهميت جا تمام ٿورا ڪم ڪندو آهي. ڪنوينشن
پارٽيءَ طرفان صدارت ۽ نائب صدارت لاءِ اميدوار
ٿاڦيندو آهي. ان کان سواءِ، ڪنوينشن پارٽيءَ جو
منشور لکندو ۽ منظور ڪندو آهي، جنهن تي صدارت ۽
نائب صدارت جي اميدوارن کي گهٽ ۾ گهٽ اليڪشن جي
مهم دوران عمل ڪرڻو پوندو آهي. کانئن سواءِ ٻيو
ڪوبه انهيءَ منشور تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻڌل نه هوندو
آهي. جيئن اسين اڳ ۾ ڏسي آيا آهيون، پارٽي هڪ
وفاقي پارٽي آهي، جنهن ۾ اختيار رياستي ۽ مقامي
تنظيمن ۾ ورهايل آهي، تنهنڪري ڪانگريس جا ميمبر ۽
ٻيا رياستي عهديدار پنهنجي پارٽيءَ جي منشور کي ان
حد تائين مان ڏيندا آهن، جنهن حد تائين اهو سندن
تڪ جي ووٽرن جي خواهشن سان ۽ خود سندن نظرياتي
اصولن سان ٺهڪندڙ هوندو آهي. بيشڪ، انهيءَ ڪري
مخالف پارٽي ڪامياب پارٽيءَ جي منشور جا گهڻا
حوالا ڏيندي آهي، جن جو مقصد اهو ڏيکارڻ هوندو آهي
ته ڪامياب پارٽي پنهنجن انتخابي وعدن تي عمل ڪرڻ ۾
ناڪام رهي آهي. |