نامزدگيون ۽ چونڊون
سواءِ صدر جي چونڊ جي، آمريڪي ووٽر گهڻو ڪري سڀني عيوضين جي
چونڊ ۾ ٻِٽو رول ادا ڪندا آهن. پهريائين، پنهنجي
پارٽيءَ جي ميمبر جي حيثيت ۾ سڌين ابتدائي چونڊن ۾
حصو وٺي، هو پنهنجيءَ پسند جي پارٽيءَ کي اميدوارن
ٿاڦڻ ۾ مدد ڪندا آهن. پوءِ، شهريءَ جي حيثيت ۾ عام
چونڊن ۾ ووٽ ڏيئي، فيصلو ڪندا آهن ته ڪهڙيءَ
پارٽيءَ کي حڪومت جي عهدن تي قبضو ڏيڻ گهرجي. صدر
کي چونڊڻ جو طريقو گهٽ عهدن لاءِ عيوضين جي چونڊ
واري طريقي کان گهڻو مختلف آهي، تنهنڪري اسين صدر
جي چونڊ جي طريقي تي ايندڙ باب ۾ الڳ بحث ڪنداسين.
عوامي عهديدارن کي ٿاڦڻ ۽ چونڊڻ بابت قانونن جو فيصلو قومي
حڪومت ۽ رياستي حڪومتن جي وچ ۾ ورهايل آهي، پر
انهيءَ طريقي تي وڏي ۾ وڏو قبضو رياستي حڪومتن جو
هٿ ۾ آهي. قومي حڪومت جا اختيار، قومي عهديدارن جي
چونڊ ۾ رشوت ۽ بدديانتيءَ کي روڪڻ ۽ قومي عهدن جي
مهمن لاءِ خرچ جي حد مقرر ڪرڻ بابت قانونن ٺاهڻ
تائين محدود آهن. وڌيڪ ويجهڙائيءَ وارن سالن ۾ صدر
۽ ڪانگريس، شيدين سان ووٽنگ ۾ امتياز کي روڪڻ لاءِ
قدم کنيا آهن. ٻيا سڀ قانون رياستي حڪومتون
ٺاهينديون آهن.
جيئن ته چونڊن جي ضابطي جي ذميداري رياستي حڪومتن تي آهي،
تنهنڪري ٿاڦڻ ۽ چونڊن وارن قانونن جا پنجاهه قسم
آهن. عهديدارن جي چون (
Selection)
جي رسمي توڙي غير رسمي انتظامن جو مدار، هر رياست
۾ سڌين ابتدائي چونڊن بابت قانون سازيءَ جي وقت
وارين حالتن تي آهي. هيءَ ڳالهه طي ٿيل آهي ته اهي
حالتون سڀني رياستن ۾ هڪ ٻئي کان گهڻو مختلف هيون.
اڄ هر رياست ۾ ڪنهن نه ڪنهن قسم جي سڌي ابتدائي
چونڊ ٿيندي آهي، پر اهڙيءَ چونڊ جو طريقو ملڪ جي
مختلف ايراضين ۾ هڪٻئي کان گهڻو مختلف آهي. عام يا
آخري چونڊ جا قانون سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙا آهن، پر عام
چونڊ جي اهميت هر رياست ۾ وڏين پارٽين جي پاڻ ۾
چٽاڀيٽيءَ جي پيماني تي مدار رکي ٿي.
ووٽرن جي داخلا ۽ پارٽيءَ جي
ميمبري
نامزدگيءَ يا چونڊ جي سرشتي ۾ حصي وٺڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته
ووٽر پنهنجي رهائش واري تڪ جي ووٽرن جي لسٽ ۾
پنهنجو نالو داخل ڪرائي. پنهنجو نالو صحيح نموني
داخل ڪرائڻ جي سڄي ذميداري خود ووٽر تي آهي.
اوڻيهين صديءَ جي اوائل ۾ مَساشوسيٽس پهرين رياست هئي جنهن
ووٽرن طرفان
نالن داخل ڪرائڻ جو شرط وڌو. ساڳيءَ صديءَ جي وچ
ڌاري ڪجهه ٻين رياستن به ائين ڪيو، پر ووٽرن جي
داخلا وارا قانون سڄي ملڪ ۾ گهڻو پوءِ ٺاهيا
ويا. وڏن شهرن جي وڌڻ سان ووٽرن جي سڃاڻپ جي
معاملي اهميت حاصل ڪئي. اڄ به ڳوٺاڻين ايراضين ۽
ننڍن شهرن ۾، جتي آدمشماري گهٽ آهي۽ چونڊون
ڪرائيندڙ عملدار سڀني ووٽرن کي سڃاڻندا آهن، نالن
جي داخلا ڪا ايڏي اهميت نٿي رکي. رياستي قانون
ٺاهيندڙ اسيمبلين به ڪڏهن ڪڏهن شهرن کان ٻاهر
وارين ايراضين کي نالن جي داخلا واري قانون کان
معافي ڏني آهي.
شهرن ۾ ووٽرن جي داخلا لازمي آهي ته جيئن ڪوڙا ووٽ نه هلي سگهن،
جيئن اوڻيهين صديءَ ۾ ڪن وڏن شهرن ۾ ٿيندو هو.
نالن جي داخلا (
registration)
سان، ڪجهه تڪن کان سواءِ، سڄي ملڪ ۾ ڪوڙن ووٽن جو
امڪان ختم ٿي ويو آهي.
جن رياستن ۾ اميدوارن کي ٿاڦڻ لاءِ ”محدود ابتدائي چونڊ“ (
Closed primary)
ٿيندي آهي، اتي ووٽرن جي داخلا کي خاص اهميت حاصل
آهي. انهن رياستن ۾ ووٽر ابتدائي چونڊ ۾ تڏهن ئي
حصو وٺي سگهن ٿا، جڏهن هنن ڪنهن پارٽيءَ جي ميمبر
هجڻ جي عام پڌرائي ڪئي هجي. عملي طرح انهيءَ جو
مطلب هي آهي ته ووٽر ائين ڪرڻ سان نه رڳو مقامي
رجسٽريشن عملدارن کي پنهنجا نالا ۽ ائڊريسون
ٻڌائين ٿا، پر اهو به ظاهر ڪن ٿا ته هو پنهنجا
نالا ريپبليڪن پارٽيءَ ۾ شامل ڪرائڻ گهرن ٿا يا
ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ ۾. جيڪڏهن ڪو ووٽر ٻنهي مان
ڪنهن به هڪ پارٽيءَ سان پنهنجي وفاداري ظاهر نه
ڪرڻ گهري ته هو ائين ڪري سگهي ٿو، پر اهڙيءَ صورت
۾ هو پارٽيءَ جي اميدارن کي ٿاڦڻ لاءِ ابتدائي
چونڊ ۾ حصو وٺي نٿو سگهي. بهرحال، ڪنهن پارٽيءَ جي
پسند ٻڌائڻ واري انڪار جي ڪري، پارٽين جي ٿاڦيل
اميدوارن درميان ٿيندڙ عام چونڊن ۾ سندس ووٽ ڏيڻ
واريءَ آزاديءَ تي ڪو به اثر نٿو پوي.
داخلا جا قسم
آمريڪا ۾ ووٽرن جي نالن جي داخلا يا رجسٽريشن جا ٻه عام قسم
آهن. ڪجهه رياستون گهرنديون آهن ته ووٽر هر سال
پنهنجو نالو داخل ڪرائين، پر اڪثر رياستن ۾ دائمي
داخلا جو سرشتو رائج آهي.
ڪن رياستن ۾ سالياني داخلا جو شرط انهيءَ ڪري وڌو ويو، ڇاڪاڻ ته
اهو محسوس ڪيو ويو ته ووٽرن کي هر سال داخلا لاءِ
گهرائڻ سان، دائمي داخلا واري سرشتي جي ڀيٽ ۾،
ڪوڙن ووٽن جي داخلا جو امڪان گهڻيءَ حد تائين
گهٽجي ويندو. هر سال نئينءَ داخلا سان چونڊون
ٺڳيءَ کان واقعي پاڪ ٿي ويون آهن، سا ڳالهه ايتري
اعتبار جوڳي نظر نٿي اچي، البت انهيءَ ڪري ووٽرن
جي بار ۾ ويتر اضافو ٿيو آهي.
دائمي داخلا واري سرشتي هيٺ، ووٽ ڏيڻ جي اهليت رکندڙ هر ڪو شهر
سرڪاري عملدار کي پنهنجو نالو، ائڊريس ۽ تڪ
ٻڌائيندو آهي. کيس ٻيهر پنهنجي نالي داخل ڪرائڻ جي
ڪا به ضرورت نه آهي، جيستائين هو ڪنهن ٻئي تڪ ۾
لڏي ويو هجي يا ڪنهن به سبب ڪري پنهنجو نالو لسٽ
تان ڊهرائي ڇڏيو هجيس.
ڪن رياستن ۾ داخلا وارين لسٽن تان ڪنهن ووٽر جي نالي ڊاهڻ جو ڪو
خاص انتظام نه آهي. دائمي داخلا وارين اڪثر رياستن
۾ انهن ماڻهن جا نالا لسٽ مان خارج ڪيا ويندا آهن،
جن ٻن يا ٽن لڳاتار چونڊن ۾ ووٽ نه ڏنو هوندو.ٻين
رياستن ۾ وري لسٽن جي وقتي چڪاس ڪئي ويندي آهي ته
جيئن مري ويل يا لڏي ويل ماڻهن جا نالا خارج ڪيا
وڃن. دائمي داخلا واري سرشتي کي (جيڪڏهن ان ۾ غير
حقدار ووٽرن جا نالا خارج ڪرڻ جو اثرائتو انتظام
شامل آهي) سالياني داخلا واري سرشتي کان وڌيڪ
ترجيح ڏني ويندي آهي.
نامزدگيون
سڌي ابتدائي چونڊ هن وقت گهڻو ڪري سڀني عهدن لاءِ اميدوارن کي
ٿاڦڻ جو مڃيل طريقو آهي، سواءِ صدارت جي عهدي جي.
سڌي ابتدائي چونڊ جو اهو سرشتو، آمريڪي رياستن جي
اتحاد جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ هڪ سؤ سالن کان وڌيڪ
عرصي تائين پارٽيءَ جي اميدوارن کي نامزد ڪرڻ جي
طريقي طور رائج ڪونه هو، بلڪ ان لاءِ، سڌي ابتدائي
چونڊ جي اوسر کان اڳ، ٻيا سرشتا به آزمايا ويا
هئا، جيڪي اڻپورا ثابت ٿيا.
آمريڪا ۾ اميدوارن کي ٿاڦڻ جو پهريون طريقو ”ڪاڪس“ (
Caucus)هو،
جنهن تي برطانيا کان آزادي حاصل ڪرڻ کان به اڳ
ڪالونين ۾ عمل ڪيو ويندو هو. انهيءَ طريقي هيٺ،
ڪجهه وطن دوست پاڻ ۾ گڏجي فيصلو ڪندا هئا ته
ڪالونين جي قانون ٺاهيندڙ اسيمبلين لاءِ ڪهڙن
اميدوارن جي پٺڀرائي ڪرڻ گهرجي. انقلابي جنگ جي
ڪامياب پڄاڻيءَ کان پوءِ اهو طريقو نين رياستن جي
شهرين جاري رکيو.
ڪجهه رياستن ۾ جلد ئي انهيءَ طريقي کي ڇڏي، ”ليجسليٽو ڪاڪس“ (Legislative
Caucus)
اختيار ڪيو ويو. رياستن جي قانون ٺاهيندڙ اسيمبلين
جا ميمبر، جيڪي جيفرسن جي ڊيمو ڪريٽڪ- ريپبليڪن
پارٽيءَ جا حمايت هئا، سي پاڻ ۾ گڏجي، ڪانگريس ۽
ٻين رياستي عهدن لاءِ اميدوارن جي فهرست ٺاهي،
پوءِ انهن جي حمايت ڪندا هئا. ان کان پوءِ فيڊرلسٽ
(Federalist) پارٽيءَ به نامزدگيءَ جو ساڳيو طريقو اختيار ڪيو.
انهيءَ طريقي ۾ ڪجهه ظاهري اوڻايون هيون. پهريون
ته تڪن جي انهن پارٽي ميمبرن کي، جن مخالف پارٽيءَ
جا اميدوار چونڊيا هئا، پارٽيءَ جي اميدوارن چونڊڻ
۾ ڪا به نمائندگي نه ڏني ويندي هئي. ٻيو ته رياستن
جا ماڻهو عام طرح انهيءَ عقيدي ۾ يقين رکندا هئا
ته حڪومت جي انتظامي شاخ کي قانون ٺاهيندڙ شاخ کان
جدا رکڻ گهرجي، تنهنڪري هو قانون ٺاهيندڙ اسيمبلين
جي ميمبرن طرفان انتظامي عهدن لاءِ اميدوار ٿاڦڻ
تي اعتراص ڪندا هئا. انهيءَ صورتحال کي سڌارڻ
لاءِ، پارٽين ” گڏيل ڪاڪ“ (
Mixed Caucus)
جو طريقو اختيار ڪيو. انهيءَ طريقي وسيلي، پارٽيءَ
جي اميدوارن کي ٿاڦڻ لاءِ رياست جي انهن حصن جي
ميمبرن کي به شامل ڪيو ويو، جن کي پهرئين طريقي ۾
نمائندگي نه ڏني ويئي هئي.
ڪنوينشن جو سرشتو
”گڏيل ڪاڪس“ واري طريقي به ماڻهن جي خواهشن ۽ تقاضائن کي پورو
نه ڪيو. 1824ع ۾ ”ليجسليٽو ڪاڪس“ جي سڀني قسمن جي
پڄاڻي آئي. انهيءَ سال ووٽرن ۽ صدارتي چونڊيندڙن
”ڪاڪس“ طريقي سان صدارت لاءِ ٿاڦيل اميدوار
ڪرافورڊ (Crawford)
ڏانهن گهٽ ڌيان ڏنو. اهڙيءَ طرح، ”ليجسليٽو ڪاڪس“
جي سڀ کان اهم قسم ”ڪانگريشنل ڪاڪس“(Congressional Caucus)جوموت
آيو، جنهن کانپوءِ ترت ئي ٻيا ننڍي قسم جا ڪاڪس به
ختم ٿي ويا.
”ڪاڪس“طريقي جي جاءِ نمائندن جي گڏجاڻيءَ (ڪنوينشن) ڀري. 1836ع
ڌاري ڪنوينشن سرشتو، جنهن جو مقصد سڄو اختيار
شهرين کي ڏيڻ هو، مقامي، رياستي ۽ قومي عهدن لاءِ
اميدوارن کي ٿاڦڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ اختيار ڪيو ويو.
ڪنوينشن جي پٺڀرائي ڪندڙن جي دعوائن هوندي به، ان
سرشتي ۾ عوام جو عمل دخل خير ڪيو هو. گهڻو ڪري
شروع کان ئي وٺي پارٽي اڳواڻن جو ان تي قبضو ٿي
ويو.
مقامي ۽ رياستي ڪنوينشن ۾ رشوت جا افواهه گهڻو پکڙيل هئا. شهرن
جي سياسي اڳواڻن انهيءَ سرشتي کي پنهنجن ذاتي
مقصدن لاءِ غلط نموني استعمال ڪيو. پارٽيءَ جي هڪ
عام ميمبر کي، ڪنوينشن ۾ حصي وٺڻ جي دلچسپيءَ
هوندي به، اميدوارن يا پروگرام تي ڪو به اختيار نه
هو. سياسي اڳواڻ فقط ڪجهه ڪلاڪن جو اطلاع ڏيئي
ميٽنگون سڏائيندا هئا ته جيئن رڳو سندن ويجها
حمايتي شريڪ ٿي سگهن. يا وري، مقرر ڪيل وقت کان
اڳئي گڏجي، فيصلا ڪري، ٻين نمائندن جي پهچڻ وقت
ميٽنگ کي پورو ڪري ڇڏيندا هئا. اهي بدعنوانيون
گهڻو ڪري وڏن شهرن ۾ ٿينديون هيون. رشوت ۽ رشوت جا
الزام اتر وارين رياستن جي مقامي توڙي رياستي
ڪنوينشنن ۾ عام هئا.
مسيسپي نديءَ کان راڪي مائونٽينس (Rocky
Mountains)
جي وچ وارن وڏن زرعي علائقن ۽ ڏور ڏکڻ ۾ ڪولو رئڊو
۽ ڪئنساس رياستن ۾ - جتي پاپولسٽ پارٽيءَ کي وڏو
اثر هو – هاري ۽ ننڍن شهرن جا رهاڪو ڪنوينشنن کي
بي اعتباريءَ جي نظرن سان ڏسندا هئا، ڇو ته سندن
خيال ۾ اهي انهن سياسي اڳواڻن جا حربا هئا، جيڪي
اولهه جي سرمائيندارانه مفادن سان ملت هئا. 1896ع
۾ پاپولسٽ پارٽيءَ جي ناڪاميءَ کان پوءِ، ماڻهن
ريپبليڪن پارٽيءَ سان پنهنجي روايتي وفاداري
وابسته ڪئي. انهيءَ هوندي به ماڻهو ڪنوينشن کي نه
برداشت ٿيندڙ سياسي رشوت جو ڳٽ سمجهندا هئا، جنهن
جي ذريعي سندن ايراضيءَ کي قومي آمدنيءَ ۾ ڀاڱي
ڀائيوار ٿيڻ کان روڪيو پئي ويو. پنهنجي حالت
سڌارڻ لاءِ کين رڳو هڪڙو ئي طريقو نظر آيو ته
ريپبليڪن پارٽيءَ تي قبضو ڪيو وڃي، ڇو ته
ريپبليڪن پارٽي انهيءَ علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ اثر
واري پارٽي هئي. ڪنوينشن جي سرشتي ۾ پهريون ڏار
وسڪونسن (Wisconsin)
رياست ۾ ظاهر ٿيو. ويسڪونسن جي گورنر، رابرٽ ايم.
لا فوليٽ (
Robert M. La Follette)،
پنهنجي اڳواڻيءَ ۾، 1903ع ۾، شهرين کي پهريون
لازمي سڌي ابتدائي چونڊ جو سرشتو ڏنو.
سڌي ابتدائي چونڊ جي تاريخ
وسڪونسن ۾ ابتدائي چونڊ واري قانون جي عمل ۾ اچڻ کان گهڻا ورهيه
اڳ، انهيءَ سرشتي کي ڪجهه ايراضين ۾ مقامي سطح تي
رائج ڪيو ويو هو. ابتدائي چونڊ جي سرشتي کي شروع ۾
” ڪرافورڊ ڪائونٽي“ (Crawford
County)
سرشتو سڏيو ويندو هو، ڇو ته انهيءَ سرشتي جو
پهريون تجربو پينسلوانيا جي ڪرافورڊ ڪائونٽيءَ ۾
ڪيو ويو هو. اوڻيهين صديءَ جي آخر ڌاري ڊيڪو
ڪريٽڪ پارٽيءَ ڪجهه ڏاکڻين رياستن ۾ سڌيءَ چونڊ
جي انهيءَ سرشتي کي رائج ڪيو. انهيءَ سرشتي کي ڏکڻ
۾ خاص اهميت حاصل ٿي، ڇو ته اتي ڊيمو ڪريٽڪ
پارٽيءَ کي ايراضيءَ جي 90 في سيڪڙو ووٽرن جي
حمايت هئي. اهڙيءَ صورت ۾ جيڪڏهن ڪو مقابلو ٿيڻو
هو ته اهو ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ اندر ئي هو.
وسڪونسن رياست ۾ انهيءَ سرشتي جي رائج ٿيڻ کان جلد پوءِ وچ
اولهه ۽ وڏن ميدانن واريءَ ايراضيءَ جي رياستن به
لازمي سڌي ابتدائي چونڊ جو سرشتو جاري ڪيو. اوڀر
جي پراڻين ايراضين وارين رياستن ۾، جتي جماعتي
تنظيمون مضبوط ۽ رشوت عام هئي، اهو سرشتو آهستي
آهستي رائج ٿيو. بهرحال، 1920ع ڌاري، سواءِ ڪن
ٿورين رياستن جي، پارٽيءَ جي اميدوارن کي ٿاڦڻ
لاءِ سڌيون ابتدائي چونڊون سڄي ملڪ ۾ رائج ٿي
ويون. اڄ آمريڪا جي هر رياست ۾ سڌي ابتدائي چونڊ
ڪرائي ويندي آهي، توڙي جو ڪنَنيڪٽيِڪَٽ ۽ روهڊ
آئلنڊ-جن سڀني کان آخر ۾ ابتدائي چونڊ رائج
ڪئي-ٻين رياستن جي ڀيٽ ۾ ابتدائي چونڊ جو گهڻو
ضابطو پارٽين جي هٿ ۾ ڏنو آهي.
سڌين ابتدائي چونڊن جي خاصيت
بند ابتدائي چونڊ(
The Closed Primary). بند ابتدائي چونڊن ۾ هر پارٽيءَ جا سڀ رجسٽر ٿيل ميمبر
پارٽي اميدوارن جي چونڊ ۾ حصو وٺي سگهن ٿا. ووٽرن
جي لسٽ ۾ پنهنجو نالو داخل ڪرائڻ وقت يا ان کان
ڪجهه پوءِ، شهريءَ کي پنهنجي پسند جي پارٽي ٻڌائڻي
پوندي آهي، ائين ڪرڻ سان هو پارٽيءَ جي ابتدائي
چونڊن ۾ ووٽ ڏيئي سگهي ٿو. هن کان ڪڏهن ڪڏهن اهو
قسم به کڻايو ويندو آهي ته هو عام طرح پارٽيءَ جي
اميدوارن ۽ پاليسين جي حمايت ڪندو رهيو آهي.
ابتدائي چونڊون عوامي عهديدار ڪرائيندا آهن، جن ۾
بئلٽ- پيپر ڇپيل نه هوند آهن، ۽ اهي چونڊون عوام
جي خرچ تي ڪرايون وينديون آهن. هن وقت اڪثر
رياستون بند ابتدائي چونڊون ڪرائينديون آهن، پر ڪن
رياستن ۾ پارٽين بدلائڻ جا قاعدا ايترو ته نرم آهن
جو ووٽر کي جڏهن مرضي پوي، هڪ پارٽي ڇڏي، ٻئيءَ ۾
شامل ٿي سگهي ٿو. البت اڪثر رياستن ۾ اهو شرط وڌو
ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو ووٽر هڪ پارٽي ڇڏي ٻيءَ ۾
شامل ٿئي ٿو ته هو نئينءَ پارٽيءَ جي ابتدائي
چونڊن ۾ هڪ يا ٻن سالن تائين ووٽ ڏيئي نٿو سگهي.
اها پابندي انهيءَ ڪري وڌي ويئي آهي ته جيئن ووٽرن
مان جلدي جلدي پارٽي بدلائڻ جي اجائي عادت نڪري.
کُليل سڌي چونڊ (The Open Primary).
وسڪونسن ۽ ڪجهه ٻين رياستن ۾ پارٽي اميدوارن کي
چونڊڻ لاءِ کليل سڌي چونڊ ڪرائي ويندي آهي. انهيءَ
طريقي هيٺ هر رجسٽر ٿيل ووٽر ووٽ ڏيئي سگهي ٿو، پر
مٿس پنهنجيءَ پسند جي پارٽي ظاهر ڪرڻ جو شرط وڌل
نه آهي. پارٽيءَ جي اميدوارن جي چونڊ وقت کيس هڪ
بئلٽ-پيپر ڏنو ويندو آهي، جنهن ۾ رياستي قانون
طرفان مڃيل هر هڪ پارٽيءَ لاءِ جدا ڪالم هوندو
آهي.
(1).
ووٽ ڏيڻ وقت کيس سڀني عهدن لاءِ هڪ ئي پارٽيءَ جي
اميدوارن کي ووٽ ڏيڻو پوندو آهي، پر جيڪڏهن هو هڪ
کان وڌيڪ پارٽين جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ٿو ته
سندس سڀ ووٽ رد ڪيا ويندا آهن. جيئن ته کيس اهو
بئلٽ-پيپر ڏنو ويندو آهي، جنهن تي سڀني پارٽين جي
اميدوارن جا نالا لکيل هوندا آهن، تنهنڪري ٻيا ته
الڳ، پر خود چونڊ ڪرائيندڙ عملدار به نه سمجهي
سگهندا آهن ته ووٽر ڪهڙيءَ پارٽيءَ سان واسطو رکي
ٿو.
هن کليل ابتدائي چونڊ ۾ هڪ ريپبليڪن کي ڊيمو ڪريٽڪ اميدوارن کي،
يا هڪ ڊيمو ڪريٽ کي ريپبليڪن اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ
کان ڪا به شي روڪي نٿي سگهي. اها ثابتي ملي ٿي ته
انهن رياستن ۾ جتي هڪ ئي پارٽي گهڻي وقت کان وٺي
طاقت ۾ آهي، مخالف پارٽيءَ وارا به طاقتور پارٽيءَ
جي اميدوارن کي ووٽ ڏيندا آهن. ٻن وڏين جماعتن مان
ٿورائيءَ واري پارٽيءَ کي يقين هوندو آهي ته ايندڙ
عام چونڊن ۾ سندس اميدوار هارائيندا، تنهنڪري
عوامي عهديدارن جي چونڊ تي پنهنجيءَ پسند جو گهڻي
۾ گهڻو اثر وجهڻ لاءِ، ٿورائيءَ واري پارٽيءَ جا
ميمبر اڪثريتي پارٽيءَ جي انهن اميدوارن کي ووٽ
ڏيندا آهن، جيڪي سندن نظرين کي وڌيڪ ويجها هوندا
آهن. پر ايندڙ عام چونڊن ۾ هو پنهنجيءَ پارٽيءَ جي
اميدوارن کي ووٽ ڏيندا آهن. وسڪونسن ۾ گهڻن سالن
کان ريپبليڪن پارٽيءَ جي عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ
جو يقين هو، تنهنڪري گهڻا ڊيمو ڪريٽ، پنهنجن
اميدوارن کي ڇڏي، ريپبليڪن پارٽيءَ جي انهن
اميدوارن کي ووٽ ڏيندا هئا، جيڪي ڪن معاملن تي
ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جا هم خيال هئا. رياست ۾
لافوليٽ (La Follette)
جي اثر واري زماني ۾ آزاد خيال ڊيمو ڪريٽ،
ريپبليڪن پارٽيءَ جي ابتدائي چونڊ ۾ حصو وٺي، لا
فوليٽ جي ساٿين کي ووٽ ڏيندا هئا ته جيئن قدامت
پسند ريپبليڪن نه چونڊجي سگهن.
ابتدائي چونڊ جي بئلٽن تي نالا. ريپبليڪن يا ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ
جي ابتدائي چونڊ جي بلئٽ-پيپر تي اميدوار جي حيثيت
سان نالي درج ڪرائڻ لاءِ قانوني گهرجون هر رياست ۾
مقرر ڪيل آهن. مقامي اختلافن کي پاسي رکي، ڪو به
مرد يا عورت، ڪنهن به عهدي لاءِ، پارٽيءَ جي
اميدواريءَ لاءِ بيهي سگهي ٿو. ان لاءِ کيس رڳو
پنهنجن حامين جي گهربل تعداد ۾ صحيحن سان هڪ
درخواست ڏيڻي ڏوندي آهي. صحيحن جو گهربل تعداد
اميدواريءَ واري عهدي جي اهميت ۽ ان لاءِ درج ٿيل
ووٽن جي تعداد مطابق هوندو آهي. مقامي عهدي لاءِ
اميدواري چاهيندڙ کي فقط ٿورين صحيحن جي ضرورت
پوندي آهي، جڏهن ته رياستي عهدي لاءِ اميدواريءَ
جي ڪوشش ڪندڙ کي هڪ هزار يا ان کان به وڌيڪ
پٺڀرائي ڪندڙن جون صحيحون حاصل ڪرڻيون پونديون
آهن. اميدواريءَ لاءِ اها درخواست واسطيدار چونڊ
ڪرائيندڙ عملدار کي ڏيڻي پوندي آهي، ۽ ان کان پوءِ
اميدوار جو نالو سرڪاري بئلٽ ۾ لکيو ويندو آهي. ڪن
رياستن ۾ اميدوارن کي چونڊ جي خرچ پوري ڪرڻ لاءِ
معمولي رقم به فيءَ طور ڏيڻي پوندي آهي. ڪجهه
رياستن ۾ وري اميدوار کي نڪا درخواست ڏيڻي پوندي
آهي، نڪا رقم؛ هو فقط چونڊ ڪرائيندڙ عملدارن کي
وڃي چوندو آهي ته هو ڪنهن خاص عهدي جي اميدواريءَ
لاءِ بيهڻ گهري ٿو، جنهن تي عملدار سندس نالو بئلٽ
تي داخل ڪندو آهي.
وڏن شهرن کان ٻاهر، مقامي سطح تي، پارٽيءَ جي اميدواريءَ لاءِ
ماڻهو پاڻمرادو ڪوشش ڪندا آهن. رياستي عهدن يا
ڪانگريس جي ميمبريءَ جي سلسلي ۾ پارٽيءَ جا اڳواڻ
اهڙا امڪاني اميدوار ڳوليندا آهن، جن کي هو
پارٽيءَ طرفان اميدوار نامزد ٿيڻ ۾ مدد ڪرڻ
گهرندا آهن. نمائندن واري ايوان جي هڪ ڪامياب
ميمبر کي چئي سگهجي ٿو ته هو سينيٽ يا گورنريءَ جي
اميدواريءَ لاءِ ڪوشش ڪري. بعضي ڪنهن خلق- دوست
واپاريءَ کي پارٽي اڳواڻن طرفان صلاح ڏني ويندي
آهي ته هو شهر جي ميئر ٿيڻ لاءِ چونڊ وڙهي. پارٽي
– اڳواڻن طرفان اميدوار ڪن ٿورين حالتن هيٺ ڳوليا
ويندا آهن. گهڻو ڪري ماڻهو اميدوار ٿيڻ لاءِ
پاڻمرادو ڪوشش شروع ڪندا آهن.
”صفائي ڪندڙ“ ابتدائي چونڊون(“Run-Off”
primaries). ابتدائي چونڊ جي مقابلن ۾ اهو اميدوار ڪامياب ٿيندو آهي،
جنهن سڀني کان گهڻا ووٽ کنيا هجن. سواءِ ڏاکڻين
رياستن جي، ٻين ۾ اهو ضروري نه آهي ته اميدوار
جعلي پيل ووٽن جي اڪثريت کڻي.
ڏکڻ ۾ ابتدائي چونڊون وڌيڪ اهميت حاصل ڪن ٿيون، ڇاڪاڻ ته اهي
ماڻهو جيڪي ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ ۾ ڪامياب ٿيندا
آهن، تن جو ايندڙ عام چونڊ کٽڻ ذريعي گهٽ يقيني
هوندو آهي. جيئن ته رياستن جي سياست تي هڪ پارٽيءَ
جو قبضو آهي، تنهنڪري ٻين ايراضين جي ڀيٽ ۾ ڏکڻ جي
ابتدائي چونڊن جا قاعدا وڌيڪ سخت آهن. ڏکڻ جي
رياستن ۾ اهو شرط آهي ته اهو ئي اميدوار ڪامياب
ليکيو ويندو، جيڪو چونڊ ۾ پيل جملي ووٽن جي اڪثريت
کڻندو. جيڪڏهن ڪنهن عهدي لاءِ اميدوار ووٽن جي
اڪثريت نٿو حاصل ڪري ته پوءِ اهڙيءَ حالت ۾ سڀ کان
وڌيڪ ووٽ کڻندڙ پهرين ٻن اميدوارن ۾ ٻي يا ” صفائي
ڪندڙ“ چونڊ ڪرائڻ ضروري ٿي پوندي آهي. رياستي
عهدن لاءِ پهرين ابتدائي چونڊن ۾ گهڻو ڪري ٽي يا
چار، يا اڃا به وڌيڪ اميدوار هوندا آهن. اهڙين
حالتن ۾ اهو ممڪن آهي ته ڪو به اميدوار ووٽن جي
اڪثريت حاصل نه ڪري، تنهنڪري ”صفائي ڪندڙ“ چونڊ
ڪرائڻ ضروري ٿي پوندي آهي. ٻي ابتدائي چونڊ کي هڪ
نموني روڪي به سگهجي ٿو، جيڪڏهن سڀ کان گهٽ ووٽ
حاصل ڪندڙ ٻيو نمبر اميدوار پهرئين نمبر اميدوار
جي فائدي ۾ هٿ کڻي وڃي.
|